سورت اليل
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-21
جيڪي سمجهه کان ڪم وٺڻ بجاءِ انڌي تقليد ڪن ٿا، آهستي آهستي انهن جي مت مري وڃي ٿي.
(١) (ڪائنات جي ٻن متضاد شين مان) رات جو قسم آهي، جڏهن (ان جي اوندهه سڀني شين کي) ڍڪي ٿي. (٢) ۽ ڏينهن جو جڏهن (ان جو سوجهرو سڀني شين کي) ظاهر ڪري ٿو. (٣) ۽ نر ماديءَ کي جو (الڳ طبعي رجحانن سان) پيدا ڪيو اٿس (تنهن جو قسم). (٤) ته اوهان جون ڪوششون (به ائين الڳ رخن ۾ ٿيندڙ ۽) مختلف آهن. (٥) (انهيءَ فرق جي باوجود به رات ۽ ڏينهن ۽ نر ۽ مادي هڪ ٻئي لاءِ مفيد بڻجن ٿا) پوءِ جنهن شخص (سڀني انسانن کي الله جو ڪٽنب ڄاڻي انهن ۾) پنهنجي ڪمائي ورهائي ۽ الله کان ڊنو. (٦) ۽ (هن دنيا ۾ الله جي نيابت واري) تمام چڱي ڳالهه کي سچو سمجهيو. (٧) ته ان کي (انهيءَ چڱي ڳالهه لاءِ) تمام آسان رستي (تي هلڻ) جر توفيق ڏينداسون. (٨) ۽ جنهن شخص بخيليءَ جي واٽ ورتي ۽ بي پرواهي ڪئي. (٩) ۽ (هن دنيا ۾ الله جي بيابت واري) تمام چڱي ڳالهه کي ڪوڙو ڪيو. (١٠) ته ان کي (پنهنجي گرفت واري قانون سان) تمام مشڪل رستي تي لڳائي ڇڏينداسون. (١١) ۽ سندس مال ان کي ڪم نه ايندو، جڏهن هو (تباهين جي) کڏ ۾ ڪرندو. (١٢) (ان ڪري جو هن ذاتي مفاد جو اهو رستو رڳو پنهنجي سوچ تي هلي اختيار ڪيو هو) بيشڪ (وحي جي ذريعي انساني ڪامراني ۽ فلاح جو) رستو ڏيکارڻ اسان تي (اسان جي ذمي) آهي. (١٣) ۽ بيشڪ (ان واٽ تي) آخرت ۽ دنيا (جون ڀلايون) اسان جي اختيار ۾ آهن. (١٤) تنهن ڪري مون اوهان کي (تباهين جي) اهڙي باهه کان ڊيڄاريو آهي، جا ڀڙڪندڙ آهي. (١٥) جنهن ۾ اهڙي نڀاڳي کان سواءِ ٻيو ڪو داخل نه ٿيندو. (١٦) جنهن (حقن پوري ڪرڻ واري اسان جي قانونن کي) ڪوڙو ڪيو ۽ (انهن تي عمل کان) منهن موڙيو. (١٧) ۽ ان (تباهيءَ) کان (اسان جي قانونن جي پاسداري لاءِ) پنهنجي نگهباني ڪندڙ شخص کي بچايو ويندو. (١٨) جنهن (ضرورت پوڻ تي رضا خوشيءِ سان) پنهنجو (سڀ ڪجهه) مال (انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ) ڏئي پاڻ سنواريو. (١٩) ۽ مٿس ڪنهن جو اهڙو احسان به نه آهي، جنهن جو بدلو ڏئي ٿو. (٢٠) پر پنهنجي مٿاهين پالڻهار جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ (ڏئي ٿو). (٢١) ۽ ان شخص کي اها رضامندي ضرور پلئه پوندي.