سر جمن
”جمن“ ڳاتو شاھ جو، پھرين سر ڪلياڻ،
دوست پيھي در آئيو، نينھن ڏني نرواڻ،
موسيقيءَ مھراڻ، وهندي تارون تار ٿيو.
ساري سڀ ڄمار، سک نہ ستا ڪڏهن،
جيئن جئين ٺري راتڙي، تاڻين تند تنوار،
راڳي تنھنجي راڳ جا، آهن عجب اسرار،
ٻيجل ٿي ٻيھار، سر جون صدائون ڏنيون.
آڌيءَ ٿا اورين، اندر جي اظھار کي،
راڳي راڳ ويراڳ جي تندن کي تورين،
ساريون راتيون ”سوز“ چئي، سازن کي سورين،
گهوريو ٿا گهورين، سر تان پنھنجي سر کي.
راتيون جاڳن جي، سي ئي موسيقار ٿيا،
رکي ساز هنجن تي سر ملائن سي،
سڌا پير ڪري، ڪڏهن ستا ڪين ڪي.
ڪري رقص ردم، بانسريءَ جي ڦوڪ تي،
جهانجهر جي جهنڪار تي، ٽيڙو ڪن ٽم ٽم،
راڳي راڳ ويراڳ سان رات ڪئي رم جهم،
ڇيرين جي ڇم ڇم، تارو تارو گهنگهرو.
روپا روپا رنگ، راڳي تنھنجي راڳ جا،
مُلڪن ۾ مشھور ٿيا، ”انگائي“ جا انگ،
سونا سارا سنگ، موسيقيءَ جي کيت جا.
چندن هاڻا روپ، راڳي تنھنجي راڳ جا،
خوشبو خوشبو ٿي ويا سارا روپ سروپ،
ناهن ٿيا الوپ، گونجن پيا گرنار تي.
مصريءَ کان بہ مٺيون، راڳي تنھنجون راڳڻيون،
مٺيون اهڙيون جھڙيون محبوبن مٺيون،
موسيقار مٺيون، سُرَ کي ڏنيون ”سوز“ چئي.
انگن ۾ اوتي، لھر لئہ ڪاريءَ جي،
سُرن جي سمونڊ مان، ميڙيا ڪئين موتي،
موتي ٿيا جوتي، سُرن جي سھڪار سان.
رسالي جا رنگ، راڳي تنھنجي راڳ ۾،
سرن جي سرچاءَ سان، چارڻ چوريا چنگ،
انگائيءَ ڪي انگ، وتا شاھ لطيف کان.
ڳايون جي وايون، راڳيءَ شاھ لطيف جون،
سي ٻيھر ٻرايون، جاجڪ ساريءَ جوءِ ۾.
تو جا ڳائي ”آبري“، پنھون پيو پرچي،
سسئيءَ سان سرچي، پرين پھتو پٻ ۾.
”معذوري“ جي راڳ تي ڏونگر پيو ڏري،
آهي ڳالھہ ڳري، راڳي تنھنجي راڳ جي.
ٻيجل سِرُ وتو، راجا راءِ ڏياچ کان،
”جمن“ سُر وتو، سرچائي سنگيت کان.
جيئن ڪو ننڍڙو ٻار، کيڏي رانديڪن سان،
ائين رانديون راڳ سان، ڪري هي فنڪار،
ماهر موسيقار، ڄاڻي رمزون راڳ جون.
گم سم سارو ڏينھن، سرن جي سنسار ۾،
ڪونہ ٻڌوسين سر سان، ايڏو نينھن سنينھن،
موسيقيءَ جو مينھن، وٺو موسيقار تي.
موکي متارا، وري تو وٽ آئيا،
هو جي وھه وهاٽيا، سراپيل سارا،
سرڪيءَ ڪارڻ سر جي، وريا وڻجارا،
ڇڏي شوق شراب جا، سڻي چوتارا،
راڳيءَ سندي راڳ جا، آهن اڃارا،
وريا اڄ وارا، ”سون مياڻي“ سون ٿي.
تن ۾ تات لطيف جي، من ۾ لطيفي لات،
ساري ساري رات، گونجن گيت هوا ۾.
موسيقي ڇا هي؟ پڇيم موسيقار کان،
”چي“:
سپيرين جي سونھن کي، جيڪا ساراهي،
اها ئي آهي، معنى موسيقيءَ جي.
ميڙي جن مايا، سي مور نہ موسيقار ٿيا،
مور نہ موسيقار لئہ مايا ٿي ڇايا
موسيقي مايا، آهي موسيقار جي.
”جمن“ جي آئي، ٿيا سھنج سنگيت جا،
لاٿي ڪٽ ڪماچ تان، تنھن سورٺ کي ڳائي،
ڳائي وڄائي، وتو سُر سنگيت کان.
”جمن“ جيئن ڳاتو، آهي شاھ لطيف کي،
تنبوري جي تند ۽ سر کي سڃاتو،
ائين نہ ڳاتو، ڪنھن ٻئي راڳيءَ شاھ کي.
راڳ نہ ڪي ويراڳ، نڪي رندي ڪافيون،
سارا سڃا ٿي ويا، موسيقيءَ جا ماڳ،
جمن وري جاڳ، تہ ٿين سھج سنگيت جا.
جمن جاڳرتا، ڏني سر سنگيت کي،
سھڻي سڀيتا، ملي موسيقار کي.
¹
(استاد محمد جمن جي ياد ۾)