سورت المطففين
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-36
ڪاروباري بدديانتي ۽ اخلاقي برائي جو ڪارڻ آخرت تي يقين نه هئڻ آهي.
(١) (ماپ ۽ تور ۾) گهٽ ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي. (٢) اهي (پئسي جا پوڄاري) جڏهن ماڻهن کان توري ماپي (شيون يا محنت) وٺن ٿا ته پورو ڪري وٺن ٿا. (٣) ۽ جڏهن انهن کي ماپي يا توري (۽ حساب يا مزدوري) ڏين ٿا ته گهٽ ڪري ڏين ٿا. (٤) ڇا اهي خيال نٿا ڪن ته انهن کي ضرور جيئرو ڪري اٿاريو ويندو. (٥) انهيءَ (حساب ڪتاب واري) وڏي ڏينهن، (٦) جنهن ڏينهن سڀئي ماڻهو جهانن جي پاليندڙ جي اڳيان بيهندا. (٧) خبردار (متان بدڪار هن وهم ۾ هجن ته اهڙو ڏينهن نه ايندو) بيشڪ بدڪارن جو ڪتاب (عمل نامو) ته سجين ۾ آهي. (٨) ۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته سجين ڇا آهي؟ (٩) هڪ لکيل ڪتاب آهي، (جنهن ۾ هرهڪ جي بدعملن جي چٽائي ٿيل آهي.) (١٠) ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي. (١١) جيڪي (مذاق، ٽوڪ ۽ آڪڙ وچان) حساب جي ڏينهن کي ڪوڙو ڪن ٿا. (١٢) هوڏانهن ان کي سڀ ڪنهن (ڏوهه ۾) حد کان لنگهندڙ گنهگار (ڏوهاري ذهنيت) کان سواءِ ٻيو ڪو ڪوڙو نٿو ڪري. (١٣) جو جڏهن ان (ڏوهاري) کي اسان جون آيتون (انساني فلاح ۽ سڌاري يا قومن جي عروج ۽ زوال جون تاريخي حقيقتون) پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته چوي ٿو ته، هي (قدامت پرستيءَ جون) اڳوڻيون لکيل آکاڻيون آهن. (١٤) (کين چئو ته ڳالهه) ائين نه آهي پر (اصلي) ڳالهه هيءَ آهي ته، جيڪي (بڇڙا ڪم ۽ آواره گرديون) اهي ڪندا رهيا تن جي ڪٽ سندن دلين تي ڄمي ويئي آهي. (۽ هيئنر منجهن سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت ئي نه رهي آهي.) (١٥) خبردار ٿين، بيشڪ انهن (بدنصيبن) کي ان ڏينهن سندن پاليندڙ (جي اڳيان اچڻ) کان روڪيو ويندو. (١٦) پوءِ اهي دوزخ ۾ ضرور داخل ڪيا ويندا. (١٧) وري اتي کين چئبو ته، هيءَ (دوزخ) اها آهي، جنهن کي اوهين (اسان جي مڪافات وارن قانونن جي نتيجي طور ملڻ کي) ڪوڙو ڪندا هئا. (١٨) خبردار ٿين (۽ پڪ ڪري وٺن ته) تابعدارن جو ڪتاب (عمل نامو) بيشڪ عليين ۾ آهي. (١٩) ۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته عليين ڇا آهي؟ (٢٠) هڪ لکيل ڪتاب آهي. (جنهن ۾ هرهڪ جي نيڪ عملن جي چٽائي ٿيل آهي). (٢١) ان (عليين) وٽ (الله جا) ويجها (فرمانبردار پنهنجي اعمال نامي جي ڏسڻ لاءِ) حاضر ٿين ٿا. )٢٢) بيشڪ تابعدار ته ضرور (بهشت جي) نعمت ۾ ٿيندا. (٢٣) پلنگن تان (بهشت جي عجائبات جا نظارا) پيا ڏسندا. (٢٤) تون انهن جي چهري ۾ (آرام ۽ اطمينان وارين) نعمتن جي تازگي معلوم ڪندين. (٢٥) کين مهر لڳل خالص مشروبن مان پيو پياربو. (٢٦) جنهن تي مهر مشڪ جي هوندي، ۽ ان ۾ اڃان (به اهڙيون شيون هونديون جو) ڀلي شوق ڪرڻ وارا (مزي سان) شوق پورو ڪن. (٢٧) ۽ ان جي ملاوٽ تسنيم (جي پاڻي) مان هوندي. (٢٨) جو هڪ چشمو آهي، جنهن مان (الله جا) ويجها ٻانها پيئندا. (٢٩) بيشڪ ڏوهاري (ماڻهو) ايمان وارن تي (دنيا ۾) کلندا هئا. (٣٠) ۽ اهي (ايمان وارا) جڏهن انهن (ڏوهارين) وٽان لنگهندا هئا ته، (اهي ڏوهاري پاڻ ۾) هڪ ٻئي کي اکيون هڻندا هئا. (٣١) ۽ جڏهن پنهنجن گهر وارن ڏي موٽندا هئا، (اتي به ايمان وارن تي ٽوڪون ڪري) پاڻ کي خوش ڪرڻ واريون (اهي) ڳالهيون ڪندا هئا. (٣٢) ۽ جڏهن انهن (ايمان وارن) کي ڏسندا هئا ته، چوندا هئا ته، بيشڪ هي ته (آخرت جي آسري دنياداريءَ جي) رستي کان ڀٽڪيل آهن. (٣٣) هوڏانهن اُهي انهن (مؤمنن) جي مٿان نگهبان (يا داروغا) ڪري نه موڪليا ويا هئا. (٣٤) سو اڄ (قيامت جي ڏينهن) ايمان وارا ڪافرن (جي ان ڀورڙائپ) تي کلن ٿا. (٣٥) (ايمان وارا جنت ۾ پنهنجي) پلنگن تان (ويٺي جهنم ۾) ڏسي رهيا هوندا (ته انهن منڪرن جو حشر ڇا ٿي رهيو آهي، جيڪي دنيا ۾ سندن مذاق اڏائيندا هئا). (٣٦) (۽ چوندا پيا ته) منڪر جيڪي ڪم ڪندا هئا، تن جو بدلو انهن کي ڪيڏو نه (بڇڙي نموني) مليو آهي؟