اَلائي عجيبن ڇڏيو ڇو وساري
رهن دور دلبر سندم دل ڌتاري.
سندي درد دل جي ڏيان دانهه ڪنهن کي،
اکيون آب هارين اهي سور ساري.
نه ڪو نينهن نياپو مُڪو مون ڏي مُحبن،
سِگهو پهچ سهڻا محبت ٿي ماري.
سڄڻ جون سڪون ڪيئن ڏٺي لوڪ لهنديون،
وڇوڙي ته ويتر وڌا واجهه واري.
دنيا ۾ ته دلبر سوين ٿا سُجهن پر،
جهلڪ ساڻ جاني جڏا ٿو جياري.
اسان جو ته ارواح اٽڪيل اُتي آ،
جتي سهڻو سينا سڙيل ٿو سُڌاري.
ڪري ٽِنڊ ٽهلي ٽِلي ڊيل وانگر،
مٺا ٻول ماکي ويهان ڪيئن وساري.
جڏو هي جسم ڪيئن پُڄي پار پرين،
نه ڪا سگهه، نه سواري، سِران بي سَهاري.
صفا ڪين سرچي دلاسن سان دلڙي،
پسي جي پرينءَ کي، اندر جو اُجاري.
بني بند مون لئه دنيا ساري دلبر،
گهڙيون سي گهنگهر جون ويندس نيٺ گهاري.
مِلين مُحب مُرڪي، مرض ميٽجن مون،
سڄڻ سينڌ سُرما سگهو اچ سنواري.
وڃن درد دل جا ٿئي دم ڪو درشن،
اندر جون اُڪيرون لهن اک اشاري.
سلامت صحت سان هجن شل حياتي،
ڳڙن ڳاڙها ڳوڙها، ٻي ڳڻتي ٿي ڳاري.
تنهنجا ڳُڻ ۽ ڳالهيون ڳڻي ڇا ڳڻيندس،
تنهنجي سونهن سوڀيا وڌو مُرڪ ماري.
پُڄائيج پرور پرينءَ پار پل ۾،
هلڻ جي همت ڪا ته ڏاتار ڏياري.
خوشي خواب خوراڪ “شورا“ وڻي ڪيئن،
جنهن جو هِت نه جاني جيڪو جيءَ جياري.
***
(20 آگسٽ 1983ع ڳوٺ سومرو لغاري لڳ سريوال)