مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت آل عمران

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-9
وحي جي حقيقت ۽ محڪمات ۽ متشابهات
(١) الف- لام- ميم (٢) الله کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي (جنهن جي ٻانهپ ڪجي) هو“الحي” (سدائين زندهه) ۽ “القيوم” آهي (جنهن جي ئي وسيلي هر شيءِ قائم آهي ۽ پاڻ پنهنجي قيام لاءِ ڪنهن جو به محتاج ناهي). (٣) هن (الله تعاليٰ) توتي ڪتاب قرآن مجيد نازل ڪيو آهي، جنهن ۾ حقيقت ۽ سچائي آهي ان کان اڳي جيڪي به ڪتاب نازل ٿي چڪا آهن تن جي تصديق ڪندڙ آهي. تورات ۽ انجيل نازل فرمايو. (٤) ۽ الله تعاليٰ اڳين ماڻهن جي هدايت وانگر پڻ فرقان (يعني نيڪ ۽ بد ۽ حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق ڪرڻ واري سمجهه ۽ قوت) نازل ڪيو. جيڪي ماڻهو الله جي آيتن کان انڪار ٿا ڪن (حق کي ڇڏي باطل سان شامل ٿا ٿين) انهن کي (سندن ڏانهن عملن جي عيوض) سخت عذاب ملڻو آهي ۽ الله تعاليٰ سڀني تي غالب آهي ۽ (گنهگارن کي) سزا ڏيڻ وارو آهي. (٥) بلاشبه الله تعاليٰ کان ڪابه شيءِ ڳجهي ناهي اها شيءِ زمين ۾ هجي، توڙي آسمان ۾ (ته به الله تعاليٰ کي ان جو علم آهي). (٦) اهوئي آهي جو جهڙيءَ طرح چاهي ٿو تهڙيءَ طرح ماءُ جي پيٽ ۾ اوهان جي صورت (جسم عضوا اکيون وغيره) بنائي ٿو. يقيناً هن کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي. هو غالب ۽ طاقت وارو آهي، (جنهن جي حڪم سان سڀ ڪجهه ظهور ۾ اچي ٿو) ۽ وڏي حڪمت وارو آهي (جو ٻار جي پيدا ٿيڻ کان اڳي پيٽ ۾ ئي ان جا سڀ عضوا بنائي تيار ڪري ٿو). (٧) اي پيغمبر! اهوئي (حي ۽ قيوم) آهي، جنهن توتي ڪتاب قرآن مجيد نازل ڪيو آهي. ان ۾ ڪي آيتون محڪم آهن (جن جي معنيٰ ظاهر ۽ چٽي آهي) اهي آيتون قرآن مجيد جو اصل ۽ بنياد آهن. ٻيون آهن متشابهات (جن جي معنيٰ اسان لاءِ چٽي ٿي نه ٿي سگهي). پوءِ جن ماڻهن جي دلين ۾ ڏنگائي ڦڏائي آهي، اهي (محڪم آيتن کي ڇڏي) انهن آيتن جي پٺيان پون ٿا جي الله جي ڪتاب ۾ متشابه آهن. هن غرض سان ته فتنو پيدا ڪن ۽ انهن جي حقيقت ڳولي لهن، پر انهن جي حقيقت الله کان سواءِ ڪوبه ڪونه ٿو ڄاڻي، پر جيڪي ماڻهو علم ۾ پڪا آهن، اهي (متشابهات جي پوئنا نٿا پون اهي) چون ٿا ته، اسان انهن تي ايمان رکون ٿا، ڇو ته اهي سڀ اسان جي پروردگار جي طرف کان آيل آهن. حقيقت هيءَ آهي ته (حق جي تعليم مان) نصيحت اهي ٿا وٺن جي عقل ۽ سمجهه وارا آهن. (٨) (اهي عقل وارا هميشه هيئن چوندا آهن ته) اي اسان جا پروردگار! اسان کي جو سنئين رستي تي لڳايو اٿئي سو ائين نه ڪجانءِ جو اسان جون دليون وري بگڙي پون ۽ اسان کي پاڻ وٽان رحمت عطا ڪر، يقناً تون ئي سڀني کان وڏو نعمتون ڏيندڙ آهين. (٩) اي اسان جا پروردگار! اسان کي هن ۾ ڪجهه به شڪ ڪونهي ته تون يقيناً هڪڙي ڏينهن سڀني ماڻهن کي جمع ڪرڻ وارو آهين. يقيناً الله تعاليٰ پنهنجي واعدي جي خلاف نٿو وڃي.

رڪوع٢ آيت 10-تا-20
ڪافرن جي هلت ۽ نتيجو، مؤمنن جي حالت ۽ نتيجو
(١٠) جن ماڻهن (سچائي ۽ نيڪيءَ جي واٽ ڇڏي) ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي (ياد رکن ته) کين الله جي پڪڙ کان نڪي سندن دولت ڇڏائي سگهندي، نڪي اولاد (جي دنيا ۾ ته ڪجهه نه ڪجهه مدد ڪن ٿا) اهي عذب جي باهه جو ٻارڻ ٿيندا. (١١) انهن ماڻهن جو به اهوئي رستو آهي جو فرعون جي جماعت جو هو ۽ انهن کان اڳوڻن ماڻهن جو هو، انهن الله تعاليٰ جي آيتن کي ڪوڙو ڪوٺيو، تنهن ڪري الله تعاليٰ سندن گناهن ۽ بدعملن جي ڪري کين به پڪڙ ڪندو. بيشڪ الله تعاليٰ گناهن جي سزا ڏيڻ ۾ تمام سخت آهي. (١٢) (اي منهنجا رسول!) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي تن کي چئو ته توهان به مغلوب ٿيندؤ ۽ جهنم ڏانهن ڌڪجي ويندؤ. اهو ڪهڙو نه خراب هنڌ آهي. (١٣) بيشڪ يقيناً اوهان لاءِ انهن ٻن لشڪرن ۾ (حق جي فتح جي) وڏي نشاني هئي جي (بدر جي ميدان ۾) هڪ ٻئي جي سامهون ٿيا هئا. هڪ طرف اها (ننڍڙي) جماعت هئي جا الله جي راهه ۾ وڙهي رهي هئي. ٻي ٽولي حق جي منڪرن جي هئي جن کي مسلمان پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا هئا ته کانئن ٻيڻا آهن، (تنهن هوندي به حق جي منڪرن کي سخت شڪست آئي) الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي مدد پهچائي ٿو. بيشڪ جن ماڻهن کي ڏسڻ جون اکيون آهن (۽ سمجهه اٿن) انهن لاءِ هن معاملي ۾ وڏي عبرت (۽ نصيحت) رکيل آهي. (١٤) انسان جي لاءِ مرد ۽ عورت جي لاڳاپي ۾، اولاد ۾، سون چاندي جي دولت ۾، چونڊ گهوڙن ۾، ڍورن ڍڳن ۾، پوکن ۽ باغن ۾ دل جي خوشي زينت آهي (فطرتاً توهان کي به انهن جي خواهش آهي ۽ ان ۾ گناهه ڪونهي) پر هي سڀ دنيوي زندگيءَ جو متاع آهي ۽ بهتر مڪان ته الله تعاليٰ وٽ آهي. (١٥) (اي پيغمبر!) هنن کي چئو ته مان توهان کي ٻڌايان ته زندگيءَ جي انهن فائدن کان به بهتر اوهان جي لاءِ ڇا آهي؟ ياد رکو ته جي ماڻهو متقي آهن انهن جي لاءِ الله تعاليٰ وٽ (دائمي نعمتن جا) باغ آهن جن وٽان نهرون وهي رهيون آهن (تنهن ڪري سڪندا ڪونه) هو هميشه انهن باغن ۾ رهندا. پاڪ زالون هنن سان گڏ هونديون ۽ (سڀني کان وڌيڪ هي ڳالهه ته) الله جو راضپو هنن کي حاصل ٿيندو ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ پنهنجي بندن جو حال ڏسي رهيو آهي. (١٦) (متقي انسان اهي آهن) جي چون ٿا ته اي اسان جا پروردگار! اسان توتي ايمان آندو آهي، پوءِ اسان جا گناهه بخش ۽ جهنم جي عذاب کان اسان کي بچائجانءِ. (١٧) اهي (تڪليفن ۽ مصيبتن ۾) صبر ڪرڻ وارا، (قول ۽ عمل ۾) سچا، نياز نوڙت سان بندگي ڪندڙ، نيڪيءَ جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ وارا ۽ رات جي پوين گهڙين ۾ (جڏهن دنيائي ماڻهو مزي جي ننڊ ۾ الوٽ هوندا آهن) الله جي حضور ۾ نماز لاءِ اٿي بيهڻ وارا ۽ کانئس بخشش گهرڻ وارا آهن، (اهي آهن متقين جون خصلتون). (١٨) الله تعاليٰ هن ڳالهه جي شاهدي ڏني آهي ته الله کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي هو يگانو آهي ۽ (ڪائنات ۾) عدل سان انتظام رکڻ وارو آهي فرشتا به اها ئي شاهدي ٿا ڏين ۽ علم وارا (جي غور ۽ فڪر ڪندڙ آهن سي) به ساڳي شاهدي ٿا ڏين. بيشڪ هن کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي. هو طاقت ۽ قدرت وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (١٩) بلاشبه اصلي دين الله وٽ فقط اسلام آهي ۽ هي جو اهل ڪتاب سچي علم ۽ وحي اچڻ بعد به اختلاف ڪيا آهن ۽ فرقا ٺاهيا آهن سو رڳو پاڻ ۾ ضد ۽ دشمني ڪرڻ ڪري. (حقيقت ۾ انهن وٽ هڪ ئي دين اسلام جو علم ۽ وحي آيل هو. فرقا پوءِ ٺاهيائون) ۽ ياد رکو ته جيڪڏهن هو الله تعاليٰ جي آيتن کان انڪار ٿو ڪري (۽ هدايت جي بدران گمراهي پسند ٿو ڪري) ته پوءِ الله به حساب وٺڻ ۾ ڍرو ناهي. (٢٠) پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو تو سان بحث جهڳڙو ڪن ته (اي پيغمبر) تون چئي ڏي ته منهنجو ۽ منهنجي پيروي ڪندڙن جو طريقو ته هي آهي ته اسان الله تعاليٰ جي اڳيان اطاعت جو سر جهڪايو آهي (يعني اسان جي راهه خدا پرستيءَ کان سواءِ ٻي ڪابه ڪانهي) ۽ اهل ڪتاب وارن ۽ عرب جي اڻ پڙهيل مشرڪن کان پڇ ته توهان به الله جي اڳيان جهڪو ٿايا نه؟ جيڪڏهن هو به جهڪن ته (سڄو جهڳڙو ختم ٿيو ۽) هنن هدايت جي واٽ ورتي پر جيڪڏهن منهن موڙين ته پوءِ تنهنجو فرض آهي فقط حق جو پيغام پهچائڻ ۽ الله تعاليٰ پنهنجي بندن جي حال کان غافل ناهي، هو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي.

رڪوع ٣ آيت 21-تا-30
گروهه بندي ۽ خانداني فوقيت نه پر ايمان ۽ عمل ڪم ايندو
(٢١) جيڪي ماڻهو الله جي آيتن کان انڪار ٿا ڪن ۽ سندس نبين کي ناحق قتل ٿا ڪن ۽ انهن کي به قتل ٿا ڪن جيڪي حق ۽ عدل جو حڪم ٿا ڏين انهن کي (اي پيغمبر) ٻڌائي ڇڏ ته هنن لاءِ دردناڪ عذاب تيار رکيو آهي. (٢٢) اهي ئي ماڻهو آهن جن جا سڀ عمل ضايع ٿي ويا، نه دنيا ۾ ڪم آين نه آخرت ۾. ۽ ڪوبه هننجو مددگار ڪونه ٿيندو. (٢٣) (اي پيغمبر!) ڇا تو انهن ماڻهن جي حالت نه ڏٺي جن کي خدائي ڪتاب جي علم مان ڪجهه حصو مليو آهي. (يعني يهودين جا علماء) انهن کي خدا جي ڪتاب ڏانهن سڏيو ويو ته اهو ڪتاب انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪري. تڏهن به انهن مان هڪڙيءَ ٽوليءَ منهن ڦيرائي ڇڏيو ۽ حقيقت هي آهي ته خود خدائي ڪتاب کان ئي هنن سڀني جو رخ ڦريل آهي. (٢٤) هنن جي اها حالت هن ڪري ٿي آهي جو هو (بيوقوف سمجهن ٿا ته اسان الله جي پياري قوم آهيون) تنهن ڪري دوزخ جي باهه اسان کي ڪڏهن به نه ڇهندي، ڇو ته اسان نجات يافته قوم آهيون) ۽ جي ڇهندي ته به ڪي ٿورا ڳڻيل ڏينهن (پوءِ صاف ۽ پاڪ ٿي جنت ۾ داخل ٿينداسين) هي جو (خدا تي) هٿراڌو ٺاهيل ڪوڙ ٿا هڻن تنهن ڪوڙ هنن کي دين جي باري ۾ دوکي ۾ وڌو آهي (۽ پاڻ کي پاڻ ٺڳي گمراهه ڪري ڇڏيو اٿن.) (٢٥) پر انهيءَ وقت جو ڇا حال ٿيندو جڏهن قيامت جي ڏينهن جنهن جي اچڻ ۾ ڪوبه شڪ ناهي. اسان هنن کي پاڻ وٽ گڏ ڪنداسين، پوءِ هر نفس جيڪي جيڪي عمل ڪيا هوندا انهن جي مطابق کيس پورو پورو بدلو ملندو ۽ ڪنهن سان به ظلم ڪونه ٿيندو. (٢٦) اي پيغمبر!(تون پنهنجو معاملو الله جي حوالي ڪر ۽) چؤ ته اي منهنجا خدا! جهان جا مالڪ، جنهن کي وڻئي تنهن کي بادشاهي ڏئين ۽ جنهن کان وڻئي تنهن کان کسي وٺين، جنهن کي وڻئي تنهن کي عزت ڏئين ۽ جنهن کي وڻئي تنهن کي ذليل (خوار خراب) ڪرين. سڀ چڱائي تنهنجي ئي هٿ ۾ آهي. بيشڪ تون هر شيءِ تي قادر آهين. (٢٧) تون ئي رات کي ڏينهن ۾ (رفته رفته) گم ٿو ڪرين ۽ ڏينهن کي رات ۾، جانورن کي بي جان شين مان ٻاهر ڪڍين ٿو ۽ بي جان شين کي جانورن مان ٻاهر آڻين ٿو ۽ جنهن کي چاهين ٿو تنهن کي (پنهنجي ڪرم جي خزاني مان) بي حساب رزق ڏئين ٿو. (٢٨) ايمان وارن کي ائين ڪرڻ نه گهرجي جو مؤمنن کي ڇڏي حق جي منڪرن کي پنهنجو دوست ۽ مددگار بڻائين، جيڪو ائين ڪري ٿو سو ياد رکي ته پوءِ هن کي الله تعاليٰ وٽان ڪابه مدد ڪانه ملندي، پر جيڪڏهن اهڙي حالت پيش اچي وڃي جو هنن جي شرارت کان پاڻ بچائڻو پوي ته پوءِ ان حالت ۾ ائين ڪري سگهو ٿا. ياد رکو ته الله تعاليٰ به اوهان کي (پنهنجي پڪڙ ۽ سزا کان) خبردار ڪري رهيو آهي ۽ آخر ته توهان کي الله ڏانهن ئي موٽڻو آهي. (٢٩) (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کي چئو ته جيڪي توهان جي دلين ۾ آهي سو لڪايو، توڙي ظاهر ڪيو، هر حال ۾ الله تعاليٰ ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو، بلڪ جيڪي زمين ۽ آسمان ۾ آهي سوبه ڄاڻي ٿو. الله تعاليٰ هر شيءِ تي قادر آهي. (٣٠) (انهيءَ ڏينهن کي نه وساريو) جنهن ڏينهن هر هڪ انسان ڏسندو ته جيڪي نيڪ عمل هن دنيا ۾ ڪيا هئا سي سندس اڳيان موجود آهن. (يعني انهن جو اجر ملي رهيو آهي) ۽ جيڪي برا عمل ڪيا هئائين اهي به هن جي اڳيان آيا آهن، انهيءَ ڏينهن هو چاهيندو ته هاءِ! جيڪڏهن انهن برن عملن ۽ هن ڏينهن جي وچ ۾ وڏي مدت پئجي وڃي ها ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها! (پر مقرر وقت هٽي نه ٿو سگهي) الله تعاليٰ اوهان کي (پنهنجي پڪڙ ۽ سزا بابت) خبردار ٿو ڪري (انهيءَ لاءِ ته سندس نافرمانيءَ کان بچو) بيشڪ الله تعاليٰ پنهنجي بندن تي ڏاڍو مهربان آهي.

رڪوع ٤ آيت 31-تا-41
بي بي مريم جو تولد، زڪريا کي پٽ يحيٰ جو پيدا ٿيڻ
(٣١) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئو ته، جيڪڏهن توهان سچ پچ الله سان محبت رکو ٿا ته پوءِ منهنجي پيروي ڪيو. (يعني جيڪي الله جا حڪم توهان کي ٻڌايان ٿو تن جي تعميل ڪيو، جيڪڏهن ائين ڪندؤ) ته الله به اوهان سان محبت ڪندو ۽ اوهان جون خطائون معاف ڪندو، الله تعاليٰ وڏو بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي. (٣٢) (اي پيغمبر!) تون چئو ته، الله ۽ سندس رسول جي فرمابرداري ڪيو، پوءِ جيڪڏهن هو پٺي ڏين ۽ منهن موڙين (يعني فرمانبرداري نه ڪن) ته پوءِ الله تعاليٰ به ڪفر ڪرڻ وارن کي پسند نٿو ڪري. (٣٣) انهيءَ ۾ شڪ ناهي ته الله تعاليٰ آدم کي، نوح، کي ابراهيم کي ۽ عمران جي گهراڻي کي سڄي دنيا ۾ چونڊي وڌيڪ سرفراز ڪيو. (٣٤) اهو هڪڙو خاندان هو جنهن ۾ هڪڙا ٻين مان پيدا ٿيا ۽ الله تعاليٰ (دعائون) ٻڌندڙ ۽ (مصلحتن جو) ڄاڻندڙ آهي. (٣٥) ڇا ٿيو جو عمران جي زال دعا گهري ته، اي منهنجا پروردگار! منهنجي پيٽ ۾ جيڪو ٻار آهي تنهن کي (دنيا جي ڌنڌن ۽ والدين جي خدمت کان) آزاد ڪري تنهنجي (ديول جي خدمت) لاءِ نذر ٿي ڪريان، سو تون منهنجي طرف کان هي نذر قبول فرماءِ. بيشڪ تون (دعائون) ٻڌندڙ (دل جو حال) ڄاڻندڙ آهين. (٣٦) پوءءِ جڏهن (پٽ جي بدران) ڌيءُ ڄڻيائين تڏهن چيائين ته، اي منهنجا پروردگار! مون کي ته ڌيءُ ڄائي، (هاڻي مان ڇا ڪريان؟) الله تعاليٰ ته بهتر ڄاتو ٿي ته ڇا ڄائو. ڇوڪرو ڪو ڇوڪري وانگر ناهي (عمران جي زال الله تعاليٰ جي حضور ۾ عرض ڪيو ته) مان هن جو نالو مريم رکيو آهي ۽ مان کيس ۽ سندس اولاد کي تنهنجي پناهه ۾ ڏيان ٿي ته تڙيل شيطان (جي وسوسن) کان سلامت رهن. (٣٧) پوءِ مريم کي سندس پروردگار سهڻي قبوليت سان قبول ڪيو ۽ سندس نيپاج ۽ پرورش اهڙي سهڻي ۽ سٺي ڪيائين جو پاڪائيءَ ۾ وڏي ٿي ۽ زڪريا کي (جو ديول جو مجاور هو) سندس سنڀاليندڙ ڪيائين. جڏهن به زڪريا وٽس محراب ۾ ويندو هو (جتي هوءَ عبادت ۾ مشغول هوندي هئي) تڏهن هن وٽ ڪجهه کائڻ جون شيون ڏسندو هو. تنهن تي کانئس پڇندو هو ته، اي مريم! توکي هي شيون ڪٿان مليون؟ هوءَ چوندي هئي ته، خدا وٽان ٿيون ملن. بيشڪ الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي بي حساب رزق ڏئي ٿو. (٣٨) اتي ئي زڪريا پنهنجي پروردگار کان دعا گهري ته، اي منهنجا پروردگار! تون پنهنجي خاص فضل سان مون کي پاڪ اولاد عطا ڪر (جو هن مريم وانگر نيڪ ۽ عابد هجي) بيشڪ تون دعائون ٻڌندڙ ۽ قبول ڪندڙ آهين. (٣٩) پوءِ جڏهن زڪريا محراب ۾ بيهي نماز پڙهي رهيو هو، تڏهن ملائڪن کيس پڪاري چيو ته، الله تعاليٰ توکي يحيٰ جي پيدا ٿيڻ جي خوشخبري ڏئي ٿو (يعني توکي پٽ ڄمندو جنهن جو نالو يحيٰ رکيو وڃي) هو (يحيٰ) خدا جي حڪم سان هڪ پيدا ٿيڻ واري (حضرت عيسيٰ) جي تصديق ڪندڙ، جماعت جو سردار، پارسا (ديندار) ۽ خدا جي صالح ٻانهن مان هڪڙو نبي ٿيندو. (٤٠) زڪريا اهو ٻڌي چيو ته، اي منهنجا رب! مون کي ڪيئن پٽ ڄمندو، مان ته ٺيٺ پوڙهو ٿي ويو آهيان ۽ منهنجي زال به ٻارن ڄڻڻ جي حالت کان لنگهيل آهي؟ الله تعاليٰ فرمايو ته، انهيءَ حالت ۾ به پٽ ڄمندو. الله تعاليٰ جيڪي به چاهي ٿو سو ڪري ٿو سگهي، (ڪابه ڳالهه سندس طاقت کان ٻاهر ناهي). (٤١) تنهن تي زڪريا عرض ڪيو ته اي منهنجا رب! هن بابت منهنجي لاءِ ڪا نشاني ڏي؟ حڪم ٿيو ته، نشاني هي آهي ته ٽن ڏينهن تائين نه ڳالهاءِ، رڳو اشارا ڪم آڻ (يعني روزا رک جيئن ان زماني ۾ دستور هو) ۽ پنهنجي پروردگار کي گهڻو ياد ڪر ۽ صبح توڙي شام سندس حمد وثنا ڪرڻ ۾ مشغول رهه.

رڪوع ٥ آيت 42-تا-54
حضرت عيسيٰ جو پيدا ٿيڻ ۽ نبوت ملڻ بابت سندس والده کي بشارت ملڻ
(٤٢) (جڏهن حضرت مريم وڏي ٿي تڏهن ڪنهن ڏينهن) فرشتن کيس اچي چيو ته، اي مريم! توکي الله تعاليٰ چونڊي سرفراز ڪيو آهي (براين جي گندگيءَ کان) پاڪ ڪيو آهي ۽ سڄي دنيا جي عورتن کان وڌيڪ ڀلارو ڪيو آهي. (٤٣) اي مريم! هاڻي تون پنهنجي پروردگار جي عبادت وڏي نياز ۽ نماڻائيءَ سان ڪر ۽ رڪوع ۽ سجدو ڪرڻ وارن سان گڏ تون به رڪوع ۽ سجدو ڪندي رهه. (٤٤) (اي پيغمبر!) هي خبرون غيب جي خبرن منجهان آهن جي اسان توکي وحي جي وسيلي ٻڌايون ٿا، (نه ته توکي ڪيئن خبر پوي ها) تون ته انهيءَ وقت انهن ماڻهن وٽ ڪونه هئين، جڏهن (ديول جا مجاور) پنهنجا پنهنجا قلم اڇلائي رهيا هئا ته (ڪڻا وجهي فيصلو ڪن ته) ڪير مريم جو سنڀاليندڙ ٿئي. نڪي تون انهيءَ وقت موجود هئين جڏهن (مريم جي سنڀال ڪرڻ لاءِ) پاڻ ۾ جهڳڙو ڪري رهيا هئا. (٤٥) پوءِ ڇا ٿيو جو فرشتن اچي چيو ته، اي مريم! بيشڪ الله تعاليٰ توکي پنهنجي ڪلام جي وسيلي (پٽ جي) خوشخبري ٿو ڏئي. هن جو نالو ٿيندو عيسيٰ مسيح ابن مريم. هو دنيا ۽ آخرت ۾ نيڪ بخت هوندو ۽ الله تعاليٰ جي خاص مقربن (ويجهڙن) مان هوندو. (٤٦) هو ننڍپڻ توڙي وڏي عمر ۾ ماڻهن کي واعظ ۽ نصيحت ڪندو ۽ خدا جي صالح ٻانهن مان هوندو. (٤٧) مريم (هي ٻڌي عجب ۾ اچي) چيو، اي منهنجا رب! مونکي ڪنهن مرد ڇهيو به نه آهي. الله تعاليٰ فرمايو ته (اهڙي طرح) الله تعاليٰ جيڪي چاهي ٿو سو پيدا ڪري ٿو. هو جڏهن ڪنهن شيءِ کي پيدا ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو تڏهن ان بابت رڳو حڪم ڪري ٿو ته “ٿي پئه”، ته پوءِ اها شيءِ ظهور ۾ اچي وڃي ٿي. (٤٨) ۽ (اي مريم! الله تنهنجي انهيءَ پٽ کي) ڪتاب ۽ حڪمت سيکاريندو ۽ پڻ تورات ۽ انجيل جو علم ڏيندو. (٤٩) ۽ کيس بني اسرائيلن جي لاءِ رسول ڪري موڪليندو (هو کين چوندو) ته مان توهان جي پروردگار جي نشاني وٺي توهان ڏي آيو آهيان. مان توهان جي لاءِ مٽيءَ مان پکيءَ جي صورت جهڙي شيءِ ٺاهي پوءِ ان ۾ ڦوڪ ڏيان ته اها الله جي حڪم سان پکي ٿي پوندي ۽ الله جي حڪم سان انڌن ۽ ڪوڙهين کي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيان ۽ مردن کي زندهه ڪري ڇڏيان ۽ جيڪي جيڪي توهان کائو ٿا ۽ پنهنجي گهرن ۾ گڏ ڪري رکو ٿا اهو سڀ توهان کي ٻڌائي ڇڏيان ۽ جيڪڏهن سچ پچ توهان ايمان وارا آهيو ته پوءِ يقيناً هنن ڳالهين ۾ اوهان جي لاءِ وڏي نشاني آهي. (٥٠) ۽ (مان انهيءَ لاءِ اوهان تي رسول ڪري موڪليو ويو آهان ته) تورات جيڪو منهنجي اڳيان موجود آهي تنهن جي تصديق ڪيان ۽ ڪي شيون جيڪي توهان تي حرام ٿي ويون آهن، انهن کي اوهان لاءِ حلال ڪيان ۽ ڏسو مان توهان جي پروردگار جي نشاني وٺي توهان ڏي آيو آهيان، (جنهن جي خبر پاڪ ڪتابن ۾ ڏنل آهي) انهيءَ لاءِ ته توهان الله جو خوف رکو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو. (٥١) الله منهنجو ۽ اوهان سڀني جو پروردگار آهي تنهن ڪري فقط انهيءَ جي بندگي ڪريو. اهوئي دين جو سڌو رستو آهي. (انهيءَ خوشخبريءَ موجب حضرت عيسيٰ پيدا ٿيو ۽ هن بني اسرائيلن ۾ اهو واعظ ۽ نصيحت شروع ڪري ڏني). (٥٢) پوءِ جڏهن حضرت عيسيٰ بني اسرائيلن ۾ (سندس دعوت جي خلاف) ڪفر محسوس ڪيو تڏهن پڪاري چيائين ته، ڪير آهي جو الله جي راهه ۾ منهنجو مددگار ٿيندو؟ تنهن تي حوارين (جن مٿس سچو ايمان آندو هو) چيو ته، اسان الله جي ڪم ۾ مددگار رهنداسين. اسان مٿس ايمان ٿا آڻيون ۽ (اي حق ڏانهن سڏيندڙ) تون شاهد رهه ته، اسان سندس فرمانبرداريءَ ۾ سر جهڪائيندڙ آهيون. (حواري بلڪل ٿورا ۽ مسڪين حال هئا.) (٥٣) (هنن هي به چيو ته) اي اسان جا پروردگار! جيڪي تو نازل ڪيو آهي تنهن تي اسان جو ايمان آهي ۽ اسان تنهنجي رسول جي پيروي ڪئي آهي، پوءِ تون اسان کي به انهن ماڻهن ۾ شمار ڪر جي حق جي شاهدي ڏيڻ وارا آهن. (٥٤) (۽ پوءِ يهودين حضرت عيسيٰ جي خلاف) مڪر ڪيا (يعني مخفي ۽ باريڪ طريقا مخالفت جا ڪم ۾ آندا) ۽ خدا به اهڙائي طريقا ڪم آندا (يعني مسيح جي حفاظت لاءِ لڪل وسيلا پيدا ڪيا) ۽ بيشڪ (الله تعاليٰ ڪنهن کي بچائڻ گهري ته) مخفي طريقا ڪم آڻڻ ۾ کانئس بهتر ڪوبه ڪونهي.

رڪوع ٦ آيت 55-تا-63
حضرت عيسيٰ جي خدا جي طرفان حفاظت، عيسائين جو اعتقاد ته حضرت عيسيٰ خدا جو پٽ آهي.
(٥٥) ڏسو الله تعاليٰ فرمايو ته، اي عيسيٰ! مان تنهنجا ڏينهن پورا ڪندس، توکي پنهنجي طرف کڻي وٺندس، تنهنجي منڪرن (جي تهمتن) کان توکي پاڪ ڪندس ۽ جن ماڻهن تنهنجي پيروي ڪئي آهي تن کي قيامت تائين تنهنجي منڪرن کان بلند ۽ بالا رکندس ۽ آخر سڀني کي منهنجي ئي طرف موٽڻو آهي، پوءِ انهن ڳالهين جو فيصلو ڪندس جن ۾ ماڻهو هڪ ٻئي سان اختلاف ڪندا رهيا آهن. (٥٦) پوءِ جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي تن کي دنيا توڙي آخرت ۾ سخت عذاب ڪندس ۽ (الله جي عذاب کان بچائڻ ۾) ڪوبه هنن جو مددگار ڪونه ٿيندو. (٥٧) پر (ان جي ابتڙ) جن ماڻهن ايمان آندو آهي ۽ صالح عمل به ڪيا اٿن، ان کي انهن جو پورو پورو اجر ملندو ۽ الله تعالي ظلم ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري. (٥٨) (اي پيغمبر!) اهي الله تعاليٰ جون آيتون ۽ وڏي حڪمت وارا حڪم ۽ پيغام آهن جي اسان توکي ٻڌائي رهيا آهيون. (٥٩) الله وٽ حضرت عيسيٰ جو مثال ائين آهي جيئن حضرت آدم جو، جنهن کي الله تعاليٰ مٽيءَ مان پيدا ڪيو ۽ پوءِ حڪم ڪيائين ته ٿيءُ ته پوءِ (جيئن الله تعاليٰ جو ارادو هو تيئن) ٿي پيو. (٦٠) (اي پيغمبر! حضرت عيسيٰ جي انسان هجڻ بابت جيڪي توکي چيو ويو آهي سو) تنهنجي پروردگار جي طرف کان حق آهي. تنهن ڪري متان شڪ آڻيندڙن منجهان ٿئين. (عيسائي حضرت عيسيٰ کي خدا ڪري مڃن ٿا، پر هو انسان هو.) (٦١) پوءِ جيڪي (عيسائي) توسان هن باري ۾ جهڳڙو ڪن هن کان پوءِ به جڏهن ته علم ۽ يقين تو وٽ اچي چڪو آهي، ته پوءِ انهن کي چئو ته، (مونکي حضرت عيسيٰ جي انسان هجڻ جو علم اچي چڪو آهي، پر جيڪڏهن توهان کي سندس خدا هئڻ جو يقين آهي ته) اچو (هيئن فيصلو ڪريون). اسان ٻئي ڌريون (ميدان ۾ نڪرون ۽) پنهنجي پنهنجي پٽن ۽ عورتن کي سڏيون ۽ اسان پاڻ به شريڪ ٿيون. پوءِ عجز ۽ نياز سان خدا جي حضور ۾ التجا ڪريون ته، (اسان ٻنهي ڌرين مان جنهن جي دعويٰ ڪوڙي هجي تن) ڪوڙن تي خدا جي لعنت هجي. (٦٢) (اي پيغمبر!) هي جو بيان ڪيو ويو سو بلاشڪ حق جو بيان آهي ۽ ڪوئي معبود ڪونهي سواءِ هڪ الله جي ۽ يقيناً اهوئي آهي جو سڀ طاقت رکندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (٦٣) پوءِ جيڪڏهن اهي (عيسائي مباهله واروفيصلو به) قبول نه ڪن ته پوءِ الله تعاليٰ يقيباً مفسد (خرابيون ڪندڙن) جو حال چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي.

رڪوع ٧ آيت 64-تا-71
اهل ڪتاب کي حق جي دعوت ۽ سندن هلتون
(٦٤) (اي پيغمبر!) تون (يهودين ۽ عيسائين کي) چئو ته، اي اهل ڪتاب (اختلاف واريون ڳالهيون ڇڏي ڀلا) هن ڳالهه تي اچو جا توهان ۽ اسان وٽ هڪجهڙي قبول پيل آهي، ته الله کان سواءِ ڪنهن جي به ٻانهپ نه ڪيون ۽ ڪنهن به هستيءَ کي ساڻس شريڪ نه ٺهرايون ۽ اسان مان هڪڙو انسان ڪنهن ٻئي انسان سان اهڙي هلت نه هلي جو گويا خدا کي ڇڏي ان کي پنهنجو رب بڻايو اٿس. پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو (انهيءَ ڳالهه تي عمل ڪرڻ کان به) ڦري وڃن ته پوءِ توهان (مسلمان) کين چئي ڏيو ته شاهد رهو ته (توهان ئي انڪاري آهيو) اسان ته خدا جي اڳيان سر جهڪائڻ وارا آهيون. (٦٥) اي اهل ڪتاب! توهان حضرت ابراهيم بنسبت جو جهڳڙو ڪري رهيا آهيو؟ (ته هن جو طريقو يهودين جو طريقو هو يا نصرانيت جو طريقو هو) حالانڪ تورات ۽ انجيل (جن جي نالي ۾ اهي جماعتون يهودين ۽ عيسائين جون ٺهيون سي) حضرت ابراهيم کان گهڻو پوءِ نازل ٿيا. (پوءِ جنهن گروهه بنديءَ جو انهي وقت وجود ئي ڪونه هو، تنهن جو پيروي ڪندڙ هو ڪيئن ٿي سگهي ٿو) ڇا توهان (اهڙي سولي ڳالهه به) سمجهي نٿا سگهو؟ (٦٦) ڏسو توهان اهي ماڻهو آهيو، جن انهن ڳالهين متعلق ئي جهڳڙا ڪيا جن بابت (اوهان کي ڪجهه نه ڪجهه) علم هو، پر هن ڳالهه بابت ڇو ٿا جهڳڙو ڪيو جنهن بابت توهان کي ڪجهه به علم ڪونهي. الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، توهان ڪجهه به نٿا ڄاڻو. (٦٧) حضرت ابراهيم نڪي يهودي هو، نڪي نصراني (عيسائي) (نڪي ڪنهن ٻئي گروهه بندي جو پيروي ڪندڙ هو) بلڪ (پنهنجي زماني جي سڀني گمراهين کان) پاڪ، حق تي هلندڙ خدا جو فرمانبردر ٻانهو هو. يقيناً هو مشرڪين منجهان نه هو. (٦٨) حقيقتاً حضرت ابراهيم کي ويجها ماڻهو ته اهي آهن جن سندس پيروي ڪئي ۽ پڻ هي نبي (حضرت ﷺ) ۽ جن مٿس ايمان آندو آهي (سي حضرت ابراهيم کي ويجها آهن، نه اهي جن خدائي دين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري فرقا ٺاهيا آهن ۽ توحيد جي راهه کان هٽي ويا آهن) ۽ ياد رکو ته الله انهن جو مددگار ۽ محافظ آهي، جيڪي سچو ايمان رکن ٿا. (٦٩) (اي ايمان وارؤ) اهل ڪتاب ۾ هڪڙي ٽولي اهڙي آهي جا چاهي ٿي ته اوهان کي حق جي راهه کان هٽائي ڇڏي پر ياد رکو ته، هو توهان کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان توهان کي نه پر خود پاڻ کي گمراهيءَ ۾ وجهي رهيا آهن، اگرچه (جهل ۽ نفسانيت سببان) اها ڳالهه نٿا ڏسن ۽ سمجهن. (٧٠) اي اهل ڪتاب! ڇو ٿا الله جي آيتن کان انڪار ڪيو، جڏهن ته اهي نشانيون ظاهر ظهور ڏسي رهيا آهيون. (٧١) اي اهل ڪتاب! ڇو حق کي باطل جي لباس سان ڍڪي مشتبه ڪري ٿا ڇڏيو ۽ حق کي لڪايو ٿا اگرچه توهان کي خبر به آهي ته حقيقت ڇا آهي.

رڪوع ٨ آيت 72-تا-80
اهل ڪتاب جي متعلق وڌيڪ حقيقتون
(٧٢) اهل ڪتاب ۾ هڪڙي ٽولي آهي جا چوي ٿي ته (مسلمانن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ) هيئن ڪيو جو صبح جي وقت هنن جي ڪتاب تي ايمان آڻيو ۽ شام جي وقت وري انڪار ڪيو. اهڙيءَ طرح ممڪن آهي ته هو (ماڻهن کي اسلام کان ڦرندي ڏسي پاڻ به) ڦري وڃن. (٧٣) ۽ (هو پاڻ ۾ چون ٿا) ته خبردار! انهن ماڻهن کان سواءِ جي توهان جي دين جي پيروي ڪندڙ آهن، ٻئي ڪنهن جي به ڳالهه نه مڃو (اگرچه اها چڱي ڳالهه هجي) تون (اي پيغمبر) انهن ماڻهن کي چئي ڏي ته سچي هدايت ته اها آهي جا الله جي هدايت آهي (اها ڪنهن خاص ٽوليءَ يا خاندان جي ميراث ناهي) (۽ هو هڪ ٻئي کي چون ٿا ته، هيءَ ڳالهه به نه مڃو) ته جهڙو دين اوهان کي ڏنو ويو آهي اهڙو ڪنهن ٻئي انسان کي به مليو هجي يا هي ته توهان جي پروردگار جي حضور ۾ اوهان جي خلاف ڪنهن جي به حجت هلي سگهي ٿي. (اي پيغمبر!) تون کين چئو ته، بيشڪ فضل ۽ ڪرم ته الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي ۽ جنهن کي چاهي تنهن تي پنهنجو فضل ۽ ڪرم ڪري. هو وڏي وسعت رکڻ وارو ۽ سڀني (لائقن ۽ نالائقن کي) ڄاڻڻ وارو آهي. (٧٤) هو جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي پنهنجي رحمت (وحي) جي نزول لاءِ چونڊي ٿو. بيشڪ الله تعاليٰ تمام وڏي فضل ۽ ڪرم وارو آهي. (٧٥) ۽ اهل ڪتاب مان ڪي ته اهڙا ايماندار آهن جو جيڪڏهن سون چانديءَ جو وڏو ڍير انهن وٽ امانت رکو ته هو امانت باسلامت موٽائي ڏيندا. پر انهن ۾ اهڙا به آهن جن وٽ رڳو هڪ رپيو امانت رکو ته به ڪڏهن واپس نه ڪندا، جيستائين ڪه هميشه هنن جي مٿان بيهي (سخت طلبي ڪندا) رهو، اهو هن ڪري ٿيو آهي جو هو سمجهن ٿا ته اميين (اڻ پڙهيل يعني عربن) سان وهنوار ڪندي (ڪهڙي به بي ايماني ڪريون ته) اسان کي پڪڙ ڪانه ٿيندي. هو ڄاڻي ٻجهي الله تعاليٰ تي اهو ڪوڙ ٿا هڻن. (٧٦) ها (هنن کي ضرور پڪڙ ٿيندي، ڇو ته خدا جو قانون آهي ته) جيڪو به پنهنجو قول سچائيءَ سان پاڙيندو ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾ اگرچه غير مذهب وارن سان هجي) پرهيزگار رهندو ته پوءِ بيشڪ الله تعاليٰ انهن کي حب ٿو ڪري جيڪي پرهيزگار آهن. (٧٧) ياد رکو ته، اهي ماڻهو جيڪي دنيائي خسيس قيمت واري فائدي لاءِ الله تعاليٰ سان ڪيل عهد (نيڪ عمليءَ ايمانداري جو) ۽ خود پنهنجا کنيل قسم وڪڻي ڇڏين ٿا (۽ ايمانداري جي عيوض بي ايماني ڪن ٿا) انهن کي آخرت ۾ ڪجهه به نصيب نه ٿيندو، نڪي الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن هنن سان ڳالهائيندو، نڪي هنن ڏي نهاريندو، نڪي هنن کي گناهن جي گندگيءَ کان پاڪ ڪندو (بلڪه) هنن کي سخت عذاب ڏنو ويندو. (٧٨) اهل ڪتاب ۾ (انهن جي عالمن جي) هڪ ٽولي آهي جا الله جو ڪتاب پڙهندي ان ۾ مروڙ سروڙ ڪري (۽ ان جو مطلب ڦيرائي) ٿا ڇڏين. انهيءَ لاءِ ته توهان ائين سمجهو ته جيڪي هو ٻڌائي رهيا آهن، سو الله جي ڪتاب مان آهي. حالانڪ اهو الله جي ڪتاب مان هرگز ناهي ۽ هو ماڻهن کي چون ٿا ته هي الله جي طرف کان آهي، حالانڪ اهو الله جي طرف کان ناهي، هو الله تي ڪوڙ ٿا هڻن ۽ ڄاڻن به ٿا ته ڪوڙ ٿا هڻون. (٧٩) ڪنهن به انسان کي ائين نٿو جڳائي ته الله تعاليٰ هن کي ڪتاب ۽ حڪومت ۽ نبوت عطا فرمائي ۽ پوءِ ماڻهن کي چوي ته خدا کي ڇڏي منهنجا ٻانها ٿيو (يعني خدا جي حڪمن جي عيوض منهنجا ٻانها ٿيو. (يعني خدا جي حڪمن جي عيوض منهنجا حڪم مڃو)، بلڪ گهرجي ته رباني انسان ٿيو (يعني ماڻهن کي حق جي واٽ ڏيکاريو ۽ سندن مربي ٿيو، يعني سندن مددگاري ڪري کين چڱي درجي تي رسايو) اهو هن ڪري جو توهان الله جو ڪتاب سيکاريو ٿا ۽ پڙهڻ پڙهائڻ ۾ مشغول رهو ٿا. (٨٠) ۽ هو (رباني انسان يا نبي) ڪڏهن به اوهان کي اهو حڪم نه ڏيندو ته ملائڪن کي ۽ نبين کي پنهنجو رب بنايو، (يعني جهڙيءَ طرح رب جي اڳيان جهڪو ٿا تهڙيءَ طرح هنن جي اڳيان جهڪو). ڇا ائين ٿي سگهي ٿو ته هو اوهان کي ڪفر ڪرڻ جو حڪم ڏئي؟ حلانڪه توهان مسلم (يعني خدا جي فرمان جا تابعدار) ٿي چڪا آهيو.

رڪوع ٩ آيت 81-تا-91
اصل دين سڀني انسانن ۽ قومن جو هڪ ئي آهي، يعني فطرت جي قانون جي اطاعت
(٨١) ۽ ياد رکو ته، اسان نبين جي باري ۾ (بني اسرائيلن کان) عهد ورتو هو ته اسان توهان کي ڪتاب ۽ حڪمت عطا فرمائي آهي، پوءِ جيڪڏهن ڪو ٻيو رسول انهيءَ ڪتاب جي تصديق ڪندي توهان وٽ اچي جو ڪتاب اڳئي توهان وٽ آيل آهي، ته توهان ان رسول تي ايمان آڻيو ۽ سندس مدد ڪيو. (الله تعاليٰ) فرمايو ته ڇا، توهان هن ڳالهه جو اقرار ڪيو ٿا ۽ ان جو ذمو کڻو ٿا؟ انهن چيو هو ته، هائو! اسان اقرار ڪيون ٿا. (تنهن تي الله تعاليٰ) فرمايو ته انهيءَ تي شاهد ٿيو ۽ مان پاڻ به اوهان سان گڏ انهيءَ تي شاهد آهيان. (٨٢) تنهن ڪري هاڻي جيڪو به اهڙي عهد اقرار ڪرڻ بعد ڦري ويندو (۽ الله جي رسول کي نه مڃيندو) پوءِ يقيناً اهڙا ماڻهو فاسق آهن (يعني حق پرستيءَ کان ٻاهر نڪري ويا آهن). (٨٣) پوءِ اهي ماڻهو ائين ٿا چاهين ڇا ته الله جو دين ڇڏي ٻي ڪا واٽ ڳولي ڪڍن؟ حالانڪ زمين ۽ آسمان ۾ جيڪي به ساهه وارا ۽ بي جان شيون آهن، سڀ خوشي ناخوشيءِ سندن ئي قانون ۽ حڪمت جا تابعدار آهن (سڄي ڪائنات خدائي قانونن تي هلندڙ آهي) ۽ آخر سڀني کي خدا ڏي ئي موٽڻو آهي. (٨٤) (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته اسان ته الله تي ايمان آندو آهي ۽ جيڪي اسان تي نازل ڪيو ويوآهي ۽ جيڪي ابراهيم، اسماعيل، اسحاق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد تي نازل ٿيو تنهن تي به ايمان رکون ٿا ۽ پڻ جيڪي به موسيٰ عيسيٰ ۽ ٻين سڀني نبين کي خدا جي طرف کان مليو آهي، تنهن تي به اسان جو ايمان آهي اسان انهن نبين مان ڪنهن به هڪڙي کي ٻين کان جدا نٿا ڪيون (يعني سڀني کي ٿا مڃون) ۽ اسان خدا جا فرمانبردار ٻانها آهيون. (٨٥) ۽ جيڪو به دين اسلام کان سواءِ (جو سڀني نبين جي تصديق ۽ پيرويءَ جو دين آهي) ٻئي ڪنهن دين جي طلب رکندو ته اهو دين ڪڏهن به قبول نه پوندو ۽ آخرت ۾ هو انهن ماڻهن ۾ هوندو جي تباهه ۽ نامراد ٿيا. (٨٦) الله تعاليٰ ڪيئن اهڙي قوم کي ڪاميابيءَ جي راهه ڏيکاريندو جن ايمان آڻي وري ڪفر جي واٽ ورتي، حالانڪ هنن شاهدي به ڏني هئي ته، الله جو رسول برحق آهي ۽ (حقيقت جا) چٽا دليل وٽن اچي ويا هئا. (الله جو قانون آهي) ته هو ظلم ڪرڻ وارن لاءِ (سعادت جي) راهه نٿو کولي. (٨٧) انهن ماڻهن کي (انهن جي ظلم ۽ شرارت جو) جيڪو بدلو ملندو اهو هي آهي جو انهن تي الله جي، فرشتن جي، انسانن جي ۽ سڀني جي لعنت پئجي رهي آهي. (٨٨) انهيءَ حالت ۾ هميشه گرفتار رهندا، نڪي هنن جو عذاب هلڪو ڪيو ويندو، نڪي هنن کي مهلت ڏني ويندي. (٨٩) پر جن ماڻهن انهيءَ حالت کان پوءِ به توبه ڪئي ۽ پاڻ کي سڌاريائون (يعني جيڪي ماڻهو بدعمل ڇڏي نيڪ عملي جي راهه اختيار ڪندا تن کي الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان اڳيان گناهه معاف ڪندو ۽ آئنده لاءِ لعنت واري حالت مان ڪڍي رحمت ۾ داخل ڪندو). (٩٠) پر جن ماڻهن ايمان کان پوءِ ڪفر اختيار ڪيو ۽ پنهنجي ڪفر (جي شرارتن) ۾ وڌندا رهيا ته پوءِ اهڙن ماڻهن جي پشيماني قبول ڪانه پوندي. (ڇو ته سچي توبه انهن کي نصيب ئي نه ٿيندي) ۽ اهي ئي ماڻهو آهن جي سچ پچ گمراهه آهن. (٩١) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ڪفر تي قائم رهيا تن مان ڪوبه (قيامت جي ڏينهن) سڄي ڌرتي جيترو سون فديي طور ڏئي ته به اهو فديو قبول نه پوندو (۽ هن کي پنهنجي بدعملن جي ڪري) سخت عذاب ٿيندو ۽ ڪوبه (عذاب کان بچائڻ ۾) هنن جو مددگار ڪونه هوندو.

حصو چوٿون
رڪوع ١٠ آيت 92-تا-101
مسلمانن کي يهودين جي گمراهين بابت خبردار ڪرڻ
(٩٢) توهان نيڪيءَ جي درجي کي ڪڏهن به پهچي نٿا سگهو، جيستائين توهان (خدا جي راهه ۾) خرچ نه ڪيو ان مان جنهن سان توهان کي محبت آهي. جيڪي جيڪي توهان (خدا جي راهه ۾) خرچ ڪيو ٿا سو بلاشبه الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو (۽ ان جو اجر ڏئي ٿو). (٩٣) کائڻ جون سڀ شيون بني اسرائيلن لاءِ حلال هيون، سواءِ انهن شين جي جيڪي تورات جي نازل ٿيڻ کان به اڳي بني اسرائيل پاڻ تي پاڻ حرام ٺهرايون هيون (انهن شين کي خدا حرام ڪونه ڪيو هو. اي پيغمبر! جيڪڏهن هن باري ۾ يهودي توسان بحث ڪن ته کين) چئو ته جيڪڏهن توهان پنهنجي خيال ۾ سچا آهيو ته تورات کڻي اچو ۽ ان کي کولي پڙهو. (٩٤) پوءِ جيڪي هن (اعلان) بعد به (ساڳئي خيال تي قائم رهندا) ۽ الله تعاليٰ تي بهتان ٻڌندا، اهي ئي ظالم (گنهگار) آهن. (٩٥) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئو ته الله تعاليٰ حق جي ڳالهه ٻڌائي آهي. (توهان بني اسرائيلن کي جيڪڏهن سچائي قبول ڪرڻي آهي ته) توهان حضرت ابراهيم جي طريقي جي پيروي ڪيو (جنهن جي مان دعوت ڏئي رهيو آهيان). اهو طريقو آهي غير کي ڇڏي فقط الله جو ٿي رهڻ، ۽ يقيناً حضرت ابراهيم مشرڪن منجهان نه هو. (٩٦) يقيناً پهريون پهريون گهر(عبادت گاهه) جو انسانن جي لاءِ ٺاهيو ويو، اهو اهوئي آهي جو مڪي معظم ۾ آهي، جو گهڻي برڪت وارو ۽ سڀني انسانن جي لاءِ هدايت جو مرڪز آهي. (٩٧) ان ۾ حق جون چٽيون نشانيون موجود آهن، (جن ان مان هڪ آهي اها) جاءِ جتي حضرت ابراهيم بيهي نماز پڙهي هئي. (مقام ابراهيم اڄ تائين موجود ۽ مشهور آهي. ٻي نشاني هيءَ آهي ته) جيڪو به ان جي حدن ۾ داخل ٿيو سو امن امان ۾ رهيو ۽ (هي به نشاني آهي ته) الله جي طرف کان ماڻهن لاءِ هي ڳالهه به ضروري مقرر ڪئي ويئي ته جيڪو به ان تائين پهچڻ جي طاقت سنڀاري سو ان گهر جو حج ڪري، پوءِ جيڪو به (هن حقيقت مڃڻ کان) انڪار ڪندو (سو پاڻ کي ئي گمراهه ڪري خساري هيٺ آڻيندو) بيشڪ الله تعاليٰ سڄي دنيا کان بي نياز ۽ بي پرواهه آهي. (ڪنهن جي به عبادت وغيره جو محتاج ناهي). (٩٨) (اي پيغمبر انهن کي) چئو ته اي اهل ڪتاب! توهان (ڄاڻي ٻجهي) الله تعاليٰ جي آيتن کان انڪار ڇو ٿا ڪيو؟ جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا تنهن کي الله تعاليٰ ڏسي رهيو آهي. (٩٩) اي اهل ڪتاب! توهان ايمان آڻيندڙن کي خدا جي راهه کان ڇو ٿا روڪيو ۽ کين ڏنگي ڦڏي واٽ وٺائڻ ڇو ٿا چاهيو؟ حالانڪ توهان (حقيقت) ڏسي رهيا آهو. (ياد رکو ته) جيڪي جيڪي عمل توهان ڪيو ٿا، تن بنسبت الله تعاليٰ غافل ناهي. (١٠٠) اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان اهل ڪتاب مان ڪنهن ٽوليءَ جي ڳالهين تي عمل ڪندؤ ته اهي اوهان کي حق جي راهه تان ڦيرائي ڇڏيندا ۽ ايمان آڻڻ بعد وري ڪفر ۾ پئجي ويندؤ. (١٠١) ۽ ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو جو توهان وري ڪفر ڏي موٽي وڃو، جڏهن ته الله جون آيتون اوهان کي ٻڌايون وڃن ٿيون ۽ سندس رسول (اوهان جي رهنمائيءَ لاءِ) اوهان ۾ موجود آهي ۽ ياد رکو ته جيڪو مضبوطيءَ سان الله تعاليٰ ۾ پڪو ايمان رکي ٿو تنهن کي يقيناً سڌيءَ واٽ تي هلڻ جي هدايت ملي ويئي. (ان جي ٿڙڪي وڃڻ جو انديشو ڪونهي).

رڪوع ١١ آيت 102-تا-109
مؤمنن جي پاڻ ۾ ڀائپي ۽ محبت ۽ هڪ ٻئي کي حق جي دعوت ڏيڻ
(١٠٢) مؤمنؤ! الله کان ڊڄو، اهڙو ڊڄو جهڙو سچ پچ ڊڄڻ چئجي ۽ دنيا مان رحلت ڪري وڃو تنهن کان اڳي پڪا مسلمان ۽ خدا جي فرمانبرداريءَ تي ثابت قدم ٿي وڃو. (١٠٣) ۽ (اي مؤمنؤ!) سڀ ملي هڪ ٿي الله جي رسيءَ کي مضبوط جهليو ۽ جدا جدا نه ٿيو ۽ الله تعاليٰ جي اوهان تي اها نعمت ياد رکو جو ڪڏهن ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا دشمن هئو، پر (هاڻي) الله تعاليٰ اوهان جون دليون محبت ۾ ڳنڍي ڇڏيون آهن ۽ سندس فضل ۽ ڪرم سان هڪ ٻئي جا ڀائر ٿي ويا آهيو. توهان جي حالت ته هي هئي جو توهان باهه سان ڀريل اونهيءَ کڏ جي ڪناري تي بيٺا هئو (ذرو به پير ترڪيو ته ڌو باهه ۾). پر الله تعاليٰ توهان کي ان کان بچائي ورتو. اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ پنهنجون آيتون (حڪم ۽ نشانيون) چٽيون ڪري ٻڌائي ٿو، انهيءَ لاءِ ته من توهان (سعادت جي) راهه وٺو. (١٠٤) ۽ ڏسو تمام ضروري ڳالهه هيءَ آهي ته توهان ۾ هڪ جماعت (هرهڪ ڳوٺ ۽ هرهڪ محلي ۾) اهڙي هجي جا نيڪيءَ جي راهه جي دعوت ڏيندڙ هجي، نيڪ ڪمن ڪرڻ جو حڪم ڏئي ۽ براين کان روڪي يقيناً اهي ئي ماڻهو ڪامياب ٿيندا (دنيا ۾ توڙي آخرت ۾). (١٠٥) (اي مؤمنو! متان انهن ماڻهن (يهودين) وانگر ٿيو جي (خدا جي دين تي هڪ ٿي رهڻ بدران) جدا جدا ٿيا ۽ اگرچه وٽن (الــــــــٰهي ڪتابن جا) روشن دليل اچي چڪا هئا، تڏهن به هڪ ٻئي سان اختلاف ڪيائون. يقين ڪيو ته اهي ئي ماڻهو آهن جن جي لاءِ وڏو سخت عذاب آهي. (١٠٦) انهيءَ ڏينهن ڪيترائي چهرا نور سان چمڪندا ۽ ڪيترائي ڪارا ٿي ويندا (يعني نيڪ ماڻهو نعمتن ۾ هوندا ۽ بدڪار مصيبتن ۽ عذاب ۾ گرفتار هوندا) پوءِ جن ماڻهن جا چهرا ڪارا ٿي ويندا انهن کي انهيءَ ڏينهن چيو ويندو ته، ڇا توهان ايمان آڻي پوءِ وري ڪفر جي واٽ ورتي؟ چڱو هاڻي (پنهنجي ڪفر جي بدعملن جي عيوض ۾) عذاب جو مزو چکو. (١٠٧) ۽ جن ماڻهن جا چهرا چمڪندا، اهي الله جي رحمت جي ڇانو ۾ هوندا ۽ هميشه الله جي رحمت هيٺ رهندا. (١٠٨) (اي منهنجا پيغمبر!) اهي الله جون آيتون (نشانيون ۽ حڪم) آهن جي اسان حق سان توکي ٻڌائي رهيا آهيو ۽ الله تعاليٰ دنيا جي ماڻهن تي ظلم ڪرڻ نٿو چاهي (بلڪ سچي حڪمت ٿو سيکاري ۽ مفيد حڪم ٿو ڏئي ته انهن جي تعميل ڪري دنيا ۽ آخرت ۾ خوشحال ۽ ڪامياب ٿين). (١٠٩) ۽ جيڪي به آسمان ۽ زمين ۾ آهي سو سڀ الله ئي جو آهي ۽ سڀ ڳالهيون آخر الله تعاليٰ ڏي موٽڻ واريون آهن (۽ هوئي مناسب فيصلا ڪندو ۽ جزا ۽ سزا ڏيندو).
رڪوع ١٢ آيت 110-تا-120
بهترين قوم اها هي جيڪا نيڪين جو حڪم ڏئي ۽ برائين کان روڪي.
(١١٠) (اي مسلمانو) توهان سڀني امتن کان بهتر امت آهيو، جو توهان ماڻهن جي (سڌاري) لاءِ نڪري نروار ٿيا آهيو ۽ توهان نيڪيءَ جو حڪم ڏيڻ وارا ۽ براين کان روڪڻ وارا آهيو ۽ الله تي (سچو) ايمان رکڻ وارا آهيو ۽ جيڪڏهن اهل ڪتاب به (مخالفت جي عيوض) ايمان آڻين ها ته سندن لاءِ وڏو فائدو ۽ چڱائي ٿئي ها (۽ هوئي جهان جي سڌاري جو ڪم ڪن ها) انهن ۾ اهڙا به آهن جي ايمان وارا آهن، پر وڏو تعداد انهن ماڻهن جو آهي جي بي فرمان ۽ حق جي راهه کان ٻاهر ويندڙ آهن. (١١١) هو (اهل ڪتاب ڪيتري به اوهان جي مخالفت ڪن ته به) ٿوري ايذاءُپهچائڻ کان سواءِ توهان کي ڪو وڏو ضرر پهچائي ڪونه سگهندا ۽ جيڪڏهن هو توهان سان لڙائي ڪندا ته پٺي ڏيئي ڀڄندا ۽ ڪڏهن به فتح مند نه ٿيندا. (١١٢) هنن (يهودين) تي جتي به هجن ذلت ۽ خواري ٿي وسي. سواءِ هن (حالت) جي جو خدا جي عهد يا انسانن جي عهد سان کين پناهه ملي هجي. (ٻين جي رحم تي زندگي بسر ڪرڻ به درحقيقت وڏي ذلت آهي) خدا جو غضب پاڻ تي آندائون ۽ محتاجي ۽ بدحالي ۾ گرفتار ٿيا. اهو هن ڪري ٿيو جو هو الله جي آيتن (نشانين ۽ حڪمن) کان انڪار ڪندا هئا ۽ نبين کي ناحق قتل ڪندا هئا. اها (حالت) هن ڪري ٿين جو هو نافرماني ۽ سرڪشي ڪرڻ لڳا هئا ۽ (شرارتن ۾) حدون لتاڙي چڪا هئا. (١١٣) (ائين به) ناهي ته سڀ اهل ڪتاب هڪ جهڙا آهن انهن مان هڪڙي ٽولي اهڙن ماڻهن جي آهي جي هدايت جي واٽ تي قائم آهن، هو رات جو اٿي الله جون آيتون پڙهن ٿا ۽ سندس اڳيان سجدو ڪن ٿا. (١١٤) هو الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي (سچو) ايمان رکن ٿا، نيڪيءَ جو حڪم ڏين ٿا ۽ براين کان روڪين ٿا، چڱاين ۽ چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ تڪڙا قدم کڻن ٿا ۽ سچ پچ صالح ٻانهن منجهان آهن. (١١٥) (سو ياد رکو ته) اهي ماڻهو نيڪ عملن مان جيڪي ڪجهه ڪن ٿا تنهن جو قدر ڪيو ويندو (هنن کي نيڪ عملي جو اجر ضرور ملندو) ۽ جيڪي ماڻهو متقي آهن (يعني خدا جو خوف رکي گناهن کان پرهيز ڪندڙ آهن، اگرچه يهودي عيسائي وغيره هجن) تن جي حال کان الله تعاليٰ بي خبر ناهي. (١١٦) پر بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ۽ نافرمانيءَ جي راهه اختيار ڪئي تن کي سندن مال متاع ۽ آل اولاد، خدا جي عذاب کان بچائي ڪونه سگهندا. اهي دوزخ ۾ پوندا ۽ هميشه ان ۾ رهندا. (١١٧) دنيا جي هن زندگيءَ ۾ هي ماڻهو جيڪي خرچ ڪن ٿا ان جو مثال اهڙو آهي جهڙو ان هوا جو لڳڻ جنهن ۾ پارو هجي. انهيءَ پاري واريءَ هوا انهن ماڻهن جي کيتيءَ کي ساڙي ناس ڪري ڇڏيو، جن ماڻهن (تڪليفون ڪري پوک ته پوکي پر) هڪ ٻئي تي ظلم ڪيا ۽ گناهن جا ڪم ڪيا. (سي تباهه ٿي ويا) الله تعاليٰ مٿن ظلم ڪونه ڪيو پر پاڻ پنهنجي هٿن سان پاڻ تي ظلم ڪيائون. (١١٨) مؤمنؤ! پنهنجن ماڻهن کان سواءِ ٻين کي پنهنجو همراز ۽ حال محرم نه بنايو، (نڪي ٻين تي ڀروسو ۽ اعتماد رکو). هنن ماڻهن جو (يعني دشمنن جو) حال هيءُ آهي جو توهان جي خلاف فتنه انگيزيءَ ۾ گهٽتائي ڪرڻ وارا ناهن. جنهن ڳالهه ۾ اوهان کي نقصان پهچي سا هنن کي وڻي ٿي. هنن جي دشمني هنن جي ڳالهين مان ئي ظاهر آهي پر جيڪي هو دلين ۾ لڪائين ٿا سو ان کان به وڌيڪ آهي. جيڪڏهن توهان کي ڪجهه به عقل آهي (ته ڏسي سگهندؤ) ته اسان توهان جي لاءِ پنهنجون نشانيون چٽيون ڪري ڇڏيون آهن. (١١٩) ڏسو توهان جو حال ته هي آهي جو توهان هنن (دشمنن) سان حب ۽ دوستي ٿا رکو پر هنن جو حال هي آهي جو توهان کي (هڪ گهڙيءَ لاءِ) حب نٿا ڪن. توهان الله تعاليٰ جي سڀني ڪتابن تي ايمان آڻيو ٿا (هنن جي ڪتابن جي به عزت ڪيو ٿا پر هنن جي حالت ابتڙ آهي) هو جڏهن اوهان سان ملن ٿا تڏهن چون ٿا ته اسان به ايمان آندو آهي، پر جڏهن اوهان کان پري اڪيلا ٿين ٿا تڏهن توهان جي خلاف ڪاوڙجي جوش ۾ ڏند ڪرٽڻ لڳن ٿا. (غور ڪيو ته اهڙن دشمنن کي ڪيئن همراز بنائڻ جائز ٿي سگهي ٿو. اي پيغمبر! تون انهن دشمنن کي) چئو ته، (رڳو ڏند نه ڪرٽيو پر) ڪاوڙ جي جوش ۾ پاڻ کي ماري وجهو (ته به جيڪي ٿيڻو هوندو سوئي ٿيندو) ۽ ياد رکو ته جيڪي سينن ۾ لڪل آهي سو به الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو (١٢٠) (اي مؤمنؤ!) توهان کي چڱائي رسي ٿي ته هنن کي ڏک ٿو ٿئي ۽ توهان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته هو ان تي خوشيون ٿا ڪن، (پر ياد رکو ته) جيڪڏهن توهان (مصيبتن ۽ مشڪلاتن ۾ به) صبر ڪندو (يعني خدا جا حڪم بجا آڻيندا رهندؤ) ته پوءِ هنن (دشمنن جا) فريب ۽ حيلا اوهان کي ڪجهه به ضرر نه پهچائيندا. جيڪي به هو ڪن ٿا تنهن کي الله جي قدرت گهيريون بيٺي آهي.

رڪوع ١٣ آيت 121-تا-129
بدر ۽ احد جي جنگين جي نتيجن مان نصيحت.
(١٢١) ۽ (اي پيغمبر اهو وقت ياد ڪر) جڏهن تون صبح جو سويل پنهنجي گهر مان نڪتو هئين ۽ (احد جي ميدان ۾) لڙائي جي لاءِ مؤمنن کي مورچن ۾ وهاري رهيو هئين ۽ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (١٢٢) پوءِ (ڇا ٿيو جو) اوهان مان (يعني مسلمانن مان) ٻن ٽولين ارادو ڪيو ته همت هاري ڇڏين (۽ موٽي وڃن) حالانڪ الله تعاليٰ سندن مددگار هو. ايمان وارن کي ته گهرجي ته (هر حال ۾) الله تعاليٰ تي ڀروسو رکن. (١٢٣) (ياد رکو) ته بيشڪ الله تعاليٰ بدر جي جنگ ۾ اوهان کي فتح ڏني هئي اگرچه توهان تمام ڪريل حالت ۾ هئا. تنهن ڪري توهان خدا کان ڊڄو (۽ سندس نافرماني کان بچو) ته توهان سندس نعمتن جو قدر ڪيو. (١٢٤) (اي پيغمبر! اهو وقت ياد ڪر) جڏهن تون (جنگ جي ميدان ۾) مؤمنن کي چئي رهيو هئين ته ڇا اواهان جي لاءِ هي ڪافي ناهي ته الله (ٽي هزار دشمن جي مقابلي ۾) ٽي هزار فرشتا موڪلي اوهان جي مدد ڪري. (١٢٥) ها بيشڪ! جيڪڏهن توهان صبر ۽ ثابت قدمي ڏيکاريو ۽ تقويٰ جي راهه اختيار ڪيو ۽ دشمن انهيءَ دم توهان تي تڪڙا ڪاهي پون ته اوهان جو پروردگار (رڳو ٽن هزارن ملائڪن سان نه پر) پنج هزار نشان رکندڙ ملائڪن سان اوهان جي مدد ڪندو. (١٢٦) ۽ ياد رکو ته هي ڳالهه جا چئي ويئي سا فقط هن لاءِ ته توهان جي لاءِ (فتح جي) خوشخبري ٿئي ۽ توهان جي دلين کي ان جي وسيلي تسلي ۽ ڏڍ اچي. مدد ۽ فتح فقط الله وٽان ملي ٿي جو سڀني تي غالب ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (١٢٧) ۽ پڻ هن لاءِ ته ڪافرن جي طاقت جو ڪجهه حصو وڍي بيڪار ڪيو وڃي يا هنن کي اهڙو ذليل ۽ خوار ڪيو وڃي جو هو مراد حاصل ڪرڻ کان سواءِ پٺئين پير موٽي هليا وڃن. (١٢٨) (اي پيغمبر!) هن معاملن ۾ (يعني حق جي دشمنن کي بخشڻ يا نه بخشڻ ۾) توکي ڪوئي دخل ڪونهي. (تنهنجو ڪم آهي ماڻهن کي حق جي دعوت ڏيڻ ۽ ڪنهن به حالت ۾ مايوس نه ٿيڻ) هي الله جي هٿ آهي ته جنهن کي وڻيس تنهن کي معاف ڪري ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي عذاب ڏئي، ڇو ته، يقيناً هو ظالم آهن. (١٢٩) جيڪي زمين ۽ آسمان ۾ آهي سو سڀ ڪجهه الله جو آهي، جنهن کي وڻيس تنهن کي بخشي ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي عذاب ڪري (ڪوبه کيس روڪي نٿو سگهي ۽ ياد رکو ته) الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١٤ آيت 130-تا-143
وياج جي منع، متقي اهي آهن جيڪي آسودگي توڙي سڃائيءَ جي حالت ۾ خدا جي راهه ۾ مال خرچ ڪن ٿا.
(١٣٠) مؤمنؤ! وياج نه کائو جو (مور ۾ گڏجي ٿو ته اصل رقم) ٻيڻي چوڻي ٿي وڃي ٿي. الله کان ڊڄو (۽ سندس نافرمانيءَ کان بچو) انهيءَ لاءِ توهان ڪامياب ٿيو (۽ نعمتون حاصل ڪيو). (١٣١) ۽ انهيءَ باهه جي عذاب کان ڊڄو (۽ ان کان بچڻ لاءِ احتياط رکو) جا باهه ڪافرن جي لاءِ تيار رکي ويئي آهي. (١٣٢) ۽ الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪيو، انهيءَ لاءِ ته الله جي رحمت جي لائق ٿيو. (١٣٣) پنهنجي پروردگار جي مغفرت (بخشائش) ڏانهن تڪڙا ڊوڙو ۽ پڻ انهيءَ جنت ڏانهن ڊوڙو جنهن جي پکيڙ ايڏي آهي جيڏي آسمانن ۽ زمينن جي (يعني سڄي ڪائنات جي) ۽ جا جنت متقي انسانن لاءِ تيار رکي آهي. (١٣٤) اهي متقي اهي انسان آهن جيڪي آسودگي توڙي سڃائي جي حالت ۾ (خدا جي راهه ۾) مال خرچ ڪن ٿا ۽ ڪاوڙ کي ضابطي هيٺ رکن ٿا ۽ ماڻهن جا قصور معاف ڪري ڇڏين ٿا. (اهي نيڪ عمل ڪندڙ آهن) ۽ الله تعاليٰ نيڪ عمل ڪندڙن سان محبت ٿو رکي. (١٣٥) ۽ اُهي متقي انسان اُهي آهن جيڪي جڏهن ڪو سخت خراب ڪم ڪري ٿا ويهن يا ڪو گناهه جو ڪم ڪري پنهنجي جانين کي مصيبت ۾ وجهن ٿا تڏهن هڪدم خدا جي يادگيري ڪن ٿا (۽ پنهنجي ضمير جي ملامت محسوس ڪن ٿا) ۽ خدا کان پنهنجي گناهن جي معافي گهرن ٿا ۽ جيڪي گناهه جا ڪم هنن کان ٿي ويا آهن تن تي ڄاڻي ٻجهي قائم نٿا رهن. (بلڪ گناهن کان باز اچن ٿا) ۽ خدا کان سواءِ ڪير آهي جو گناهه بخشي ڇڏي. (١٣٦) انهن ئي جي واسطي انهن جي پردگار جي طرفان معافي ۽ بخشش جو اجر آهي ۽ (دائمي نعمتن جا) باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن. اهي هميشه انهن باغن ۾ رهندا ۽ (ڏسو ته) ڪهڙو نه عمدو اجر آهي جو نيڪ عمل ڪندڙن کي ملندو. (١٣٧) (۽ ڏسو ته) توهان کان اڳي به دنيا ۾ (قومن جي ترقي ۽ تنزل جون) واٽون ۽ قانون ظاهر ٿي چڪا آهن (جن چڱا عمل ڪيا تن ترقي ڪري نعمتون ماڻيون ۽ جن بدعمل ڪيا تن تي مصيبتون نازل ٿيون) پوءِ توهان دنيا جو سير ڪري پنهنجي اکين سان (کنڊر ۽ نشان) ڏسو ۽ معلوم ڪريو ته جن خدا جي حڪمن کي ڪوڙو ٺهرايو (۽ ابتڙ عمل ڪيائون) تن جي پڇاڙي ڪهڙي نه خراب ٿي (۽ بدعملن جي بدلي ۾ ڪهڙيون نه مصيبتون ڏسي برباد ٿي ويا.) (١٣٨) هي ماڻهن جي (بصيرت) لاءِ هڪ چٽو بيان آهي ۽ متقي ماڻهن لاءِ هدايت ۽ نصيحت آهي. (١٣٩) ۽ (ڏسو مشڪلاتن ۽ شڪست جي حالت ۾ به) همت نه هاريو، نڪي غمگين ٿيو. جيڪڏهن توهان سچا مؤمن آهيو ته سڀني کان مٿانهان هوندو. (١٤٠) جيڪڏهن توهان کي (احد جي لڙائيءَ ۾) زخم لڳو آهي ته (غمگين ۽ ملول نه ٿيو) پوءِ تحقيق ٻي ڌر کي به اهڙو زخم رسيو آهي. اهي (فتح شڪست جا) موقعا اسان انسانن ۾ هيڏي هوڏي ڦيرائي رهيا آهيون (توهان همت نه هاريو جو هن حادثي ۾ گهڻيون ئي مصلحتون رکيل آهن) ۽ (اهو سڀ هن لاءِ ٿيو ته هن ڳالهه جي) آزمائش ٿئي ته ڪير سچا مؤمن آهن (۽ ڪير سچا نه آهن) ۽ هن لاءِ ته توهان مان ڪن کي (واقعن جي نتيجن جو) شاهد (ڏسندڙ ۽ سمجهندڙ) ڪجي. الله تعاليٰ ظلم ڪندڙن کي نٿو پسند ڪري. (١٤١) ۽ (هن حادثي ۾ هي به) مصلحت هئي ته الله مؤمنن کي (ڪن ڪمزورين کان) پاڪ ڪري ۽ حق جي منڪرن کي (ڪمزورين کان پاڪ ٿيل طاقتور مؤمنن هٿان) آخر برباد ڪري ڇڏي. (١٤٢) (مسلمانو!) توهان ائين ٿا سمجهو ڇا ته (خالي ايمان جي دعوي ڪري) جنت ۾ داخل ٿي ويندؤ (۽ ايمان ۽ عمل جي آزمائش ئي ڪانه ٿيندي؟) (اڃا ته اهڙو موقعو ئي) ڪونه آيو آهي جنهن سان الله تعاليٰ اوهان کي آزمائي ظاهر ڪري ڏيکاري ته ڪهڙا ماڻهو حق جي راهه ۾ پوري پوري ڪوشش ڪندڙ آهن ۽ ڪهڙا مشڪلاتن ۾ به ثابت قدم رهڻ وارا آهن. (١٤٣) ۽ هي حقيقت آهي ته جيستائين توهان کي موت جي سامهون اچڻو ڪونه پيو هو تيستائين حق جي راهه ۾ مرڻ جي خواهش رکندا هئو (۽ ضد ڪيو هو ته مديني کان ٻاهر نڪري دشمن جو مقابلو ڪريون) پر پوءِ جڏهن موت توهان جي سامهون اچي ويو تڏهن ڏسندي ڏسندي بيهي رهيو.

رڪوع ١٥ آيت 144-تا-148
احد جي جنگ ۾ شڪست کائڻ مان وڌيڪ عبرتون ۽ نصيحتون.
(١٤٤) (حضرت) محمد (ﷺ الله ناهي) فقط الله جو رسول آهي، کانئس اڳي به الله جا رسول ٿي گذريا هن، (جيڪي حق جي دعوت ڏيئي دنيا مان هليا ويا) پوءِ جيڪڏهن هو (حضرت محمدﷺ) هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري (هڪ ڏينهن نيٺ ته رحلت ڪرڻ وارو آهي) يا لڙائيءَ ۾ شهيد ٿئي ته پوءِ توهان حق جي راهه کان پٺئن پير ڦري ويندؤ ڇا؟ جيڪوحق جي واٽ کان پٺئين پير ڦري ويندو اهو (پنهنجوئي نقصان ڪندو) خدا جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهندو. جي ماڻهو شڪر گذار آهن (يعني حق جي نعمتن جو قدر ڪندڙ آهن) تن کي الله تعاليٰ ان شڪر گذاريءَ جو اجر عطا فرمائيندو. (١٤٥) ۽ (ياد رکو ته) خدا جي حڪم کان سواءِ ڪوبه مري نٿو وڃي. هر انسان جي لاءِ هڪ خاص وقت مقرر ڪيل آهي، (موت جي خوف کان توهان جا قدم ڇو پوئتي هٽڻ گهرجن) ۽ جيڪو به ماڻهو دنيا جو فائدو چاهي ٿو تنهن کي اهو ملندو. اسان (حق جي نعمتن جي) ڪندڙن کي (هنن جي نيڪ عملي جو) اجر ضرور ڏينداسين. (١٤٦) ۽ (ڏسو) ڪيترائي نبي سڳورا ٿي گذريا آهن جن لڙايون ڪيون ۽ هنن سان شامل ٿي ڪيترن ئي رباني نيڪ ماڻهن به جنگيون ڪيون. پر ائين نه ٿيو جو خدا جي راهه ۾ جيڪي سختيون هنن کي پيش آيون تن جي سبب کان بي همت ٿيا ۽ نه ائين ٿيو جو ڪمزوري ڏيکاريون، نه ڪي (دشمن جي اڳيان) عاجزي ۽ بيوسي ظاهر ڪيائون. الله تعاليٰ ته انهن کي حب ٿو ڪري (جي سخت مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ به) ثابت قدم رهن ٿا. (١٤٧) ۽ (سختين ۽ مصيبتن ۾ به) هنن جي زبان منجهان هن کان سواءِ ڪو لفظ نه نڪرندو هو ته، اي خدا اسان جا گناهه معاف ڪر، اسان کان اسان جي ڪمن ۾ جيڪي زيادتيون ٿي ويون هجن سي درگذر ڪري ڇڏ. اسان جا قدم حق جي راهه ۾ ڄمائي رک ۽ حق جي منڪر قوم تي اسان کي فتح ڏي. (١٤٨) پوءِ جڏهن ته هنن جي ايمان ۽ عمل جي اها اعليٰ حالت هئي تڏهن (الله تعاليٰ هنن کي دنيا جو به فائدو ڏنو (جو هو فتح مند ٿا، حاڪم ٿيا ۽ آسوده حال ٿيا) ۽ آخرت جوگهڻو وڏو ۽ سٺو فائدو به ڏنو (جو دائمي نعمتن جا حقدار ٿيا) ۽ بيشڪ الله تعاليٰ انهن کي ئي محبت ڪري ٿو جي نيڪ ڪم ڪندڙ آهن.

رڪوع ١٦ آيت 149-تا-155
جلدئي اسان حق جي منڪرن جي دلين ۾ اوهان جي هيبت وجهنداسين
(١٤٩) مؤمنو! جيڪڏهن توهان ڪافرن جي چوڻ تي لڳندؤ (جي توهان کي دشمن جي گهڻائي ۽ طاقت کان ڊيڄارين ٿا) ته (پوءِ ياد رکو ته) هو اوهان کي حق جي راهه کان پوئين پير ڦيرائي ڇڏيندا ۽ اوهان (سعادت جي واٽ ڇڏي) نقصان ۽ تباهي هيٺ ايندؤ. (١٥٠) سو (دشمنن جي گهڻائي ۽ طاقت کان ڊڄي جنگ ڪرڻ کان متان هٽو) توهان جو نگهبان ۽ محافظ الله آهي ۽ هو بهترين مدد ڪندڙ آهي. (١٥١) جلدئي اسان حق جي منڪرن جي دلين ۾ اوهان جي هيبت وجهنداسين، ائين هن ڪري ٿيندو جو هنن الله سان ٻين هستين کي شريڪ ٺهرايو آهي جن لاءِ الله تعاليٰ ڪابه سند نازل نه ڪئي آهي. انهن جي جاءِ آخر دوزخ آهي، ظالمن جي آخري جاءِ (دوزخ) ڪهڙي نه خراب آهي.! (١٥٢) ۽ بيشڪ الله تعاليٰ پنهنجي مدد ۽ فتح جو واعدو اوهان کي سچو ڪري ڏيکاريو، جڏهن توهان سندس حڪم سان دشمنن کي (خدا جي ميدان ۾) ماري ماري ڀڄائي رهيا هئو (فتح توهان جي هئي) پر جڏهن اسان توهان کي (فتح جو جلوو) ڏيکاريو جو توهان کي تمام گهڻو وڻي ٿو تڏهن توهان پاڻ ڪمزوري ڏيکاري ۽ جنگ جي باري ۾ هڪ ٻئي سان جهڳڙو ڪرڻ لڳؤ، (هڪڙي تير اندازن جي ٽوليءَ چيو ته هاڻي مورچي تي بيهڻ ضروري ڪونهي، ٻئي چيو ته ضروري آهي) ۽ آخر (پنهنجي سردار الله جي رسول جي حڪم جي) نافرماني ڪئي. اوهان ۾ ڪي اهڙا هئا جي دنيا جا طالب هئا (دولت جي مال جي پٺيان پيا) ۽ ڪي اهڙا هئا جي آخرت جا طالب هئا (جنگ ۾ ثابت قدم رهيا ۽ شهيد ٿيا) پوءِ اسان به اوهان جو رخ دشمن جي طرف کان ڦيرائي ڇڏيو، انهيءَ لاءِ ته اوهان کي (هن حادثي سان) آزمايون (اهڙيءَ طرح توهان جي فتح بعد اوهان کي شڪست آئي). پر يقيناً الله تعاليٰ توهان جو قصور معاف ڪيو ۽ بيشڪ الله تعاليٰ جو مؤمنن تي وڏو فضل آهي. (١٥٣) (اهو وقت به ياد ڪيو) جڏهن (جنگ مان ڀڄي) مٿاهين ڏانهن چڙهي رهيا هيؤ ۽ (حراس ۾ ايتري قدر گرفتار ٿي ويا جو) رڳو هڪ ٻئي ڏي منهن ڦيرائي نهاريو به ڪين ٿي ۽ الله جو رسول اوهان کي پٺيان پڪاري رهيو هو. (سو جڏهن توهان جو حال اهو هو) تڏهن الله به اوهان کي غم پٺيان غم ڏنو. انهيءَ لاءِ ته (هن حادثي مان عبرت وٺو ۽ آئينده) نڪي انهي لاءِ غم ڪيو، جيڪي اوهان جي هٿن مان هليو ويو هجي، نڪي انهيءَ مصيبت تي غم ڪيو جا اوهان جي مٿان ڪڙڪي. جيڪي جيڪي اوهان ڪيو ٿا تنهن جي الله تعاليٰ خبر رکندڙ آهي. (١٥٤) پوءِ الله تعاليٰ غم بعد اوهان مان هڪ جماعت تي بي خوفي جي ننڊ آندي (يعني دلين کي تسلي ۽ آرام اچي ويو) پر ٻي ٽولي اوهان ۾ اهڙي هئي جن کي انهيءَ وقت به رڳو پنهنجي سر جي اچي لڳي ۽ الله تعاليٰ بابت جاهليت جي زماني وارا غلط ۽ بي جا وهم ۽ گمان ڪرڻ لڳا، اهي ماڻهو چوڻ لڳا ته هن معاملي ۾ اسان کي ڪو اختيار هو ڇا؟ (يعني اسان جي راهه تي عمل ٿئي ها ته اهڙي حالت نه بڻجي ها. هنن کي) چئو ته (نه رڳو هي معاملو) پر سڀئي ڳالهيون الله ئي جي اختيار ۾ آهن. (پر الله تعاليٰ جو قانون آهي ته جهڙا عمل ۽ سبب تهڙا نتيجا نڪرن ٿا) (حقيقت هي آهي ته) جيڪي هنن ماڻهن جي دلين ۾ آهي سو توکان لڪائين ٿا. (هنن جي ائين چوڻ جو اصل مطلب هي آهي) هو چون ٿا ته جيڪڏهن هن معاملي ۾ اسان جي لاءِ فتح هجي ها ته هن طرح هتي اسان جي ماڻهن جو اهڙو قتل نه ٿئي ها. (اي پيغمبر! انهن کي) چئي ڏي ته جيڪڏهن توهان پنهنجي گهرن ۾ ويٺا هجو ها ته به جن کي قتل ٿيڻو هو سي ضرور گَهرن مان نڪرن ها ۽ پنهنجي مارجڻ جي جاءِ تي پهچي وڃن ها ۽ هي (سڀ) انهيءِ لاءِ ٿيو ته جيڪي توهان جي دلين ۾ لڪل آهي، تنهن جي لاءِ الله تعاليٰ اوهان کي آزمائش ۾ وجهي ۽ جيڪي (خراب خيال)اوهان جي دلين ۾ پيدا ٿيا هئا اهي ڪڍي ڇڏي ۽ جيڪي دلين ۾ لڪل آهي سو سڀ ڪجهه الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو. (١٥٥) اوهان مان جن ماڻهن انهيءَ ڏينهن لڙائي ۾ پٺي ڏني هئي، جنهن ڏينهن ٻنهي لشڪرن هڪ ٻئي جو مقابلو ڪيو هو، تن جي انهيءَ غلطيءَ جو سبب هيءُ هو جو جيڪي خطائون هنن ڪيون هيون تنهن مان ڪن خطائن سبب شيطان هنن جا قدم منجهائي ڇڏيا. (ائين نه هو ته هن جي ايمان ۾ خلل هو) الله تعاليٰ هنن جي غلطي معاف ڪئي. يقيناً الله تعاليٰ معاف ڪندڙ ۽ تحمل وارو آهي.

رڪوع ١٧ آيت 156-تا-171
الله جي رستي ۾ ڏنل قرباني کي نه جتايو، مصلح نرم ۽ مهربان هجو، سخت مزاجي ۽ سنگدلي ماڻهن کي ڀڄائي ٿي.
(١٥٦) اي ايمان وارؤ! اوهان انهن وانگر نه ٿيو جن ڪفر جي واٽ ورتي آهي ۽ جڏهن سندن ڀائر ڪنهن سفر تي وڃن ٿا يا لڙائي ڪن ٿا ۽ اهي مري يا مارجي وڃن ٿا ته پوءِ اهي چوڻ لڳن ٿا ته جيڪڏهن هو اسان وٽ هجن ها ته نڪي مرن ها، نڪي مارجن ها. (خدا پرستن جي دلين ۾ اهڙا غلط خيال خطرا نه ٿا اچن ۽ هي ڳالهه جا توهان کي چئي وئي سا هن لاءِ ته) انهيءَ ڳالهه کي (يعني اوهان جي بي خوفي ۽ ايمان جي مضبوطيءَ کي) الله تعاليٰ ڪافرن جي دلين لاءِ حسرت ۽ ارمان بڻائي (ته ڪنهن به حالت ۾ اوهان کي بي همت نه ڪري سگهن. ياد رکو ته) الله ئي زندهه رکندڙ ۽ ماريندڙ آهي ۽ جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا سو سڀ ڪجهه الله تعاليٰ ڏسي ٿو. (١٥٧) ۽ جيڪڏهن توهان الله جي راهه ۾ مارجي ويو يا پنهنجي موت مري ويو ته پوءِ الله تعاليٰ وٽان جيڪا رحمت ۽ بخشش اوهان کي ملندي سا انهن سڀني شين کان گهڻو بهتر آهي جي ماڻهو ميڙي گڏ ڪري رهيا آهن. (١٥٨) ۽ (ياد رکو ته) توهان پنهنجي موت مري وڃو يا مارجي وڃو هر حال ۾ آخر اوهان کي الله وٽ آڻي گڏ ڪيو ويندو. (١٥٩) (اي پيغمبر!) هي الله جي رحمت آهي جو تون هنن ماڻهن سان هيتري قدر نرم ۽ مهربان آهين، جيڪڏهن تون سخت مزاج ۽ سنگدل هجين ها ته ماڻهو تو وٽان ڀڄي هليا وڃن ها (پر تنهنجي نرميءَ ۽ محبت جي ڪري هنن جي دلين کي ڪشش ٿئي ٿي ۽ وڏي شوق ۽ محبت سان تو وٽ اچي ويهن ٿا) پوءِ انهن جا قصورمعاف ڪري ڇڏ ۽ الله کان به انهن لاءِ مغفرت گهر ۽ پڻ وڏن معاملن ۾ هنن سان مشورو ڪر. پوءِ جڏهن ڪو فيصلو ڪري پڪو ارادو ڪيو ته خدا تي ڀروسو رکو (۽ ان ڪم تي ثابت قدم رهو) بيشڪ الله تعاليٰ انهن سان محبت ٿو رکي جيڪي مٿس ڀروسو رکن ٿا. (١٦٠) (مسلمانو!) جيڪڏهن الله تعاليٰ اوهان جي مدد ڪندو ته ڪوبه توهان تي غالب نه پوندو ۽ جيڪڏهن هو اوهان کي ڇڏي ڏيندو ته پوءِ ڪير آهي جو هن جي ڇڏي ڏيڻ بعد اوهان جي مدد ڪري سگهندو؟ تنهن ڪري مؤمنن کي گهرجي ته فقط الله تعاليٰ تي ڀروسو رکن (۽ حق جي راهه تي ثابت قدم رهن). (١٦١) ۽ (ڏسو خدا جي) ڪنهن به نبيءَ کان هيءَ ڳالهه ٿي نٿي سگهي جو (نبوت جي فرضن ادا ڪرڻ ۾) ڪنهن به طرح جي خيانت ڪري.جيڪو به پنهنجي فرض اداين ۾ خيانت ٿو ڪري سو اها خيانت قيامت جي ڏينهن پاڻ سان کڻي ايندو. پوءِ هرهڪ نفس کي سندس عملن جو پورو پورو بدلو ملندو، ڪنهن سان به بي انصافي ڪانه ڪئي ويندي. (١٦٢) پوءِ ڇا جنهن ماڻهو الله جي راضپي واري راهه اختيار ڪئي آهي (۽ اهي ڪم ڪري ٿو جي الله کي پسند آهن) سو انهيءَ ماڻهو وانگر ٿي سگهي ٿو جو (پنهنجي بدعملن سان) الله جو غضب پاڻ تي آڻي ٿو ۽ جنهن جو ٽڪاڻو جهنم جهڙو برو ٽڪاڻو آهي؟ (١٦٣) (نه نه ائين هرگز ٿي نٿو سگهي) الله وٽ ماڻهن جا (جدا جدا) درجا آهن ۽ جيڪي عمل هو ڪن ٿا سي الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڏسي ٿو. (١٦٤) يقيناً الله تعاليٰ مؤمنن تي وڏو احسان ڪيو آهي. جو هنن ۾ هڪڙو رسول موڪليو اٿس جو هنن منجهان ئي آهي، هو کين الله جون آيتون ٻڌائي ٿو، (براين کان) کين پاڪ ڪري ٿو ۽ ڪتاب ۽ حڪمت سيکاري ٿو، حالانڪ هن کان اڳي هو ظاهر ظهور گمراهي ۾ ڦاٿل هئا. (١٦٥) جڏهن (احد جي جنگ ۾) اوهان تي مصيبت اچي ڪڙڪي، انهيءَ کان ٻيڻي مصيبت ته اوهان جي هٿان (بدر ۾) اوهان جي دشمنن تي پيئي هئي، تڏهن توهان چئي ڏنو ته هيءَ مصيبت اسان تي ڪٿان آئي؟ (اي پيغمبر! کين چئو ته) اها مصيبت خود توهان جي هٿئون توهان تي ڪڙڪي (جيڪڏهن توهان همت نه هاريو ها ۽ خدا ۽ رسول جي پوري فرمانبرداري ڪيو ها ته هرگز هي مصيبت نه ڏسو ها) ياد رکو ته الله تعاليٰ هر شيءِ تي قادر آهي. (١٦٦) جيڪا مصيبت اوهان تي انهيءَ ڏينهن آئي جنهن ڏينهن (احد ۾) ٻنهي ڌرين جو مقابلو ٿيوسا مصيبت الله جي حڪم سان آئي (جيئن فتح ۽ شڪست لاءِ سندس قانون ٺهرايل آهن ۽ اها مصيبت انهيءَ لاءِ آئي) ته ظاهر ٿي پوي ته سچي ايمان وارا ڪهڙا آهن؟ (١٦٧) ۽ منافق ڪهڙا آهن (سچ پچ منافق هن موقعي تي پوريءَ طرح ظاهر ٿي پيا) ۽ (جڏهن) کين چيو ويو ته اچو، الله جي راهه ۾ (ٻاهر نڪري) جنگ ڪيو يا (مديني ۾ رهي) دشمنن جي حملي کي روڪيو. (تڏهن) چوڻ لڳا ته جيڪڏهن اسان کي خبر هجي ها ته لڙائي ضرور لڳندي ته اسان (پاڻ کي تيار ڪيون ها ۽) توهان سان ضرور شامل ٿيون ها (اهو ڪوڙو بهانو هو). (يقين ڪيو ته جنهن وقت هنن ائين چيو) تنهن وقت هو ايمان کي اهڙا ويجها نه هئا جهڙا ڪفر کي ويجها هئا. اهي ماڻهو جيڪي زبان سان چون ٿا سو درحقيقت هنن جي دلين ۾ ناهي، جيڪي هو دلين ۾ لڪائين ٿا سو الله تعاليٰ کي چڱيءَ طرح معلوم آهي. (١٦٨) اهي ماڻهو پاڻ ته گهرن ۾ ويهي رهيا پر پنهنجي ڀائرن جي باري ۾ (جي جنگ ۾ مارجي ويا) چون ٿا ته جيڪڏهن اسان جي چوڻ تي لڳن ها ته ڪڏهن به نه مارجي وڃن ها. (اي پيغمبر! تون کين) چئو ته جيڪڏهن توهان سچ پچ (پنهنجي هن خيال ۾) سچا آهيو ته جڏهن موت توهان جي مٿان اچي پوي تڏهن پاڻ تان موت ٽاري ڇڏيو (۽ پنهنجي چالاڪين ۽ دور انديشن سان هميشه زندهه رهو.) (١٦٩) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪي ماڻهو خدا جي راهه ۾ قتل ٿيا آهن، تن بابت ائين نه سمجهه ته هو مري ويا، نه نه هو جيئرا آهن ۽ پنهنجي پروردگار وٽ پنهنجي روزي حاصل ڪري رهيا آهن. (١٧٠) الله تعاليٰ پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان جيڪي کين عطا ڪيو آهي تنهن تي فرحتن ۽ خوشين ۾ آهن ۽ جيڪي ماڻهو انهن جي پٺيان (دنيا ۾) رهجي ويا آهن ۽ اڃا ساڻن نه وڃي مليا آهن، تن بابت به خوشيون ٿا ڪن جو (ڄاڻن ٿا ته) انهن لاءِ به نڪي ڪو خوف آهي، نڪا غمگيني آهي. (١٧١) هو الله تعاليٰ جي نعمتن ۽ فضل تي ڏاڍو خوش آهن ۽ پڻ هن ڳالهه تي ته بيشڪ الله تعاليٰ ايمان وارن (جي عملن) جو اجر ضايع نٿو ڪري.

رڪوع ١٨ آيت 172-تا-180
اسان جو ڪافرن کي مهلت ٿا ڏيون تنهن مان ائين نه سمجهن ته هنن جو خير آهي
(١٧٢) جن ماڻهن الله ۽ سندس رسول جي سڏ تي لبيڪ چئي (۽ جنگ لاءِ وري تيار ٿيا) جيتوڻيڪ (هڪ سال اڳي احد وارو) زخم کائي چڪا هئا تن بابت ياد رکو ته انهن مان جيڪي به چڱا عمل ڪندڙ ۽ متقي (پرهيزگار) آهن تن جي لاءِ تمام وڏو اجر تيار رکيل آهي. (١٧٣) هي اهي ماڻهو آهن جن کي ڪن چيو ته توهان سان (جنگ ڪرڻ لاءِ) دشمن وڏو لشڪر گڏ ڪيو آهي تنهن ڪري خوف رکجو (۽ ٻاهر نڪري ساڻن مقابلي ڪرڻ لاءِ نه وڃجو) پر (اها ڳالهه ٻڌڻ تي ڊڄي وڃڻ بدران) هنن جو ايمان اڃا به وڌيڪ مضبوط ٿيو ۽ هو (بي خوف ٿي) چوڻ لڳا ته اسان جي لاءِ الله ڪافي آهي ۽ جنهن جو ڪارساز الله پاڻ هجي تنهن جو ڪهڙو نه چڱو ڪارساز آهي. (١٧٤) پوءِ (ڇا ٿيو جو مسلمان بي خوف ٿي مقابلي لاءِ نڪتا ۽) الله جي نعمت ۽ فضل سان مالامال ٿي واپس آيا. ڪوبه ايذاءُ کين ڇهي به نه سگهيو. هنن الله جي راضپي واري راهه ۾ قدم کنيو (اهو الله جو فضل هو) ۽ الله وڏي فضل وارو آهي. (١٧٥) (۽ هيءَ جو دشمنن جي ڇاڙتي توهان کي وڏي لشڪر جي ڪوڙي خبر ٻڌائي ڊيڄارڻ ٿي چاهو) اهو شيطان هو جنهن پنهنجي ساٿين بابت توهان کي ڊيڄارڻ ٿي چاهيو، پر جيڪڏهن توهان سچ پچ سچا مؤمن آهيو ته شيطان جي ساٿين کان نه ڊڄو ۽ مون کان ئي ڊڄو. (١٧٦) (اي پيغمبر!) جيڪي ماڻهو ڪفر جي واٽ تي ڊوڙي رهيا آهن (انهن جي حالت ڏسي) غم نه ڪريو. يقين ڪريو ته هو خدا (جي ڪمن کي) هرگز نقصان پهچائي نه سگهندا. (هو پاڻ پنهنجو نقصان ڪري رهيا آهن) الله تعاليٰ چاهي ٿو ته آخرت ۾ هنن جي لاءِ (هنن مان) ڪجهه به حصو نه رکي ۽ هنن جي لاءِ تمام وڏو عذاب آهي. (١٧٧) جن ماڻهن ايمان وڪڻي ڪفر خريد ڪيو آهي سي الله (جي ڪمن) کي ڪجهه به ضرر نه پهچائي سگهندا ۽ هنن جي لاءِ دردناڪ عذاب تيار رکيل آهي. (١٧٨) ۽ اسان جو ڪافرن کي (زندگي ۽ مال متاع ۾) مهلت ٿا ڏيون تنهن مان ائين نه سمجهن ته (ان مهلت ۾) هنن لاءِ چڱائي آهي. اسان هنن کي انهيءَ لاءِ مهلت ٿا ڏيون ته (جيڪڏهن بدعملين کان باز نه اچن ته) پنهنجي گناهن ۾ اڃا به وڌيڪ واڌارو ڪن ۽ آخر هنن کي وڌيڪ ذليل ۽ خوار ڪندڙ عذاب ملندو. (١٧٩) ائين ٿي نٿو سگهي ته الله تعاليٰ ايمان وارن کي انهي ئي حالت ۾ ڇڏي ڏئي جنهن حالت ۾ توهان هاڻي آهيو. الله تعاليٰ ضرور ائين ڪندو جو پليتن (منافقن) کي پاڪن (مؤمنن) کان الڳ ڪري ڏيکاريندو (ته آئينده لاءِ سڃاڻپ ٿئي) ۽ خدا جي سنت اها ناهي ته (هن باري ۾) غيب جي خبر ڏيئي ڇڏي (يعني منافقن جا نالا ٻڌائي) پر بيشڪ الله تعاليٰ پنهنجي رسولن مان جن کي وڻيس تنهن کي هن ڳالهه لاءِ چونڊي ٿو (يعني جيڪي الله تعاليٰ هن باري ۾ چاهيندو سو پنهنجي رسول ﷺ کي ٻڌائيندو) پوءِ (اي منافقو! توهان جي سڌاري لاءِ هي آخري مهلت آهي) الله تي ۽ سندس رسول تي سچو ايمان رکو. جيڪڏهن توهان (هاڻي به) ايمان آڻيندؤ ۽ گناهن ۽ بدعملن کان پري رهندؤ ته توهان جي لاءِ وڏو اجر آهي. (١٨٠) جن ماڻهن کي الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان رزق ڏنو آهي ۽ هو اهو مال خرچ ڪرڻ ۾ ڪنجوسائي ڪن ٿا سي ائين نه سمجهن ته ائين ڪرڻ سان هنن کي ڪا چڱائي رسندي. (نه نه) بلڪ ان مان هنن لاءِ وڏي برائي آهي. جلد قيامت جي ڏينهن اهو مال متاع جنهن کي گڏ ڪري روڪي رکڻ لاءِ ڪنجوسائي ڪن ٿا، تنهن مان (عذابن جو) ڳٽ ٺاهي هنن جي ڳچين ۾ وڌو ويندو ۽ ياد رکو ته آسمان ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سڀ الله جي ميراث آهي ۽ اوهان جيڪي به ڪيو ٿا، تنهنجي الله تعاليٰ کي پوري پوري خبر آهي.

رڪوع ١٩ آيت 181-تا-189
مسلمانن لاءِ سبق ته صبر ۽ تقويٰ رکندؤ ته ڪاميابي توهان جي آهي.
(١٨١) بيشڪ الله تعاليٰ انهن ماڻهن (منافقن) جو قول ٻڌو آهي، جن چيو ته الله محتاج آهي ۽ اسان دولت مند آهيون (جو هر هر اسان کان سندس نالي تي لڙائي وغيره لاءِ مال گهريو وڃي ٿو) اسان جلد سندس اهو قول لکي ڇڏينداسين (يعني هي جو الله جي انهيءَ حڪم تي مسخريون ٿا ڪن ته، “خدا جي راهه ۾ خرچ ڪيو”، سو جلد کين محتاج ۽ تباهه ڪنداسين) ۽ پڻ سندن هي عمل لکي ڇڏينداسين جو ناحق نبين کي قتل ڪندا هئا، پوءِ (جڏهن هن قول ۽ عمل جو بدلو پيش ايندن تڏهن) چونداسين ته هاڻي جهنم جي عذاب جو مزو چکو. (١٨٢) توهان جيڪي پنهنجي هٿن سان ڪري اڳتي موڪليو آهي تنهن جو ئي اهو نتيجو آهي، الله تعاليٰ ڪڏهن به پنهنجي ٻانهن تي ظلم ڪرڻ وارو ناهي. (١٨٣) هي ماڻهو (يهودي) چون ٿا ته الله اسان کان عهد ورتو آهي ته اسان ڪنهن به رسول تي ايمان نه آڻيون جيستائين هو اسان وٽ اهڙي قرباني نه آڻي جنهن کي باهه کائي وڃي، تون کين چؤ ته مون کان اڳي الله جا ڪيترائي رسول سچائيءَ جي روشن دليلن سان اوهان ڏي آيا ۽ انهيءَ ڳالهه سان آيا جا چئي رهيا آهيو (يعني باهه ۾ ساڙڻ واري قرباني سان آيا) پوءِ جيڪڏهن توهان پنهنجي قول ۾ سچا آهيو ته ڇو توهان (انهن تي ايمان آڻڻ بدران) هنن کي قتل ڪندا رهيؤ؟ (١٨٤) (اي پيغمبر!) هي ماڻهو جيڪڏهن توکي ڪوڙو چئي رهيا آهن (ته رڳو توسان اها روش نه ورتي اٿن) توهان کان اڳي ڪيترائي رسول وٽن آيا جن کي ساڳيءَ طرح ڪوڙو ڪوٺي سندن منڪر ٿيا. اگرچه اهي رسول چٽن دليلن ۽ (حڪمت وارن خدائي) ڪتابن ۽ (شريعت جي) روشن حڪمن سان وٽن آيا هئا. (١٨٥) (مسلمانو! ياد رکو ته) هر هڪ نفس کي آخر موت جو مزوچکڻو آهي ۽ اوهان جي عملن جو بدلو اوهان کي قيامت جي ڏينهن پورو پورو ملندو. انهيءَ ڏينهن جيڪو به دوزخ جي باهه کان بچايو ويندو ۽ جنت ۾ داخل ڪيو ويندو انهيءَ ئي ڪاميابي ۽ نعمتون حاصل ڪيون. ياد رکو ته هن دنيا جي زندگي (عيش عشرت جو سامان) فقط فريب جو سامان آهي. (١٨٦) يقيناً توهان پنهنجي مال ملڪيت ۽ جانين جي باري ۾ آزمائش ۾ وڌا ويندو ۽ يقيناً اهل ڪتاب ۽ عرب مشرڪن کان گهڻيون ئي ڳالهيون ٻڌندؤ جي ٻڌي توهان کي ڏک ٿيندو. پر جيڪڏهن توهان صبر اختيار ڪندؤ (۽ مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ به حق جي راهه تي ثابت قدم رهندؤ) ۽ تقويٰ کي نه ڇڏيندؤ (يعني حق جي حڪمن جي نافرمانيءَ کان بچندؤ) ته پوءِ بيشڪ وڏن اهم ڪمن ۾ هيءَ وڏي عزم ۽ همت جي ڳالهه ٿيندي. (١٨٧) ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ اهل ڪتاب کان عهد ورتو هو ته اهو ڪتاب (۽ ان جا حڪم) ماڻهن کي چٽا ڪري ٻڌائجو ۽ هرگز نه لڪائجو. پر هنن (اهو عهد پورو نه ڪيو) ۽ الله جي ڪتاب کي پٺئين پاسي اڇلائي ڇڏيائون (يعني خسيس وقتي فائدي لاءِ دائمي وڏا فائدا وڃائي ڇڏيائون) پوءِ ڪهڙي نه خراب اها قيمت آهي جا (حق فروشي جي بدلي ۾) حاصل ڪيائون. (١٨٨) جيڪي ماڻهو پنهنجي ڪرتوتن تي خوش ٿي رهيا آهن ۽ پسند ٿا ڪن ته انهن ڪمن لاءِ سندن ساراهه ٿئي ڪيا ئي ڪونه اٿن تن به نسبت ائين هرگز نه سمجهو ته ايندڙ عذاب کان بچي ويندا. بلڪل نه، يقيناً هنن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (١٨٩) (انهن ماڻهن کي ياد رکڻ گهرجي ته) آسمان ۽ زمين جي بادشاهي فقط الله جي آهي (نه سندن) ۽ الله ئي هر شيءِ تي قادر آهي.

رڪوع ٢٠ آيت 190-تا-200
اعليٰ روحاني جذبا پيدا ڪرڻ لاءِ اعليٰ تعليمات.
(١٩٠) بيشڪ آسمان ۽ زمين جي خلقت ۾ ۽ رات ڏينهن جي هڪ ٻئي پٺيان اچڻ ۾ سمجهه وارن لاءِ (حق جي سڃاڻپ جون) وڏيون نشانيون موجود آهن. (١٩١) (انهن سمجهه وارن لاءِ وڏيون نشانيون موجود آهن) جي بيهندي، ويهندي، ليٽندي هر وقت الله کي ياد رکن ٿا ۽ آسمان ۽ زمين جي خلقت تي غور ۽ فڪر ڪن ٿا (انهيءَ غور ۽ فڪر جو نتيجو اهو ٿئي ٿو جو هنن تي حقيقتن جي سڃاڻپ جو دروازو کلي پوي ٿو ۽ هو بي اختيار چئي ٿا ڏين ته) اي اسان جا پررودگار! هي سڀ جيڪو پيدا ڪيو اٿيئي سو هرگز بيڪار ۽ اجايونه آهي (ضرور ڪو مقصد ۽ حڪمت رکيل آهي) بيشڪ تون پاڪ آهين (ان ڳالهه کان جو بيڪار ڪم تنهنجي هٿان ٿين) اي خدا! اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچائجانءِ. (١٩٢) اي اسان جا پروردگار! جنهن کي تون دوزخ ۾ وجهندين سو بيشڪ وڏي خواري خرابيءَ ۾ پيو (ان ڏينهن) ظالمن جي لاءِ ڪوبه مددگار ڪونه هوندو. (١٩٣) اي اسان جا پروردگار! اسان سڏ ڪندڙ (رسولﷺ) جو سڏ ٻڌو جو ايمان جي طرف سڏي رهيو هو. (هو چئي رهيو هو ته (اي انسانو!) پنهنجي پروردگار تي ايمان آڻيو. اي پروردگار! اسان جا گناهه بخش، اسان جون بڇڙايون اسان مان ڪڍي ڇڏ ۽ اسان کي انهن سان گڏ مار (۽ موت بعد انهن جي سنگت ۾ رهاءِ) جي پرهيزگار ۽ نيڪ هجن. (يعني اسان کي نيڪ ڪر ته نيڪن ۾ شمار ٿيون.) (١٩٤) اي اسان جا پروردگار! اسان کي اهو سڀ ڪجهه عطا فرماءِ جنهن جو وعدو اسان سان پنهنجي رسولن جي معرفت ڪيو هو ۽ قيامت جي ڏينهن اسان کي ذليل ۽ خوار نه ڪجانءِ. بيشڪ تون ڪڏهن به پنهنجي وعدي جي خلاف نٿو وڃين. (١٩٥) پوءِ هنن جي پروردگار هنن جون دعائون قبول ڪيون ۽ فرمايائين ته بيشڪ آءٌ ڪنهن به عمل ڪندڙ جو عمل ضايع نٿو ڪيان، مرد هجي توڙي عورت. توهان سڀ هڪ ٻئي جي جنس آهيو (عملن جي نتيجن جو قانون سڀني لاءِ هڪ جهڙو آهي) پوءِ جن (خدا جي راهه ۾) هجرت ڪئي، پنهنجي گهرن مان تڙي ڪڍيا ويا، منهنجي راهه وٺڻ جي ڪري ايذايا ويا ۽ حق جي راهه ۾ لڙايون ڪيائون ۽ قتل ٿيا تن جون خطائون هنن مان يقيناً ميساري ڇڏيندس ۽ کين (ابدي نعمتن جي) باغن ۾ داخل ڪندس جن جي هيٺان نهرون وهندڙ هونديون. هي الله جي طرف کان (هنن جي نيڪ عملن جو) اجر ۽ انعام هوندو ۽ الله ئي آهي جو بهترين اجر ۽ انعام ڏئي ٿو. (١٩٦) (اي پيغمبر!) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي انهن جو ملڪ ۾ (تجمل ۽ وڏائي سان) هيڏي هوڏي گهمڻ ڦرڻ توکي دوکي ۾ نه وجهي. (١٩٧) اهو ٿورڙو دنيائي فائدو آهي. آخر انهن جو ٽڪاڻو جهنم آهي. اهو ڪهڙو نه برو ٽڪاڻو آهي. (١٩٨) پر جن ماڻهن خدا جو خوف رکيو (۽ نيڪ عمل ڪيا) تن جي لاءِ (ابدي نعمتن جا) باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن. هو هميشه ان (ابدي خوشين جي) حالت ۾ رهندا. هيءُ هنن لاءِ الله تعاليٰ جي طرف کان مهماني ٿيندي. جيڪي الله تعاليٰ وٽ آهي سو نيڪ عمل ڪندڙن لاءءِ وڏي چڱائي ۽ نعمت آهي. (١٩٩) ۽ بيشڪ اهل ڪتاب ۾ ڪي اهڙا به آهن جيڪي الله تي سچو ايمان رکن ٿا ۽ جيڪي توتي نازل ٿيو آهي ۽ جيڪي مٿن نازل ٿيو آهي تنهن تي به هنن جو ايمان آهي ۽ سندن دليون الله جي اڳيان جهڪيل آهن، اهي ائين نٿا ڪن جو خدا جون آيتون خسيس قيمت تي وڪڻي ڇڏين. بيشڪ اهي ئي ماڻهو آهن جن جي لاءِ سندن پروردگار وٽان اجر ملندو. يقيناً الله تعاليٰ حساب وٺڻ ۽ (بدلو ڏيڻ) ۾ سست رفتار ناهي. (٢٠٠) اي ايمان وارؤ! (جيڪڏهن ڪاميابي چاهو ٿا ته هنن سڀني ڳالهين جو جوهر هي آهي ته) صبر ڪيو، هڪ ٻئي کي صبر ڪرڻ جي ترغيب ڏيو، هڪ ٻئي سان ڳنڍجي هڪ ٿي وڃو ۽ (هر حال ۾) خدا کان ڊڄندا رهو ته (پنهنجي مقصد ۾) ڪامياب ٿيو.