دود دونهان دل اندر دلبر دُکايا اوچتا
لوڪ ۾ جي هئا لڪل سي اڄ لکايا اوچتا.
مچ مجازي جا مدامي ٻارهي ٻرندا رهيا،
تان ڏٺي ساجن سَندي ٿي پيا سوايا اوچتا.
سڪ سندا روزا رکيم پئي روز راڻل ڪاڻ پر،
ديد ٿيندي عيد جا ايام آيا اوچتا.
عشق جي کوري ۾ کامي جي پَچي ٿيا پاس هئا،
سي مڙيئي ميڙي وري محبت ملايا اوچتا.
جن جي ورثي ۾ وڇوڙا تائين ورهين پيا پلئه،
عرض آزيون نيٺ ان جا اڄ اگهايا اوچتا.
سوز سڪ ۾ سور سختيون جن سٺيون صبح و مسا،
صاب پيا تن جا سڀئي لايا سجايا اوچتا.
ڪي گهڙيون گڏجي گذارڻ ٿيون نصيبن سان نصيب،
تان هجر حملو ڪري ويڇا وڌايا اوچتا.
اوڏڙا آهين پر ٿيا ڏور ڏيهان ڏيهه ڄڻ،
قسمتن جي قيد سي قابو ڪڙايا اوچتا.
جن رکي هئي روز اول کان رقابت روح ۾،
نيٺ سي ساڙو سڀيئي کِهه کپايا اوچتا.
شائقن تي شوق ٿو شعله فشان هردم رهي،
وِرهه وارن جا وڇوڙي وڻ وڄايا اوچتا.
لطف لاثاني کپئي تان وڃ نه ويجهو کي وصل،
توڙ تائين ڏک ڏسڻ ۾ سک سمايا اوچتا.
دائمي دنيا نه رهندي درد ويندا دور ٿي،
صبر ساڃهه ساڻ ملندئي ڦل ڦلايا اوچتا.
هُت هلي ڏسجانءِ ”شورا“ جي وتن وڇڙيا هتي،
خود خدا سي آخرت ۾ ڪِيئن گڏايا اوچتا!
***
3 سيپٽمبر 1998ع بروز خميس مسڻ وڏي