سورت الحاقه
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-37
نافرمان هن دنيا ۾ به گرفت ۾ اچن ٿا ۽ آخرت ۾ به انهن کي پورو بدلو ملندو.
(١) ثابت ٿيڻ واري (سزا ۽ تباهي اجهو ثابت ٿي). (٢) اها ثابت ٿيڻ واري (سزا) ڇا آهي؟ (٣) ۽ توکي ڪهڙي خبر ته اها ثابت ٿيڻ واري (سزا) ڇا آهي؟ (اسان کان وڌيڪ توکي بهتر سمجهائڻ وارو ڪير ٿي سگهي ٿو). (٤) (ساڳي تباهي توکان اڳين قومن تي به آئي ۽) ثمود ۽ عاد (جي قومن بدعملين جي نتيجي ۾) وڏي مصيبت (جي اچڻ) کي ڪوڙو ڪيو. (٥) پوءِ ثمود (جي قوم) کي حد کان لگهندڙ (سخت آواز) سان هلاڪ ڪيو ويو. (٦) ۽ عاد (جي قوم) کي حد کان لگهندڙ تيز (ٿڌي) هوا سان هلاڪ ڪيو ويو. (٧) جنهن کي (الله)مٿن ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن لڳاتار هلايو (پوءِ اي ڳالهه ٻڌندڙ! جيڪڏهن تون اتي ڏسين ها ته) تون ان قوم کي ان زمين تي ائين منهن ڀر اونڌو) ڪريل ڏسين ها ڄڻ ته اهي پورين کجين جا ٿڙ (پيل) آهن. (٨) پوءِ ڇا تون انهن مان ڪو بچيل ڏسين ٿو؟ (اهي ڌرتيءَ تان نيست ۽ نابود ٿي ويا. (٩) ۽ فرعون ۽ جيڪي ان کان اڳ هئا (تن جو به بڇڙو حشر ٿيو) ۽ (حضرت لوط جي قوم جو به) جن جون وستيون اونڌيون ڪري سٽيون ويون جو ڏوهه ڪيائون. (١٠) پوءِ انهن پنهنجي پالڻهار جي موڪليل (رسول) جي نافرماني ڪئي، پوءِ الله (جي مڪافات واري قانون) کين تمام سخت پڪڙ ڪئي. (١١) (اي ماڻهؤ! نبين جي ساٿ ڏيڻ تي اسان توهان جو ساٿ ڏنو ۽ نوح نبيءَ جي وقت ۾) جڏهن پاڻي حد کان لنگهي ويو تڏهن اوهان کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيوسون. (١٢) هن لاءِ ان (واقعي) کي اوهان لاءِ يادگار (۽ عبرت) بڻايون ۽ ان (قسم جي مڪافات وارن واقعن) کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَن (نصيحت وٺڻ جي لاءِ) ياد رکي. (١٣) پوءِ جڏهن (وري آخرت جي مڪافات وارو مرحلو ايندو ته ان وقت) صورت ۾ هڪ ڦوڪ ڦوڪي ويندي. (١٤) ۽ (ان وقت) زمين ۽ جبل (پنهنجي جاءِ تان) مٿي کنيا ويندا پوءِ ٻنهي کي هڪ ئي ڀيري کڻي ذريون ذريون ڪيو ويندو. (١٥) تڏهن ان ڏينهن ٿيڻ واري (قيامت) ٿي پوندي. (١٦) ۽ آسمان ڦاٽندو، پوءِ اهو ان ڏينهن لاچار ٿيل هوندو. (١٧) ۽ ملائڪ (جيڪي ان تي ڦهليل آهن سي) ان جي ڪنارن تي هوندا، ۽ تنهنجي پاليندڙ (جي انوار ۽ تجلين) جو (مرڪز ۽) تخت ان ڏينهن (ميدان ۾ محشرت ۾ آڻي) اٺ ملائڪ پاڻ تي کڻندا. (١٨) ان ڏينهن اوهان کي (الله جي) سامهون ڪيو ويندو، اوهان جي ڪابه ڳالهه (الله کان) لڪل نه هوندي. (١٩) پوءِ جنهن کي سندس اعمال نامون سندس سڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو سو (خوشيءِ کان) چوندو ته، وٺو منهنجو عمل نامون پڙهو. (٢٠) مون کي يقين هو ته، ضرور (دنيا ۾ ڪيل نيڪ عملين وارو) حساب مونکي ملندو. (سو مليو). (٢١) پوءِ اهو (پنهنجي لاءِ) وڻندڙ مزن ۾ هوندو. (٢٢) (انهن مزن جي) اعليٰ بهشت ۾ هوندو. (٢٣) جنهن جا ميوا (ايترو ته) جهڪيل هوندا. (جو آسانيءَ سان پڪڙي سگهبا). (٢٤) (اتي کين چيو ويندو ته) انهن (نيڪو ڪارين) جي صلي ۾ جيڪي اوهان گذريل ڏينهن ۾ اڳي موڪليون هيون، سلامتيءَ سان کائو ۽ پيئو. (٢٥) ۽ جنهن کي سندس اعمالنامو سندس کاٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو سو (نهايت حسرت ۽ ندامت وچان) چوندو ته جيڪر مونکي پنهنجو اعمالنامو نه ڏنو وڃي ها! (٢٦) ۽ نڪي مونکي خبر پوي ها ته منهنجو (هيڏانهن موڪليل عملن جو) حساب ڇا آهي؟ (٢٧) ڪنهن طرح اهو (موت) منهنجو (دائمي) خاتمو ڪندڙ هجي ها. (٢٨) (افسوس جو) مونکي منهنجو مال ڪجهه ڪم نه آيو. (جنهن تي زندگيءَ ۾ آءٌ پڏندو هوس. (٢٩) منهنجي معتبرائپ به مون کان هلي وئي. (٣٠) (پوءِ ان ماڻهوءَ لاءِ ملائڪن کي چيو ويندو ته) ان کي جهليو ۽ ڳٽ وجهوس. (٣١) پوءِ دوزخ ۾ هڻوس. (٣٢) (اتي دوزخ ۾) وري اهڙي زنجير ۾ قابو ڪريوس جنهن جي ڊيگهه ستر هٿ هجي. (٣٣) ڇو ته اهو عظمت واري الله تي (ان جي ربوبيت ۽ رزاقيءَ تي) ايمان نه آڻيندو هو. (٣٤) (ان ڪري حالت اها هيس جو) مسڪين ماڻهن جي کاڌي جو (ماڻهن کي) شوق نه ڏياريندو هو. (نه اهڙي ماحول جوڙڻ جو فڪر ڪندو هو). (٣٥) (دنيا ۾ هنن الله جي مسڪين ٻانهن کي دوست نه رکيو) اڄ ان جو هتي ڪوبه دوست نه آهي. (٣٦) ۽ نه (هن ٽچڪندڙعذاب ۾ ان لاءِ) ڦٽن جي پونءِ کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو آهي. (٣٧) جنهن کي ڏوهارين کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه کائيندو. (خطا ڪارن جي اهائي غذا آهي).
رڪوع ٢ آيت 38-تا-52
جيڪڏهن پيغمبر ڪي ڳالهيون پاڻ ٺاهي اسان تي هڻي ته پوءِ سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون.
(٣٨) پوءِ (اي ماڻهو!) جن (شين) کي اوهين ڏسو ٿا، اهي به شاهد آهن. (٣٩) ۽ (ايندڙ دور جي) جن (منڪشف ٿيندڙ حقيقتن) کي نٿا ڏسو، اهي به شاهدي ڏينديون. (٤٠) ته بيشڪ اهو (قرآن) خوبين واري پيغام پهچائيندڙ رسول جو ئي ڪلام آهي. (٤١) ۽ اهو ڪنهن شاعر جو ڪلام نه آهي. (بلڪ خدا جو وحي آهي) اوهين (عقل ۽ سمجهه کان ڪم وٺي انهن حقيقتن کي زندگيءَ جو ضابطو نٿا بڻايو) بلڪل ٿورو اعتبار ڪريو ٿا. (٤٢) ۽ ائين به ناهي ته هي ڪنهن اڳڪٿي ڪرڻ واري (ماڻهوءَ) جو ڪلام آهي اوهين ( (عقل ۽ سمجهه کان ڪم وٺي انهن حقيقتن کي زندگيءَ جو ضابطو نٿا بڻايو) بلڪل ٿورو اعتبار ڪريو ٿا. (٤٣) (حقيقت هيءَ آهي ته) اهو جهانن جي پالڻهار پاران (فردن ۽ قومن لاءِ رهنما ڪري) نازل ڪيل آهي. (٤٤) ۽ جيڪڏهن (پيغمبر) ڪي ڳالهيون پاڻ ٺاهي اسان تي هڻي. (٤٥) ته اسين (سگهه وارو) سڄو هٿ ان جو جهليون. (٤٦) پوءِ سندس شهه رڳ وڍي ڇڏيون، (جو قصو اڳتي ئي نه وڌي). (٤٧) پوءِ اوهان مان ڪوبه (اسان کي) ائين ڪرڻ کان روڪڻ وارو نه هجي ها. (٤٨) ۽ بيشڪ اهو (قرآن زندگيءَ جي خسارن کان بچڻ واسطي) پرهيزگارن لاءِ نصيحت آهي. (٤٩) ۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته اوهان مان ڪي (زندگيءَ جي خسارن کان بي فلڪا ماڻهو) ان کي ڪوڙو ڪندڙ آهن. (٥٠) (ڪو فرق نٿو پوي انهن جي انڪار جو) بيشڪ اهو (قرآن انهن نه مڃيندڙ) ڪافرن لاءِ (اڳتي هلي) پشيماني (جو ڪارڻ) آهي. (٥١) ۽ بيشڪ اهو (قرآن ۽ ان جو ضابطن وارو سرشتو) ٺوس حقيقت آهي. (٥٢) پوءِ (اي پيغمبر! نه مڃيندڙن کي ڊگهو رسو آهي ۽ تون) عظمت واري پنهنجي پاليندڙ (جي پيغام ۽ پروگرام جي سرگرميءَ ذريعي ان) جي نالي جي پاڪائي بيان ڪندو رهه.