ساروڻيون
ڳوٺ تنھنجو شھر ٿي ويو،
آه نقشو ئي ڦري ويو،
پيچرا، راهون ۽ رستا،
ٿي سڀئي تبديل ويا،
پر گليون ساڳيون رهيون،
۽ دليون ساڳيون رهيون،
جت ”ڪنور جاڙي ڀڳت“،
۽ ”چندر“ ڳايو هيو،
ان ”سراء“ ۾ کوڙ ماڻھو
ٿا رهن، پر اڄ اتي،
راڳ جو نالو بہ ڪونھي.
جت جنم تنھنجو ٿيو هو،
ان ڪچي گهر جي پڌر تي،
آھہ ڪا ماڙي ٺھي وئي،
ڦول جي تو پوکيا ها،
سي ڪڏهوڪا ئي سڪي ويا،
آ سڳنڌ باقي رهي،
روز تنھنجو گهر ڏسان ٿو،
ان گلي ۾ مان اچان ٿو.
”ڏيورين“ ۾ جت ڏياريءَ،
جا ڏيئا ٻرندا هئا،
بلب ٿا جرڪن اتي،
دل اندر ۽ من مندر،
روشني آهي ڪٿي!!
جنھن ”پپل“ جي ڇانوَ ۾،
اَنَ ڪڻا چڻندا پکي ها،
لاتيون لوندا هئا،
سي پکي اڏري ويا،
آکيرا اجڙي ويا،
۽ پپل سو پاڙ کان،
نيٺ آ پٽجي ويو،
ڪو نشان باقي نہ آ.
”آب ڪلياڻي“ جي رت ۾،
شام کان سنجها سمي جو،
جت پَلا تازا مليا ٿي،
۽ مکا ميلا ٿيا ٿي،
هاڻ اُت ڪجهہ ڪونہ آ،
”پائليءَ“ جيڪو پلو هو،
”پنج سوَن“ ۾ سو ملي ٿو،
سرڪ سنڌوءَ ۾ نہ آهي،
سو پلا ايندا ڪٿان!!؟
ڄڻ مھاڻا ئي مري ويا،
۽ ”لھاڻا“ ويا لڏي.
ڳوٺ جي ان چوڪ تي،
ٿورڙي ئي فاصلي تي،
گهر مٺي ”عرفان“ جو هو،
ڇا! تہ هو محبوب ماڻھو،
تو ڏٺو ئي ڪونہ هو،
باز جان ڀڙڪو ڏئي،
سو اڏامي آ ويو.
ڳوٺ جي مڪتب ۾ جت،
پاڻ پڻ پڙهيو هيو،
سوبہ آهي بند ٿيو،
ٽي صديون پوريون ڪري،
نيٺ سو ٿڪجي پيو،
ڇا تہ مڪتب بند ٿيو،
ڄڻ تہ هڪڙي ياد جو،
باب ڪوئي بند ٿيو.