مَهه لقا منٺار مورت، ماربا مسڪين ڪين
تڙپندن جي تن ۾ آهي تو بنان تسڪين ڪين.
مون گهري دل سان دعا ”مولا ملائج محب مون“،
وصل ۾ ويرم نه هئي پر تو چئي آمين ڪين.
ڪين ٿي گذري گهڙي گهايل سندي گوندر سوا،
درد دانهون دونهن دمدم غم لٿا غمگين ڪين.
چنڊ جي چانڊاڻ کان وڌ صاف آ سيمين بدن،
تو انهي تخليق تي، تحقيق ڪئي تحسين ڪين.
وار هئا وَالليل وانگر، والضحيٰ کان منهن وڌ،
بيهي سگهيو ڀر ۾ نه بيشڪ هي مگر مسڪين ڪين.
دم اُلهاري دم اُڀاري، سج سدائين ساڻ تنهن،
ڏس رنگا رنگي رنگيءَ جي، رنگ ٻيا رنگين ڪين.
ٿا چون، ”سڌڙيا ڪرين سکڻي سدا ساراهه ٿو“
ماهتابي محب جا مَٽ نازنين نمڪين ڪين.
هو جفائون جي ڪري، ته به تو نه تِر جيهي جڳاءِ،
قول ڀَڃندو قرب وارو يار جو ”يامين“ ڪين.
رک چمي چشمن مٿي شوخيون انهي جون شوق سان،
شوق جو شربت شفا ”شورا“ آهي شيرين ڪين.
***
(1 نومبر 1986ع مسڻ وڏي)