سورت الاعراف مڪي (اعراف -مٿاهيون جايون)
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-10
وحي جو مقصد آهي بيدار ڪرڻ ۽ نصيحت ڏيڻ ۽ بدعملين جي نتيجن کان خبردار ڪرڻ
(١) الَمّصَ (٢) (اي پيغمبر! هي) ڪتاب آهي جو توتي نازل ڪيو ويو آهي. پوءِ ان (ڪتاب) جي ڪري تنهنجي سيني ۾ ڪجهه به تنگي ۽ تڪليف نه هئڻ گهرجي (۽ نه ٿيندي) انهيءَ لاءِ ته تون هن (ڪتاب) جي وسيلي (انڪار ۽ بدعملي جي نتيجن کان) خبردار ڪرين. (۽ هي ڪتاب) ايمان وارن لاءِ بيداري ۽ نصيحت ٿئي. (٣) (اي انسانو!) توهان جي پروردگار وٽان جيڪي اوهان ڏي موڪليو ويو آهي (يعني جيڪو منهنجو وحي اوهان کي منهنجو رسول ٻڌائي ٿو) تنهن جي پيروي ڪيو (ان تي عمل ڪيو) ۽ خدا کي ڇڏي اوليائن (جن کي توهان خدا سان شريڪ ٿا ڪيو ۽ سمجهو ٿا ته خدا وٽ هنن جي رسائي آهي ۽ اسان جي مدد ڪندا اهڙن خيالن) جي تابعداري نه ڪريو. (افسوس جو) توهان (اهڙي سولي ڳالهه نٿا سمجهو ۽) تمام ٿورا آهيو جو نصيحت حاصل ڪيو ٿا. (٤) ۽ (اي انسانو! عبرت وٺو، ڏسو ته) ڪيترا نه شهر اسان تباهه ڪري ڇڏيا (هن ڪري جو انهن جي ماڻهن تڪبر ۽ ظلم ڪيو ۽ خدا جي حڪمن جي نافرماني ڪئي) اسان جو عذاب هنن تي رات جي وقت (اوچتو) اچي ڪڙڪيو يا ڏينهن جي وقت جڏهن (منجهند واري مٺي) ننڊ ۾ هئا. (٥) جنهن وقت هنن جي مٿان اسان جو عذاب اچي ڪڙڪيو تنهن وقت هنن جي وات ۾ فقط اهائي وائي هئي ته بيشڪ اسان سچ پچ ظالم هئاسين. (٦) پوءِ (قيامت جي ڏينهن) اسان انهن ماڻهن کان ضرور پڇاڻو ڪنداسين جن ڏي اسان رسول موڪليا هئا ۽ رسولن کان به پڇا ڪنداسين (ته توهان پنهنجي ماڻهن کي اسان جا ڪهڙا حڪم پهچايا ۽ انهن ڪيتري قدر اسان جي حڪمن جي تعميل ڪئي). (٧) (پر) پوءِ جيئن ته اسان کي (اڳيئي) سڀ ڪجهه معلوم آهي سو اسان سڀ حالتون کين ٻڌائينداسين، ڇو ته اسان ڪٿي به (۽ ڪنهن به وقت هنن کان پري) غائب يا غيرحاضر ڪونه هئاسين (۽ اسان نه رڳو سندن عمل پئي ڏٺا پر سندن دل جا خيال به معلوم پئي ڪيا.) (٨) انهيءَ (قيامت جي) ڏينهن (عملن جي) تور بلڪل ٺيڪ ٺيڪ ڪئي ويندي پوءِ جن ماڻهن جي (نيڪ عملن جو) پڙ ڳورو ٿيندو سي ئي ڪامياب ٿيندا (۽ بهشت جون نعمتون ماڻيندا). (٩) ۽ جن ماڻهن جي (نيڪ عملن جو) پڙ هلڪو ٿيندو تن جون جانيون هلاڪت ۾ پونديون، ڇو ته هنن اسان جي آيتن ۽ حڪمن بنسبت بي انصافي ئي هئي (۽ انهن تي عمل ڪرڻ بدران مخالفت ڪئي هئائون). (١٠) ۽ (اي انسانو!) اسان توهان کي زمين تي (پنهنجي پنهنجي حد اندر) حڪمراني ڏني آهي (يا سلامتيءَ سان رهايو آهي) ۽ ان زمين ۾ توهان جي زندگيءَ ۽ گذران جو سامان ۽ وسيلا ٺاهيا آهن (پر افسوس!) توهان ماڻهو گهڻي قدر بي شڪري ٿا ڪيو (جو خدا جي نعمتن خصوصاً وحي جي نعمت جو پورو فائدو نٿا وٺو.)
رڪوع ٢ آيت 11-تا-25
بني آدم لاءِ ٻه واٽون ٿيون هڪ آدم واري، جو ڀل ٿئي ته توبه ڪري ۽ ٻي ابليس واري يعني قصور ڪرڻ بعد به سرڪشي ڪري.
(١١) ۽ (اي انسانو! ڏسو ته) اسان ئي توهان کي پيدا ڪيو ۽ (نه رڳو پيدا ڪيو پر پيدا ڪرڻ بعد ظاهري توڙي معنوي طور سهڻي) صورت ڏني (۽ علم سيکاريو ۽ فرشتن کان به مٿاهون درجو ڏنو) پوءِ اسان فرشتن کي حڪم ڪيو ته آدم جي اڳيان جهڪو. پوءِ سڀئي فرشتا (آدم جي اڳيان تعظيم لاءِ) جهڪيا ۽ نوڙيا، پر ابليس نه جهڪيو ۽ جهڪڻ وارن سان شامل نه ٿيو. (١٢) (تنهن تي الله تعاليٰ ابليس کان) پڇيو ته، جڏهن مان توکي سجدي ڪرڻ جو حڪم به ڏنو تڏهن ڪهڙي ڳالهه توکي روڪيو جو سجدو نه ڪيئي؟ ابليس ورندي ڏني ته مان هن (يعني آدم) کان بهتر آهيان ڇو ته مون کي باهه مان پيدا ڪئي ۽ هن کي مٽيءَ مان پيدا ڪئي. (١٣) الله تعاليٰ (تنهن تي) حڪم ڪيو ته (اي ابليس!) جنت مان نڪري وڃ مناسب ناهي ته تون هن حالت ۾ رهي تڪبر ڪرين. نڪري وڃ ٻاهر. يقيناً تون ذليلن خسيسن مان آهين. (جيڪي هميشه خوار خراب رهن ٿا). (١٤) ابليس چوڻ لڳو ته (اي خدا!) مون کي انهيءَ ڏينهن تائين مهلت ڏي، جنهن ڏينهن (جزا ۽ سزا لاءِ) ماڻهن کي وري اٿاريو ويندو. (١٥) الله تعاليٰ فرمايو ته توکي مهلت آهي. (١٦) (حاسد ابليس مهلت وٺي) چيو ته (اي خدا!) جيئن ته تو مون کي بي راهه ڪري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري مان به ماڻهن کي تنهنجي سڌي (راهه کان ڀلائي گمراهه ڪري کڏ ۾ ڪيرائڻ لاءِ) واٽ تي (لڪي ڇپي) ويهي رهندس. (١٧) ۽ پوءِ يقيناً انهن ماڻهن جي اڳئين پاسي کان پٺئين پاسي کان انهن جي ساڄي پاسي کان ۽ پڻ کاٻي پاسي کان (يعني هر طرف کان ۽ هر حيلي ۽ ٺڳيءَ سان) وٽن ايندس (۽ گمراهه ڪندس، تان جو) تون ڏسندين ته هنن مان گهڻا تنهنجي (نعمتن جي) شڪرگذاري نه ڪندا (۽ تنهنجي نافرماني ڪري ظلم ڪندا. (١٨) الله تعاليٰ (تنهن تي) فرمايو ته، (اي ابليس) هتان خوار خراب ۽ تڙيل ٿي نڪري وڃ. بيشڪ (ائين ٿيندو جو) جيڪو به ماڻهن منجهان تنهنجي پيروي ڪندو تنهن سان ۽ اوهان سڀني سان (يعني تون، تنهنجا سنگتي شيطان ۽ تنهنجي پيروي ڪندڙ انسانن سان) دوزخ کي ڀري ڇڏيندس. (١٩) ۽ (الله تعاليٰ فرمايو ته) اي آدم! تون ۽ تنهنجي اهليه (بي بي حوا) جنت ۾ رهو ۽ جيڪي به وڻيؤ سو مزي سان کائو. پر هن وڻ کي ويجهو به نه وڃجو. جيڪڏهن ويجهو ويندؤ ته (خدا جي نافرماني سببان) ظالمن ۽ گنهگارن ۾ شمار ڪيا ويندؤ. (٢٠) پوءِ شيطان هنن (آدم ۾ حوا) جي دلين ۾ وسوسو وڌو انهيءَ لاءِ ته انهن (جي فطرت) ۾ جيڪو ستر يا شرمگاهه کانئن لڪل هو سو کين کولي ڏيکاري. سو کين شيطان چيو ته، اوهان جي رب اوهان کي هن وڻ کان ٻئي ڪنهن به سبب نه روڪيو آهي، سواءِ هن (سبب جي ته) توهان ٻئي (ان وڻ جي ويجهو وڃڻ سان) فرشتا نه بنجي پئو يا جنت ۾ هميشه رهڻ وارن منجهان نه ٿي پئو. (٢١) ۽ شيطان هنن کي قسم کڻي چيو ته مان سچ پچ اوهان ٻنهي جو خير خواهه آهيان ۽ چڱيءَ ۽ سچي نصيحت ڏيندڙ آهيان. (٢٢) پوءِ اهڙيءَ طرح شيطان ٻنهي کي فريب ڏئي ڦاسايو. پوءِ هنن اڃا وڻ کي چکيو مس ته هنن جي (فطرت ۾ رکيل) شرمگاهه يعني اوگهڙ جا عضوا ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا (سو ڇا ڪيائون جو شرم کان) باغ جي پنن سان پنهنجي جسم کي ڍڪڻ لڳا ۽ سندس پروردگار کين پڪاري چيو ته، مان توهان ٻنهي کي انهيءَ وڻ (کي ويجهو وڃڻ) کان منع ڪين ڪري ڇڏي هئي؟ ۽ توهان کي ٻڌائي ڪين ڇڏيو هوم ته شيطان اوهان جي کليو کلايو دشمن آهي؟ (٢٣) (تڏهن هڪدم) ٻنهي چئي ڏنو ته، اي اسان جا پروردگار! اسان پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو (۽ پاڻ کي نقصان پهچايو) ۽ جيڪڏهن تون اسان کي نه بخشيندين ۽ اسان تي رحم نه ڪندين ته اسان ضرور تباهه ٿي وينداسين. (٢٤) الله تعاليٰ (کين) فرمايو ته هيٺ لهي وڃو (يعني جنت مان نڪري زمين تي رهو ۽ مَلڪَي زندگيءَ مان نڪري حيواني حالت ۾ اچو) توهان (سڀني انسانن) ۾ هڪ ٻئي لاءِ دشمنيءَ جو مادو هوندو ۽ (آئنده) اوهان جي لاءِ زمين تي رهڻ جي جاءِ آهي ۽ ڪنهن (مقرر) وقت تائين اتي رهي (دنيائي) فائدا ۽ نعمتون ماڻيندؤ. (٢٥) (الله تعاليٰ کين هيئن پڻ) فرمايو ته انهيءَ ئي زمين تي رهي زندگي گذاريندؤ ۽ انهيءَ زمين تي مرندؤ ۽ پوءِ (آخر) انهيءَ ئي زمين مان (ٻيهر جيئاري قيامت جي ڏينهن) اوهان کي (قبرن مان) اٿاري ٻاهر ڪڍيو ويندو.
رڪوع ٣ آيت 26-تا-31
تقويٰ روح جي لاءِ حفاظت ۽ زينت آهي
(٢٦) اي آدم جا اولاد! تحقيق اسان توهان جي لاءِ لباس نازل ڪيو (يعني ڪپڙا مهيا ڪيا) انهيءَ لاءِ ته توهان جي شرمگاهن کي ڍڪي ۽ پڻ زينت جو سامان مهيا ڪياسين. (پر ياد رکو ته) تقويٰ (يعني الله جي نافرمانيءَ کان بچڻ) جو لباس ئي بهترين لباس آهي. (۽ پڻ ياد رکو ته) هي الله تعاليٰ جي نشانين منجهان آهن (جي انهيءَ لاءِ نازل ڪيون ويون آهن) ته من ماڻهو نصيحت وٺن. (٢٧) اي آدم جا اولاد! (خبردار) متان شيطان اوهان کي ڀلائي وجهي. جهڙيءَ طرح هن اوهان جي ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ (آدم ۽ حوا) کي ڀلائي جنت مان ٻاهر ڪڍائي ڇڏيو ۽ هنن جو (الله تعاليٰ جي فرمانبرداريءَ جو) لباس لهارائي ڇڏيائين، انهيءَ لاءِ ته هنن کي سندن شرمگاهه کولي ڏيکاري. (ياد رکو ته) اهو شيطان ۽ سندس لشڪر (هر وقت) اهڙيءَ طرح توهان کي نظر ۾ رکيو ويٺو آهي، جي توهان انهن کي ڏسي نٿا سگهو. (هو توهان کي ڀلائڻ لاءِ اهڙا موقعا ۽ وجهه تاڙي ٿا وٺن جو توهان کي پتوئي نٿو پوي. تنهن ڪري هر وقت خبردار رهو ۽ فقط خدا ۾ ايمان رکي سندس ئي حڪمن تي عمل ڪيو) يقين ڄاڻو ته جيڪي ماڻهو (خدا تي) ايمان نٿا رکن (اهي ئي ڀلجن ٿا ۽) انهن ئي لاءِ اسان شيطان کي سندن دوست بنايون ٿا. (٢٨) ۽ جڏهن هي (ڪافر) ڪو بي شرميءَ جو ڪم ڪن ٿا تڏهن چون ٿا ته اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي انهيءَ طريقي تي هلندو ڏٺو ۽ خدا به اسان کي اهوئي حڪم ڏنو آهي. (الله تعاليٰ (ڪڏهن به) بي شرميءَ جي ڪمن ڪرڻ جو حڪم نٿو ڏئي. ڇا (خود) خدا تي اهڙيون (ڪوڙيون) ڳالهيون ٿا مڙهيو جن بنسبت توهان کي ڪجهه به علم ڪونهي؟ (٢٩) (اي پيغمبر! تون انهن ماڻهن کي) چئو ته منهجي پروردگار (هر حالت ۾) اعتدال جي راهه اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي (پڻ حڪم ڪيو آهي ته) نماز جي هر وقت تي ۽ هر هنڌ پنهنجا منهن بلڪل سڌا رکو (يعني پوريءَ طرح الله جي اڳيان نياز جو سر جهڪايو) ۽ الله کي سچي دل سان ۽ ڪامل فرمانبرداريءَ جي نيت سان پڪاريو (ياد رکو ته) جهڙيءَ طرح الله تعاليٰ اوهان کي پهريائين پيدا ڪيو تهڙيءَ طرح اوهان (موت کان پوءِ ڏانهنس) موٽندؤ. (٣٠) الله تعاليٰ هڪڙيءَ ٽوليءَ کي (سندن اخلاص سبب ڪاميابي ۽ سعادت جي) راهه وٺائي آهي ۽ ٻي ٽوليءَ تي گمراهي (حق ۽ انصاف سان) واجب ٿي آهي، ڇو ته هنن الله کي ڇڏي شيطانن کي پنهنجو رفيق ۽ مددگار بنايو آهي ۽ (ڀلجي) سمجهن ٿا ته اسان سچي هدايت جي واٽ ورتي آهي. (٣١) اي آدم جا اولاد! نماز جي هر وقت ۽ هر هنڌ سٺائي ۽ سينگار رکو ۽ (بيشڪ) کائو پيئو، (يعني الله تعاليٰ جون ڏنل نعمتون ماڻيو) پر حدن کان ٻاهر نه وڃو. (حدن کان ٻاهر وڃڻ ۾ اوهان جو ئي نقصان آهي) بيشڪ الله تعاليٰ انهن کي پسند نٿو ڪري جيڪي حدن کان ٻاهر ٿا وڃن.
رڪوع ٤ آيت 32-تا-39
اسلام خدا جي ڏنل نعمتن کي ڪم آڻڻ جو حڪم ٿو ڏئي.
(٣٢) اي پيغمبر تون) ماڻهن کان پڇ ته الله تعاليٰ زينت جو جيڪو ساز سامان پنهنجي بندن لاءِ پيدا ڪيو آهي، تنهن کي ۽ کائڻ پيئڻ جي صاف ۽ سٺين شين کي ڪنهن حرام ٺهرايو آهي؟ کين ٻڌاءِ ته اهي سڀ شيون دنيا ۾ ئي ايمان وارن لاءِ آهن، قيامت جي ڏينهن ته خالص طور (دنيائي تڪليفن کان پاڪ) فقط، مؤمنن لاءِ آهن (ڏسو) اهڙيءَ طرح اسان پنهنجون آيتون (سمجهاڻيون ۽ حڪم) کولي کولي بيان ڪيون ٿا انهن ماڻهن لاءِ جيڪي علم ۽ سمجهه رکن ٿا. (٣٣) (اي پيغمبر! تون ماڻهن کي) ٻڌاءِ ته منهنجي پروردگار ته بي حيائيءَ جون ڳالهيون ۽ ڪم حرام ڪيا آهن، پوءِ اهي ظاهر هجن توڙي لڪل هجن ۽ پڻ گناهه جا ڪم ۽ زيادتي وارا ڪم جي حق ۽ انصاف جي خلاف هجن (حرام ڪيا اٿس ۽ هيءَ ڳالهه به حرام ٺهرائي اٿس ته) اوهان الله سان ڪنهن کي شريڪ ٺهرايو جنهن لاءِ ڪابه سند نازل ڪانه ڪئي اٿس ۽ (هيءَ ڳالهه به حرام ٺهرائي اٿس جو) خدا تي اهڙيون (ڪوڙيون) ڳالهيون مڙهيو جن بابت توهان کي ڪوبه علم ڪونهي. (٣٤) ۽ هرهڪ قوم لاءِ هڪڙو وقت ٺهرايل آهي (جنهن وقت هن تي عذاب ايندو يا بربادي ٿيندي) پوءِ جڏهن هنن تي اهو وقت اچي ويندو تڏهن نڪي هڪ گهڙي (ان عذاب يا تباهي کي) دير ڪرائيندا نڪي هڪ گهڙي ان کي اڳي آڻي سگهندا. (٣٥) اي آدم جا اولاد! جڏهن جڏهن اوهان ڏي اوهان منجهان رسول اچن جي اوهان کي منهنجون آيتون پڙهي ٻڌائين تڏهن جيڪو به تقويٰ اختيار ڪندو (يعني گناهن کان پاڻ بچائيندو) ۽ نيڪ عمل ڪندو ته پوءِ اهڙن ماڻهن لاءِ نڪو ڪو خوف هوندو نڪي هو غمگين ٿيندا. (٣٦) ۽ اهي ماڻهو جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو ۽ تڪبر ڪري انهن جي خلاف عمل ڪيائون سي دوزخي آهن ۽ هميشه دوزخ ۾ رهندا. (٣٧) پوءِ اهڙي شخص کان ڪير وڌيڪ ظالم ٿي سگهي ٿو جو الله تي ڪوڙ مڙهي ۽ سندس حڪمن کي ڪوڙو ٺهرائي رد ڪري. انهن ماڻهن جي نصيب ۾ جيڪي لکيل آهي، سو کين (هن دنيا ۾) ملندو. تان جو جڏهن اسان جا موڪليل (موت جا ملائڪ) سندن جانيون قبض ڪرڻ لاءِ وٽن پهچي ويندا، تڏهن کين (اهي ملائڪ) چوندا ته توهان الله کي ڇڏي جن (ديوتائن) کي پڪاريندا هئو سي ڪٿي آهن؟ هو (ڪافر) جواب ۾ چوندا ته اسان کي ڇڏي گم ٿي ويا ۽ اهي ڪافر پاڻ پنهنجي خلاف شاهدي ڏيندا ته سچ پچ اسان ڪافر هئاسين. (٣٨) (پوءِ الله تعاليٰ جو) حڪم ٿيندو ته جيڪي (منڪر) ٽوليون جنن ۽ انسانن مان توهان کان اڳي گذريون آهن تن سان گڏ توهان به دوزخ ۾ داخل ٿيو. جڏهن به ڪا ٽولي دوزخ ۾ داخل ٿيندي تڏهن اڳي داخل ٿيل ٽوليءَ تي لعنت ڪندي (ڇو ته انهن وڏن ننڍن کي سنئين واٽ نه ڏيکاري). تان جو جڏهن اهي سڀ ٽوليون ان ۾ گڏ ٿي وينديون تڏهن پويون ٽوليون اڳين ٽولين بنسبت چونديون ته اي اسان جا پروردگار! هنن ماڻهن اسان کي گمراهه ڪيو هو، تنهن ڪري هنن کي دوزخ جي باهه جو ٻيڻو عذاب ڏي. الله تعاليٰ فرمائيندو ته، توهان سڀني (اڳوڻن توڙي پوين) لاءِ ٻيڻو عذاب آهي، پر توهان نٿا ڄاڻو (جيئن اڳوڻن اوهان کي گمراهه ڪيو، تيئن اوهان به ننڍن کي گمراهه ڪيو). (٣٩) ۽ پهريون ٽوليون پوئين ٽولين کي چونديون ته اوهان اسان کان بهتر ڪونه آهيو. سو توهان به جيڪي عمل ڪمايا آهن، تن جي بدلي ۾ عذاب چکو.
رڪوع ٥ آيت 40-تا-47
بهشت وارن جون دليون بغض ۽ ساڙ کان پاڪ هونديون.
(٤٠) يقين ڄاڻو ته جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرائي رد ڪيو ۽ تڪبر ڪري انهن جي مخالفت ڪئي تن جي لاءِ آسمان جا (يعني معافي ۽ رحمت جا) دروازا نه کيوليا ويندا، نڪي اهي جنت ۾ داخل ٿيندا جيستائين ڪه اٺ سئيءَ جي سوراخ مان لنگهي وڃي. (يعني نڪي اُٺ سئيءَ جي سوراخ مان لنگهي سگهندو نڪي هو جنت ۾ داخل ٿي سگهندا) اهڙيءَ طرح اسان گنهگارن کي (بدعملن جو) بدلو ڏيون ٿا ۽ ڏينداسين. (٤١) انهن (منڪرن) لاءِ باهه بسترو ٿيندي (يعني باهه تي ليٽايا ويندا) ۽ سندن مٿان به باهه جي چادر يا سوڙ هوندي، ظالمن کي اسان اهڙيءَ طرح (سندن ظلم جو) بدلو ڏيندا آهيون. (٤٢) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل به ڪيا (ياد رکڻ گهرجي ته) اسان ڪنهن به شخص کي سندس طاقت کان ٻاهر (نيڪ عملن ڪرڻ جي) تڪليف نٿا ڏيون. اهي ماڻهو جنتي آهن ۽ هميشه جنت ۾ رهندا. (٤٣) ۽ انهن (نيڪ ماڻهن) جي سينن ۾ جيڪو ڏک يا ڪينو (انهن بنسبت جن کين دنيا ۾ ايذاءَ ڏنا هئا) هوندو، سو اسان ڪڍي ڇڏينداسين. (انهيءَ لاءِ ته هنن جي هيٺان نهرون وهندڙ هونديون ۽ هو (بي اختيار) چئي ڏيندا ته حمد (يعني سڀ ساراهه) آهي الله جي، جنهن اسان کي (ڪاميابي ۽ سعادت جي) سڌي واٽ تي هلايو. ۽ (ان واٽ تي هلڻ سببان) اسان کي هن (جنت) ڏانهن آندائين. جيڪڏهن الله تعاليٰ اسان کي سڌي واٽ تي نه لڳائي ها ته اسان پنهنجو پاڻ ڪڏهن به اها واٽ نه لهي سگهون ها. اسان جي پروردگار جا رسول سچ پچ حق ۽ صداقت کڻي اسان وٽ آيا هئا. پوءِ انهن (نيڪ ماڻهن) کي پڪاري چيو ويندو ته ڏسو اها اٿؤ جنت جا اوهان جي (نيڪ) عملن سبب اوهان کي ورثي ۾ ڏني وئي آهي. (٤٤) ۽ جنت وارا ماڻهو دوزخ وارن کي سڏي چوندا ته جنهن ڳالهه جو واعدو اسان جي پروردگار اسان سان ڪيو هو سو اسان جي حق ۾ سچو نڪتو (۽ اسان جنت ۾ داخل ٿيا آهيون) (هاڻي اوهان ٻڌايو ته) جيڪو واعدو (دوزخ ۾ وجهڻ جو) اوهان جي پروردگار اوهان سان ڪيو هو سو به اوهان جي حق ۾ سچو نڪتو آهي يا نه؟ اهي چوندا ته هائو (اهو واعدو به سچو نڪتو ۽ اسان دوزخ جو عذاب پيا ٿا چکون) پوءِ هڪڙو آواز ڏيندڙ انهن ۾ آواز ڏيندو ته ظالمن تي خدا جي لعنت آهي. (٤٥) (انهن ظالمن تي خدا جي لعنت آهي) جي ماڻهن کي الله جي راهه (تي هلڻ) کان روڪيندا هئا ۽ ان (واٽ) ۾ ڏنگائي ڦڏائي (۽ عيب) ڳوليندا هئا (۽ ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا) ۽ هو آخرت جا منڪر هئا، (تنهن ڪري ئي هو بي باڪ ٿي اهي ڪم ڪندا هئا). (٤٦) ۽ جنتي ماڻهن ۽ دوزخي ماڻهن جي وچ ۾ پردو هوندو. پر اتاهين جاين تي (پيغمبر ۽ ٻيا صالح) ماڻهو هوندا جيڪي بهشتين ۽ دوزخين کي سندن نشانين منجهان سڃاڻي وٺندا ۽ جنتين کي سڏي چوندا ته اوهان تي سلامتي هجي (اوهان اجهو ٿا جنت ۾ داخل ٿيو). اهي اڃا (جنت ۾) داخل ڪونه ٿيا هوندا پر کين اميد ۽ آسرو هوندو (ته اجهو ٿا داخل ٿيون). (٤٧) ۽ (وري) جڏهن (انهن صالحن جون) اکيون دوزخين تي پونديون تڏهن هو چوندا ته، اي اسان جا پروردگار! اسان کي ظالمن جي سنگت ۾ نه موڪلجانءِ.
رڪوع ٦ آيت 48-تا-54
اتي مسڪينن جي سامهون ظالم وڏيرن کي پشيمان ۽ ذليل ڪيو ويندو
(٤٨) ۽ مٿاهين جاين وارا (دوزخي) ماڻهن کي، جن کي سندن نشانين جي ڪري سڃاڻي وٺندا، سڏ ڪري چوندا ته، توهان جو وڏو لشڪر (يا گڏ ڪيل ناڻو ۽ سامان) ۽ توهان جو تڪبر توهان کي ڪنهن به ڪم نه آيو. (اهو توهان کي توهان جي بدعملن جي نتيجن کان بچائي نٿو سگهي.) (٤٩) (پوءِ مٿاهين جاين وارا صالح ماڻهو تڪبر ڪندڙ دولت مند دوزخي ماڻهن کان پڇندا ته) هي جنتي اهي ئي (مسڪين) ماڻهو ناهن جن بنسبت توهان (ڌڪار ۽ نفرت سان) قسم کڻي چوندا هئو ته، انهن تي الله تعاليٰ هرگز رحمت نه ڪندو؟ (هاڻي ته اکيون کولي ڏسي سگهو ٿا). (الله تعاليٰ انهن مسڪينن کي خطاب ڪري فرمائي رهيو آهي ته) جنت ۾ داخل ٿيو اوهان تي ڪوبه خوف خطرو ڪونه هوندو ۽ نڪي توهان غمگين ٿيندؤ. (٥٠) ۽ دوزخ وارا ماڻهو جنت جي ماڻهن کي سڏي چوندا ته اسان تي ڪجهه پاڻي ڇڻڪايو (يا پرٽايو، جو گرمي اسان کي بي تاب ڪري وڌو آهي.) ۽ جيڪي الله تعاليٰ اوهان کي کائڻ لاءِ ڏنو آهي، تنهن مان اسان کي به ڪجهه ڏيو. اهي جنتي ماڻهو جواب ڏيندا ته الله تعاليٰ اهي ٻئي شيون حق جي منڪرن لاءِ حرام ٺهرايون آهن. (تنهن ڪري اوهان کي ڪونه ملي سگهنديون.) (٥١) (اهي ڪافر انهن نعمتن کان محروم رهندا) جن پنهنجي دين کي کيل تماشو بنائي رکيو هو ۽ جن کي هن دنيا جي زندگيءَ (جي حرصن هوسن) فريب ڏنو. تنهن ڪري اڄ (قيامت جي ڏينهن) اسان هنن کي (ڄاڻي واڻي) وساري ڇڏينداسين جو هنن به هن پنهنجي ڏينهن تي اسان وٽ حاضر ٿيڻ (جي حقانيت) کي وساري ڇڏيو هو ۽ (پڻ هن ڪري اسان کين وساري ڇڏينداسين جو) هنن اسان جي آيتن (۽ حڪمن) کي نه مڃيو هو (۽ انهن جي ابتڙ عمل ڪيا هئا.) (٥١) ۽ اسان هنن (سڀني ماڻهن) ڏانهن هڪ ڪتاب (قرآن مجيد) آندو آهي ۽ اسان ان ڪتاب ۾ (پنهنجي ڪامل) علم (۽ حڪمت) سان تفصيل سان روشن هدايتون ڏنيون آهن. (اهو ڪتاب) ايمان آڻيندڙ ماڻهن لاءِ (ڪاميابيءَ جي) راهه ڏيکاريندڙ ۽ (سراسر) رحمت آهي. (٥٣) ڇا اهي (منڪر) ماڻهو فقط انهيءَ لاءِ ترسيا ويٺا آهن ته ڏسون ته ڪيئن ۽ ڪڏهن خدا جو واعدو ۽ حڪم (عذاب بنسبت) سچو ٿو ثابت ٿئي؟ (اهي بيوقوف ايترو به نٿا سمجهن ته) جڏهن اهو ڏينهن ايندو جنهن ڏينهن خدا جو واعدو سچو ثابت ٿيندو (تڏهن ايمان آڻڻ ۽ عمل ڪرڻ جو وقت گذري ويو هوندو ۽ عذاب کي هو ٽاري ڪونه سگهندا ۽) جن (ڪافرن) ان (قيامت جي) ڏينهن کي اڳي خيال ۾ ئي ڪونه آندو هو سي پوءِ چوندا ته بيشڪ اسان جي پروردگار جا رسول سچائي سان آيا (۽ سچ ٻڌايائون ته منڪر دوزخ ۾ پوندا) ۽ پڻ چوندا ته ڪي شفاعت ڪرڻ وارا هجن جيڪي اسان جي لاءِ (خدا وٽ) سفارش ڪن. يا (شال هيئن ٿئي جو) اسان کي (دنيا ۾) موٽايو وڃي ته جيڪي (بد) عمل اسان ڪيا هئا تن جي ابتڙ (نيڪ) عمل وڃي ڪيون. (پر نڪو هوندن ڪو سفارش ڪرڻ وارو، نڪي دنيا ڏانهن موٽايا ويندا). حقيقت هي آهي ته هنن پاڻ کي پاڻ نقصان هيٺ آندو ۽ جيڪي ڪوڙ ٺاهيا هئائون ۽ ڪوڙا ديوتائون ٺهرايا هئائون سي کانئن گم ٿي ويا.
رڪوع ٧ آيت 54-تا-58
خدا جي رحمت نيڪ عمل ڪندڙن کي ويجهي آهي ۽ اهي ڪامياب ٿيندا.
(٥٤) (اي انسانو!) بيشڪ توهان جو پروردگار الله ئي آهي، جنهن آسمانن کي ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ خلقيو ۽ (ڪائنات جي) تخت تي قائم ۽ محڪم رهيو (يعني دنيا جي نگهباني ڪندو ٿو رهي.) اهوئي الله تعاليٰ رات سان ڏينهن کي ڍڪي ٿو (يعني رات جو پردو ڏينهن تي پوي ٿو) ۽ رات ڏينهن جي پٺيان چهٽي ملي اچي ٿي ۽ هن سج، چنڊ ۽ تارا بنايا جي سندس فرمان هيٺ آهن. (ياد رکو ته) خلقڻ ۽ حڪم هلائڻ فقط الله تعاليٰ جو ئي ڪم آهي. (نه ڪنهن ٻئي جو) وڏي برڪت واري آهي ذات الله جي جو سڄي جهان جو پروردگار آهي. (٥٥) (اي انسانو!) خدا کي نماڻائي ۽ آهه زاريءَ سان ۽ خلوت ۾ (اڪيلائي ۾ آهسته آهسته، (نه وڏي واڪي سان) پڪاريو. (ياد رکو ته الله تعاليٰ دل جا خيال به ڄاڻي ٿو. ظاهري ڏيک ويک ڪرڻ ۽ هٺ وڏائي رکڻ واري دعا يا نماز گهربل اخلاقي بلندي ۽ روحانيت پيدا نه ڪندي اٽلندو خدا کان دور ڪندي) يقين ڄاڻو ته الله انهن کي حب نٿو ڪري جي حدن کان ٻاهر وڃن. (٥٦) (اهڙي دعا زمين تي سڌارو ۽ امن امان پيدا ڪندڙ آهي) ۽ توهان (اي انسانو!) متان درستي انتظام ۽ امن امان بعد زمين تي فساد ۽ خرابيون پيدا ڪيو (ان لاءِ ضروري آهي ته) الله تعاليٰ کي خوف ۽ اميد جا جذبا رکي پڪاريو. (خوف اهو رکو ته متان اوهان کان خدا جي نافرمانيءَ جو ڪو ڪم ٿي وڃي ۽ اميد اها رکو ته چڱن ڪمن لاءِ توهان کي برڪتون نصيب ٿينديون) بيشڪ الله جي رحمت نيڪيون ڪندڙن کي بلڪل ويجهي آهي. (٥٧) ۽ اهوئي (الله) آهي جو هوائن کي پنهنجي رحمت (يعني برسات کان اڳي برسات) جي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ هوائيون موڪلي ٿو، تان جو جڏهن اهي هوائون (مينهن سان ڀريل) ڳورن ڪڪرن کي کڻي هلن ٿيون تڏهن اسان انهن (هوائن ۽ ڪڪرن) کي مئل (يعني خشڪ ۽ غيرآباد) ملڪن ڏانهن هڪاليون ٿا ۽ انهن ملڪن تي (برسات جو) پاڻي انهن ڪڪرن مان وسايون ٿا، پوءِ اسان ان پاڻيءَ جي وسيلي هر قسم جا ميوا ۽ ڦل پيدا ڪيون ٿا. (ياد رکو ته) اهڙيءَ ئي طرح اسان مئلن کي (وري زندهه ڪري) ٻاهر آڻيون ٿا، انهيءَ لاءِ ته من توهان غور ۽ فڪر ڪريو ۽ نصيحت وٺو. (٥٨) ۽ جيڪا زمين ڀلي ۽ سٺي آهي تنهن جي (ڪارائتي) سبزي خدا جي حڪم سان خوب اڀڙي ٿي، پر جيڪا زمين خراب آهي تنهن مان ڪجهه نٿو اڀڙي سواءِ بيڪار ٻوٽن جي. اهڙيءَ طرح اسان انهن ماڻهن لاءِ جي خدا جي نعمتن جو قدر ڪندڙ آهن ۽ انهن مان فائدو وٺن ٿا، پنهنجون آيتون کولي کولي طرح طرح سان بيان ڪيون ٿا.
رڪوع ٨ آيت 59-تا-64
اسان کي پنهنجن گمانن ٺاهڻ بدران رسولن تي ويساهه ڪرڻ گهرجي
(٥٩) بيشڪ اسان حضرت نوح کي سندس قوم ڏانهن (پيغمبر ڪري) موڪليو، سو هن پنهنجي قوم کي (همدردي ۽ محبت وچان) چيو ته اي منهنجي (پياري) قوم! الله جي بندگي ڪريو (شيطان جي بندگي ڇڏي ڏيو، يعني ٻين تي ظلم ڪرڻ ۽ ٻيا گناهه جا حڪم ڦٽي ڪيو. ياد رکو ته) الله کان سواءِ توهان جو ڪوبه معبود ڪونهي (جنهن جي ٻانهپ ڪيو. خدا جي حڪمن جي خلاف ڪنهن جي به حڪم جي تعميل ڪرڻي ناهي) بيشڪ مون کي اوهان جي بنسبت ڏاڍو خوف آهي ته متان اوهان تي وڏي ڏينهن جو عذاب اچي ڪڙڪي. (٦٠) سندس قوم جي سردارن چيو ته، (اي نوح) اسان توکي يقيناً کلي ۽ چٽي گمراهيءَ ۾ ڏسي رهيا آهيون. (٦١) حضرت نوح فرمايو ته، اي منهنجي قوم! مون ۾ ته ڪابه گمراهيءَ جي ڳالهه ڪانهي، بلڪ مان ته سڄي جهان جي پروردگار وٽان (اوهان ڏي) رسول ٿي آيو آهيان. (٦٢) مان اوهان کي پنهنجي پروردگار جا پيغام ۽ حڪم پهچايان ٿو ۽ مان توهان کي اخلاص سان چڱيون نصيحتون ٿو ٻڌايان (۽ اوهان جو ڀلو ٿو چاهيان. مان توهان کي حقيقت ٿو ٻڌايان ته) مون کي الله تعاليٰ وٽان انهن ڳالهين جو علم ٿو ملي جن ڳالهين جي اوهان کي ڪجهه به خبر ڪانهي. (٦٣) توهان کي هن ڳالهه تي عجب ٿو لڳي ڇا ته توهان مان هڪڙي شخص جي وسيلي توهان جي پروردگار وٽان توهان ڏي پيغام ۽ نصيحت اچي انهيءَ لاءِ ته توهان کي (نافرماني ۽ بدعملن جي نتيجن کان هو خبردار ڪري ۽) خوف ڏياري ۽ انهيءَ لاءِ ته توهان خدا جو خوف رکي صالح عمل ڪيو ته من توهان تي رحمت ٿئي. (٦٤) پوءِ (اهڙين سهڻين هدايتن ملڻ بعد به) هنن (منڪرن) حضرت نوح کي ڪوڙو ٺهرايو (۽ ڌمڪيون ڏنيون) پر اسان کيس ۽ جيڪي ساڻس (دين ۾) شامل هئا ٻيڙيءَ ۾ (چاڙهي ٻوڏ کان) بچايو. پر جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرايو تن کي (ٻوڏ جي پاڻي ۾) غرق ڪري ڇڏيوسين. يقيناً اهي (منڪر) ماڻهو (دل ۽ دماغ جا) انڌا ٿي ويا هئا.
رڪوع ٩ آيت 65-تا-72
گمراهه ماڻهو حق جو سڏ ڏيڻ تي پنهنجي خانداني ۽ نسلي وڏڙن جو بهانو وٺن ٿا.
(٦٥) ۽ (ساڳيءَ طرح) اسان قوم ڏي ( جا عربستان جي ڏکڻ ۾ رهندي هئي) سندن ڀاءُ حضرت هود کي رسول ڪري موڪليو. هن کين چيو ته، اي منهجي قوم! الله جي بندگي ڪيو، کانئس سواءِ ٻيو ڪوبه اوهان جو معبود ڪونهي (جنهن جي عبادت ڪيو) پوءِ توهان (سندس نافرمانيءَ جي نتيجن ۽ سزا کان) نٿا ڊڄو ڇا؟ (٦٦) پر سندس قوم مان جن مڃڻ کان انڪار ڪيو تن جي سردارن چيو ته اسان ڏسون ٿا ته تون حماقت (يعني بي وقوفي) ۾ پيل آهين ۽ توکي اسان يقيناً ڪوڙو ٿا سمجهون. (٦٧) (حضرت هود کين جواب ۾) چيو ته، اي منهنجي قوم! مون ۾ ته تر جيتري حماقت به ڪانهي، بلڪ مان ته سڄي جهانن جي پروردگار جي طرفان رسول ٿي آيو آهيان. (٦٨) آءٌ اوهان کي پنهنجي پروردگار جا پيغام ۽ حڪم پهچايان ٿو ۽ ايمانداريءَ سان توهان کي چڱيون نصيحتون ٿو ٻڌايان ۽ اوهان جو سچو خيرخواهه آهيان. (٦٩) توهان کي هن ڳالهه تي عجب ٿو لڳي ڇا ته توهان مان هڪڙي ماڻهو جي معرفت توهان جي پروردگار وٽان پيغام ۽ نصيحت آئي آهي؟ (حضرت هود اوهان ڏي رسول ڪري موڪليو ويو آهي) انهيءَ لاءِ ته توهان کي (گناهن ۽ ظلمن جي بدلي ۾ ايندڙ عذابن کان) خبردار ڪري (هيءَ حقيقت) ياد ڪريو ته الله تعاليٰ نوح جي قوم کان پوءِ اوهان کي سندن جانشين ڪيو ۽ قد، بت ۽ طاقت ۾ (ٻين قومن کان) وڌيڪ ڪيو. سو (اها ڳالهه ياد رکو ته) الله تعاليٰ جي نعمتن کي نه وساريو (۽ سندس نعمتن جو قدر ڪري سندس حڪمن جي پيروي ڪريو) انهيءَ لاءِ ته ڪاميابي ۽ سعادت حاصل ڪيو. (٧٠) هو (هٺيلا) چوڻ لڳا ته ڇا تون اسان وٽ هن لاءِ آيو آهين ته اسان فقط هڪ الله جي بندگي ڪيون ۽ جن جي بندگي اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا آيا آهن تن کي ڇڏي ڏيون؟ جيڪڏهن تنهنجي ڳالهه سچي آهي (ته اسان تي عذاب ايندو) ته ڀلا جنهن عذاب جو اسان کي ڊپ ڏيارين ٿو سو آڻ. (اسان کي ته يقين آهي ته تون ڪوڙو آهين ۽ اسان تي عذاب ڪونه ايندو). (٧١) حضرت هود جواب ۾) فرمايو ته، (جيڪڏهن توهان ايمان نٿا آڻيو ته ڏسو) توهان جي پروردگار جي طرف کان توهان تي عذاب ۽ غضب اچي ڪڙڪيو آهي. ڇا توهان مون سان (ديوتائن جي سکڻن) نالن جي باري ۾ بحث ۽ جهڳڙا ٿا ڪيو جي نالا توهان ۽ توهان جي وڏن پاڻ هٿراڌو ٺاهيا آهن جن بابت الله تعاليٰ ڪابه سند نازل نه ڪئي آهي؟ (جيڪڏهن توهان فلاح ۽ سعادت جي بدران عذاب ٿا گهرو ته) پوءِ (عذاب جو) انتظار ڪيو، مان به توهان سان گڏ انتظار ڪندڙن مان آهيان. (ترسو تباهي اجها ٿي اچي). (٧٢) پوءِ (ٿيو به ائين) اسان حضرت هود کي ۽ انهن کي جي ساڻس (دين ۾) شامل ٿيا هئا. (ايندڙ تباهيءَ کان) پنهنجي رحمت سان بچايو. پر جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ ايمان نه آندائون تن جون پاڙون به وڍي پٽي ڇڏيون سين.
رڪوع ١٠ آيت 73-تا-84
حضرت صالح ۽ حضرت لوط جي پنهنجي قومن کي گناهن تي تنبيهه
(٧٣) ثمود جي قوم ڏي به اسان سندن ڀاءُ حضرت صالح کي (پيغمبر ڪري) موڪليو. حضرت صالح (عليه السلام) کين چيو ته، اي منهنجي قوم! الله جي بندگي ڪيو. اوهان جي لاءِ کانئس سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي (جو بندگيءَ جو لائق هجي) توهان جي پروردگار وٽان توهان ڏي روشن دليل اچي چڪو آهي. هيءِ (جا ڏسو ٿا) خدا جي (موڪليل) ڏاچي آهي جا توهان لاءِ نشاني آهي، ان ڏاچيءَ کي ڇوٽ ڇڏيو ته خدا جي زمين تي چرندي وتي ۽ برائي جي نيت سان ان کي رڳو هٿ به نه لائجو. (جيڪڏهن ان کي ڪو نقصان رسائيندؤ ته) پوءِ اوهان تي سخت عذاب اچي ڪڙڪندو. (٧٤) ۽ اهو وقت ياد ڪريو جڏهن الله تعاليٰ اوهان کي عاد قوم کان پوءِ زمين تي سندن جانشين ڪيو ۽ زمين تي توهان کي (چڱيون) رهڻ جون جايون ڏنيون. توهان ان زمين جي ميدانن تي محلاتون ٺاهيو ٿا ۽ جبلن کي ٽڪي ٽڪي گهر ٺاهيو ٿا (يعني جبلن ۾ اندر غار ٺاهي تراشي تراشي سهڻا گهر بنايو ٿا) پوءِ الله تعاليٰ جي (اهڙين) نعمتن کي ياد ڪريو (۽ سندس نعمتن لاءِ شڪر گذار ٿي ڪري صالح عمل ڪيو) ۽ زمين تي فتنا فساد نه ڪندا وتو. (٧٥) تنهن تي (حضرت صالح جي) قوم جي هٺيلن سردارن انهن مسڪينن ضعيفن کان جن (حضرت صالح تي) ايمان آندو هو (ٽوڪ طرح) پڇيو ته، توهان کي خبر آهي ڇا ته صالح سچ پچ پنهنجي پروردگار جي طرفان موڪليل مرسل آهي؟ هنن (مسڪين مؤمنن) وراڻي ڏني ته، بيشڪ اسان انهن (سچين حقيقتن ۽ حڪمن) تي ايمان آندو آهي جن سان هن کي خدا موڪليو آهي. (٧٦) هٺيلن سردارن تنهن تي چيو ته، جن ڳالهين کي توهان (چڱيون سمجهي) ايمان آندو آهي تن کان اسان انڪار ٿا ڪريون (جو اسان کي اها تعليم ڪانه ٿي وڻي. ڀلا خودغرض ظالمن کي اها تعليم ڪيئن وڻندي ته مسڪينن سان عدل ۽ احسان ڪيو ۽ خدا جي زمين تي تڪبر سان نه گهمو). (٧٧) (پوءِ ڇا ڪيائون جو) انهيءَ ڏاچيءَ کي زخمي ڪيائون ۽ هٺيلائيءَ سان پنهنجي پروردگار جي حڪم جي مخالفت ڪيائون. ۽ (آڪڙ ۾ ڀرجي) چيائون ته اي صالح! جيڪڏهن تون مرسلن (موڪليلن) منجهان آهين ته ڀلا آڻ اهو عذاب جنهن جو اسان کي خوف ڏياريندو آهين. (اسان کي ته يقين آهي ته نڪي تون سچو رسول آهين، نڪي اسان تي ڪو عذاب ايندو). (٧٨) پوءِ (نيٺ خدا جو غضب منڪرن تي اچي ڪڙڪيو ۽) سخت زلزلي (يعني ڌرتيءَ جي ڌٻڻ) هنن کي اوچتو گهيري ورتو جنهن جي ڪري هو پنهنجي گهرن ۾ ڪريل ۽ ليٽيل حالت ۾ (دٻجي پورجي) فنا ٿي ويا (صبح جي وقت اونڌي منهن پيا هئا). (٧٩) ان وقت (حضرت صالح) هنن کان پنهنجو منهن ڦيرايو ۽ فرمايو ته، اي منهنجي قوم! مون ته پنهنجي پروردگار جو پيغام اوهان کي پهچائي ڏنو ۽ توهان جي خيرخواهي ڪري اوهان کي چڱيون نصيحتون ٻڌايم، پر (افسوس !جو) توهان خيرخواهن ۽ نصيحت ڪندڙن کي پسند نٿا ڪيو (هاڻي چکو خدا جو عذاب). (٨٠) ۽ لوط کي به اسان هڪڙي قوم ڏي پيغمبر ڪري موڪليو) هن پنهنجي قوم کي چيو ته، (وڏي شرم جي ڳالهه آهي) ڇا توهان اهڙي بي شرميءَ جو ڪم ٿا ڪيو جو اوهان کان اڳي سڄي جهان ۾ ڪنهن به نه ڪيو. (٨١) (يعني) توهان عورتن کي ڇڏي مردن ڏي شهوت راني ڪرڻ لاءِ ويندا آهيو ڇا؟ بلڪ (افسوس ۽ شرم!) توهان ماڻهو (فطرت جي) حدن کان ٻاهر نڪري ويا آهيو. (٨٢) پر هن جي قوم جو جواب ٻيو ڪوبه ڪونه هو، سواءِ هن جي جو چوڻ لڳا ته هنن (يعني حضرت لوط ۽ ايمان وارن) کي پنهنجي شهر مان لوڌي ٻاهر ڪڍو. اهي ماڻهو (ڏسو جو) اچي پاڪ ۽ صاف بڻيا آهن! (٨٣) پوءِ اسان حضرت لوط کي ۽ سندس ماڻهن کي (ايندڙ مصيبت کان) بچايو (يعني شهر مان ٻاهر آندو) سواءِ سندس زال جي جا پٺتي رهيل (عذاب چکڻ وارن منڪرن) ماڻهن ۾ رهجي پئي. (٨٤) ۽ پوءِ اسان انهن منڪرن تي پٿرن جو مينهن وسايو، پوءِ ڏسو ته گنهگارن جي پڇاڙي ڪهڙي (نه خراب) ٿي.
رڪوع ١١ آيت 85-تا-93
حضرت شعيب جي تبليغ ته ماپ تور پوري ڪريو، امن رکو ۽ فساد نه پکيڙيو
(٨٥) ۽ الله تعالي! مدين وارن ڏي سندن ڀاءِ شعيب کي پيغمبر ڪري موڪليو. هن کين چيو ته، اي منهنجي قوم! فقط الله جي بندگي ڪيو. ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه اوهان جو معبود ڪونهي (جنهن جي عبادت ڪيو) توهان وٽ توهان جي پروردگار جي طرف کان روشن دليل اچي چڪو آهي. سو آئينده توهان ماپ ۽ تور پوري ڪندا ڪريو ۽ ماڻهن کي سندن شيون گهٽ ڪري نه ڏيو ۽ ملڪ ۾ صلح امن امان ۽ انتظام هئڻ بعد وري فساد نه پکيڙيو. توهان ۾ جيڪڏهن ايمان هجي ته ان ۾ (يعني مٿين حڪمن مڃڻ ۾) توهان جي لاءِ گهڻي چڱائي ۽ بهتري آهي. (٨٦) ۽ ائين نه ڪيو، جو هرهڪ رستي تي ويهي ماڻهن کي دڙڪا ڏيو ۽ ڊيڄاريو ۽ الله جي راهه (سچي دين) کان انهن کي روڪيو جي الله تي ايمان ٿا آڻين. ۽ ان سچي راهه ۾ ڏنگائي ڦڏائي ڳولڻ لڳو ۽ اهو وقت ياد ڪيو جڏهن توهان ٿورڙا هئو. ۽ الله تعاليٰ اوهان کي تعداد ۾ وڌايو ۽ اکيون کولي ڏسو ته فساد ڪندڙن جي پڇاڙي ڪهڙي نه (خراب) ٿي! (٨٧) ۽ جيڪڏهن هڪ ٽولي اهڙي آهي جا توهان مان هن پيغام تي ايمان رکي ٿي جنهن جي پهچائڻ لاءِ الله تعاليٰ مون کي (رسول ڪري) موڪليو آهي ۽ هڪ ٽولي اهڙي آهي جا ان تي ايمان نه ٿي آڻي ته (ان حالت ۾) صبر ڪريو، جيستائين الله تعاليٰ اسان جي وچ ۾ فيصلو ڪري ۽ (يقين ڄاڻو ته) اهوئي بهترين فيصلو ڪندڙ حاڪم آهي.
حصو نائون
(٨٨) (حضرت) شعيب جي قوم جي هٺيلن سردارن چيو ته، اي شعيب! اسان توکي ۽ تنهنجي ساٿين کي جن توتي ايمان آندو آهي، يقيناً پنهنجي ڳوٺ مان ڪڍي ڇڏينداسين، يا ته اوهان اسان جي (ابن ڏاڏن جي) مذهب ۾ موٽي اچو (ته پوءِ اسان اوهان کي ملڪ نيڪالي ڪونه ڏينداسين). حضرت شعيب فرمايو ته، جيڪڏهن اسان (توهان جو غلط مذهب ۽ ظالم طريقا) ڌڪاريون ٿا ته به (توهان جو مذهب ۽ طريقا) اختيار ڪريون ڇا؟ (۽ روشنائيءَ کي ڇڏي اونداهي اختيار ڪريون ڇا؟) (٨٩) حضرت شعيب وڌيڪ فرمايو ته) جيڪڏهن اسان توهان جي دين ۾ موٽي اچون ته پوءِ اهو موٽي اچڻ ٿيو الله تعاليٰ تي ڪوڙ ۽ بهتان مڙهڻ. (ڇو ته حقيقتاً اهو غلطين ۽ گناهه جا ڪم الله تعاليٰ ڪونه سيکاريا آهن ۽ اسان ڪيئن غلط دين ۾ موٽي سگهون ٿا). جڏهن ته اسان کي الله تعاليٰ ان مان ڇڏايو آهي ۽ اسان جي لاءِ هي هرگز مناسب ناهي ته اسان ان (غلط دين) ۾ وري اچي داخل ٿيون، سواءِ هن جي جو (توهان جو دين سچو هجي ۽) اسان جو پروردگار پاڻ ائين چاهي. اسان جي پروردگار جو علم هر شيءِ تي پهچي ٿو (يعني الله تعاليٰ کي سڀ ڪجهه معلوم آهي). اسان ته الله تي توڪل رکي آهي (توهان ظالمن کان هرگز ڊڄڻ وارا ناهيون) اسان جي صدا ته هيءَ آهي ته) اي اسان جا پروردگار! اسان (مؤمنن) جي ۽ اسان جي (منڪر) قوم جي وچ ۾ حق ۽ صداقت سان فيصلو ڪرڻ فرماءِ ۽ تون ئي بهترين فيصلو ڪندڙ آهين. (٩٠) ۽ قوم مان جن (حضرت شعيب تي) ايمان آڻڻ کان انڪار ڪيو تن جي سردارن (قوم جي مؤمنن توڙي منڪرن کي) چيو ته، جيڪڏهن توهان شعيب جي پروي ڪئي ته يقيناً نقصان هيٺ ايندؤ (يعني اسان توهان کي پنهنجي ظالم ڪاررواين سان تباهه ڪري ڇڏينداسين.) (٩١) (تنهن تي الله تعاليٰ جو غضب منڪرن تي آيو ۽) پوءِ هنن کي ڌرتيءَ جي زلزلي اچي پڪڙ ڪئي. جنهن جي ڪري هو پنهنجي گهرن ۾ ڪريل ۽ ليٽيل حالت ۾ (دٻجي پورجي) فنا ٿي ويا (صبح جي وقت اونڌي منهن پيا هئا). (٩٢) (ڏسو ته) جن ماڻهن شعيب کي ڪوڙيو سمجهي نه مڃيو سي (اهڙا ته فنا ٿي ويا جو) گويا هو ڪڏهن انهن گهرن ۾ رهيائي ڪونه هئا (جن ۾ دنيائي نعمتون ماڻيون هئائون ۽ ڏسو ته اهي منڪر مؤمنن کي ڪوبه نقصان پهچائي ڪونه سگهيا اٽلندو) اهي ئي تباهه ٿي ويا جن حضرت شعيب کي ڪوڙو سمجهي مٿس ايمان نه آندو. (٩٣) پوءِ حضرت شعيب انهن منڪرن کان منهن موڙي هليو ويو ۽ چيائين ته، اي منهنجي قوم! مون ته بيشڪ پنهنجي پروردگار جا موڪليل پيغام ۽ حڪم اوهان کي پهچائي ڏنا ۽ اوهان جي خيرخواهي ڪري چڱيون نصيحتون ڏنم. (مون پنهنجو فرض بجا آندو) پوءِ ڇو منڪر قوم (جي برباد ٿيڻ) تي اجايو ويهي افسوس ڪيان.
رڪوع ١٢ آيت 94-تا-99
جڏهن رسول ڪٿي اچي ٿو تڏهن سردار ۽ شاهوڪار مخالفت ڪن ٿا.
(٩٤) اسان جتي به ۽ جڏهن به ڪنهن بستيءَ ۾ نبي موڪليو تڏهن اتي جي رهندڙن کي تڪليف ۽ تنگيءَ ۾ مبتلا ڪيوسين، انهيءَ لاءِ ته هو نماڻائي سکن. (٩٥) پوءِ وري اسان ان تڪليف ۽ تنگيءَ جي جاءِ تي راحت ۽ آسودگي آندي ايتري قدر جو هنن خوب ترقي ڪئي ۽ وڌيا. پر پوءِ چوڻ لڳا ته اسان جي ابن ڏاڏن کي به ساڳيءَ طرح (پهريائين) سختي ۽ (پوءِ) راحت ۽ آسودگي پيش آئي هئي. (يعني هنن خدا جي قانون کي وساري اها ڳالهه رواجي سمجهي پر حقيقتاً هي قانون اڻ ٽر آهي ته نيڪ ۽ صالح قوم ترقي ڪري ٿي ۽ وري جڏهن گناهن ۾ غلطان ٿئي ٿي تڏهن مٿس زوال اچي ٿو. هو خدا جي حڪمن کان غافل ٿيا تنهن ڪري) اسان اوچتو کين پڪڙ ڪئي (۽ مٿن عذاب نازل ڪيو) جڏهن هو بلڪل بي خبر هئا ۽ هنن کي اها ڳالهه سمجهه ۽ خيال ۾ ئي نه آئي (ته سندن اخلاقي حالت بگڙندي رهي آهي ۽ مٿن عذاب اچڻ وارو آهي.). (٩٦) ۽ جيڪڏهن شهرن ۾ رهندڙ (خدائي قانون ۾) ايمان رکن ها ۽ خدا (جي حڪمن جي نافرماني جي نتيجن) کان ڊڄن ها ته اسان هنن لاءِ زمين ۽ آسمان جون سڀ برڪتون کولي ڇڏيون ها پر هنن (خدائي حڪمن کي) ڪوڙيو ٺهرايو، تنهن ڪري اسان هنن کي سندن بدعملن جي سزا ڏيڻ لاءِ پڪڙ ڪئي (۽ مٿن عذاب نازل ڪيو.) (٩٧) شهرن جا ماڻهو (پنهنجي غفلت ۾) پاڻ کي هن خطري کان سلامت ٿا سمجهن، ڇا ته اسان جو عذاب مٿن رات جي وقت اوچتو اچي ڪڙڪي ۽ هو ننڊ ۾ پيا هجن؟ (٩٨) شهرن جا رهندڙ هن خطري کان بي خوف ٿي ويا آهن، ڇا ته اسان جو عذاب مٿن ڏينهن جوئي اچي ڪڙڪي ۽ هو کيلن تماشن ۾ بي خبر هجن؟ (٩٩) ڇا اهي ماڻهو الله جي مخفي تدبير (۽ قانون جي گرفت کان) بي خوف ٿي ويا آهن؟ (کين يقين ڄاڻڻ گهرجي ته) فقط اهائي قوم خدا جي مخفي تدبير (۽ قانون جي گرفت) کان پاڻ کي سلامت سمجهي ٿي ۽ بي خوف رهي ٿي جا (ان غفلت سبب) ضرور تباهه ٿيڻ واري آهي.
رڪوع ١٣ آيت 100-تا-108
افسوس جو ترقي يافته ماڻهو اڳين قومن جي تباهيءَ مان عبرت نه ٿا وٺن
(١٠٠) ڇا اهي ماڻهو جي اڳين حڪمران قومن (جي برباد ٿيڻ) کان پوءِ زمين جا وارث ٿيا آهن، سي هي ڳالهه نٿا سمجهن ۽ ان مان سبق ۽ هدايت نٿا وٺن ته جيڪڏهن اسان (خدا تعاليٰ) چاهيون ته کين به سندن گناهن سبب عذاب ۽ مصيبتن ۾ وجهون ۽ سندن دلين تي (اهڙي طرح) مهر ڪري ڇڏيون جو هو (حق ۽ انصاف جا لفظ) ٻڌن ئي نه (نڪي سمجهن، نڪي سعادت جي راهه اختيار ڪن). (١٠١) (اي پيغمبر!) اهي بستيون ۽ شهر آهن (جن ۾ مٿي ذڪر ڪيل پيغمبرن پنهنجا فرض ادا ڪيا) جن جا احوال اسان توکي بيان ڪري ٻڌايون ٿا ۽ يقيناً انهن ماڻهن ڏي انهن جا پيغمبر روشن دليلن سان آيا. پوءِ جنهن ڳالهه (هدايتن ۽ حڪمن) کي هنن ڪوڙو سمجهي نه مڃيو تنهن تي ايمان آڻڻ کان هو پوءِ به پري رهيا. (ڇو ته جيڪو ماڻهو بنا غور ۽ صداقت جي ضد ۽ مخالفت ڪري ٿو سو وڌيڪ ۽ وڌيڪ انڌو ٿيندو ٿو وڃي) الله تعاليٰ اهڙيءَ طرح انهن ماڻهن جي دلين تي مهر ڪري ٿو ڇڏي. (پوءِ هو سنئين راهه تي اچي نٿا سگهن) جيڪي ضد ۽ هٺ سببان حق کان انڪار ٿا ڪن. (١٠٢) ۽ انهن مان گهڻن ماڻهن کي اسان عهد اقرار تي قائم نه ڏٺو، (يعني جيڪي عهد اقرار الله سان ۽ سندن رسولن سان ڪيا هئائون تن تي عمل نه ڪيائون) بلڪه اسان گهڻن کي نافرمان ۽ باغي ڏٺو. (١٠٣) (انهن پيغمبرن کان) پوءِ اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين (معجزن) سان فرعون ۽ سندس سردارن ڏانهن (پيغمبر ڪري) موڪليو. پر هنن انهن نشانين بابت ظلم ڪيو، (انهن کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ نه مڃيو) پوءِ (اي پيغمبر!) ڏس ته فساد ڪندڙن جي پڇاڙي ڪهڙي نه (خراب) ٿي. (١٠٤) ۽ حضرت موسيٰ فرمايو ته، اي فرعون مان بيشڪ سڄي جهان جي پروردگار جي طرف کان پيغمبر ٿي آيو آهيان. (١٠٥) منهنجي لاءِ مناسب ۽ زيب ائين آهي ته الله تعاليٰ بابت (۽ سندس پاران) اهڙي ڳالهه نه چوان جا حق نه هجي. مان سچ پچ توهان جي رب جي طرف کان روشن دليل کڻي اوهان ڏي آيو آهيان. پوءِ (منهنجي ڳالهه مڃيو ۽) بني اسرائيلن کي مون سان وڃڻ ڏيو (ته مان کين مصر مان ڪڍي پنهنجي اڳوڻي وطن ڪنعان ڏي وٺي وڃان). (١٠٦) فرعون ورندي ڏني ته، جيڪڏهن ڪا نشاني کڻي آيو آهين ۽ جيڪڏهن تون انهيءَ دعويٰ ۾ سچو آهين ته اها نشاني پيش ڪر. (١٠٧) پوءِ حضرت موسيٰ پنهنجي لٺ پٽ تي اڇلائي ته ڇا ٿيو جو اها لٺ هڪ چٽي چٽي ازدها (يعني وڏو نانگ) ٿي پيئي. (١٠٨) ۽ (بغل مان جو) هٿ ڪڍيائين ته (سبحان الله) هو ڏسندڙن لاءِ سفيد ۽ نوراني هو.
رڪوع ١٤ آيت 109-تا-126
مصر جي جادوگرن جو گڏ ٿي حضرت موسيٰ سان مقابلو.
(١٠٩) (جڏهن حضرت موسيٰ پنهنجا ٻه معجزا ڏيکاريا تڏهن) فرعون جي قوم جا سردار (پاڻ ۾) چوڻ لڳا ته، بيشڪ هو وڏي علم وارو (هوشيار) جادوگر آهي. (١١٠) هو (حضرت موسيٰ) چاهي تو ته اوهان (سڀني مصري ماڻهن) کي ملڪ مان تڙي ڪڍي (۽ پنهنجي بادشاهي قائم ڪري) هاڻي ٻڌايو ته توهان جي ڪهڙي صلاح آهي. (ٻڌايو ته ڇا ڪرڻ گهرجي). (١١١) هنن (مشورو ڪرڻ بعد فرعون کي) چيو ته موسيٰ ۽ سندس ڀاءُ (هارون) کي مهلت ڏي ۽ سڀني شهرن ۾ گڏ ڪندڙ (قاصد) موڪل. (١١٢) جي سڀني علم وارن هوشيار جادوگرن کي تو وٽ وٺي اچن. (١١٣) (فرعون انهيءَ مشوري تي عمل ڪيو ۽ قاصد ويا) پوءِ سڀ جادوگر فرعون وٽ آيا ۽ چيائون ته جيڪڏهن اسان (موسيٰ جي جادورگريءَ تي) غالب پئون (۽ کيس شڪست ڏيون) ته ضرور اسان کي (تو وٽان) انعام ملڻ گهرجي. (١١٤) (فرعون) چيو ته، هائو (بيشڪ اوهان کي انعام ڏيندس نه رڳو ايترو پر) اوهان بيشڪ انهن مان ٿيندؤ هي (مون وٽ) ويجها پيارا معزز درٻاري آهن. (١١٥) جادوگرن چيو ته، اي موسيٰ (پهريائين) تون اڇلائيندين (يعني جادو ڏيکاريندين) يا اسان (اول) اڇلائڻ وارا ٿيون. (١١٦) حضرت موسيٰ ورندي ڏني ته (اول) توهان اڇلايو، سو جڏهن هنن اڇلايو تڏهن ماڻهن جون اکيون مسحور ڪري ڇڏيائون (يعني چشم بندي ڪيائون ۽ ماڻهن جي اکين کي ڀلايائون) ۽ ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس پيدا ڪيائون ۽ وڏو جادو ڪري ڏيکاريائون. (١١٧) ۽ اسان (يعني الله تعاليٰ) وحي جي رستي موسيٰ کي حڪم ڏنو ته (هاڻي) تون پنهنجي لٺ اڇلاءِ. (هن لٺ اڇلائي ته) ڇا ٿيو جو هڪدم (اها لٺ نانگ بڻجي) انهن شين کي ڳهي ويئي جي هنن (سکڻيون ڪوڙيون) بنايون هيون. (١١٨) پوءِ (اهڙيءَ طرح) حق ثابت ٿيو، ۽ جيڪي جيڪي (ڪوڙيون ڳالهيون) هنن ڪيون هيون سي بيڪار ثابت ٿيون. (١١٩) پوءِ (اهڙيءَ طرح فرعون ۽ سردارن کي) اتي شڪست آئي ۽ هو ذليل ۽ خوار ٿيا (۽ هنن جو ڪنڌ هيٺ ٿي ويو). (١٢٠) پر (اهي سڀ) جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا. (١٢١) (۽) چيائون ته اسان جهانن جي پروردگار تي ايمان آندو آهي. (١٢٢) جو موسيٰ ۽ هارون جو پروردگار آهي (يعني انهيءَ ئي رب تي ايمان آندو اٿئون، جنهن جي تعليم موسيٰ ۽ هارون ڏين ٿا). (١٢٣) (تنهن تي غصي ۾ اچي) فرعون (انهن جادوگرن کي) چيو ته، ڇا انهيءَ کان اڳي جو مان اوهان کي (ايمان آڻڻ لاءِ) موڪل ڏيان توهان (موسيٰ ۽ سندس رب تي) ايمان ٿا آڻيو؟ بيشڪ هيءَ هڪڙي چالبازي آهي جا توهان هن شهر ۾ کيڏي آهي، انهيءَ لاءِ ته توهان هتئون جي ماڻهن کي هن شهر مان تڙي ڪڍو. پر جلد ئي توهان معلوم ڪندؤ (ته اوهان کي ڪهڙي ٿو سزا ڏيان). (١٢٤) يقين ڄاڻو ته مان توهان جا هٿ ۽ پير الٽا ۽ سڌا وڍائي ڇڏيندس، پوءِ توهان سڀني کي ڦاسيءَ تي چڙهائيندس. (١٢٥) (هنن ايمان آڻيندڙ جادوگرن) جواب ۾ چيو ته، (تون ڀلي اسان کي سوريءَ تي چاڙهه) اسان سڀ (آخر ته) بيشڪ پنهنجي پروردگار ڏي موٽڻ وارا آهيون. (١٢٦) ۽ (اي فرعون!) تون اسان کان (ڪهڙيءَ ڳالهه جو بدلو ۽ وير ٿو وٺين ڇا؟) هن ڳالهه جو وير ٿو وٺين ته جڏهن اسان جي پروردگار وٽان اسان ڏي آيتون (يعني نشانيون) اچي ويون آهن، تڏهن اسان انهن تي ايمان آندو آهي. (ڀلي ايمان آڻڻ جي بدلي ۾ اسان کي سزا ڏي. اسان جي صدا ته هيءَ آهي ته) اي اسان جا پروردگار! اسان کي صبر ۽ ثابت قدمي عطا ڪر ۽ اسان کي اسلام (يعني تنهنجي فرمانبرداريءَ) جي حالت ۾ موت عطا ڪر.
رڪوع ١٥ آيت 127-تا-129
غلامانه زندگيءَ جو اثر هي ٿو ٿئي جو همت جو روح ئي سڪي ٿو وڃي
(١٢٧) ۽ فرعون جي قوم جي سردارن فرعون کان پڇيو ته، موسيٰ کي ۽ سندس قوم کي ائين ئي ڇڏي ٿا ڏيو ڇا ته ڀلي ملڪ ۾ فساد مچائيندا رهن ۽ توکي ڇڏي ڏين (تنهنجي تابعداري نه ڪن) ۽ تنهنجي خدائن کي به ڇڏي ڏين؟ (يعني مصر جي ديوتائن جي پوڄا نه ڪن؟) تنهن تي فرعون ورندي ڏني ته، (جيئن اڳيئي منهنجو حڪم ڪيل آهي) اسان انهن (بني اسرائيلن) جا (نوان ڄاول) پٽ (داين هٿان) قتل ڪنداسين ۽ سندن (نيون ڄاول) ڌيئرن کي جيئرو ڇڏينداسين (جي اسان جون ٻانهيون ٿينديون) ۽ بيشڪ اسان کي هنن جي مٿان ڪامل طاقت ۽ غلبو آهي. (١٢٨) (جڏهن فرعون ۽ سندس سردارن جا بني اسرائيلن تي وڌيڪ ظلم ٿيڻ لڳا تڏهن) حضرت موسيٰ پنهنجي قوم جي ماڻهن کي فرمايو ته، الله کان مدد گهرو ۽ (مصيبتن ۾) صبر ڪيو (۽ خدا جي راهه ۾ ثابت قدم رهو) يقين ڄاڻو ته، زمين الله جي آهي. پنهنجي بندن مان جنهن کي وڻيس تنهن کي ان زمين جو وارث (يا مالڪ يا حاڪم) ڪري ۽ (يقين ڄاڻو ته) (چڱي) پڇاڙي انهن جي ٿيندي جي پرهيزگار ۽ نيڪ آهن. (١٢٩) (بني اسرائيلن ۾ اهڙي صبر ۽ يقين ڪونه هو تنهن ڪري مايوسي ۽ رنجيدگي ۾) هنن چيو ته، اسان جي نصيب ۾ ته اڳي به ايذاءَ ۽ مصيبتون هيون ۽ تنهنجي اسان ڏي (رسول ٿي) اچڻ کان پوءِ به (ساڳيون ئي مصيبتون آهن) تنهن تي حضرت موسيٰ فرمايو ته (نااميد نه ٿيو) ممڪن آهي ته اوهان جو پروردگار اوهان جي دشمن کي تباهه ڪري ڇڏي ۽ اوهان کي ملڪ ۾ (سندن) جانشين ڪري (يعني اوهان کي غلبو ۽ حڪومت ڏئي) ۽ پوءِ الله تعاليٰ توهان کي آزمائي ته (غلبي جي حالت ۾) توهان ڪهڙا ٿا عمل ڪيو.
رڪوع ١٦ آيت 130-تا-141
غلاميءَ مان جان ڇڏائڻ تي بني اسرائيلن کي بادشاهي ۽ ٻيون نعمتون مليون
(١٣٠) ۽ اسان (يعني الله تعاليٰ) فرعون جي ماڻهن کي خشڪ سالي (پاڻيءَ جي گهٽتائي) ۽ فصلن جي ڪميءَ جي عذاب ۾ گرفتار ڪيو، انهيءَ لاءِ ته من ائين هو خدا کي ياد ڪن ۽ نصيحت حاصل ڪن. (١٣١) پوءِ جڏهن هنن کي ڪو فائدو پهچندو هو تڏهن چوندا هئا ته، اهو اسان جو حق آهي (۽ اسان حق تي آهيون) ۽ جيڪڏهن هنن کي ڪا تڪليف پهچندي هئي ته، حضرت موسيٰ ۽ سندس ماڻهن کي نحس ۽ بدشگون (خراب سوڻ) سمجهندا هئا. (يعني سمجهندا هئا ته حضرت موسيٰ ۽ سندس قوم جي برائي ۽ نڀاڳ جي ڪري سڄي ملڪ تي مصيبتون اچن ٿيون) ائين هرگز ناهي. حقيقت هي آهي ته الله تعاليٰ جي نظر ۾ اهي ئي (يعني فرعون ۽ سندس قوم) نڀاڳا ۽ نحس هئا، پر انهن مان گهڻن کي (اها حقيقت) معلوم نه هئي (ته ظالم منحوس آهن، نه مظلوم). (١٣٢) فرعون ۽ سندس ماڻهن (حضرت موسيٰ کي) چيو ته ڪهڙي به نشاني اسان ڏي آڻين جنهن سان اسان تي جادو ڪرين (يا اسان تي ڪا مصيبت آڻين) ته به اسان توتي ايمان ڪونه آڻينداسين. (١٣٣) پوءِ اسان هنن تي طوفان (يا ٻوڏ) آندي ۽ ماڪڙ ۽ جوائون ۽ ڏيڏر ۽ رت. اهي سڀ جدا جدا چٽيون نشانيون هيون. تڏهن به هو تڪبر ڪندا رهيا ۽ هو گنهگار ماڻهو هئا. (١٣٤) ۽ جڏهن جڏهن هنن تي ڪو عذاب ايندو هو تڏهن تڏهن چوندا هئا ته، اي موسيٰ! جهڙيءَ طرح تنهنجي پروردگار توسان عهد ڪيو آهي، تهڙيءَ طرح اسان جي لاءِ کانئس دعا گهر. پوءِ جيڪڏهن اسان تان هي عذاب ٽاريندين ته اسان ضرور توتي ايمان آڻينداسين ۽ توسان گڏ (وڃڻ لاءِ) بني اسرائيلن کي موڪلي ڏينداسين. (١٣٥) پوءِ جڏهن اسان هنن تان اهو عذاب مقرر مدي بعد، جنهن مدي کي هو پهچڻا هئا ٽاري ڇڏيو تڏهن هنن هڪدم بدعهدي ڪئي ۽ واعدو نه پاڙيو (يعني ايمان نه آندائون ۽ بني اسرائيل کي موڪل نه ڏنائون.) (١٣٦) پوءِ (نيٺ) اسان کين (سندن ظلمن جو) بدلو ڏنو ۽ کين سمنڊ ۾ غرق ڪري ڇڏيو، ڇو ته هو اسان جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرائيندا هئا، ۽ انهن کان غافل رهندا هئا (يعني انهن تي عمل نه ڪندا هئا). (١٣٧) ۽ (پوءِ) اسان انهن ماڻهن (بني اسرائيلن) کي جي (مصر ۾) ڪمزور سمجهيا ويندا هئا انهيءَ ملڪ جي مشرق ۽ مغرب جو وارث ڪيو (يعني بادشاهي ڏني) جنهن ملڪ تي اسان نعمتون ۽ برڪتون ڪيون (يعني فلسطين جو ملڪ) ۽ تنهنجي پروردگار جو نيڪ واعدو بني اسرائيلن جي حق ۾ پورو ٿي ويو، هن ڪري جو هنن (ان زماني ۾ مصيبتن تي) صبر ڪيو ۽ (حق جي راهه تي) ثابت قدم رهيا. (پر جن ظالمن مٿن ظلم ڪيو هو تن جو حال اهو ٿيو جو) جيڪي وڏا ڪاريگريءَ جا ڪم ۽ محلاتون فرعون ۽ سندس ماڻهن ٺاهيون هيون تن کي اسان برباد ڪري ڇڏيو. (١٣٨) ۽ اسان جڏهن بني اسرائيلن کي (مصر منجهان ڪڍي) سمنڊ جي پار پهچايو تڏهن هو هڪ اهڙي قوم جي ماڻهن مان لنگهيا جي پنهنجي بتن جي پوڄا ڪندا هئا. (هي ڏسي بني اسرائيلن حضرت موسيٰ کي) چيو ته، اي موسيٰ! اسان کي به هڪ معبود (بت) ٺاهي ڏي. جهڙا هنن ماڻهن جا معبود آهن. حضرت موسيٰ فرمايو ته توهان يقيناً سخت جاهل ماڻهو آهيو. (١٣٩) جنهن دين ۾ هي ماڻهو آهن سو (مصري ماڻهن جي دين جو) ڀڳل برباد ٿيل ٽڪرو آهي (۽ جلد فنا ٿي ويندو) ۽ اهي ماڻهو جيڪي عمل (۽ عبادتون) ڪن ٿا سي باطل آهن (يعني بلڪل بيڪار ۽ بي بقا آهن). (١٤٠) (حضرت موسيٰ وڌيڪ) فرمايو ته (اي بني اسرائيلؤ! افسوس اوهان جي عقل تي) مان سچي الله کي ڇڏي اوهان جي لاءِ ڪو ٻيو معبود ڳوليان ڇا؟ ۽ (توهان ايترو به خيال نٿا ڪريو ته) الله تعاليٰ ئي اوهان کي ٻين قومن تي فضيلت ڏني آهي (۽ اوهان تي بخششون ۽ نعمتون ڪيون اٿس، پوءِ ڇو ٿا ٻين ديوتائن جي ڳولا ڪيو). (١٤١) ۽ (اسان جي هيءَ نعمت به) ياد رکو ته اسان اوهان کي فرعون جي ماڻهن کان ڇڏائي آزاد ڪيو. جي اوهان کي سخت ايذاءُ ۽ تڪليفون ڏيندا هئا ۽ اوهان جي پٽن کي قتل ڪندا هئا ۽ اوهان جي ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيندا هئا، انهيءَ ۾ توهان جي رب جي طرف کان توهان جي لاءِ تمام وڏي آزمائش هئي. (ته ڪيتري قدر صبر کان ڪم ٿا وٺو ۽ آزاد ٿيڻ کان پوءِ ڪيئن ٿا خدا جي شڪرگذاري ۽ فرمانبرداري ڪيو).
رڪوع ١٧ آيت 142-تا-147
حضرت موسيٰ جو طورسينا جبل تي وڃڻ ۽ خدا سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ
(١٤٢) ۽ (پوءِ) اسان حضرت موسيٰ جي لاءِ ٽيهه راتيون (پنهنجي ماڻهن کان الڳ ٿي وڃڻ لاءِ) مقرر ڪيون، ۽ پوءِ ڏهه راتيون وڌائي مدو پورو ڪيوسين. سو سندس پروردگار جو پورين چاليهن راتين جو مدو (وعدي موجب) پورو ڪيو ويو. (وڃڻ کان اڳي) حضرت موسيٰ پنهنجي ڀاءُ هارون کي چيو ته، (منهنجي غيرحاضريءَ ۾) منهنجي قوم ۾ منهنجو خليفو (يا نائب) ٿي رهجانءِ ۽ هنن جو سڌارو ڪندو رهجانءِ ۽ بگاڙو ۽ شرارت ڪندڙن جو رستو نه وٺجانءِ. (١٤٣) ۽ حضرت موسيٰ اسان جي مقرر ڪيل جاءِ تي آيو ۽ سندس پروردگار ساڻس ڳالهايو، تڏهن حضرت موسيٰ عرض ڪيو ته، اي منهنجا رب! تون مون کي پنهنجو پاڻ ڏيکار ته مان توکي هيڪر ڏسان. الله تعاليٰ فرمايو ته تون مون کي هرگز ڏسي نه سگهندين. پر هن جبل ڏي نظر ڪر. جيڪڏهن اهو جبل پنهنجي جاءِ تي قائم رهيو ته تون به مون کي ڏسي وٺندين. پوءِ جڏهن سندس رب ان جبل تي پنهنجو تجلو ڪيو تڏهن ان کي خاڪ ڪري ڇڏيائين، ۽ حضرت موسيٰ بيهوش ٿي ڪري پيو. پوءِ جڏهن هوش ۾ آيو تڏهن چيائين ته اي خدا! تون پاڪ آهين (جسم کان جنهن ڪري توکي ڪوبه ڏسي نٿو سگهي) مان (پنهنجي ڪيل قصور کان توبه ڪري) توڏي موٽان ٿو ۽ مان ايمان آڻيندڙن ۾ اڳرو آهيان. (١٤٤) الله تعاليٰ فرمايو ته، اي موسيٰ بيشڪ مون توکي پنهنجي (پيغمبريءَ جي) پيغامن سان ۽ پنهنجي ڪلام سان (يعني توڏي وحي موڪلڻ سان ۽ توسان گفتگو ڪرڻ سان) ماڻهن جي مٿان برگزيدگي (يعني بهتري ۽ وڏو درجو) بخشيو آهي. پوءِ جيڪي (شريعت جا حڪم) توکي ڏنا ويا آهن سي وٺ ۽ شڪر بجا آڻ. (يعني پاڻ به انهن تي عمل ڪر ۽ ٻين کي به ٻڌاءِ). (١٤٥) ۽ اسان موسيٰ جي لاءِ فرحين ۾ هر قسم جون ڳالهيون لکي ڏنيون هيون، انهيءَ تي (دين جي) هرهڪ ڳالهه بابت انهن ۾ نصيحت هجي ۽ هرهڪ ڳالهه جدا جدا چٽي ٿي وڃي. پوءِ (اسان کيس ائين به چيو ته) انهن کي مضبوطيءَ سان جهل ۽ پنهنجي قوم کي به حڪم ڏي ته انهن جي بهترين حڪمن تي عمل ڪن. اهو وقت پري ناهي جڏهن اسان توکي نافرمان ماڻهن جي جاءِ ڏيکاري ڇڏينداسين. (يعني تون ڏسندين ته هنن جي حالت ڪهڙي نه خراب ٿيندي). (١٤٦) جيڪي ماڻهو حق کان سواءِ خدا جي زمين تي تڪبر جي روش اختيار ڪن ٿا تن جو منهن اسان پنهنجي نشانين کان موڙي ڇڏينداسين. هو کڻي سڀ نشانيون به ڏسن ته به انهن تي ايمان نه آڻيندا. جيڪڏهن هو هدايت واري سڌي واٽ کڻي ڏسن ته به اها سڌي واٽ هرگز نه وٺندا. پر جيڪڏهن گمراهيءَ واري ڦڏي واٽ سامهون ڏسندا ته هڪدم ان تي هلڻ لڳندا. هنن جي اها حالت هن ڪري ٿي وڃي ٿي جو هو اسان جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرائين ٿا ۽ انهن (تي عمل ڪرڻ) کان غافل رهن ٿا. (١٤٧) ۽ جن ماڻهن اسان جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ آخرت (جي اچڻ جي حقانيت) کان انڪار ڪيو تن جا سڀ عمل ضايع ٿي ويا. هنن کي جيڪو بدلو ملندو سو انهن (بد) عملن جو ڦل هوندو جي بدعمل هو دنيا ۾ ڪندا هئا.
رڪوع ١٨ آيت 148-تا-151
هٿرادو گابي جي منهن مان رنڀان نڪرڻ ۽ بني اسرائيلن جو ان کي پوڄڻ
(١٤٨) ۽ (پوءِ ڇا ٿيو ته) حضرت موسيٰ جي ماڻهن سندس وڃڻ بعد پنهنجي زيورن مان (پگهارڻ بعد) هڪڙي گابي جو ڌڙ ٺاهيو، جنهن مان ڳئون جي رنڀ جهڙو آواز ٿي نڪتو ۽ انهيءَ (گابي) کي (پوڄا لاءِ ديوتا ڪري) ورتائون. هنن (بيوقوفن) اهڙي (سولي) ڳالهه به نه سمجهي ته اهو گابو نڪي ساڻن ڳالهائي ٿو سگهي، نڪي ڪو رهنمائي (واٽ ڏيکارڻ) ڪري ٿو سگهي. هنن ان گابي کي ديوتا ڪري ورتو هو ۽ هنن (پاڻ تي) ظلم ڪيو. (١٤٩) پوءِ جڏهن (هيئن ٿيو جو) پشيمانيءَ ۾ هٿ مهٽڻ لڳا ۽ ڏٺائون ته (سچي) واٽ کان بلڪل پري نڪري گمراهه ٿي ويا آهيون تڏهن چوڻ لڳا ته، جيڪڏهن اسان جو پروردگار اسان تي رحم نه ڪري ها ۽ نه بخشي ها ته اسان ضرور تباهه ٿي وڃون ها. (١٥٠) ۽ جڏهن موسيٰ ڪاوڙ ۽ افسوس ڪندي پنهنجي ماڻهن وٽ موٽي آيو تڏهن کين چيائين ته، افسوس آهي اوهان تي! توهان مون کان پوءِ ڪهڙي نه خراب طريقي سان منهنجي جانشيني ڪئي! توهان پنهنجي پروردگار جي حڪم جي انتظار ۾ ذرو به صبر ڪري نه سگهيؤ! (جوش ۾ اچي) هن تختيون کڻي ڦٽي ڪيون ۽ پنهنجي ڀاءُ هارون کي مٿي جي وارن کان جهلي پاڻ ڏي ڇڪڻ لڳو. (تنهن تي) هارون چيو ته، اي منهنجا مائيتا ڀاءُ! (مان ڇا ڪيان) ماڻهن مون کي ڪمزور سمجهيو ۽ مون کي قتل ڪرڻ تي هئا، پوءِ مون سان اهڙي هلت نه ڪر جو دشمن مون تي کلن ۽ مون کي هنن ظالم ماڻهن ۾ شمار نه ڪر. (١٥١) حضرت موسيٰ (پوءِ) دعا گهري ته، اي منهنجا پروردگار! منهنجو قصور بخشي ڇڏ (جو مان جوش ۾ اچي تڪڙ ڪئي) ۽ منهنجي ڀاءُ جو قصور به معاف ڪر (جو گمراهن کي سختيءَ سان روڪي نه سگهيو) ۽ اسان کي پنهنجي رحمت (جي ڇانو) ۾ داخل ڪر ۽ تون سڀني رحم ڪندڙن کان وڌيڪ رحم وارو آهين.
رڪوع ١٩ آيت 152-تا-157
هٿرادو گابي جي پوڄا ڪندڙن تي غضب ۽ دنيا ۾ ذلت ۽ خواري، توبه ڪندڙن لاءِ بخشش ۽ رحمت
(١٥٢) (الله تعاليٰ فرمايو ته) جن ماڻهن گابي جي پوڄا ڪئي انهن تي سندن پروردگار جو غضب اچي ڪڙڪندو، ۽ دنيا جي زندگيءَ ۾ به ذلت ۽ خواري ڏسندا. اسان ڪوڙن گهڙيندڙن کي (سندن بدعمليءَ جو) بدلو اهڙيءَ طرح ڏيندا آهيون. (١٥٣) پر جن ماڻهن براين ڪرڻ بعد توبه ڪئي ۽ ايمان آندو (تن جي لاءِ) بيشڪ تنهنجو پروردگار سندن توبه بعد بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي. (١٥٤) ۽ جڏهن حضرت موسيٰ جو غصو لهي ويو تڏهن هن فرحيون کڻي ورتيون انهن ۾ جيڪي (حڪم) لکيل هئا سي انهن ماڻهن لاءِ هدايت ۽ رحمت هئا جي پنهنجي پروردگار جو خوف رکندا هئا. (١٥٥) اسان جي ٺهرايل وقت ۽ جاءِ تي حاضر ٿيڻ لاءِ موسيٰ پوءِ پنهنجي قوم مان ستر ماڻهو چونڊي کنيا (اهي اتي آيا) پوءِ جڏهن ڏڪائيندڙ مصيبت انهن کي اچي جهليو تڏهن حضرت موسيٰ (اسان جي درگاهه ۾) عرض ڪيو ته، اي پروردگار! جيڪڏهن تون چاهين ها ته هنن سڀني کي اڳيئي تباهه ڪري ڇڏين ها ۽ خود منهنجي زندگي به ختم ڪري ڇڏين ها (پر تو پنهنجي فضل ۽ رحمت سان اسان کي مهلت ڏني) پوءِ هڪ اهڙي ڳالهه لاءِ جا اسان مان ڪي بي وقوف ڪري ويٺا آهن، تون اسان سڀني کي تباهه ڪندين ڇا؟ هي هن کان سواءِ ڪجهه ناهي ته تنهنجي طرف کان هڪ آزمائش آهي. تون جنهن کي چاهين تنهن کي ان (آزمائش) ۾ گمراهه ڪري ڇڏين ۽ جنهن کي چاهين تنهن کي سچي راهه ڏيکاري ڇڏين، اي خدا! تون ئي اسان جو والي آهين، اسان کي بخشي ڇڏ ۽ اسان تي رحمت ڪر توکان بهتر بخشڻ وارو ٻيو ڪوبه ڪونهي. (١٥٦) ۽ (اي خدا!) هن دنيا جي زندگيءَ ۾ به اسان جي لاءِ چڱائي لکي ڇڏ ۽ آخرت جي زندگيءَ ۾ به (اسان جي لاءِ چڱائي ڪر.) اسان توڏي موٽي آيا آهيون (يعني اڳين گناهن کان باز اچي تنهنجي حڪمن تي هلڻ لاءِ تيار آهيون). الله تعاليٰ فرمايو ته منهنجي عذاب جو حال هي آهي ته جنهن کي چاهيان تنهن کي (سندس بدعملن جي بدلي ۾) ڏيان، پر منهنجي رحمت جو حال هي آهي جو هرهڪ شيءِ تي ڇانيل آهي، پوءِ مان انهن ماڻهن جي لاءِ رحمت لکي ڇڏيندس جيڪي گناهن کان پرهيز ڪندا ۽ زڪوٰت ڏيندا رهندا ۽ انهن جي لاءِ به جيڪي اسان جي نشانين (۽ حڪمن) تي ايمان آڻيندا. (١٥٧) جيڪي ماڻهو حضرت رسول (ﷺ) جي پيروي ۽ تابعداري ڪندا جو هڪ امي (ظاهري طرح اڻ پڙهيل) نبي هوندو ۽ جنهن جي ظهور جي خبر (اهل ڪتاب) پاڻ وٽ رکيل تورات ۽ انجيل ۾ لکيل ڏسندا تن (پيروي ڪندڙن) کي اهو نبي نيڪيءَ جو حڪم ڏيندو، برائيءَ کان روڪيندو، وڻندڙ شيون حلال ڪندو، غليظ شيون حرام ٺهرائيندو. انهيءَ بار کان ڇوٽڪارو ڏيندو جنهن جي هيٺان دٻيل آهن ۽ انهن ڦندن (سرڪڻ ڦاهين) مان ڪڍندو جن ۾ هو ڦاٿل هوندا. تنهن ڪري جيڪي به ماڻهو مٿس ايمان آڻيندا، سندس مخالفن کي روڪيندا، (حق جي راهه ۾) سندس مدد ڪندا ۽ انهيءَ نور ۽ (روشنائي) جي پٺيان لڳندا جو هن سان گڏ موڪليل آهي اهي ئي ماڻهو ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارا آهن. (هو دنيا ۾ به خوش آسودا ۽ طاقت وارا رهندا ۽ آخرت ۾ به جنت جا حقدار ٿيندا).
رڪوع ٢٠ آيت 158-تا-162
رسول ڪريم ﷺ جن سڀني انسانن لاءِ پيغمبر ٿي آيا، اسلام جي دعوت اها آهي ته سڀ انسان هڪ الله جي اڳيان جهڪي وڃن.
(١٥٨) (اي پيغمبر! تون ماڻهن کي) چئو ته، اي انسانو! مان توهان سڀني ڏانهن الله جو موڪليل پيغمبر ٿي آيو آهيان. اهو الله جنهن کي آسمانن ۽ زمين جي سڄي بادشاهي آهي. سندس ذات کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي (جنهن جي ٻانهپ ڪجي) اهوئي جيئاري ٿو ۽ اهو ئي ماري ٿو. پوءِ توهان الله ۾ ايمان رکو ۽ سندس رسول امي نبي تي به ايمان آڻيو. (يعني حضرت محمدﷺ تي) جنهن الله تي به ايمان آندو آهي ۽ سندس ڪلمات (يعني سندس سڀني ڪتابن) تي به ايمان آندو آهي. ( اي انسانو! توهان) سندس پيروي ڪيو ته (ڪاميابيءَ جي) راهه توهان جي لاءِ کلي پوي. (١٥٩) ۽ موسيٰ جي قوم ۾ هڪ ٽولو (بيشڪ) اهڙو آهي جيڪو ماڻهن کي سچائيءَ جي راهه تي هلائي ٿو ۽ سچائي سان (سندس معاملن ۾) انصاف به ڪري ٿو. (١٦٠) ۽ اسان بني اسرائيلن کي ٻارهن خاندانن جي ٻارهن قبيلن ۾ ورهائي ڇڏيو، ۽ جڏهن انهن ماڻهن حضرت موسيٰ کان پيئڻ لاءِ پاڻي گهريو تڏهن اسان کيس وحي ڪيو ته پنهنجي لٺ سان هن ٽڪريءَ کي ڌڪ هڻ. (ڌڪ هڻڻ سان) ٻارهن چشما ڦٽي نڪتا، ۽ هرهڪ قبيلي پنهنجي پنهنجي جڳهه پاڻيءَ جي معلوم ڪري ورتي ۽ اسان بني اسرائيلن تي ڪڪر جي ڇانو ڪئي هئي، ۽ (هنن جي کائڻ لاءِ) ”من“ ۽ ”سلويٰ“ نازل ڪيا هئا. اسان کين چيو هو ته، هيءَ وڻندڙ غذا کائو جا اسان عطا ڪئي آهي (۽ فتنن ۽ فسادن ۾ نه پئو، پر هنن نافرمانيون ڪيون) هنن اسان جو ته ڪجهه به نه بگاڙيو پر پاڻ پنهنجي هٿن سان پنهنجو ئي نقصان ڪندا رهيا. (١٦١) ۽ پوءِ (اهو واقعو ياد ڪريو) جو اسان بني اسرائيلن کي حڪم ڏنو هو ته هن شهر ۾ وڃي رهو (جنهن کي فتح ڪرڻ جي اوهان کي توفيق ملي آهي) ۽ (هي ڏاڍو وسندڙ ملڪ آهي) جتان اوهان کي وڻي اتان غذا حاصل ڪيو ۽“حطة” چوندا رهو (يعني چئو ته، اي خدا! اسان کي گناهن کان پاڪ ڪري ڇڏ) ۽ جڏهن ان جي دروازي مان اندر داخل ٿيو تڏهن (الله پاڪ جي حضور ۾) جهڪندي داخل ٿجو. اسان توهان جون خطائون بخشي ڇڏينداسين ۽ نيڪ عمل ڪندڙن کي (ان کان به) وڌيڪ اجر ڏينداسين. (١٦٢) پر (پوءِ ڇا ٿيو جو) انهن مان جن ماڻهن ظلم ۽ فساد جي راهه اختيار ڪئي تن خدا جي ٻڌايل ڳالهه بدلائي ٻي ڳالهه بنائي، (يعني خدا جي حڪمن جي ابتڙ عمل ڪيائون) پوءِ اسان هنن تي آسمان مان عذاب موڪليو، انهن ظلمن سببان جي هو ڪندا ٿي رهيا.
رڪوع ٢١ آيت 163-تا-171
ڪنهن به قوم تي ظالم حڪمرانن جو ضابطو رهڻ به خدا جو عذاب آهي.
(١٦٣) ۽ (اي پيغمبر!) بني اسرائيلن کان انهيءَ شهر بابت پڇا ڪر جو سمنڊ جي ڪناري تي هوندو هو، جتي ماڻهو سبت جي ڏينهن خدا جي ٺهرايل حد کان ٻاهر ويندا هئا. سبت جي ڏينهن هنن جون (گهربل) مڇيون پاڻيءَ تي ترنديون هنن ڏي اچي وينديون هيون. پر جنهن ڏينهن سبت نه ملهائيندا هئا تنهن ڏينهن نه اينديون هيون. اهڙيءَ طرح اسان کين آزمائش ۾ وجهندا هئاسين هن ڪري جو هو نافرماني ڪندا هئا. (١٦٤) ۽ جڏهن ان شهر جي رهاڪن مان هڪ ٽوليءَ (واعظ نصيحت ڪرڻ وارن کي) چيو ته، توهان ڇو ٿا (اجايو) اهڙن ماڻهن کي نصيحت ڪيو جن کي (سندن گناهن سبب) يا ته خدا (دنيا ۾ ئي) تباهه ڪندو يا ته (آخرت ۾) نهايت سخت عذابن ۾ مبتلا ڪندو. تڏهن انهن جواب ۾ چيو ته، اسان هن لاءِ ٿا واعظ ڪيون ته پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ عذر پيش ڪري سگهون (ته اسان پنهنجو فرض ادا ڪيو) ۽ هن لاءِ به ته شايد (ڪي) ماڻهو باز اچي وڃن. (١٦٥) پوءِ جڏهن (هيئن ٿيو جو انهن) ماڻهن اُهي سڀ نصيحتون وساري ڇڏيون جي انهن کي ڪيون ويون هيون تڏهن (اسان جي جزا ۽ سزا جو ظهور ٿيو) اسان انهن ماڻهن کي ته بچائي ورتو جي برائي کان روڪيندا هئا مگر شرارتون ڪندڙ ظالمن کي هڪ اهڙي عذاب ۾ وڌوسين جو محرومي ۽ نامرادي ۾ مبتلا ڪرڻ وارو عذاب هو، انهن نافرمانين سبب جي هو ڪندا هئا. (١٦٦) پوءِ جڏهن (اها سزا به هنن کي سبق سيکاري نه سگهي ۽) هو انهيءَ ڳالهه ۾ حد کان زياده سرڪش ٿي ويا جنهن کان انهن کي منع ڪئي ويئي هئي، تڏهن اسان چيو ته باندر ٿي پئو، ذليل ۽ خوار. (١٦٧) ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن (هيئن ٿيو جو) تنهنجي پروردگار هن ڳالهه جو اعلان ڪيو هو ته (جيڪڏهن بني اسرائيل شرارتن ۽ بدعمليءَ کان باز نه آيا ته) هو قيامت جي ڏينهن تائين انهن تي اهڙن ماڻهن کي غالب ۽ حاڪم ڪندو جي کين ذليل ڪرڻ واري عذاب ۾ مبتلا ڪندا. حقيقت هيءَ آهي ته تنهنجو پروردگار (بدعمليءَ جي) سزا ڏيڻ ۾ دير ڪرڻ وارو ناهي، بيشڪ هو ان سان گڏ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ به آهي. (١٦٨) ۽ اسان هنن کي جدا جدا ٽوليون ڪري زمين تي پکيڙي ڇڏيو. ڪي انهن ۾ نيڪ هئا، ۽ ڪي انهن ۾ ان جي ابتڙ هئا (يعني نيڪ نه هئا، بدعمل هئا) ۽ اسان هنن کي چڱين توڙي خراب حالتن ۾ وجهي آزمايو، انهيءَ لاءِ ته (بدعملين کان) باز اچن. (١٦٩) پوءِ انهن ماڻهن بعد، ناخلفن (يعني نيڪ ابن ڏاڏن جي روش ڦٽي ڪندڙن) هنن جي جاءِ ورتي ۽ خدائي ڪتاب جا وارث ٿيا. هو (دين فروشي ڪري) هن حقير دنيا جو مال متاع (بي ڌڙڪ) وٺن ٿا ۽ چون ٿا ته انهيءَ جي اسان کي معافي ملندي ۽ جيڪڏهن (ٻئي ڪنهن جو) ڪو مال متاع هنن کي اهڙيءَ طرح هٿ اچي وڃي ٿو ته اهي به بي ڌڙڪ وٺن ٿا. ڇا انهن کان (سندن) ڪتاب ۾ عهد نه ورتو ويو هو ته خدا جي نالي سان ڪابه ڳالهه منسوب نه ڪن، سواءِ ان جي جا حق هجي؟ ۽ ڇا جيڪو حڪم (سندن) ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي سو ڪونه پڙهيو اٿن؟ جيڪي متقي (پرهيزگار) آهن، تن جي لاءِ آخرت جو گهر (دنيا ۽ دنيا جي خواهش کان) گهڻو بهتر آهي. (اي يهودين جا عالمو!) ڇا اهڙي (سولي) ڳالهه به توهان سمجهي نٿا سگهو؟ (١٧٠) ۽ (بني اسرائيلن مان) جيڪي ماڻهو الله جي ڪتاب کي مضبوط جهلين ٿا (يعني ان تي عمل ڪن ٿا ۽ ان جي حڪمن تي هلن ٿا) ۽ نماز تي قائم رهن ٿا (تن جي لاءِ ڪوبه کٽڪو ڪونهي) اسان ڪڏهن به سنوارڻ وارن (نيڪ عمل ڪندڙن) جو اجر ضايع نٿا ڪريون. (١٧١) ۽ جڏهن (هيئن ٿيو جو) اسان هنن جي مٿان جبل کي زلزلي ۾ وڌو هو، ڄڻ ته هڪ شاميانو هو (جو لڏي رهيو هو) ۽ هو (هراس ۾) سمجهي رهيا هئا ته اجهو ٿو مٿن ڪري پوي. تڏهن اسان هنن کي حڪم ڏنو هو ته هي ڪتاب جو اسان اوهان کي ڏنو آهي، تنهن کي مضبوط جهليو (ان تي عمل ڪيو) ۽ جيڪي به ان ۾ ٻڌايو ويو آهي، ان کي چڱيءَ طرح ياد رکو، انهيءَ لاءِ ته توهان براين کان بچو.
رڪوع ٢٢ آيت 172-تا-181
خدا جي هستيءَ جو اعتقاد انسانن جي فطرت ۾ رکيل آهي.
(١٧٢) ۽ (اي پيغمبر! اهو وقت به ماڻهن کي ياد ڏيار) جڏهن تنهنجي پروردگار بني آدم کان يعني انهيءَ اولاد کان جي سندن جسم مان (پشت به پشت) پيدا ٿيڻ وارا هئا، عهد ورتو هو ۽ انهن کي (يعني انهن مان هرهڪ کي سندس فطرت ۾) خود هن ڳالهه تي شاهد ڪيو هو، (خدا پڇيو ته) ”ڇا مان توهان جو پروردگار نه آهيان؟“ سڀني (انسانن) جواب ڏنو هو ته، ”هائو، تون ئي اسان جو پروردگار آهين. اسان ان ڳالهه جي شاهدي ڏني.“ ۽ اهو ڪم (عيني انسان جي فطرت ۾ حق جي قبوليت رکڻ) اسان هن لاءِ ڪيو هو ته ائين نه ٿئي جو اوهان (انسان) قيامت جي ڏينهن عذر ڏيئي سگهو ته اسان هن ڳالهه کان بي خبر هئاسين. (١٧٣) يا هيئن چئو ته، (اي خدا!) شرڪ ته اسان کان اڳي اسان جي ابن ڏاڏن ڪيو اسان هنن جي نسل مان پوءِ پيدا ٿياسين (۽ لاچار سندن راهه تي قدم کنيوسين). پوءِ ڇا تون اسان کي هن ڳالهه تي تباهه ڪندين جا (اسان کان اڳي) غلط راهه تي هلڻ وارن ٺاهي هئي؟ (١٧٤) ۽ (ڏسو) اهڙيءَ طرح اسان سچائيءَ جون نشانيون جدا جدا ڪري چٽيون ڪري ٻڌايون ٿا، انهيءَ لاءِ ته ماڻهو (حق جي طرف) موٽي اچن. (١٧٥) ۽ (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کي انهي ماڻهو جو حال پڙهي ٻڌاءِ جنهن کي اسان پنهنجون نشانيون ڏنيون هيون (يعني سمجهه ڏني هئي، پر) پوءِ (ڇا ٿيو جو هن سمجهه ۽ عقل جو) جامون لاهي ڇڏيو. پوءِ شيطان هن جي پٺيان پيو نتيجو هي نڪتو جو هو گمراهن منجهان ٿي پيو. (١٧٦) ۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته انهن نشانين جي وسيلي سندس درجو بلند ڪيون ها. پر هو (پاڻ) زمين جي طرف پستيءَ ڏانهن جهڪي پيو ۽ نفساني حرصن جي پيروي ڪيائين. هن جو مثال ڪتي وانگر ٿيو. ڪتي تي ڪاهه ڪيو ته به هو ڀؤنڪندو ۽ زبان ٻاهر ڪڍندو ۽ کيس ڇڏي ڏيو ته به ائين ئي ڪندو رهندو. اهڙوئي مثال انهن ماڻهن جو آهي جن اسان جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرايو تنهن ڪري (اي پيغمبر!) هي ڳالهيون ماڻهن کي ٻڌاءِ انهيءَ لاءِ ته انهن بابت غور ۽ فڪر ڪن. (١٧٧) ڪهڙو نه برو مثال انهن ماڻهن جو ٿيو جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرايو. هو پنهنجي هٿن سان پنهنجو نقصان ڪندا رهيا. (١٧٨) جنهن لاءِ الله (ڪاميابيءَ جي) راهه کولي سو ئي (سعادت واري) راهه تي آهي ۽ جنهن لاءِ اها راهه گم ڪري ڇڏي ته اهڙا ئي ماڻهو آهن جي وڏي نقصان هيٺ آيل آهن. (١٧٩) ۽ گهڻائي جن ۽ انسان آهن جن کي اسان جهنم جي لاءِ پيدا ڪيو آهي (يعني آخر هو جهنم ۾ داخل ٿيڻ وارا آهن، ڇو ته) هنن کي عقل آهي پر ان کان سمجهڻ جو ڪم نٿا وٺن، هنن کي اکيون آهن پر انهن کان ڏسڻ جو ڪم نٿا وٺن، هنن کي ڪن آهن پر انهن کان ٻڌڻ جو ڪم نٿا وٺن، هو (عقل ۽ حواسن جو استعمال وڃائي) چوپاين جانورن جهڙا ٿي ويا، بلڪ انهن کان به وڌيڪ گمراهه ٿيا. اهڙائي ماڻهو آهن جي غفلت ۾ غرق ٿي ويا آهن. (١٨٠) ۽ (ڏسو) حسن ۽ خوبي جا نالا (يعني سڀ چڱيون صفتون) الله لاءِ آهن، تنهن ڪري توهان انهن ئي نالن سان کيس پڪاريو ۽ جيڪي ماڻهو سندس نالن ۾ ڏنگايون ڦڏايون يا ناپاڪايون گڏين ٿا (يعني اهڙيون صفتون گهڙين ٿا جي سندس جمال ۽ پاڪائيءَ جي خلاف آهن) تن کي سندن حال تي ڇڏي ڏي. اهي جلد پنهنجي ڪئي جو ڦل پائيندا. (١٨١) ۽ جن ماڻهن کي اسان پيدا ڪيو آهي تن ۾ بيشڪ اهڙو ٽولو به آهي جو ماڻهن کي سچائيءَ جي واٽ ڏيکاري ٿو ۽ سچائيءَ سان انهن ۾ انصاف به ڪري ٿو
رڪوع ٢٣ آيت 182-تا-188
منڪرن ۽ گنهگارن کي درجي بدرجي سزا ملندي
(١٨٢) ۽ جن ماڻهن اسان جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرايو تن کي اسان درجي بدرجي (آخر نتيجي تائين) وٺي وينداسين، اهڙيءَ طرح جو هنن کي خبر به نه پوندي. (١٨٣) اسان کين مهلت ٿا ڏيون (يعني اسان جي قانون مطابق نتيجا درجي بدرجي ظاهر ٿا ٿين) ۽ اسان جي مخفي تدبير بلڪل مضبوط ۽ اڻ گس آهي. (١٨٤) ڇا ماڻهو غور ۽ فڪر به نٿا ڪن. سندن رفيق (يعني پيغمبر اسلام نبوت ملڻ کان اڳ چاليهه سال منجهن گذاريو ۽ سندن عقل ۽ اخلاق ڏٺائون، هاڻي هو ڪيئن ٿا چئي سگهن ته هن کي) چريائي اچي جهليو آهي. (سندس عملن مان کين يقين اچڻ گهرجي ته) هو سواءِ هن جي ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو ته (انڪار ۽ بدعملي جي سزا بابت) کليءَ طرح خبردار ڪرڻ وارو آهي. (١٨٥) پوءِ ڇا اهي ماڻهو آسمان ۽ زمين جي بادشاهي ڏانهن ۽ جيڪي جيڪي خدا خلقيو آهي تنهن ڏانهن غور جي نظر سان نٿا ڏسن؟ ۽ پڻ هن ڳالهه تي غور نٿا ڪن جا بلڪل ممڪن آهي ته سندس (مقرر) وقت ويجهو اچي ويو آهي؟ (جيڪڏهن اهي ڳالهيون به هنن کي غور ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيون ڪن ته) پوءِ ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي جنهن تي هن کان پوءِ ايمان آڻيندا؟ (١٨٦) (ياد رکو ته) جهن جي لاءِ الله تعاليٰ (حق جي) راهه گم ڪري ڇڏي (يعني خدائي فطرت جي قانون موجب پنهنجي سمجهه پاڻ وڃائي ڇڏي) تنهن جي لاءِ ٻيو ڪوبه واٽ ڏيکاريندڙ ڪونهي. خدا (جي قانون) هن کي ڇڏي ڏنو آهي ته پنهنجي سرڪشيءِ ۾ ڀٽڪندا رهن. (١٨٧) (اي پيغمبر!) ماڻهو توکان (قيامت جي) اچڻ واري وقت بابت پڇن ٿا ته آخر اها ڪڏهن ايندي؟ تون چئو ته، ان جو علم ته منهنجي پروردگار کي آهي. اهوئي آهي جو ان کي ان جي وقت تي ظاهر ڪندو. اهو وڏو ڀاري حادثو آهي جو آسمانن ۽ زمين ۾ واقع ٿيندو. اهو (واقعو) اوهان تي اوچتو اچي ڪڙڪندو. (اي پيغمبر!) اهي ماڻهو توکان اهڙيءَ طرح ٿا پڇن جو ڄڻ ته تون ان (قيامت جي اچڻ) لاءِ وڏي شوق سان نهاري رهيو آهين. تون کين ٻڌاءِ ته حقيقت هيءَ آهي ته ان جو علم فقط الله کي آهي. پر اڪثر ماڻهو اهڙا آهن جي هن حقيقت کان بي خبر آهن. (١٨٨) (اي پيغمبر! تون ماڻهن کي هي به) چئوته، منهنجو حال ته اهو آهي جو پنهنجي جان جو نفعو نقصان به منهنجي اختيار ۾ ناهي. اهوئي ٿئي ٿو جيڪي خدا چاهي ٿو. جيڪڏهن مون کي غيب جو علم هجي ها ته ضرور ائين ڪيان ها جو گهڻائي نفعا ۽ فائدا پنهنجي لاءِ حاصل ڪيان ها، ۽ (زندگيءَ ۾) ڪوئي ايذاءُ يا تڪليف مون کي نه پهچي ها. مان هن کان سواءِ ٻيو ڇا آهيان ته مڃڻ وارن لاءِ خبردار ڪرڻ وارو ۽ خوشخبري ڏيڻ وارو آهيان.
رڪوع ٢٤ آيت 189-تا-206
عرب جا مشرڪ ڪنهن گهرج يا مصيبت وقت خدا کي پڪاريندا هئا، پر مراد پوري ٿيڻ کان پوءِ سمجهندا هئا ته اسان جي آستانن ۽ بتن اسان جي مراد پوري ڪئي.
(١٨٩) اهوئي (اوهان جو پروردگار) آهي جنهن هڪ جان (آدم) مان اوهان کي پيدا ڪيو ۽ انهيءَ جي جنس مان سندس جوڙو (حوا) بنايو، انهيءِ لاءِ ته سندس صحبت ۾ آرام ۽ خوشي حاصل ڪري. پوءِ جڏهن مرد عورت سان همبستر ٿئي ٿو تڏهن عورت کي پيٽ ۾ ٻار ٿئي ٿو. پهريائين حمل جو بار هلڪو ٿو ٿئي ۽ ان سان گهمندي ڦرندي وقت گذاري ٿي، پر جڏهن بار ڳورو ٿئي ٿو (۽ ويم جو وقت ويجهو اچي ٿو) تڏهن ٻئي زال مڙس خدا کان، جو سندس پرورش ڪندڙ آهي دعا گهرن ٿا ته: اي خدا! اسان ٻئي تنهنجا شڪرگذار رهنداسين، جيڪڏهن اسان کي هڪ تندرست ٻار عطا فرمائيندين. (١٩٠) پوءِ جڏهن خدا هنن کي هڪ تندرست ٻار عطا فرمايو تڏهن جيڪي خدا هنن کي ڏنو تنهن ۾ ٻين هستين کي شريڪ ٺهرائڻ لڳا (يعني چوڻ لڳا ته، فلاڻي ديوتا يا آستان اسان تي ڀلائي ڪئي آهي) سو (ياد رکو ته) اهي ماڻهو جيڪي شرڪ جون ڳالهيون ڪن ٿا تن کان الله جي ذات گهڻو بلند (۽ پاڪ) آهي. (١٩١) اهي ماڻهو ڪهڙين هستين کي (خدا سان) شريڪ ٺهرائين ٿا؟ ڇا اهڙين هستين کي جي ڪا به شيءِ پيدا ڪري نٿا سگهن ۽ خود پاڻ به ڪنهن ٻئي جا پيدا ڪيل آهن؟ (١٩٢) هنن (ديوتائن) ۾ نڪي اها طاقت آهي جو انهن (ماڻهن) کي مدد ڪري سگهن، نڪي اها طاقت اٿن جو پاڻ کي ئي مدد پهچائي سگهن. (١٩٣) جيڪڏهن توهان هنن کي سڌيءَ واٽ ڏي سڏيو، ته هو توهان جي پٺيان قدم نه کڻندا. ۽ توهان هنن کي سڏيو يا چپ رهو ٻنهي حالتن جو نتيجو اوهان جي لاءِ هڪ جهڙو ٿيندو (يعني هو اوهان ڏي ڪونه ايندا ۽ ايمان ڪونه آڻيندا.) (١٩٤) (نادانؤ!) توهان خدا کان سواءِ جن هستين کي پڪاريو ٿا اهي ته اوهان وانگر خدا جا ٻانها آهن، جيڪڏهن توهان (پنهنجي هن وهم ۾) سچا آهيو ته (هنن ۾ ٻين انسانن کان وڌيڪ طاقتون آهن) ته پوءِ (پنهنجي گهرجن پورين ڪرڻ لاءِ) هنن کي سڏيو ۽ هو توهان جي سڏ جو جواب ته ڏين! (١٩٥) ڇا هن (بتن) کي پير آهن جن سان هلي سگهن؟ کين هٿ آهن جن سان ڪا شيءِ جهلي سگهن؟ کين اکيون آهن جن سان ڏسي سگهن؟ کين ڪن آهن جن سان ٻڌي سگهن؟ (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کي چئو ته (جيڪڏهن توهان جا ٺهرايل شريڪ اوهان جي مدد ڪري ٿا سگهن ته) انهن پنهنجن شريڪن کي (خوب) پڪاريو، پوءِ (منهنجي خلاف سڀ) مخفي تدبيرون عمل ۾ آڻيو ۽ مون کي (پنهنجي عقل موجب) ذرو به مهلت نه ڏيو. (پوءِ ڏسو ته نتيجو ڇا ٿو نڪري). (١٩٦) منهنجو ڪارساز ته بس الله آهي جنهن هيءُ ڪتاب نازل فرمايو ۽ اهوئي آهي جو نيڪ انسانن جي ڪارسازي ٿو ڪري. (١٩٧) توهان الله کان سواءِ جن کي پڪاريو ٿا سي نڪي توهان جي مدد ڪري ٿا سگهن، نڪي پنهنجي ئي مدد ڪرڻ جي طاقت اٿن. (١٩٨) (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تون انهن ماڻهن کي سڌي رستي ڏانهن سڏين ته هو ڪڏهن به تنهنجو سڏ نه ٻڌندا. توکي ائين ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته هو تنهنجي طرف نهاري رهيا آهن، پر حقيت هيءَ آهي ته هو توکي ڪونه ٿا ڏسن (۽ سمجهن). (١٩٩) (بهرحال) نرمي ۽ درگذر کان ڪم وٺ، نيڪيءَ جو حڪم ڏي ۽ جاهلن کان مڙي لنگهه. (٢٠٠) ۽ جيڪڏهن شيطان جي طرف کان ڪو (خراب) وسوسو تون محسوس ڪرين ته الله جي طرف متوجهه ٿي وڃ ۽ سندس پناهه گهر. بيشڪ هو (سڀ ڪجهه) ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (٢٠١) بيشڪ جيڪي ماڻهو متقي آهن (يعني خدا جو خوف رکندڙ آهن تن کي) جيڪڏهن شيطان جي وسوسي وجهڻ سان ڪو خيال (گناه ڪرڻ جو) اچي وڃي ٿو ته هڪدم خبردار ٿي ٿا وڃن (۽ خدا جي يادگيري اچي ٿي وڃين) ۽ پوءِ (غفلت جو پردو هٽي ٿو وڃي ڄڻ ته) هنن جون اکيون بروقت کلي وڃن ٿيون. (٢٠٢) پر جيڪي ماڻهو شيطانن جا ڀائر آهن تن کي اهي (شيطان) گهلي وڃي ٿا گمراهيءَ (جي کڏ) ۾ وجهن، پوءِ اهي ان گمراهي (۽ گناهن) ۾ ذرو به گهٽتائي نٿا ڪن. (٢٠٣) ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن تون هنن ڪافرن وٽ ڪا نشاني (آيت) نٿو آڻين تڏهن هو توکي چون ٿا ته ڇو نه تو ڪا نشاني پسند ڪري چونڊي آندي؟ (يعني ڇو نه پاڻ ٺاهي ورتئي؟) تون کين چئو ته، حقيقت فقط هيءَ آهي ته جيڪي منهنجي پروردگار جي طرفان مون وٽ وحي اچي ٿو تنهن جي پيروي ٿو ڪريان (پنهنجون ڳالهيون ڪونه ٿو ٺاهيان) هي (قرآن) توهان جي پروردگار وٽان (سچن) دليلن ۽ ثابتين جو سرمايو آهي ۽ جيڪي به ماڻهو ايمان رکندڙ آهن تن جي لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. (٢٠٤) (اي مسلمانو!) جڏهن به قرآن مجيد پڙهيو وڃي تڏهن دل لڳائي ٻڌندا ڪريو ۽ خاموش رهندا ڪريو ته، اوهان تي الله تعاليٰ جي رحمت ٿئي. (٢٠٥) ۽ (اي پيغمبر!) پنهنجي پروردگار کي صبح شام (يعني هر وقت) ياد ڪندو ڪر، دل ئي دل ۾ عاجزي ۽ نياز سان ۽ ڊڄندڙ دل سان ۽ زبان سان به آهستي آهستي (دعا گهرندو ڪر يا قرآن پڙهندو ڪر) پر نه وڏي آواز سان ۽ ائين نه ڪجانءِ جو غافلن منجهان ٿي پئين. (٢٠٦) جيڪي الله وٽ (مقرب) آهن، سي ڪڏهن به تڪبر ڪري سندس بندگيءَ کان منهن نٿا موڙين. اهي سندس پاڪائي ۽ شان ڳائين ٿا ۽ سندس ئي اڳيان سجدي ۾ جهڪن ٿا.