مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت الڪافرون

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-6
اوهان لاءِ اوهان جو دين ۽ منهنجي لاءِ منهنجو دين آهي.
(١) (اي پيغمبر! انهن ڪافرن کي) چئو ته، اي ڪافرؤ! (منهنجو ۽ توهان جو طريقو هڪ نٿو ٿي سگهي). (٢) (توهان جا ۽ منهنجا رستا، منزل ۽ مقصود الڳ الڳ آهن) آءٌ ان جي عبادت نٿو ڪريان جنهن جي (ذهن جي تراشيل سوين جيئرن ۽ مئلن معبودن جي) اوهين عبادت (۽ پيروڪاري) ڪريو ٿا. (٣) ۽ نڪي اوهين ان جي عبادت ڪريو ٿا، جنهن (اڪيلي خالق ڪائنات) جي آءٌ عبادت (۽ پيروڪاري) ڪريان ٿو. (٤) (معبودن متعلق اسان جو اهو اختلاف عارضي ناهي، بلڪ بنيادي ۽ اصولي آهي سو) نه آءٌ ان جي عبادت ڪندس، جنهن جي اوهان عبادت ڪئي. (٥) ۽ نه اوهين ان جي عبادت (۽ پيروڪاري) ڪندؤ جنهن جي آءٌ عبادت (۽ ان جي قانونن جي پيروڪاري) ڪريان ٿو. (٦) اوهان لاءِ اوهان جو دين ۽ مون لاءِ منهنجو دين آهي. (نتيجا پاڻهي ٻڌائيندا ته ڪاميابي ڪنهن جي حصي ۾ اچي ٿي).