ڪملا جي نانءُ
ڪاش! ڪملا کي چوي ڪو،
ڳوٺ تنھنجي جو اهو ئي،
ڇوڪرو نھٺو نماڻو،
سانورو ۽ سادڙو،
ڳوٺ جي مڪتب ۾ جيڪو،
هم ڪلاسي هو سندءِ،
ٻاتڙن ٻولن ۾ توسان،
هم ڪلامي ٿي ٿيو،
قربتن ۽ محبتن جو،
شرف جنھن کي تو ڏنو،
بند اکڙين ۾ بہ تنھنجا،
خواب جو ڏسندو هيو،
نانءُ هو ”الله ڏنو“ ان،
ڇوڪري بيحال جو،
”ميان“ ڀٽي پاڙي ۾ سو،
گهر ڪکائين ۾ ٿي رهيو.
اوچتو ئي اوچتو!
واءُ اهڙو ڪو وريو،
تنگ توتي تنھنجي ڌرتي،
ڇو الائي ٿي وئي!!
نيٺ تنھنجي موڪلاڻي،
هجر هاڻي ٿي وئي،
هجر جي گهوڙي سواريءَ،
لاءِ گهوڙا آئيا……
پاڻ سان ”ورهن وڇوڙا“،
سي کڻي آيا هئا،
ان دکي منظر تي هن،
گيت درديلو چيو هو،
تو ٻڌوئي ڪونہ هو جو،
”تون الاجي ڪھڙي ڪارڻ،
هند ڏي آهين هلي“،
هاڻ شايد پاڻ ٻيئي،
ڪونہ ملنداسين وري.
وقت جو ڦيٿو ڦريو هو،
موسمون مٽجي ويون،
هو ڪويتا جي نگر ۾،
سونھن ڳولڻ هو ويو،
۽ سرن سنگيت ۾،
پاڻ ئي گم ٿي ويو.
اڄ اهو ئي ڇوڪرو،
”الله ڏنو“ ناهي رهيو،
”سوز“ جو تخلص وٺي هو،
آ ”ڪوي“ بڻجي ويو،
سونھن سانورتا سندا هو،
گيت ٿو لکندو وتي،
گيت کي سنگيت جو ڪو،
روپ ڏيندو ٿو وتي،
گيت گونجن ٿا ڪويءَ جا،
ريڊيو، ٽي- وي، رسالن،
۽ ڪتابن ۾ بہ ماڻھو،
ٿا پڙهن ۽ ٿا ٻڌن،
ڪاش! تون پڙهندي هجين!
ٻڌندين هجين،
هوند هن جا گيت سڦلا،
۽ سجايا ٿي پون،
ڪاش! تون ان کي سڃاڻين!
ڪو ڪبوتر ئي اماڻين!
ڪاش! تون ان کي سڃاڻين.