سورت الواقعة
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-38
قيامت جو اچڻ ۽ نيڪن جون بهشت ۾ نعمتون.
(١) جڏهن اهو واقعو ٿيندو ۽ ظهور ۾ ايندو. (٢) تڏهن ان جي ٿيڻ کي ڪوبه ڪوڙو ٺهرائي نه سگهندو، (يعني ان وقت ڪنهن کي به شڪ نه رهندو ۽ هرڪو چوندو ته، برابر هي اهو واقعو آهي جنهن بابت رسولﷺ اڳ ئي خبردار ڪري ڇڏيو هو). (٣) اهو واقعو ڪن کي (يعني بدڪارن کي) ذليل ڪري ڇڏيندو ۽ ڪن کي (يعني صالحين کي) بلند (۽ غالب) ڪري ڇڏيندو. (٤) جڏهن زمين کي وڏي زور وارو زلزلو ايندو. (٥) ۽ جبل ذرا ذرا ٿي ويندا. (٦) ۽ پکيڙيل اڏامندڙ رئي ٿي پوندا. (٧) تڏهن توهان ٽن ٽولن ۾ ورهائجي ويندؤ. (٨) (هڪڙو ٽولو هوندو) ساڄي هٿ وارا سنگتي. (خبر اٿوَ ته) ساڄي هٿ وارا سنگتي ڪهڙا هوندا؟ (وڏين نعمتن سان مالا مال هوندا). (٩) (ٻيو ٽولو هوندو) کاٻي هٿ وارا سنگتي (خبر اٿوَ ته) کاٻي هٿ وارا سنگتي ڪهڙا هوندا؟ (سندن حالت ڏاڍي بري هوندي). (١٠) (ٽيون ٽولو ايمان ۽ نيڪ عملن ۾) سڀني کان اڳي ۽ سڀني کان گوءِ کڻڻ وارا (آخرت جي نعمتن ۽ مرتبي ۾ به) سڀني کان اول درجي ۾ هوندا. (١١) اهي ئي (خدا کي) بلڪل ويجهو هوندا. (١٢) (۽) اهي نعمتن سان ڀريل باغن ۾ هوندا. (١٣) پهرين مان گهڻائي (انهيءَ ٽولي ۾ هوندا). (١٤) ۽ پوين مان به ٿورا (انهيءَ ٽولي ۾ هوندا). (١٥) (انهيءَ ٽئين ٽولي وارا مقربون) جڙاودار تختن تي ويهندا. (١٦) انهن تي هڪ ٻئي جي سامهون ٽيڪ ڏيئي ويهندا. (١٧) سندن چوڌاري دائمي جوانيءَ وارا ڇوڪرا (خدمت ڪندي) ڦرندا رهندا. (١٨) جڳن، ڪوپن ۽ صاف شربتن جي پيالن سان (سندن چوڌاري ڦرندا وتندا). (١٩) (اهي شربت اهڙا هوندا جو انهن جي پيئڻ سان) نڪي (پوءِ) هنن کي ڪو مٿي ۾ سور پوندو، نڪي کين ڪو نشو ٿيندو. (٢٠) ۽ (اهي ڇوڪرا) اهڙن ميون سان (ڦرندا رهندا) جن کي اهي (مقربون) پسند ڪندا. (٢١) ۽ اهڙن پکين جي گوشت سان جي هو چاهيندا. (٢٢) ۽ (بهشت ۾ هنن لاءِ) وڏين ڇلڪندڙ اکين واريون حورون هونديون. (٢٣) جيڪي محفوظ رکيل موتين جي مثال هونديون. (٢٤) (اهي سڀ نعمتون) انهن نيڪ عملن جي بدلي ۾ کين ملنديون جي هنن اڳي ڪيا هئا. (٢٥) ان (بهشت) ۾ نڪي هو ڪي واهيات ڳالهيون ٻڌندا، نڪي ڪي گناهه جون ڳالهيون سندن ڪنن تي پونديون. (٢٦) فقط (هن قسم جا الفاظ) چوندي ٻڌندا ته، سلام، سلام. (٢٧) ۽ (هاڻي بيان ڪيون ٿا) ساڄي هٿ وارن سنگتين (جي نعمتن) جو (خبر اٿوَ ته) ساڄي هٿ وارا سنگتي ڪهڙا هوندا؟ (٢٨) اهي اهڙن (هڪ قسم جي) ميويدار وڻن ۾ هوندا جن کي ڪنڊو ئي ڪونه هوندو. (٢٩) ۽ طلح جي وڻن ۾ هوندا جن جا گل يا ميوا هڪ ٻئي مٿان تهن ۾ هوندا. (٣٠) ۽ (اهي ساڄي هٿ وارا سنگتي) ڊگهي ڊگهي ڇانوَ ۾ ويهندا. (٣١) ۽ اهڙي پاڻيءَ جي ڀرسان جو دائما وهندڙ هوندو. (٣٢) ۽ هو بي انداز ميون جي وچ ۾ رهندا. (٣٣) جن جي نڪي موسم کٽندي، نڪي انهن جي کائڻ کان ڪا منع هوندي. (٣٤) ۽ هو (شاندار) مٿي رکيل تختن (يا ڪوچن) تي ويهندا. (٣٥) اسان (هنن جي سنگتين حورن کي) هڪ خاص طريقي سان بنايو آهي. (٣٦) ۽ هنن کي پاڪ ڪنواريون بنايو اٿئون. (٣٧) ۽ (۽ هنن کي) پيار ڀريون هڪ جيڏيون بنايو اٿئون. (ڪنهن جي لاءِ؟) (٣٨) ساڄي هٿ جي سنگتين لاءِ.
رڪوع ٢ آيت 39-تا-74
کاٻي هٿ وارن بدڪارن جي بري حالت ٿيندي.
(٣٩) پهرين مان گهڻائي (انهيءَ ٽولي ۾ هوندا). (٤٠) ۽ پونئين مان به گهڻائي (انهيءَ ٽولي ۾ هوندا). (٤١) ۽ (هاڻي) کاٻي هٿ جي سنگتين جو (بيان ٿا ڪيون، خبر اٿوَ ته) کاٻي هٿ جا سنگتي ڪهڙي بريءَ حالت ۾ هوندا. (٤٢) هو ساڙيندڙ (زهري) هوا ۽ ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ هوندا. (٤٣) ۽ ڪاري دونهي جي پاڇي ۾ هوندا. (٤٤) جو نڪي ٿڌو هوندو، نڪي فرحت ڏيندڙ هوندو. (٤٥) (ڇو ته اهي ظالم سرمائيدار) هن کان اڳي دولت ۽ عيش عشرت ۾ غلطان رهندا هئا. (٤٦) ۽ وڏي ظلم ۽ گنهگاريءَ ۾ ضد ڪري بيهندا هئا. (٤٧) ۽ چوندا هئا ته ڇا جڏهن اسان مري وينداسين ۽ مٽي ۾ هڏيون ٿي وينداسين تڏهن وري جيئرا ڪري اٿاريا وينداسين؟ (٤٨) ۽ ڇا اسان جي اڳوڻن ابن ڏاڏن کي به (جيئرو ڪري اٿاريو ويندو؟) (٤٩) (اي پيغمبر تون کين) چئو ته، هائو يقيناً اڳوڻن توڙي پوئين (سڀني) کي جيئرو ڪري اٿاريو ويندو. (٥٠) سڀ ماڻهو مقرر ڏينهن جي مقرر وقت تي گڏ ڪيا ويندا. (٥١) پوءِ اي گمراهه انسانو! حق کي ڪوڙو ٺهرائيندڙ انسانو! (٥٢) توهان يقيناً ضرور زقوم جي وڻ مان (پن پاڙون وغيره) کائيندو. (٥٣) ۽ پوءَ انهن سان پنهنجا پيٽ ڀرندو. (٥٤) ۽ پوءِ ان جي مٿان ٽهڪندڙ پاڻي پيئندو. (٥٥) ۽ اهڙيءَ طرح (گهڻو مقدار) پيئندو جهڙيءَ طرح سخت اڃايل اُٺ پيئندو آهي. (٥٦) بدلي ملڻ واري ڏينهن اها ٿيندي سندن مهماني. (٥٧) (اي انسانو! ڇو نٿا سمجهو) اسان ئي ته اوهان کي خلقيو اهي. پوءِ توهان ڇو نٿا حق کي سمجهو؟ (٥٨) توهان ڪو انهيءَ تي غور ڪيو ٿا جيڪي توهان منيءَ جي صورت ۾ ٻاهر ڪڍو ٿا؟ (۽ جنهن مان اولاد پيدا ٿئي ٿو؟) (٥٩) ڇا توهان ٿا انهيءَ منيءَ کي خلقيو يا اسان ان کي خلقيندڙ آهيون؟ (٦٠) اسان توهان سڀني جي لاءِ موت ٺهرائي ڇڏيو آهي، ۽ اسان کي ڪوبه روڪي نٿو سگهي (هن ڳالهه کان ته)، (٦١) اسان توهان جون شڪليون (يا حالتون) بدلائي ڇڏيون ۽ اوهان کي اهڙيءَ حالت ۾ آڻيون جنهن جي توهان کي خبر ئي ڪانهي. (٦٢) يقيناً توهان کي پهرئين حالت جي خبر آهي (ته اسان توهان کي ڇا مان ڇا بنايو)، پوءِ ڇو نه ٿا سوچيو ۽ سمجهو؟ (٦٣) وري توهان انهيءَ ٻج تي غور ڪيو آهي جو توهان پوکيندا آهيو؟ (٦٤) ڇا اهو توهان ٿا ڄمايو ۽ وڌايو يا اسان ئي ان کي ڄمائيندڙ ۽ وڌائيندڙ آهيون؟ (٦٥) جيڪڏهن اسان چاهيون ته ان (کيتيءَ کي چورو ڪري ڇڏيون ۽ پوءِ توهان حيران ۽ پريشان ٿي وڃو (۽ چوڻ لڳو ته، هاءِ هاءِ!) (٦٦) هاڻي ته اسان قرض ۾ پئجي وينداسين. (٦٧) بلڪه بلڪل محروم (نادار ۽ سڃا) رهجي وينداسين. (٦٨) وري توهان انهيءَ پاڻيءَ تي غور ڪيو آهيو جو توهان پيئندا آهيو؟ (٦٩) ڇا توهان ٿا ان کي ڪڪرن مان هيٺ آڻيو يا اسان ئي ان کي هيٺ آڻيندڙ آهيون؟ (٧٠) جيڪڏهن اسان چاهيون ته ان کي کارو ڪري ڇڏيون (۽ توهان مصيبت ۾ پئجي وڃو. اسان ته توهان کي مٺو پاڻي ٿا ڏيون) پوءِ ڇو نٿا خدائي نعمتن جو قدر ڪيو؟ (۽ سندس قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪري پنهنجو ڀلو ڪيو؟) (٧١) وري توهان انهيءَ باهه تي غور ڪيو آهي جا توهان ٻاريندا آهيو؟ (٧٢) ڇا توهان ان (باهه) جي (ٻارڻ وارن) وڻن کي ڄمائيندا آهيو يا اسان ئي ڄمائيندڙ آهيون؟ (٧٣) اسان ان کي عبرت وٺڻ جي نشاني بنايو آهي ۽ پڻ بيابانن ۾ رهندڙن لاءِ وڏي سهوليت واري شيءِ بنايو آهي. (٧٤) سو (اي پيغمبر!) پنهنجي اعليٰ ۽ عظيم پروردگار جي نالي جي پاڪائي ۽ شان بيان ڪندو رهه (۽ سندس راهه ۾ ۽ دين قائم ڪرڻ ۾ بي انتها ڪوشش ڪندو رهه).
رڪوع ٣ آيت 75-تا-96
قرآن مجيد جو شان. ان تي عمل ڪندڙ ڪامياب رهندا ۽ ان جي ابتڙ عمل ڪندڙ برباد ٿيندا.
(٧٥) ان کان سواءِ مان تارن جي لهڻ جي شاهدي پيش ٿو ڪيان، (يا تارن جي منزلن جي شاهدي پيش ٿو ڪيان). (٧٦) ۽ جيڪڏهن توهان ڄاڻو ۽ سمجهو ته هيءَ يقيناً وڏي زبردست ثابتي ۽ شاهدي آهي. (٧٧) هن ڳالهه جي ته يقيناً قرآن مجيد بيشڪ وڏي شان وارو آهي. (٧٨) جو هڪ محفوظ رکيل ڪتاب ۾ آهي. (٧٩) جنهن کي پاڪ (فرشتن) کان سواءِ ڪوبه ڪونه ٿو ڇهي (يعني ڪوبه ان جي آيتن ۽ حڪمن ۾ ڦيرڦار ڪري نٿو سگهي.) (٨٠) اهو قرآن سڄي جهان جي پروردگار وٽان نازل ٿيل آهي. (٨١) پوءِ ڇا توهان هن (عاليشان) پيغام کي تڇ ڪري ٿا سمجهو؟ (۽ ان جو قدر نٿا ڪيو؟ يعني فائدن حاصل ڪرڻ ۾ سستي ڪريو ٿا؟) (٨٢) ۽ توهان ان کي ڪوڙو ٺهرائي رد ڪرڻ کي پنهنجي گذران جو وسيلو بنايو آهي ڇا(؟) (٨٣) (جيڪڏهن توهان ڪافرن کي خدا جي مخالفت ڪرڻ جي ڪا طاقت آهي ته) پوءِ ڇو نٿا (توهان پنهنجي طاقت ڏيکاريو) جڏهن (ڪنهن ماڻهوءَ جو روح مرڻ وقت) نڙيءَ تائين پهچي ٿو وڃي. (٨٤) ۽ توهان انهيءَ وقت رڳو ويٺا ڏسندا آهيو. (٨٥) ۽ اسان ته ان کي اوهان کان وڌيڪ ويجها آهيون، پر توهان ڪونه ٿا ڏسو. (٨٦) پوءِ جيڪڏهن توهان (خدا جي) اختيار هيٺ نه آهيو (۽ ايندڙ حساب ڪتاب کان آزاد آهيو) ته پوءِ ڇو نٿا، (٨٧) انهيءَ (روح) کي (جسم ڏانهن) موٽايو (۽ مرڻ کان بچايو) جيڪڏهن توهان (پنهنجي هن دعويٰ ۾) سچا آهيو (ته توهان تي ڪنهن جو به اختيار ڪونهي). (٨٨) پوءِ جيڪڏهن اهو (مرندڙ ماڻهو) (خدا کي) ويجهو ٿيلن (وڏن بزرگن) مان آهي، (٨٩) ته پوءِ (هن لاءِ) آرام، خوشيون ۽ نعمتن سان ڀريل باغ هوندو. (٩٠) ۽ جيڪڏهن ساڄي هٿ وارن سنگتين منجهان هوندو. (٩١) ته پوءِ ساڄي هٿ وارا سنگتي هن کي سلام ڪندا ۽ چوندا ته، توتي سلامتي هجي. (٩٢) ۽ جيڪڏهن هو (حق کي) ڪوڙو ٺهرائيندڙ گمراهه ماڻهن منجهان آهي (٩٣) ته پوءِ (هن کي) ٽهڪندڙ پاڻيءَ جي مهماني ملندي. (٩٤) ۽ دوزخ جي باهه ۾ سڙندو. (٩٥) بيشڪ هيءَ ڳالهه يقيناً حق آهي. (٩٦) سو (اي منهنجا پيغمبر!) پنهنجي اعليٰ ۽ عظيم پروردگار جي نالي جو شان ۽ پاڪائي بيان ڪندو رهه (۽ سندس راهه ۾ ۽ سندس دين قائم ڪرڻ ۾ هر طرح ڪوشش ڪندو رهه).