سورت القارعه
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-11
عملن جي جزا ۽ سزا جو هڪ نقشو.
(١) (اها ڪڙڪيدار دلين کي) کڙڪائيندڙ، (٢) (اها) کڙڪائيندڙ ڇا آهي؟ (٣) ۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته (اها) کڙڪائيندڙ ڇا آهي؟ (٤) جنهن ڏينهن ماڻهو پڪڙيلن پتنگن وانگر ٿيندا، (٥) ۽ جبل رنگارنگي پڃيل اُن جهڙا ٿيندا (جيڪي هوا ۾ اڏامندا). (٦) (ان وقت حساب ڪتاب ٿيندو) پوءِ جنهن جا (دنيا ۾ ڪيل نيڪوڪارين وارا) عمل ڳرا ٿيندا، (٧) سو (پنهنجي مرضيءَ تي) پسند ڪيل آرام ۾ هوندو. (٨) ۽ جنهن جا عمل هلڪا ٿيندا، (٩) تنهن جي رهڻ جي جاءِ هاويه ٿيندي. (١٠) ۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته هاويه ڇا آهي؟ (١١) (اها ڀڙڪندڙ) تمام گرم باهه آهي.