هجر جي موسم
هجر جي ويلا بہ آئي،
هجر جي ان صبح جو هو،
دل دکي نيڻن ڀنل سان،
الوداع توکي چوڻ جي،
لاءِ حاضر ٿيو هو،
هن ڏٺو تنھنجي اکين مان،
لڙڪ ٽمندا ٿي رهيا،
۽ چُني جي پاند ۾ سي،
جذب ٿيندا ٿي رهيا،
ڇا تہ ڏک جو ڏيک هو،
ڪرب جو منظر هيو ڄڻ،
سو ڏٺو ئي ڪونہ ٿيو.
بس هلي وئي پوئتان،
ڌوڙ جا بادل ڇڏي،
نيڻ ڌنڌلا ٿي ويا،
عڪس پيلا ٿي ويا ۽،
نقش سڀ مٽجي ويا،
هجر جي ان ڏينھن تي هو،
مينھن سانوڻ جان وٺو هو،
۽ ڀِڄي بادل ٿيو هو،
اوترو ئي هو رُنو هو،
جيترو روئي سگهيو هو.
شام جو هر پل اَ پل،
ڪيترو بي چين هو،
قافلو ويندو رهيو ۽،
دور سو ٿيندو رهيو،
ياد ڪو ايندو رهيو،
هجر جي سا رات ڪيڏي،
ڀونءِ تي ڀاري لڳي،
پرھ جنھن جي ڪانہ هئي،
صبح جنھن جو ڪونہ هو،
درد مندن جي ڪھاڻي،
جي پڄاڻي ڪانہ ٿي،
هجر آ جاري اڃان،
آ سفر جاري اڃان!!