ڏيئو جلائي رکجو سائين،
جوت جڳائي رکجو سائين.
تيز هوائن طوفانن کان،
گرد و غبار جي گهمسانن کان،
بي مھريءَ جي برساتن کان،
بدنظريءَ جي امڪانن کان،
سو تہ بچائي رکجو سائين،
ڏيئو جلائي رکجو سائين.
چوڏهين جي چانڊاڻ هجي،
۽ لاک رتي لالاڻ هجي،
شام جي ڪائي لام لھي،
اجرو اجرو صبح ٿئي،
پر نہ اجهائي رکجو سائين،
ڏيئو جلائي رکجو سائين.
هي جو روشن ڏيئڙو آهي،
لالڻ جو سو ليئڙو آهي،
هڪڙي ڏينھن جو ساٿ نہ ان سان،
هڪڙي رات جي بات نہ ان سان،
روز جلائي رکجو سائين،
ڏيئو جلائي رکجو سائين.
مند ڀلي ڪھڙي بہ هجي،
واءُ ڀلي ڪھڙو بہ لڳي،
ڏينھن ڀلي ڪھڙا بہ اچن،
مينھن ڀلي ڪيڏا بہ وسن،
نينھن نڀائي رکجو سائين،
ڏيئو جلائي رکجو سائين.
پنھنجي وطن کي پنھنجي چمن کي،
محب مٺي محبوب وطن کي،
هن گلشن جي هر گهر گهر کي،
هر گهر گهر جي در در در کي،
”سوز“ سجائي رکجو سائين،
ڏيئو جلائي رکجو سائين.