مون چيو دير آ،
هن چيو خير آ.
هٿ ۾ هٿ آ،
پير تي پير آ.
آڱرين ۾ منڊيون،
پير ۾ ڇير آ.
چنڊ الھي ويو،
پر اڃا مير آ.
رات تارن ڀري،
وصل جي وير آ.
در وڳو اوچتو،
ڪنھن پڇيو ڪير آ.
هن چيو ”سوز“ آ،
ٻيو وري ڪير آ.
سوز ھالائيءَ جي هن مجموعي ”من اندر جي موسم“ ۾ غزل، گيت، وائي، ڪافي، نظم، آزاد نظم جون صنفون آهن. سوز پنھنجي شاعريءَ لاءِ چوي ٿو تہ: ”مان پنھنجي شاعريءَ جي اثر هيٺ رهيو آهيان، منھنجي شاعري نہ رڳو مون لاءِ پناه گاه آهي پر ذوق سليم جي تسڪين جو سامان ۽ اظھار جو وسيلو بہ آهي“.
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو