نماڻي نيڻ سان نازڪ، نهارين ٿو ته مارين ٿو
وڏا واسينگ ور وارا، جي وارين ٿو ته، مارين ٿو.
گهڻو گهائينِ گرزن کان ڀرون ڀايان بنهه ڀالا،
اکيون سُرمي سرائيءَ سان، سنوارين ٿو ته مارين ٿو.
چمڪ ۾ چنڊ چوڏهين کان ته چهرو چاڳلي جو وڌ،
تِلڪ تِر ڀؤنر بادامي، بهارين ٿو ته مارين ٿو.
گلابي کان گهڻو نازڪ نرم ڳاڙهيون ڳلون ڳوريون،
سڪايل سامهون سينو، جي ساهين ٿو ته مارين ٿو.
سنهون بت سَروَ قد سهڻو، نه ٻيو پَرور ڪيو پيدا،
دليون هڪ ديد درشن سان، ڌتارين ٿو ته مارين ٿو.
نرالا ناز نخريلا دکائن دود ٿا دمدم،
پيالو پرت جو پيارا، پيارين ٿو ته مارين ٿو.
شهاڻا شوق ڇڏ ”شورا“ خدا جو خوف هر دم ڪر،
ڌڻيءَ در جا وچن وعدا، وسارين ٿو ته مارين ٿو.
***
(18 فيبروري 1982ع مسڻ وڏي)