جان جانيءَ سان جڙي، آڪاش ڌرتيءَ کان به اڳ
ان سان اندر جي اڙي، آڪاش ڌرتيءَ کان به اڳ.
چنڊ جو چمڪو، نه هو سورج ستارن جو سُهاءُ،
ڪين هو نوري نکٽ، پر اُت به هو ان جو اُهاءُ،
لنئون لڳايم ات لڙي، آڪاش ڌرتيءَ کان به اڳ.
جاءِ جنهن جوڙيو خدا، خاڪي خليفي لئه خمير،
ڀر تنهين ڀيڻيءَ هيو، بيٺل محب ماهه منير،
سوجهري ۾ ويم سڙي، آڪاش ڌرتيءَ کان به اڳ.
هو نمايان نور نرمل منجهه نسل نوري نڪور،
نينهن ناتا نت نباهيندي رکيم چاهت چڪور،
ٿي ويس ڇاري ڇڙي، آڪاش ڌرتيءَ کان به اڳ.
وصل جون ويلون ته ورهين جا ورهيه وسرن نه ٿيون،
هاڻ گوندر ۾ گهڙيون گهاريان ته گذرن ئي نه ٿيون
پئي لڙي لڙڪن لڙهي آڪاش ڌرتي کان به اڳ
خسته دل هو خام ”شورو“ پر ٿيو پختو پچي،
او الستي ”اَنتَ ربي“ عهد ويو روح ۾ رچي،
ٿي گذر گوندر گهڙي، آڪاش ڌرتيءَ کان به اڳ.
***
(22 آڪٽوبر 1981ع ڳوٺ هڪڙا سلطان آباد)