سورت القدر
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-5
بيشڪ اسان قرآن کي ليلته القدر ۾ نازل ڪيو آهي.
(١) بيشڪ اسان هن (قرآن) کي قدر جي رات ۾ لاٿو آهي، (جڏهن دنيا وحي جي روشنيءَ کان محروم ٿي هوش وڃائي ويٺي هئي). (٢) ۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته قدر جي رات ڇا آهي. (٣) قدر جي اها رات هزار مهينن کان گهڻو چڱي آهي. (٤) سڀئي ملائڪ ۽ روح (حضرت جبرائيل) سندن پاليندڙ جي حڪم سان ان رات ۾ سڀ ڪنهن سپرد ڪيل ڪم (جي پوري ڪرڻ) لاءِ لهن ٿا. (٥) اها (رات) پرهه ڦٽيءَ تائين (ساڳي صفت ۽ برڪت سان سراسر) سلامتي واري آهي.