مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت الزخرف

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-15
ڪافر به سندس قدرت ۽ علم جو اعتراف ٿا ڪن، تنهن هوندي به قرآن جو قدر نٿا ڪن.
(١) حا – ميم (٢) هي چٽائي ڪندڙ ڪتاب خود شاهد آهي (ته منجهس ڏنل حقيقتون سچيون آهن) . (٣) اسان ان کي عربي قرآن انهيءَ لاءِ ڪيو آهي ته توهان سمجهو (۽ حقيقتون معلوم ڪري انهن تي عمل ڪيو). (٤) ۽ يقيناً اهو (قرآن مجيد) انهيءَ ڪتاب جي ماءُ (يعني اصلوڪي خدائي فطرت ۽ قانون) ۾ آهي جو اسان وٽ (لوح محفوظ ۾) موجود آهي ۽ بلڪل بلند مرتبي وارو ۽ حڪمت سان ڀريل آهي. (٥) توهان جو (نافرمانيءَ ۾) ليڪو لنگهي بيهندڙ ماڻهو ٿي پيا آهيو تنهن ڪري اسان پنهنجو پيغام (يعني نصيحتن سان ڀريل قرآن مجيد) توهان کان روڪي ڇڏيون ڇا ۽ توهان کي مردود ڪري ڇڏيون ڇا؟ (نه نه اسان تڏهن به رحم ڪري توهان کي نصيحتون ڏيندا رهنداسين ته من توهان مان ڪي ته فيض وٺن.) (٦) ۽ (ياد رکو ته اسان پنهنجي رحمت سان) ڪيترائي نبي سڳورا اڳوڻن ماڻهن ۾ به موڪليا هئا. (٧) ۽ (هيءَ حقيقت آهي ته) جڏهن جڏهن انهن ڏي ڪو نبي سڳورو آيو تڏهن تڏهن هنن مٿس ٽوڪون ۽ چٿرون ڪيون. (٨) نتيجو هي ٿيو جو اسان هنن (قريشن) کان زور وارن ماڻهن کي تباهه ڪري ڇڏيو. ۽ (اهڙي طرح) اڳوڻن جي مثال گذري چڪو آهي (جنهن مان اسان کي سبق وٺڻ گهرجي.) (٩) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تون هنن کان پڇين ته ڪنهن آسمانن ۽ زمين کي خلقيو آهي ته هو ضرور چوندا ته، انهن کي وڏي قدرت واري ۽ وڏي علم واري (الله) خلقيو آهي. (١٠) اي ڪافرؤ! ايترو ته قبول ٿا ڪيو پر ته به الله جي رحمت جو قدر نٿا ڪيو) جنهن اوهان جي لاءِ زمين کي (غاليچي وانگر) پکيڙيو آهي، ۽ ان ۾ اوهان جي لاءِ رستا ٺاهيا اٿس انهيءَ لاءِ ته توهان (پنهنجي منزل ڏانهن) واٽ لهو (۽ ڀلجي نه وڃو). (١١) ۽ جو آسمان مان قدر سان مينهن ٿو وسائي. پوءِ اسان ان جي وسيلي مئل (خشڪ) زمين کي اٿاري زندهه ڪري ٿا ڇڏيون. اهڙيءَ طرح توهان به ٻاهر ڪڍيا ويندؤ. (يعني هن ئي دنيا ۾ قرآن مجيد تي عمل ڪرڻ سان زندهه دل ٿي ويندؤ يا قيامت جي ڏينهن قبرن مان ٻاهر ڪڍي جيئرا ڪري اٿاريا ويندؤ). (١٢) ۽ جنهن سڀني شين کي جوڙين ۾) پيدا ڪيو آهي، ۽ اوهان جي لاءِ جهاز ۽ ڍور ڍڳا پيدا ڪيا اٿس جن تي توهان سواري ٿا ڪيو. (١٣) انهيءَ لاءِ ته توهان انهن جي پٺيءَ تي محڪم ٿي ويهو، ۽ پوءِ جڏهن انهن تي محڪم ٿي ويهو تڏهن پنهنجي پروردگار جو فضل ياد ڪيو ۽ چؤ ته، وڏو شان آهي انهيءَ جو جنهن اسان جي لاءِ هنن کي تابع ڪري ڏنو، ۽ اسان پنهنجي طاقت سان هنن کي هرگز تابع ڪري نه سگهون ها. (١٤) ۽ يقيناً اسان (آخر) پنهنجي پرودگار ڏي موٽڻا آهيون. (١٥) ۽ (افسوس جو الله جي ايترين نعمتن هوندي به) هي ماڻهو الله سان سندن (خلقيل) ٻانهن مان ڪن کي جزو يا حصو ٺهرائين ٿا، بيشڪ انسان ظاهرظهور بي شڪر آهي (۽ خدا جي نعمتن جو قدر نٿو ڪري).

رڪوع ٢ آيت 16-تا-25
مڪي جي ڪافرن جا خيال ۽ روشون.
(١٦) يا (اي ڪافرؤ! توهان جو هي خيال آهي ڇا ته) الله تعاليٰ پنهنجي مخلوق مان ڪن کي پنهنجون ڌيئر ڪيو اٿس ۽ اوهان کي (اوهان جي پسنديءَ مطابق) پٽ ڏنا اٿس. (١٧) ۽ (حقيقت ته هي آهي ته) جڏهن هنن مان ڪنهن کي (ڌيءُ جي ڄمڻ جي) خبر ڏني وڃي ٿي، انهيءَ جي جيڪي هو رحمان خدا سان منسوب ڪري ٿو (ته هن کي ڌيئرون آهن)، تڏهن سندس منهن ڪارو ٿي وڃي ٿو، ۽ هو دل ئي دل ۾ گُهٽجي وڃي ٿو. (١٨) ڇا اها (ڇوڪري) جيڪا زيورن (۽ گڏين) ۾ پلجي ٿي ۽ جا بحث مباحثي ۾ صاف طور ڳالهه به ڪري نٿي سگهي (سا خدا کي خاص طرح پسند آهي؟) (١٩) ۽ هنن (ڪافرن) ملائڪن کي جيڪي رحمان خدا جا ٻانها آهن عورتون ٺهرايو آهي. ڇا هنن (ڪافرن انهن ملائڪن جي) خلقت روبرو ڏٺي هئي؟ (يعني جڏهن ملائڪ خلقيا ويا هئا تڏهن اهي ڪافر بروقت اتي موجود هئا ڇا؟) هنن جي اها شاهدي يا عقيدو (ته ملائڪ عورتون آهن سندن اعمال نامي ۾) لکيو ويندو ۽ (ان بابت) کانئن پڇاڻو ٿيندو. (٢٠) ۽ اهي (ڪافر) چوندا آهن ته جيڪڏهن رحمان خدا چاهي ها ته اسان انهن (ٻين ديوتائن يا بتن وغيره کي) نه پوڄيون ها، هن بابت هنن کي ڪوبه علم ڪونهي. هو فقط ڪوڙا دليل پيش ٿا ڪن. (٢١) يا (هيئن آهي ڇا ته) اسان هن کان اڳي هنن کي ڪو ڪتاب ڏنو آهي جو هو ان تي محڪم آهن؟ (٢٢) ائين ناهي بلڪ حقيقت هيءَ آهي ته هو چوندا آهن ته اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي دين جي هڪڙي طريقي تي ڏٺو ۽ اسان انهن جي ئي نقش قدم تي هلي رهيا آهيون. (٢٣) ۽ اهڙيءَ ئي طرح اسان جڏهن به ڪو خبردار ڪندڙ (نبي سڳورو) توکان اڳي ڪنهن بستيءَ يا شهر ۾ موڪليو تڏهن ان شهر جي آسائشي ماڻهن چئي ڏنو ته اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي دين جي هڪڙي طريقي تي ڏٺو ۽ اسان به انهن جي نقش قدم تي هلي رهيا آهيو. (٢٤) (انهن جي پيغمبر کين) چيو ته ڇا (توهان وڏن جي غلط خيالن ۽ رسمن تي ڄميا رهندؤ) اگرچه مان توهان ڏي بهتر هدايت کڻي آيو آهيان انهيءَ کان جنهن تي توهان پنهنجي ابن ڏاڏن کي هلندي ڏٺو؟ هنن (ڪافرن) جواب ۾ چيو ته جيڪا هدايت اوهان پيغمبرن آندي آهي تنهن کي اسان بلڪل ڪونه ٿا مڃون. (٢٥) سو اسان هنن کي (سندن بدعملن جي) بدلي ۾ سزا ڏني. پوءِ ڏسو ته (حق کي) ڪوڙو ٺهرائيندڙن جي پڇاڙي ڪهڙي نه خراب ٿي!

رڪوع ٣ آيت 26-تا-35
دنيا ۾ شاهوڪاري ۽ طاقت روحاني خوشين جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به ناهن.
(٢٦) ۽ ياد رکو ته، حضرت ابراهيم پنهنجي پيءُ کي ۽ پنهنجي قوم جي ماڻهن کي چيو هو ته جن (بتن ۽ ستارن وغيره) جي توهان پوڄا ٿا ڪيو تن کان مان بيزار آهيان. (٢٧) مان ته فقط انهيءَ (الله) جي ٻانهپ ڪندس، جنهن مون کي پيدا ڪيو آهي. هو يقيناً مون کي (ڪياميابي ۽ سعادت جي) سڌيءَ واٽ تي لڳائيندو. (٢٨) ۽ هو اهائي نصيحت پنهنجي پٺيان ڇڏي ويو آهي ته من (سندس پويان يعني عرب ۽ بني اسرائيل) خدا ڏي رجوع ٿين. (٢٩) حقيقت هيءَ آهي ته مان هنن (قريشن) کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي دنيائي نعمتون ڏيندو رهيو آهيان (اگرچه حق کان ڦري ويا آهن) تان جو هنن وٽ وري حق اچي ويو آهي ۽ حقيقتن کي چٽو ڪندڙ رسول وٽن اچي چڪو آهي. (٣٠) پر (هو ته اهڙا بي شڪر آهن جو) جڏهن وٽن حق اچي چڪو آهي تڏهن چوڻ لڳا آهن ته هيءُ جادو آهي (۽ ڪوڙ آهي) ۽ اسان ان کي ڪونه ٿا مڃيون. (٣١) ۽ هو چون ٿا ته هيءُ قرآن ڇو نه هنن ٻن (مکيه) شهرن جي ڪنهن وڏي (شاهوڪار يا سردار) تي نازل ڪيو ويو. (٣٢) ڇا هي (هٺيلا) ماڻهو تنهنجي پروردگار جي رحمت (پنهنجي خيالن موجب) ورهائڻ ٿا چاهين؟ (هو ڏسن نٿا ته) هن دنيا جي زندگيءَ ۾ سندن روزي، منجهن اسان ئي ورهائي آهي (ٻين کي ڪهڙي طاقت آهي جو روزي يا پيغمبري ورهائي ڏين) ۽ اسان ئي ڪن ماڻهن کي ٻين ماڻهن کان (مختلف قسم جي) درجن ۾ مٿي رکيو آهي. انهيءَ لاءِ ته ڪي ماڻهو ٻين کان (چڱا) ڪم وٺن، ۽ (اي پيغمبر!) تنهنجي پروردگار جي رحمت انهيءَ دنيا ئي دولت کان گهڻو بهتر آهي جا اهي (ڪافر) ماڻهو گڏ ڪندا رهن ٿا. (٣٣) ۽ (دنيا ئي دولت بذات خود ڪجهه به ناهي) جيڪڏهن ائين نه هجي ها جو (دولت جي هئڻ سببان) سڀ ماڻهو هڪ (بدڪار) امت ٿي وڃن ها ته اسان انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي رحمان خدا کي نٿا مڃن سندن گهرن جون ڇتيون به چانديءَ جون ڪري ڇڏيون ها ۽ اهي ڏاڪڻيون جن تي چڙهن ٿا سي به چانديءَ جون ڪري ڇڏيون ها. (٣٤) ۽ سندن گهرن جا دروازا ۽ اهي تخت (يا ڪوچ) جن تي ٽيڪ ڏئي ويهن ٿا (سي به چانديءَ جا ڪري ڇڏيون ها.) (٣٥) ۽ پڻ کين سونا زيور يا سينگار جا سامان ڏئي ڇڏيون ها. پر اهي سڀ، ڪجهه به ناهن، رڳو هن دنيا جي (ٿوري) زندگيءَ جو سامان آهن. ۽ آخرت (جون حقيقي ۽ پائيدار نعمتون) الله تعاليٰ وٽ فقط انهن لاءِ آهن جيڪي پرهيزگار آهن (۽ الله جي راهه تي هلندڙ آهن).

رڪوع ٤ آيت 36-تا-45
جيڪي شيطان جي پيرويءَ ۾ انڌا ٿي ويا آهن، تن کي سڌي واٽ تي آڻڻ محال آهي.
(٣٦) ۽ جيڪو به رحمان جي ذڪر کان (يعني قرآن مجيد تي عمل ڪرڻ کان) منهن ٿو موڙي تنهن جي لاءِ اسان هڪڙو شيطان مقرر ڪري ٿا ڇڏيون، جو هنن جو سنگتي ۽ ساٿي ٿئي ٿو. (٣٧) ۽ بيشڪ اهڙا شيطان (يا برغلائيندڙ ساٿي) هنن کي (الله تعاليٰ جي) واٽ کان روڪي ٿا ڇڏين، پر هو سمجهن ٿا ته يقيناً هو سڌيءَ راهه تي هلندڙ آهن. (٣٨) تان جو جڏهن اهو (برغلايل انسان) اسان وٽ پيش ٿيندو تڏهن (برغلائيندڙ ساٿيءَ کي) چوندو ته (هي عذاب تو مون تي آندو آهي) ڪاش! تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ايترو مفاصلو هجي ها جيترو اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ آهي. ڪهڙو نه بڇڙو سنگتي آهي. (٣٩) انهيءَ ڏينهن (برغلائيندڙ سنگتيءَ تي ڏوهه ڌرڻ) اوهان کي ڪجهه به ڪم نه ايندو جڏهن ته توهان پاڻ (قرآن مجيد کي ڇڏي) ظلم جي واٽ اختيار ڪئي هئي. يقيناً توهان (برغلايل ۽ برغلائيندڙ ٻئي ڌريون) عذاب ۾ ڀائيوار آهيو. (٤٠) پوءِ (اي پيغمبر!) ڇا تون ٻوڙن کي ٻڌائي سگهندين ۽ انڌن کي واٽ ڏيکاري سگهندين ۽ انهن کي (حق جي راهه تي آڻي سگهندين) جيڪي (ضد تڪبر ۽ خودغرضيءَ سببان) چٽي پٽي گمراهيءَ ۾ آهن؟ (٤١) پوءِ (اي پيغمبر! اگرچه اسان توکي (دنيا مان) کڻي وٺون ته به هنن کي ضرور (سندن بدعملن جي) بدلي ۾ سزا ڏينداسون. (٤٢) يا ته توکي (تنهنجي ئي حياتيءَ ۾ ڪافرن جي اها مغلوبي يا تباهي) ڏيکارينداسين جنهن جو اسان هنن کي واعدو ڏنو آهي. يقيناً اسان هنن تي قادر ۽ غالب آهيون. (٤٣) سو (اي پيغمبر! تون ڪوبه انديشو نه ڪر، ڪابه ڍرائي نه ڪر) جيڪو وحي تو ڏي موڪليو ويو آهي، تنهن تي (عمل ڪرڻ ۾ ۽ خدائي نظام قائم ڪرڻ ۾) محڪم رهه. يقيناً تون سڌيءَ واٽ تي هلي رهيو آهين. (٤٤) ۽ يقيناً هي (قرآن) تنهنجي ۽ تنهنجي قوم جي ماڻهن لاءِ (صحيح) پيغام ۽ نصيحت آهي. ۽ جلد اوهان کان پڇاڻو ٿيندو. (٤٥) ۽ (اي پيغمبر!) توکان اڳي جن رسولن کي اسان پيغمبر ڪري موڪليو هو تن کان پڇي ڏس (ته) رحمان خدا کان سواءِ ٻيا به ڪي معبود اسان بنايا هئا ڇا جن جي ٻانهپ ڪئي وڃي؟

رڪوع ٥ آيت 46-تا-56
حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ فرعون جو عبرتناڪ واقعو.
(٤٦) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان حضرت موسيٰ کي پنهنجي نشانين سان فرعون ۽ سندس سردارن ڏي موڪليو. هن (انهن وٽ وڃي) چيو ته، يقيناً مان سڄي جهان جي پروردگار جو رسول آهيان. (٤٧) پوءِ جڏهن هنن کي اسان جون نشانيون ڏيکاريائين تڏهن هو کلڻ ۽ مسخريون ڪرڻ لڳا. (٤٨) ۽ اسان جيڪا به نشاني هنن کي ڏيکاري سا اڳين نشانيءَ کان وڏي هئي، ۽ اسان کين عذاب ۾ وڌو، انهيءَ لاءِ ته من خدا ڏي رجوع ٿين (۽ ظلم ڦٽي ڪري نيڪ ڪم ڪرڻ لڳن). (٤٩) ۽ هنن چيو ته، اي جادوگر پنهنجي پروردگار کان اسان جي لاءِ دعا گهر جهڙيءَ طرح هنن توسان عهد ڪيو آهي. (جيڪڏهن عذاب ٽري ويندو ته) اسان يقيناً هدايت تي اينداسين (۽ تنهنجو سيکاريل دين قبول ڪنداسين.) (٥٠) پوءِ جيڪڏهن اسان هنن تان عذاب لاهي ڇڏيو تڏهن هنن هڪدم پنهنجو عهد ٽوڙي ڇڏيو. (٥١) ۽ فرعون پنهنجي قوم ۾ اعلان ڪري چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! مان مصر جو بادشاهه نه آهيان ڇا؟ ۽ هي نهرون منهنجي پيرن هيٺان نه ٿيون وهن ڇا؟ ڇا توهان نٿا ڏسو؟ (٥٢) ڇا مان هن (حضرت موسيٰ عليه السلام) کان بهتر نه آهيان جو ذليل ۽ خسيس آهي ۽ صاف طرح ڳالهائي به نٿو سگهي؟ (٥٣) (جيڪڏهن هو عزت وارو يا پيغمبر آهي ته) پوءِ ڇو نه هن جي هٿن ۾ سونا ڪنگڻ وڌا ويا آهن، يا ڇو نه هن سان گڏ فرشتا جلوس ڪڍي ٿا نڪرن؟ (٥٤) اهڙيءَ طرح هن پنهنجي قوم کي بي وقوف بنايو. سو هنن سندس فرمانبرداري ڪئي. يقيناً هو (خدا سان) بي فرمان فاسق ماڻهو ٿي رهيا. (٥٥) سو جڏهن هنن اسان کي ناراض ڪيو تڏهن اسان هنن کي (سندن ظلمن جو) بدلو ڏنو ۽ هنن سڀني کي غرق ڪري ڇڏيو. (٥٦) اهڙيءَ طرح اسان هنن کي گذري ويل قوم ڪري ڇڏيو. ۽ پوين لاءِ (عبرت وٺڻ جو) مثال قائم ڪيو.

رڪوع ٦ آيت 57-تا-67
حضرت عيسيٰ عليه السلام جي تبليغ ۽ ان جي پوئلڳن پاڻ اختلاف ڪيا.
(٥٧) ۽ جڏهن (حضرت عيسيٰ) ابن مريم جو حال بيان ڪيو ٿو وڃي تڏهن (پيغمبر!) تنهنجي قوم جا ماڻهو شور مچائين ٿا. (٥٨) ۽ چون ٿا ته، اسان جا معبود بهتر آهن يا اهو (حضرت عيسيٰ عليه السلام) بهتر آهي؟ (اي پيغمبر!) اهڙيون ڳالهيون هو توسان فقط جهڳڙا پيدا ڪرڻ واسطي ڪن ٿا. هيءَ حقيقت آهي ته هو جهڳڙالو ماڻهو آهن. (٥٩) هو ته فقط ٻانهو هو (اسان جو) اسان هن تي پنهنجو فضل ڪيو ۽ هن کي بني اسرائيلن لاءِ مثال ۽ نمونو ڪيو (پر افسوس جو هو سندس نقش قدم تي نه هليا). (٦٠) ۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ته توهان مان ملائڪ پيدا ڪري ڇڏيون، جيڪي دنيا ۾ اوهان جي جاءِ وٺن. (٦١) ۽ يقيناً (حضرت عيسيٰ) انهيءَ گهڙيءَ جو علم يا نشاني آهي. سو انهيءَ نشانيءَ ۾ شڪ نه آڻيو ۽ منهنجي پيروي ڪيو اهائي سچي واٽ آهي. (٦٢) ۽ ائين نه ٿئي جو شيطان اوهان کي (انهيءَ سڌيءَ واٽ کان) روڪي ڇڏي. هو يقيناً اوهان جو کليو کلايو دشمن آهي. (٦٣) ۽ جڏهن حضرت عيسيٰ روشن دليلن ۽ نشانين سان اچي ويو، تڏهن چيائين ته، مان توهان ڏي حڪمت ۽ دانائيءَ جون ڳالهيون کڻي آيو آهيان. ۽ هن لاءِ آيو آهيان ته، جن ڳالهين بابت توهان اختلاف ڪري رهيا آهيو تن مان ڪن ڳالهين کي چٽو ڪري ڇڏيان. سو الله (جي حڪمن جي تعميل ڪيو ۽ سندس نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو. (٦٤) يقين ڄاڻو ته، الله ئي منهنجو ۽ (اوهان جو پروردگار آهي. سو فقط سندس ٻانهپ ڪيو اهوئي سڌو رستو آهي. (٦٥) پر (ڇا ٿيو جو) ٽولين يعني فرقن پاڻ ۾ اختلاف ڪيا. سو جن (فرقا ٺاهي پاڻ تي پاڻ) ظلم ڪيو تن تي هڪڙي سخت تڪليف واري ڏينهن عذاب جي مصيبت اچڻي آهي. (٦٦) هي (منڪر) انهيءَ گهڙيءَ واسطي ترسيا ويٺا آهن ڇا ؟ (ان گهڙيءَ جي اچڻ بعد هو ڇا ڪري سگهندا؟) اها ته اوچتو اچي ويندي ۽ هنن کي خبر به ڪانه پوندي. (٦٧) انهيءَ ڏينهن دوست به هڪ ٻئي جا دشمن ٿي پوندا. پر پرهيزگار (مؤمن) (هڪ ٻئي جا دشمن ڪونه ٿيندا، اهي هڪ ٻئي سان وڏي محبت ۾ رهندا).

رڪوع ٧ آيت 68-تا-89
حضرت جن کي حڪم ته هاڻي هنن منڪرن کي ڇڏي ڏي.
(٦٨) اي منهنجا (فرمانبردار) بندؤ! انهيءَ ڏينهن توهان کي ڪوبه خوف ڪونه رهندو، نڪي توهان غمگين هوندؤ. (٦٩) اهي سچا بندا جيڪي اسان جي آيتن ۽ حڪمن تي ايمان ۽ يقين رکن ٿا ۽ پورا پورا مسلمان (يعني سورهن آنا خدا جا) فرمانبردار آهن (۽ سڀني قرآني حڪمن جي تعميل ٿا ڪن). (٧٠) (اي منهنجا اهڙا بندؤ!) توهان ۽ توهان جون مؤمن زالون (۽ توهان سان تعلق رکندڙ مؤمن) خوشين ۽ خوبين سان جنت ۾ داخل ٿيو. (٧١) (جنت ۾) انهن تي سون جي رڪابين ۽ پيالن جو دور هلندو. ۽ اتي دليون جيڪي به چاهينديون ۽ جنهن سان بي اکين کي لذت ۽ راحت ملندي سو سڀ ميسر هوندو ۽ اوهان به هميشه رهندؤ. (٧٢) اهڙو هوندو اهو بهشت جنهن جا توهان (هميشه لاءِ) وارث ٿيندؤ، هن ڪري جو توهان نيڪ عمل ڪندا هئو. (٧٣) ان بهشت ۾ اوهان جي لاءِ بي انداز ميوا (۽ نعمتون) هونديون جي توهان ماڻيندو. (٧٤) يقيناً ڏوهاري ۽ گنهگار جهنم جي عذاب ۾ پوندا ۽ هميشه ان ۾ هوندا. (٧٥) هنن تان عذاب هلڪو ڪونه ڪيو ويندو ۽ هو ان ۾ نااميدي ۽ نامراديءَ ۾ ويڙهجي ويندا. (٧٦) اسان هنن سان بي انصافي بلڪل ڪانه ڪنداسين، پر هو پاڻ وڏا ظالم هئا (۽ هوپاڻ تي پاڻ ظلم ڪيائون ۽ ان جو نتيجو ضرور لوڙڻو اٿن). (٧٧) ۽ هو (جهنم ۾) پڪاري چوندا ته، اي جهنم جا داروغا! تنهنجو پروردگار جيڪڏهن اسان کي ختم ڪري ڇڏي ته ڏاڍو چڱو ٿئي. هو چوندو (ته نه!) توهان کي يقيناً (هن عذاب ۾ دائمي طور) رهڻو آهي. (٧٨) (اي انسانو!) هيءَ حقيقت آهي ته اسان توهان وٽ حق (يعني قرآن مجيد) آندو آهي، پر توهان مان گهڻا حق کي ناپسند ڪندڙ آهن. (٧٩) ڇا هنن ڪو منصوبو ٺاهي تيار ڪيو آهي؟ پر (ياد رکو) ته اسان ئي سڀني ڳالهين جو فيصلو ڪندڙ آهيون (هو ڪجهه به ڪري نه سگهندا). (٨٠) يا (مڪي جا ڪافر) هيئن ٿا سمجهن ڇا ته، اسان سندس ڳجهه ۽ مخفي ڳالهيون ڪونه ٿا ٻڌون؟ يقيناً اسان سڀ ڪجهه ٻڌون ٿا ۽ اسان جا موڪليل فرشتا هنن جي پاسي ۾ رهن ٿا ۽ سڀ ڪجهه لکي ٿا ڇڏين. (٨١) (اي پيغمبر!) تون چؤ ته، جيڪڏهن رحمان خدا کي پٽ هجي ها ته پوءِ مان (سندس) ٻانهپ ڪندڙن ۾ سڀني کان اڳرو هجان ها (پر پٽ جو
هئڻ خدا جي شان وٽان ناهي.) (٨٢) آسمانن ۽ زمين جو پروردگار ۽ عرش جو مالڪ پاڪ آهي، اهڙين ڳالهين کان جي هي ماڻهو (عيسائي ۽ ٻيا) بيان ڪن ٿا. (٨٣) سو (اي پيغمبر!) هنن کي ڇڏي ڏي ته ڀلي پيا بيهوديون بڪواسون ڪن ۽ کلي چرچا ڪن، تان جو پنهنجو اهو ڏينهن ڏسن جنهن جو ساڻن واعدو ڪيو ويو آهي، (جنهن ڏينهن هو مغلوب ٿيندا يا آخرت جي عذاب ۾ ڪرندا). (٨٤) ۽ اهوئي الله آسمان ۾ به معبود آهي ته زمين تي به معبود آهي، ۽ هو وڏيءَ حڪمت وارو ۽ وڏي علم وارو آهي. (٨٥) ۽ وڏين برڪتن وارو آهي، اهو الله جنهن جي هٿ ۾ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي آهي ۽ جيڪي به انهن جي وچ ۾ آهي تنهن جي به بادشاهي آهي. ۽ انهيءَ گهڙي جو علم وٽس ئي آهي، ۽ اوهان آخر هن ئي ڏانهن موٽايا ويندؤ. (٨٦) ۽ جن کي هو خدا کي ڇڏي پڪارين ٿا تن جي هٿ ۾ شفاعت ڪانهي، (هو ڪابه سفارش ڪري نه سگهندا) شفاعت ته فقط انهيءَ جي هٿ ۾ آهي جيڪو حق جي شاهدي ٿو ڏئي (يعني حق ٿو ٻڌائي ۽ سچو دين ٿو سيکاري) ۽ (اها ڳالهه) هو ڄاڻن به ٿا (پر خودغرضي ۽ دنيائي فائدا هنن کي حق کان روڪين ٿا). (٨٧) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تون هنن (ڪافرن) کان پڇين ته، ڪنهن کين خلقيو آهي ته هو ضرور چوندا ته کين الله ئي خلقيو آهي، پوءِ ڪيئن هو (حق کان) ٿڙڪي گمراهه ٿي ٿا وڃن؟ (٨٨) ۽ (پيغمبرﷺ جو) هيءُ چوڻ (اسان کي معلوم آهي) ته اي منهنجا پروردگار هي اهي ماڻهو آهن جيڪي (هرگز) ايمان ڪونه آڻيندا. (٨٩) (اي پيغمبر! تنهنجو خيال برابر آهي) سو تون هنن کان منهن موڙي ڇڏ ۽ (کين آخري) سلام چئو. پوءِ هو جلد ئي معلوم ڪندا (ته ڪير ٿو آخر ڪامياب ٿئي).