مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت الاحقاف (ڊگهيون ورن وڪڙن واريون ڀٽون )

حصو ڇويهون

سورت الاحقاف (ڊگهيون ورن وڪڙن واريون ڀٽون )

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-10
ايمان آڻڻ لاءِ ترغيبون ۽ دليل
(١) حا – ميم (٢) هي ڪتاب انهيءَ الله وٽان نازل ٿيل آهي جو وڏي قوت ۽ حڪمت وارو آهي. (٣) اسان آسمانن کي ۽ زمين کي ۽ جيڪي جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي تن کي فقط (ڪنهن خاص مقصد سان) ڪنهن حڪمت جي تحت خلقيو آهي، (اجايو بي مقصد ڪونه خلقيا اٿئون) ۽ انهن کي مقرر مدي لاءِ خلقيو اٿئون (پوءِ فنا ٿي ويندا) پر جيڪي ماڻهو (حق کان) انڪار ٿا ڪن سي انهن ڳالهين تي ڌيان ئي نٿا ڏين جن بابت کين خبردار ڪيو ٿو وڃي. (٤) (اي پيغمبر! تون کين) چئو ته، جن کي توهان الله کان سواءِ پڪاريو ٿا، تن بابت ڪو غور به ڪيو اٿوَ؟ ڀلا مون کي ڏيکاريو ته انهن زمين ۾ ڪهڙي شيءِ پاڻ خلقي آهي وري آسمانن ۾ هنن جو ڪو حصو آهي ڇا؟ جيڪڏهن توهان حق تي آهيو ته (ثابتيءَ لاءِ) ڪو ڪتاب ته مون ڏي کڻي اچو، جو هن (قرآن مجيد) کان اڳي نازل ٿيل هجي يا علم مان ڪو حصو (جو اڳوڻن توهان لاءِ ڇڏيو هجي سو) پيش ڪيو. (٥) ۽ ڪير انهيءَ ماڻهو کان وڌيڪ گمراهه ٿي ٿو سگهي جيڪو الله کي ڇڏي اهڙين شين کي يا ٻين کي پڪاري (۽ پوڄي) ٿو جيڪي قيامت جي ڏينهن تائين هن کي جواب به ڪونه ٿا ڏيئي سگهن (بلڪه) اهي سندن سڏ ۽ پڪار کان بلڪل بي خبر آهن. (٦) ۽ جڏهن ماڻهن کي گڏ ڪيو ويندو تڏهن اهي (پوڄيل) انهن (پوڄا ڪندڙن) جا دشمن ٿي بيهندا، ۽ سندن پوڄا کان انڪاري ٿيندا. (٧) ۽ جڏهن هنن (ڪافرن) کي اسان جون چٽيون ۽ روشن آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون، تڏهن جن ماڻهن حق کان انڪار ڪيو آهي، جڏهن وٽن حق اچي به ويو آهي سي چوڻ لڳن ٿا ته، هي چٽو چٽو جادو آهي. (۽ ڪوڙ آهي). (٨) يا هو هئين ٿا چون ڇا ته، (حضرت محمدﷺ هي قرآن مجيد) پنهنجي دل مان گهڙي ٺاهيو آهي؟ (۽ ڪوڙ هڻي ٻڌائي ٿو ته خدا جو موڪليل آهي؟) (اي پيغمبر! تون کين) چئو ته جيڪڏهن مون ان کي پنهنجي دل مان ٺاهيو آهي ته توهان الله جي مقابلي ۾ مون کي ڪجهه به ڪم نه ايندؤ (۽ هو مون کي هر طرح ناڪام ۽ محروم ڪري ڇڏيندو) جن ڳالهين ۾ توهان غوطا کائي رهيا آهيو سي الله تعاليٰ خوب ڄاڻي ٿو. هو منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ ڪافي شاهد آهي (۽ حق کي ڪامياب ڪندو) ۽ هو (مؤمنن لاءِ) غفور ۽ رحيم آهي. (٩) (اي پيغمبر! تون کين هي به) چئو ته، (رسول اڳي به ٿي گذريا آهن سڀني الله جي وحدانيت ۽ حق سيکاريو) مان رسولن ۾ ڪو انوکو رسول ڪونه آهيان (ڪي نيون ڳالهيون ڪونه ٿو ٻڌايان). ۽ مون کي معلوم ناهي ته مون سان ڇا ڪيو ويندو ۽ اوهان سان ڇا ڪيو ويندو؟ مان ته فقط انهيءَ (حڪم) جي پيروي ٿو ڪيان جو مون ڏي وحي ڪري موڪليو وڃي ٿو، ۽ مان ته فقط صاف صاف خبردار ڪندڙ آهيان. (١٠) (اي پيغمبر! تون کين) چئو ته، توهان ڪو خيال به ڪيو آهي ته جيڪڏهن (هي قرآن سچ پچ) الله وٽان آيل آهي، ۽ اوهان ان کي مڃڻ کان انڪار ٿا ڪيو ۽ بني اسرائيلن مان هڪڙي شاهد شاهدي به ڏني آهي ته هي قرآن (تورات ۽ انجيل) جي مثل آهي ۽ پوءِ ايمان به آندو اٿس. پر توهان تڪبر ڪيو آهي (۽ تڪبر جي ڪري نٿا مڃيو ته پوءِ توهان ڪهڙا نه جاهل ۽ ظالم چئبؤ). يقيناً الله تعاليٰ ظالم ماڻهن کي ڪڏهن به سڌيءَ واٽ تي نٿو لڳائي.

رڪوع ٢ آيت 11-تا-20
ماءُ پيءُ سان سهڻو سلوڪ ڪرڻ، متڪبر خوار خراب ٿيندا.
(١١) ۽ ڪافر مؤمنن بابت چون ٿا ته، جيڪڏهن (انهيءَ دين ۾) ڪا چڱائي هجي ها ته (اهي مسڪين ۽ رذيل ماڻهو) اسان کان اڳي ڪونه اُن ڏي ڀڄن ها. (اسان وڌيڪ عقل ۽ عزت وارا ماڻهو ان دين ۾ ڪابه چڱائي نٿا ڏسون) حقيقت هيءَ آهي ته هنن کي خود غرضي ۽ تڪبر انڌو ڪري ڇڏيو آهي) ۽ جڏهن ته هو ان دين جي وسيلي سڌي واٽ نٿا وٺن، تڏهن (عقل جا انڌا ٿي) چون ٿا ته هيءُ ته پراڻو قديم زمانن وارو ڪوڙ آهي. (١٢) ۽ هن کان اڳي حضرت موسيٰ تي نازل ٿيل ڪتاب (ماڻهن لاءِ) رهبر (يعني پيشوا يا واٽ ڏيکاريندڙ) هو ۽ سراسر رحمت هو. ۽ هي ڪتاب (قرآن مجيد) جو ان جي تصديق ٿو ڪري، سو عربي زبان ۾ (نازل ٿيو) آهي. انهيءَ لاءِ ته ظلم ڪندڙن کي (برن نتيجن کان) خبردار ڪري ۽ نيڪ ڪم ڪندڙن کي (ڪاميابيءَ جي) خوشخبري ڏيئي ڇڏي. (١٣) بيشڪ جيڪي ماڻهو (يقين سان مڃن ٿا ۽) چون ٿا ته، اسان جو پروردگار (۽ نگهبان) الله آهي ۽ وري ان (ايمان) تي عملاً محڪم ۽ قائم رهن ٿا تن کي نڪو خوف هوندو، نڪي هو ڪو غم ڪندا. (١٤) اهي ماڻهو جنتي آهن ۽ هميشه ان جنت ۾ رهندا. اهو انهن کي انعام ملندو انهن نيڪ عملن جو جيڪي هنن ڪيا هئا. (١٥) ۽ اسان انسان کي پنهنجي ماءُ پيءُ سان سهڻي سلوڪ ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو آهي. (ڏسو) سندس ماءُ هن کي وڏي تڪليف سان (اٽڪل 9 مهينا) پيٽ ۾ کنيو ۽ وڏي تڪليف سان هن کي ڄڻيائين، ۽ هن کي پيٽ ۾ سانڍڻ کان وٺي ٿڃ ڇڏائڻ تائين ٽيهه مهينا لڳي ٿا وڃن. (پوءِ ڇو نه انسان کي پنهنجي ماءُ جي خدمت، پيار ۽ عزت سان ڪرڻ گهرجي). آخر اهو (ٻار) طاقت واري جوانيءَ ۾ اچي ٿو ۽ (پوءِ) چاليهن ورهن جي ڄمار کي پهچي ٿو. (ان عمر ۾ عقل وارو ٿئي ٿو ۽) چوي ٿو ته، اي منهنجا پروردگار! مون کي توفيق ڏي ته مان تنهنجي انهن نعمتن جو شڪريو بجا آڻيان جي تو مون تي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ تي ڪيون آهن، ۽ پڻ توفيق ڏي ته مان اهڙا نيڪ عمل ڪيان جي توکي پسند پون ۽ منهنجي اولاد کي منهنجي لاءِ نيڪ ڪجانءِ، مان توڏي رجوع ٿو ٿيان، ۽ يقيناً مان (تنهنجي) فرمانردار ٻانهن مان آهيان. (١٦) اهڙا ماڻهو اُهي آهن جن جي عملن مان بهترين عمل اسان (انعامن لاءِ) قبول ڪنداسين ۽ سندن برائين ۽ غلطين کي درگذر ڪنداسين، اهي جنت جي ساٿين ۾ هوندا. اهو آهي سچو واعدو جو هنن سان ڪيو ويو هو (۽ هاڻي پورو ڪيو ويو). (١٧) پر اهو (وڏو بدبخت آهي) جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ کي چوي ٿو ته، مان اوهان کان بيزار آهيان، ڇا توهان مون کي ڊيڄاريو ٿا ته مان (قبر مان وري) ڪڍيو ويندس. حالانڪ مون کان اڳي ڪيئي پيڙهيون گذري چڪيون آهن (۽ انهن مان ڪوبه وري جيئرو ڪونه ڪيو ويو آهي) ۽ اهي (ماءُ پيءُ) خدا کي مدد لاءِ پڪارين ٿا (۽ پٽ کي چون ٿا ته) اي ڪم بخت (رب تي) ايمان آڻ. يقيناً الله جو واعدو سچو آهي. پوءِ هو چوڻ لڳي ٿو ته هي ته گذري ويل ماڻهن جون (خالي) ڪهاڻيون آهن. (١٨) اهڙائي ماڻهو آهن جن تي الله جو قول سچو ثابت ٿيندو، اهو قول جو اڳوڻين جنن ۽ انسانن جي قومن تي به سچو ثابت ٿيو هو. (اهو قول يا واعدو ڪهڙو هو؟ اهو ته) يقيناً اهڙا ماڻهو سراسر خساري هيٺ اچڻا ۽ تباهه ٿيڻا آهن. (١٩) ۽ سڀني لاءِ سندن عملن جي لحاظ کان جدا جدا درجا ٿيندا، انهيءَ لاءِ ته الله تعاليٰ کين سندن عملن جو پورو پورو بدلو ڏيئي ۽ هنن سان ڪجهه به بي انصافي نه ٿئي. (٢٠) ۽ جنهن ڏينهن ڪافرن کي باهه جي اڳيان آندو ويندو (تڏهن کين چيو ويندو ته) توهان پنهنجي دنيائي زندگيءَ ۾ چڱيون چڱيون شيون (۽ نعمتون اسان وٽان) حاصل ڪيون ۽ توهان انهن جو خوب مزو ورتو (پر اسان جي حڪمن تي عمل نه ڪيوَ) سو اڄ توهان کي بدلي ۾ ذلت جو عذاب ملندو هن ڪري جو توهان زمين تي ناحق آڪڙ (۽ ظلم) ڪندا هئو ۽ هن ڪري جو توهان (اسان جي) نافرماني ڪندا هئو.

رڪوع ٣ آيت 21-تا-26
عاد قوم جا مثال
(٢١) (اي منهنجا پيغمبر!) عاد قوم جي ڀاءُ (حضرت هود) جو بيان (هنن عربن کي) ٻڌاءِ. ڏسو هن پنهنجي قوم جي ماڻهن کي، جيڪي احقاف ۾ رهندا هئا، خبردار ڪيو، ۽ هن کان اڳي توڙي پوءِ ٻيا به خريدار ڪندڙ (پيغمبر سڳورا) ٿي گذريا آهن، (انهن به پنهنجن پنهنجن ماڻهن کي خبردار ڪيو ته) الله کان سواءِ ڪنهن جي به پوڄا نه ڪيو (۽ ڪنهن به قسم جي نامناسب ڪاڻ نه ڪڍو. نڪي بادشاهن ۽ سردارن جي نڪي پيرن فقيرن ۽ ٻين جي. جيڪي پاڻ کي ڪرامت جا صاحب ٿا سڏائين) (جيڪڏهن ٻين جي غلامي ۽ پوڄا ڪندو ته) مون کي خوف آهي ته ڪنهن وڏي (سخت) ڏينهن جو عذاب اچي اوهان جي مٿان ڪڙڪندو. (٢٢) هنن چيو ته، ڇا تون اسان ڏي انهيءَ لاءِ آيو آهين ته اسان کي اسان جي ديوتائن کان ڦيرائي ڇڏين؟ (اسان هرگز ڪونه ڦرنداسين). سو جيڪڏهن تون سچ ٿو چئين ته، ڀلا آڻ اهو عذاب جنهن جو اسان کي دڙڪو ٿو ڏئين. (٢٣) حضرت هود جواب ڏنو ته ان (عذاب جي اچڻ جي وقت) جو علم ته فقط الله کي آهي (پر ياد رکو ته عذاب ضرور اچڻو آهي) ۽ مان ته فقط اهو ئي حڪم ۽ پيغام اوهان کي پهچايان ٿو جن سان خدا مون کي موڪليو آهي. پر مان ته ڏسان ٿو ته توهان وڏا جاهل ماڻهو آهيو. (٢٤) پوءِ جڏهن هنن ان (عذاب) کي هڪڙي ڪڪر جي صورت ۾ پنهنجي وادين جي سامهون ايندي ڏٺو، تڏهن (ڀلجي خوشيءِ مان) چيائون ته هي هڪڙو ڪڪر آهي جو اسان تي مينهن وسائيندو (۽ اسان جي وادين کي آباد ڪندو). نه نه (آبادي ڪرائڻ وارو مينهن نه اٿوَ.) بلڪ اِهو اُهو (عذاب) اٿوَ، جنهن لاءِ (ٽوڪ وانگر) توهان تڪڙ لائي ڏني هئي. اهو سخت طوفان اٿوَ، جنهن ۾ دردناڪ عذاب رکيل آهي. (٢٥) اهو طوفان هرهڪ شيءِ کي پنهنجي رب جي حڪم سان برباد ڪري ڇڏيندو. پوءِ صبح جي وقت (تائين ڇا ٿيندو جو) سندن گهرن جي کنڊرن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه ايندو. اهڙيءَ طرح اسان گنهگار قوم جي ماڻهن کي (بدعملن جو) بدلو ڏيندا آهيون. (٢٦) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان انهن (عاد قوم جي ماڻهن کي) اهڙي وڏي طاقت ۽ آسودگيءَ جي حالت ۾ ملڪ ۾ قائم رکيو هو جهڙيءَ حالت ۾ اسان اوهان (قريشن) کي هرگز ڪو نه رکيو آهي ۽ اسان هنن کي ڪَن، اکيون ۽ دليون ڏنيون (يعني اهڙي دل دماغ ۽ هنر ڏنا جهڙا اوهان کي ڪونه ڏنا اٿئون)، پر جڏهن هنن الله تعاليٰ جي آيتن ۽ حڪمن مڃڻ کان انڪار ڪيو تڏهن ته سندن ڪَن، اکيون ۽ دليون هنن کي ڪجهه به ڪم نه آيون ۽ جن ڳالهين تي ٽوڪون ڪندا هئا سي ئي هنن کي وڪوڙي ويون. (توهان قريش ڇا آهيو. خبردار ٿيو، خدا جي حڪمن کي مڃيو، نه ته اوهان به تباهه ٿيندَو.)

رڪوع ٤ آيت 27-تا-35
ايمان آڻڻ ۽ صالح عمل ڪرڻ لاءِ ترغيبون
(٢٧) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان اوهان جي آسپاس (خود عربستان ۾) ڪي بستيون برباد ڪري ڇڏيون، ۽ اسان پنهنجون نشانيون کولي کولي ٻڌايون آهن انهيءَ لاءِ ته من هو (اسان ڏي) موٽن (۽ صالح عمل ڪن). (٢٨) (گهڻيون ئي قومون اسان تباهه ڪري ڇڏيون) پوءِ ڇو نه انهن کي انهن مدد ڪئي، جن کي هڪ الله کان سواءِ معبود ڪري ورتو هئائون، (۽ سندن پوڄا ڪندا هئا) انهيءَ لاءِ ته (خدا وٽ) قربت يا ويجهڙائي حاصل ڪن. (انهن ديوتائن سندن مدد ته ڪانه ڪئي، پر) اٽلندو کانئن ڀڄي گم ٿي ويا، ۽ اهو سندن (عقيدو ۽ عمل) بلڪل ڪوڙ هو ۽ سندن هٿرادو ٺاهه هو. (٢٩) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان توڏي جنن جي هڪ ٽولي لاڙي آندي ته قرآن ٻڌن. پوءِ جڏهن اتي آيا تڏهن (هڪ ٻئي کي) چوڻ لڳا ته ماٺ ڪيو (۽ خيال سان ٻڌو). پوءِ جڏهن قرآن جو پڙهڻ پورو ڪيو ويو، تڏهن هنن (ايمان آندو ۽) پنهنجي ماڻهن ڏي موٽيا انهيءَ لاءِ ته کين خبردار ڪيو وڃي. (٣٠) (انهن پنهنجي ماڻهن ڏي اچي) چيو ته، اي اسان جي قوم جا ماڻهو! اسان هڪ اهڙو ڪتاب ٻڌو آهي جو حضرت موسيٰ کان پوءِ نازل ٿيو آهي ۽ جو انهن ڪتابن جي تصديق ٿو ڪري جيڪي اڳي آيل هئا، اهو ڪتاب حق جي طرف واٽ ٿو ڏيکاري ۽ سڌي واٽ ٿو ڏيکاري. (٣١) اي اسان جي قوم جا ماڻهو! الله جي طرف سڏيندڙ (حضرت محمدﷺ) جو سڏ ورنايو ۽ ان (الله) تي ايمان آڻيو. هو اوهان کي اوهان جون (اڳوڻيون) خطائون معاف ڪري ڇڏيندو ۽ اوهان کي دردناڪ عذاب کان بچائي وٺندو. (٣٢) ۽ جيڪو الله ڏي سڏيندڙ جو سڏ نه ورنائيندو سو زمين تي الله جي رٿن کي روڪي ڪونه سگهندو ۽ هن جي لاءِ الله کان سواءِ ڪي به ڪارساز يا مددگار نه هوندا. اهي چٽي چٽي گمراهيءَ ۾ هوندا. (٣٣) هو نٿا ڏسن ڇا ته بيشڪ الله اهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي خلقيو آهي ۽ جو انهن جي خلقڻ ۾ بلڪل ڪونه ٿو ٿڪجي. بيشڪ هو مئلن کي زندهه ڪرڻ تي قادر آهي. بلڪ يقيناً هو هر شيءِ تي قادر آهي. (٣٤) ۽ جنهن ڏينهن ڪافرن کي باهه جي سامهون آندو ويندو (تنهن ڏينهن کانئن پڇيو ويندو ته) ڇا هي (قيامت) برحق نه آهي؟ هو چوندا ته قسم آهي اسان جي پروردگار جو ته، هائو (بيشڪ برحق آهي). کين چيو ويندو ته، توهان انڪار ڪندا هئو. سو هاڻي (ان جي نتيجي ۾) عذاب جو مزو چڪو. (٣٥) سو (اي پيغمبر!) تون صبر ڪر ۽ ثابت قدم رهه، جيئن اڳوڻا عالي همت رسول ثابت قدم رهيا. ۽ هنن (ڪافرن) بابت تڪڙ نه ڪر، ڇو ته هي ماڻهو جنهن ڏينهن اهو (عذاب) ڏسندا جنهن جو کين واعدو ڏنل آهي (تنهن ڏينهن ائين پيو معلوم ٿيندو ته ڄڻ ته) هو ڏينهن جي به ڪا گهڙي مس ترسيا هئا. (تنهنجو ڪم آهي فقط) پيغام پهچائڻ. (ياد رکو ته) فقط اهي ئي تباهه ٿيندا جيڪي (خدا جا) نافرمان باغي هئا.