تو تہ چيو هو برساتن ۽ چانڊوڪين ۾ ملنداسين،
چنڊ چڪور جي چاهت کان پڻ اڳتي نڪري وينداسين،
تو تہ چيو هو.
رم جهم رم جهم برکا رت ۾ آگم بنجي اينداسين،
وڏ ڦڙ وانگي وسنداسين ۽ کنوڻن وانگي کلنداسين،
مون بہ چيو هو.
لوڪ کي ننڊ جي هنج ۾ ڏيئي، نيڻن کي جاڳائينداسين،
رات جا سونا روپا منظر پاڻ پيارا پڻ پسنداسين،
تو تہ چيو هو.
چانڊوڪيءَ جي وسڪارن ۾، چانديءَ هاڻا ٿي پونداسين،
آلي ڌرتيءَ جي سيني تي مينھن وساڙن جان لڳنداسين،
مون بہ چيو هو.
ٻڪ ڪٽورا مک تي آڻي، امرت اوتان اوت ڪنداسين،
شاھ جي سر سارنگ جون وايون هم آواز آلاپينداسين،
پاڻ چيو هو.
ڪَئين چانڊوڪيون آيون وييون پر نہ پيارا پاڻ ملياسين،
هاڻ الاجي ڪھڙي رت ۽ ڪھڙي موسم ۾ ملنداسين،
”سوز“ چيو هو.