مھاڳ: غزليات جي زمين ۾ گيتن جو گلستان
شڪر آهي، جو ڇنو مان ناهيان.
رسول حمزہ طوف پنھنجي هڪ شعري مجموعي Selected Poems ۾ ”ٻہ اکر پاڻ بابت“ ۾ لکيو آهي تہ:
”ماڻھن کي پاڻ بابت ۽ پنھنجي دور بابت ٻڌائڻ لاءِ پنھنجي روح جي گھرن احساسن، خيالن ۽ جذبن کي ٻين تائين پھچائڻ لاءِ شاعر ڪتاب لکن ٿا.“ (ص11)
۽ ”سوز“ بہ اهڙي ئي ڪنھن احساس هيٺ هي شعري ڪتاب ”من اندر جي موسم“ اسان کي ڏنو آهي.
رسول حمزہ طوف اهو بہ لکيو آهي تہ ”مون پھرين منھنجو داغستان بابت ڳالھايو آهي، پر هاڻي آئون منھنجو روس، منھنجي جارجيا ۽ منھنجو اپگرھہ بابت ڳالھائيندس“ ۽ هن ڳالھايو بہ. پنھنجي شاعريءَ ۽ پنھنجي نثر ۾. پر هاڻي خود روس، جارجيا ۽ اُپگرھہ جو جيڪو حشر نشر ٿي چڪو آهي، اهو رسول حمزہ طوف نہ ڏٺو! پر اسان واري خطي جو ۽ سنڌ جو جيڪو حشر نشر ٿيو آهي، اهو اسان سڀني ڏٺو.
”سوز“ جي شھر ”هالا پراڻا“ کي جيڪڏهن ماڊل ڪري کڻجي تہ سنڌ جي سمورن شھرن جي تصوير اسان جي آڏو اچي ويندي. سوز ”هالاپراڻا“ جي ماضيءَ ۽ حال تي ”ڪويءَ جي ڪٿا“ ۾ بہ گهڻو ڪجهہ لکيو آهي، پر ”من اندر جي موسم“ ۾ بہ سندس هڪ نظم ”شاه دريا (پورالو دريا)“ سنڌوءَ تي هڪ نوحو تہ آهي ئي، ساڳئي وقت اهو ”حال“ جو بہ نوحو آهي ۽ ان ۾ ”ماضي“ جو حوالو بہ موجود آهي:
جتي ڪالھہ ڪشتين قطارون ڏٺيوسين،
پلن ۽ مڇين جون بزارون ڏٺيوسين،
۽ نورين جون نيڻن نھارون ڏٺيوسين،
ملاحن جون وڏيون ڄمارون ڏٺيوسين،
اتي هاڻ واريءَ جي ورکا ڏسان ٿو،
جلي جيءُ ٿو آءٌ پڄران لڇان ٿو.
اهو درد جيڪو ان نظم جي سِٽن ۾ ڇُلي رهيو آهي، ان درد کي اهي وڌيڪ محسوس ڪري سگهندا جن جا شھر/ڳوٺ سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي آهن! منھنجو ڳوٺ ٽکڙ بہ سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي آهي. ”سوز“ جي انھيءَ نظم ۾ نہ رڳو ”هالا پراڻا“ ۽ ”ٽکڙ“، پر پوري سنڌ کي اسين ڏسي سگهون ٿا ۽ اسان جو حال بہ نظم جي مٿئين بند جي آخري سٽ وارو ئي هوندو.
جلي جيءُ ٿو آءٌ پڄران لڇان ٿو
اتفاق اهڙو آهي جو ”سوز“ جو ڪتاب ”ڪويءَ جي ڪٿا“ ۽ هن جي شعري مجموعي ”من اندر جي موسم“ جو ڪمپوز ٿيل مواد، هڪ ئي وقت مون کي مليا ۽ مون ٻنھي کي پڙهيو. شاعريءَ تي مارڪنگ بہ ڪيم. ”ڪويءَ جي ڪٿا“ ۾ هن پنھنجي ناني حليمت بابت لکيو آهي جيڪا هڪ سگهڙ خاتون، شاھ لطيف جو رسالو ساڻ رکندڙ ۽ رسالي جي حافظہ هئي ۽ پڻ پنھنجي ماءُ شريفت (شريفہ) جو ذڪر بہ ڪيو آهي جيڪا شاھ جي ڪلام جي زبردست ڄاڻو ۽ حافظہ هئي. ”سوز“ اڃا پيٽ ۾ ئي هو تہ سندس پيءُ گذاري ويو ۽ هو يتيم ٿي ناناڻن ۾ پليو نپنو. ماءُ کان ڪھاڻين/آکاڻين ٻڌڻ جي هير پيس. ڪملا سان ننڍپڻ کان ئي نينھن لڳس. ڳائڻا، وڄتا، لطيف جي ڪلام جا ڄاڻو سندس پنھنجي شھر ۾ موجود هئا. ”هالا پراڻا“ هڪ سکيو ستابو شھر هو. ان جو واتاورڻ، لوڪيشن، ڪلچر، هنر اهي سمورا آڻا ٽاڻا، هڪ شاعر کي جنم نہ ڏين ها تہ پوء حيرت جھڙي ڳالھہ ٿئي ها! ان سان لڳ هالا نوان، قبلہ طالب المولى سائين جي هستي ۽ مشاعرا، راڳ رنگ جون محفلون ۽ انھن سڀني جو الھہ ڏنو جيڪو اڳتي هلي ”سوز“ بڻيو اکين ڏٺو شاهد آهي ۽ هن اهڙو سڄو پوتا ميل ”ڪويءَ جي ڪٿا“ ۾ ڏنو آهي، پر مون کي هن جي شاعريءَ بابت ڳالھائڻو آهي، جنھن لاءِ نصير جي لکت موجب ”سوز هالائي جي آخري خواهش آهي تہ آئون سندس هن مجموعي جو مھاڳ لکان“ هڪ شاعر جي آخري خواهش کي مانُ ڏيڻ تہ مون تي لازم آهي ئي آهي، پر نصير جنھن مخصوص جهيلار سان ان آخري خواهش کي زباني بہ ورجايو تہ پوءِ اهو ڄڻ مون لاءِ ”دو آتشہ“ ٿي ويو!
”من اندر جي موسم“ جي آخري ٻن صفحن تي منھنجي راءِ سان گڏ ”سوز“، رسول بخش پليجي، قاضي حفيظ قريشيءَ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محمد ابراهيم جويي ۽ تنوير عباسيءَ جا رايا ڏنا آهن، انھي سڀني ”سوز“ جي شاعريءَ جي ساراھہ ئي ڪئي آهي. هڪ شاعر ٻيو مڱي بہ ڇا ٿو؟ هو جويي صاحب جي هڪ خط مان اُتساھہ وٺي ٿو ۽ ”ڪويءَ جي ڪٿا“ سنڌي ادب کي ڏئي ٿو. ”سوز“ ڏاڍي سِڪَ اڪير سان طالب المولى سائين، استاد بخاري، تنوير، عرفان مھديءَ، انور، اياز، سائل، نورجھان، وحيد عليءَ، فيروز، يوسف، جمن، ڍول کي ساريو آهي پنھنجي ڪوتا ۾. سوز کي سندس چواڻي تہ سُر سواد جي ڄاڻ آهي، جيئن هن پنھنجي ڪافين هيٺان راڳ/راڳڻيون ڏنيون آهن، جن تي اهي آڌارڪ آهن يا جيئن هڪ ڳيچ هيٺان لکيل آهي ”دل ايندو لٽڻ اڄ ڍولڻو“ جي طرز تي لکيل. سنڌ ۾ تہ عام ماڻھو بہ ڪنھن لاءِ ”سريلو“ يا ”بي سرو“ جھڙا محاورتي لفظ ڪتب آڻيندو آهي ۽ انھن ٻن لفظن سان ئي ان ماڻھوءَ جي سڄي پرک ٿي ويندي آهي! ۽ ”سوز“ تہ وري بہ شاعر آهي. هن جويي صاحب جي ان ڳالھہ تہ ”سوز جي غزل تي اڪثر گيت جو اثر غالب آهي“ کي پنھنجي حساب سان ڳڻيو آهي تہ ”نہ رڳو منھنجي غزل تي، پر وائي، ڪافي ۽ نظم تي بہ گيت ۽ سنگيت جو اثر نمايان آهي“. جڏهن تہ جويي صاحب واضح طور موضوعاتي تسلسل جي حوالي سان ڳالھہ ڪئي آهي تہ ”غزل ۾ هتان هُتان جي موضوعن بدران ڪنھن هڪ موضوع جو انتخاب ڪيل آهي جيڪو آلاپڻ لاءِ مناسب آهي“. جڏهن تہ غزل ۾ موضوعاتي تضاد کي جويو صاحب هتان هُتان جا موضوع چئي ٿو- هوندو آهي اهو تضاد ئي تہ غزل کي ٻين صنفن کان ڌار ڪري ٿو يا اها بہ غزل جي هڪ مکيہ وصف/ سڃاڻپ آهي.
هڪ ٻيو هالائي شاعر حميد شھيد اهڙي ڪنھن غزل کي غزل مڃڻ لاءِ تيار نہ آهي جنھن ۾ موضوعاتي تسلسل آهي! ۽ سوز جي شاعريءَ جو سندس چوڻ موجب ”وڏو حوالو شايد غزل آهي“.
سڄڻ جي سار ۾ ڪافيون، غزل ۽ گيت ڳاتاسين،
سڃاڻپ ”سوز“ جي ليڪن غزل آهن، غزل آهن.
(شاعر جي پاران)
حميد شھيد تہ مسلسل غزل ۽ تاجل بيوس جي ڪافي نما غزل کي بہ مڃڻ لاءِ تيار نہ آهي. ساڳئي وقت حميد شھيد ”تغزل“ جي شاعريءَ جي هر صنف ۾، موجودگيءَ جي ڳالھہ پڻ ڪري ٿو. ان حوالي سان حميد شھيد يا ٻين دوستن جي شعري مجموعن ۾ ڪافي بحث موجود آهي. شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي ڄاڻ جي بہ اها معنى پٽيءَ ڪينھي تہ شاعر لازمي طور لسانياتي ماهر بہ هجي. بلڪل ان ريت سنگيت يا سُر سواد مان شاعريءَ جي حوالي سان، اها مراد قطعي نہ آهي تہ شاعر ڪو ڳائڻو/گويو هجي! گيت، ڪافي ۽ وائي سريليون (Lyrical) صنفون آهن. سنڌي شاعريءَ جي روايت بہ سريلي شاعري واري ئي آهي. ”سوز“ موسيقي، عشق ۽ الھام جي بہ ڳالھہ ڪري ٿو. هن کي شايد اها بہ خبر هجي تہ اهو سڀ ڪجهہ هن کي پنھنجي شاعريءَ مان ئي ثابت بہ ڪرڻو آهي، جنھن جو واحد وسيلو ٻولي آهي، لفظ آهن ۽ شاعريءَ ۾ نغمگي، ميٺاج، رس چس، رواني- لفظن جي گهڙت ۽ جڙت تي مدار رکي ٿي. ان ڪري هڪ شاعر جي بنيادي ذميواري ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ڦھلاءِ آهي.
ايڪھتر سالن جي ڄمار جو ”سوز“ گهڻو حصو اهڙي ئي رياضت/مشق ۾ صرف ڪيو آهي ۽ آخر ۾ هن جيڪا مکيہ ڳالھہ ڪئي آهي، سا اهائي ڳالھہ آهي تہ:
جھڙو حال حبيبان، تھڙو پيش پريان!
هي جيون، هي زندگي ڏاڍي مختصر آهي ۽ ان ۾ هڪ شاعر جون ذميواريون تمام گهڻيون آهن ۽ اهي هو تڏهن ئي نڀائي سگهي ٿو جڏهن هن جي پھرين ترجيح شاعري هجي ۽ من ۾ سچائي هجي:
سريلو نہ سڏبو ۽ چارڻ نہ چئبو،
سرن ساڻ جنھن جي سچائي نہ آهي.
هڪ شاعر کي جيڪي ڪجهہ ڪرڻو آهي، اهو اڄ ئي، بلڪ هاڻ ئي ڪرڻو آهي!
جو ڪرڻو اٿو ”سوز“ اڄ کان ئي ڪريو،
سڀاڻي جو سورج ڀلا ڪنھن ڏٺو آ.
”سوز“ اڄڪلھہ جنھن دور مان گذري رهيو آهي، ان ۾ شھر جو شور بہ آهي ۽ ڳوٺ ڏانھن موٽڻ جي خواهش بہ ۽ پنھنجي ڳوٺ جو خاص ذڪر هن ”ڪويءَ جي ڪٿا“ ۾ بيان ڪيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ ”ياد“ ئي هن لاءِ تازي هوا وانگر آهي!
ياد تازي هوا کڻي آئي،
ڇا تہ خوشبوءِ ڪا کڻي آئي.
سارون ڪنھن وير جان ورن ٿيون ۽ هن کي پاڻ سان لوڙهي ٿيون وڃن.
سار تنھنجي پرين ٿي وري وير جان،
بانسريءَ جي سُرن تي وڄي ”هير“ جان.
ان شعر جي مصرع ثانيءَ ۾ وارث شاھہ جي ”هير“ جو حوالو آهي. ”هير“ هڪ مخصوص سُر ۾ ڳائي وڃي ٿي. جيئن ”ماهيا“،
”سورٺ“، ”راڻو“ مخصوص سُر آهن. ڪو ساز ڇيڙڻ کان سواءِ چپ هوندو آهي، بي جان هوندو آهي، لفظ بہ ايئن آهن.
آڱرين جي ڇھاءُ سان جي ڇڙن،
لفظ ڀي ڄڻ ستار جان آهن.
جويي صاحب غزل جي ”هتان هُتان جي موضوعن“ واري جيڪا ڳالھہ ڪئي آهي، اها غزل جي خامي بہ آهي تہ خوبي بہ ۽ تضادي موضوعاتي غزلن ۾ بہ نغمگي آهي تہ رواني بہ- ۽ اهي ڳائي بہ سگهجن ٿا، ڳايا بہ ويا آهن ۽ ڳائجن پيا. موضوعاتي تسلسل/تضاد جي آڌار تي ڳائي سگهجڻ جي ڏس ۾، ڪڏهن بہ ڪو مسئلو پيدا نہ ٿيو آهي. ۽ ٻي ڳالھہ تہ اسين جڏهن بہ ڪا صنف – غزل، نظم، وائي، ڪافي، نثري شاعري يا آزاد پڙهون ٿا تڏهن ڪنھن ڌن، طرز يا موسيقيءَ جي بندش کان سواءِ پڙهون ٿا، توڙي جو اها کڻي جهونگاري/ڳائي چئي وئي هجي! بلڪ هيئت ۽ Style جي ڪري، ان ۾ پيٽيل سُر ۽ آهنگ کان ئي متاثر ٿيون ٿا. ان سان گڏوگڏ ان ۾ جيڪو Thought آهي، ان کان متاثر ٿيون ٿا، جيڪڏهن ڪوبہ شاعر موسيقيءَ جو شغف/ڄاڻ رکي ٿو تہ اها سون تي سھاڳي وانگر آهي. بنيادي ڳالھہ وري بہ اهائي آهي تہ تخيلقي سطح تي هن ان کي شاعريءَ ۾ ڪيئن ۽ ڪيترو ورتايو آهي! ان ڏس ۾ ڪافي گو شاعرن جو مثال اسان جي آڏو آهي. ان ڪري بہ تہ ”ڪافي“ هڪ اهڙي صنف آهي، جيڪا سُر کان سواءِ معرض وجود ۾ نٿي اچي سگهي! ”سوز“ صاحب جون ڪافيون بہ ”من اندر جي موسم“ ۾ آهن، پر پھرين سندس غزل، جيڪو هن جي چواڻي، هن جي شاعريءَ جو ”وڏو حوالو شايد غزل آهي“.
پيار جو هڪڙو پل ڪافي آ،
سالن ۾ ڇا رکيو آهي.
هڪ شاعر، زندگيءَ جي اهڙن ئي پيار جي پلن کي لفظن جي لڙهيءَ ۾ پوئي، اسان جي آڏو پيش ڪري ٿو. نقادن آڏو اهو سوال سدائين جواب طلب رهيو آهي تہ اهميت تخليق کي آهي يا تخليقڪار کي؟ پر هڪ تخليقڪار جو ڪم ”سپ“ وارو ئي آهي. مينھن جي بوند جهٽي موتي ڪرڻ وارو ڪم. ان جو ملھہ ڪٿڻ جوهريءَ جو ڪم آهي!
سپيءَ جو جسم پيو آهي سمندر جي ڪناري تي،
نمائش لئہ مگر موتي رکيل آهن اڃا تائين.
”سوز“ جي مجموعي ”من اندر جي موسم“ ۾ تجرباتي غزل (ڪونہ ايندو، ڇو نہ ايندو....) بہ آهي، تہ سھرائي غزل (ثاقب ابڙي جو سھرو....) بہ آهي تہ طرحي ۽ في البديھہ طرحي غزل (سوز، انور هالائي ۽ عرفان مھديءَ جي تخليق) بہ آهن. دعا اها ئي آهي تہ ”سوز“ جي گهر تي ”الھام جي بارش“ وسندي رهي ۽ هو ”غزليات“ جي زمين ۾ سنگيت مئہ ”گيتن جو گلستان“ اپائيندو رهي.
منھنجي گهر تي ٿي جڏهن الھام جي بارش وسي،
ٿو ائين محسوس ٿئي ڪو گلستان گيتن جو آ.
”سوز“ جي هن مجموعي ”من اندر جي موسم“ ۾ غزل، گيت، وائي، ڪافي، نظم، آزاد نظم جون صنفون آهن. واين ڪافين ۾ بہ ڪجهہ عروض تي آڌارڪ آهن. گيتن ۾ بہ ڪجهہ عروض تي آهن، ڪي ڪي گيت ردم وارا بہ ملن ٿا. شايد ڌن يا طرز جي آڌار تي ايئن ڪيو ويو هجي! گيتن ۾ وري ٻارن جا، وطن جا، وهانءُ/ثقافتي، هجر وصال جي ذيلي عنوان سان گيت ڏنا ويا آهن.
چانڊوڪيءَ جي وسڪاري ۾، چاندي جھڙا ٿي پونداسين،
آلي ڌرتيءَ جي سيني تي، مينھن وساڙن جان لڳنداسين.
مون بہ چيو هو.
”ڪافي“ هڪ اهڙي، سنڌي شاعريءَ جي صنف آهي، جيڪا سُر جي ڄاڻ کانسواءِ نٿي چئي سگهجي. سنڌي شاعريءَ ۾ ڪافيءَ جو هڪ الڳ ۽ شاندار اتھاس آهي ۽ ڪافي گو شاعرن هڪ الڳ سريلي روايت قائم ڪئي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ”ڪافي/قافي“
جا ٽي ضخيم جلد، ڪافي گو شاعرن جي انھيءَ اتھاسڪ ڪارنامي جو ثبوت آهن. ”سوز“ جون ڪافيون عروض تي بہ آهن:
ڪئين راتيون ڪٽيوسين، ڪئين ڏينھن گذارياسين،
سي سڀ وساري ڇڏيم، تون يار ياد آئين.
اهڙين ڪافين ۾ ”سوز“ عروضي رعايتن کان بہ ڪم ورتو آهي، جھڙوڪ اکر حذف ڪرڻ، جڏهن تہ سنڌي شاعريءَ جي روايت ۾، جيڪا سريلي روايت پڻ آهي، اکر بدران سُر حذف ڪرڻ ٿين ٿا.
جيڪر محب ملن تہ چوانِ، دل جا دفتر کولي کولي،
واري ڪافي شايد ڪريم پليءَ جي هن مشھور ڪافيءَ کان متاثر ٿي چئي وئي آهي:
هيڪر جي گڏجن تہ چوانِ، سور اندر جا ساري ساري.
ڪافيءَ ۾ قافين جو عجيب جنسار هوندو آهي. ”سوز“ جي ڪافين ۾ اندروني قافين جو مانڊاڻ بہ آهي تہ ٻٽا قافيا بہ آهن:
ساڄن اوطاقون ڪري، پئڙا رات رهي،
ڀاڳ ورياسون،
ڪاڄ سرياسون.
(جي) رنگ پريان جي رتيون رتيون،
سي عشق اجاري وتيون وتيون.
”ڪملا جي نانءُ ڪويتائون“ جي عنوان سان ”من اندر جي موسم“ ۾ هڪ الڳ ڀاڱو رکيو ويو آهي. جيڪو ”ٻالاپڻ رو نينھن“ جي حوالي سان آهي. انھن ڪويتائن ۾ وڇوڙي جو درد آهي انھيءَ سانوري الھہ ڏني جو، جيڪو انھيءَ فراق جي الفي پائي شاعر ”سوز“ بڻجي چڪو آهي، جنھن جي سڄي ڄمار هجر جي ڪاري رات ۾ گذري آهي (اهڙي ڳالھہ ”ڪويءَ جي ڪٿا“ ۾ بہ لکي آهي)
هجر جي سا رات ڪيڏي،
ڀونءِ تي ڀاري لڳي.
پرھہ جنھن جي ڪانہ هئي
صبح جنھن جو ڪونہ هو
دردمندن جي ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي ڪانہ ٿي
هجر آ جاري اڃا
سفر آ جاري اڃا
هو تہ رڳو اهو ٿو چاهي تہ هُن جا اهي گيت، جيڪي ڪملا لاءِ رچيا ويا آهن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپجي رهيا آهن، ريڊيو ۽ ٽي-وي تي بہ نشر ٿي رهيا آهن، ڪملا تائين بہ پھچن. ”لاپتہ ماڻھن جو ليک“ بہ اهڙي ئي هڪ درديلي رچنا آهي. جنھن ۾ ”سوز“ سڀني ڌرين-رسالن جي ايڊيٽرن، چئنلن جي مالڪن کي اهائي وينتي ڪئي آهي تہ اها رچنا ڇاپي وڃي، نشر/ٽيليڪاسٽ ڪئي وڃي ۽ هن کي بہ ڪملا جو ڏس پتو ملي:
جي اوهان کي آھ ڪوئي ڏس پتو،
”سوز“ کي ”هالين پراڻين“ موڪليو،
هڪڙي شاعر کان دعا جا گل وٺو!
”سوز“ انھي رچنا ۾ توڙي جو پنھنجي ذاتي دکدائڪ وارتا بيان ڪئي آهي، پر ان جو ڪئنواس ڏاڍو وسيع آهي.
ٻاهر جي موسم-اندر جي موسم! خارجيت-داخليت! سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي تہ ”ڪڏهن من ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيھر شينھن“ سو نوڪريءَ کان آجائي، اڇا وار، اکين تي عينڪ، ڏٻرو جسم، خالي هٿ کڻي ”سوز“ واپس اتي پھتو آهي، جتان هو هليو هو، پر شاعر جو پنڌ ڪڏهن نٿو کٽي! منھنجي هن ٽيڙو وانگي:
سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ،
ماڳ اچي تہ بہ کٽي نٿو،
پانڌيئڙن جو پنڌ.
ٻاهر جو سفر يا اندر جو سفر - مون کي پتو ناهي تہ ٻنھي مان ڏکيو ڪھڙو آهي؟ موسمون ڪھڙيون سخت آهن؟ داخلي يا خارجي پر لطيف سائينءَ فرمايو آهي ته
کرڪڻا لاهي، سک نہ ستا ڪڏهين!
سو هڪ شاعر لاءِ هن جي شعرن جون سٽون سندس (خالي) هٿن جون ليڪون بڻجي ٿيون وڃن. هن جي ظاهر اکين تي ڀلي کڻي ٿلھن ڪاون واري عينڪ هجي، پر هن جون باطني اکيون سدائين روشن رهنديون آهن. مخدوم نوح رحہ جو هي بيت هانوَ تي هُري آيو اٿم:
اپٽيان تہ انڌيون، پوريون پرين پسن،
آهي اکڙين، عجب پر پسڻ جي!
سو ”نائي نيڻ نھار، تہ تو ۾ ديرو دوست جو!“ ۽ ڪملا جو ڏس پتو بہ اهو ئي آهي. هوءَ تہ ڪيڏانھن وئي ئي ناهي! اتيئي من ۾ رهجي وئي آهي. دلبر جي ديري جو دڳ دل مان ئي نڪري ٿو. اهو آءٌ نہ، لطيف سائين چئي ٿو:
اڃا تون اَواٽ، واٽان پاسي ويسري،
سونھي ٿي سواٽ، تہ منجھان دل دڳ لھين!
پر اهو سڀ تڏهن ئي ٿئي ٿو جڏهن ”آءٌ – تون“ جو فرق ختم ٿي وڃي ٿو!
پھرين پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي هو لھہ،
تھان ڌار نہ سپرين، مند منجهئين پاءِ.
(قاضي قادن)
پر اهڙو مرحلو پنھنجي وقت تي ايندو. سو شايد اڃان نہ آيو آهي يا شايد اچي چڪو آهي.
امداد حسيني
ڄام شورو، سنڌ
11 ڊسمبر 2008