شاھہ دريا / پورالو دريا
جڏهن شاھ جو سُرُ سھڻي پڙهان ٿو،
جڏهن بند ۾ بند پاڻي سڻان ٿو،
سنڌوءَ سير ڏي جيئن اکيون کڻان ٿو،
دکي دل ٿئي ٿي، دکي مان ٿيان ٿو،
ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ گم ٿي وڃان ٿو.
ڀٽائي بہ سنڌو ڏٺو اوج ۾ هو،
سمندر جيان سو تہ وهندو ڏٺو هو،
”متل مئہ“ جو مھراڻ تڏهين چيو هو،
تڏهن سُرُ سھڻي بہ تخليق ٿيو هو،
اهو شاھہ درياءُ سُڪندو ڏسان ٿو،
تہ آئون لڇان ٿو، تہ آئون لڇان ٿو.
جتي ڪالھہ ڪشتين قطارون ڏٺيون سين،
پلن ۽ مڇين جون بزارون ڏٺيون سين،
۽ نورين جي نيڻن نھارون ڏٺيون سين،
ملاحن جون وڏيون ڄمارون ڏٺيون سين،
اتي هاڻ واريءَ جي ورکا ڏسان ٿو،
جلي جيءُ ٿو آئون پڄران پچان ٿو.
نڪو کيٽ آهي، نڪو چيٽ آهي،
نظر حد تائين رڳو ريٽ آهي،
نہ لھرن ۾ ساڳي سا لس ليٽ آهي،
هي سنڌو آهي يا ڪو ئي ٻيٽ آهي!!؟
اکين سان نہ منظر ڏسي سو سگهان ٿو،
ٻئي هٿ پنھنجي اکين تي رکان ٿو.
ازل کان هي درياءُ وهندو رهي ٿو،
۽ ڌرتي کي سيراب ڪندو رهي ٿو،
سفر در سفر ساڻ هلندو رهي ٿو،
سمندر جي سيني سان ملندو رهي ٿو،
جڏهن هن کي واهڙ جان وهندو ڏسان ٿو،
تہ مان سوچيان ٿو، تہ مان سوچيان ٿو.
دعا آهي سنڌو کي جل ٿل ڏسان شل،
ڪنڌيون ۽ ڪنارا بہ اٿليل ڏسان شل،
وسيون ڳوٺ واهڻ بہ ورسيل ڏسان شل،
سڄي سنڌ جا نيڻ ٺريل ڏسان شل،
اهو عرض پنھنجي خدا کي ڪيان ٿو
ٿئي ”سوز“ مقبول جيڪو، گهران ٿو.
×
(سيلاب 2010کان اڳ)