سورت الفيل
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-5
هاٿيءَ وارن جي زورآوريءَ جي انجام.
(١) (اي پيغمبر!) ڇا تو نه ڏٺو ته تنهنجي پاليندڙ (طاقت جي گهمنڊ ۾ مبتلا) هاٿيءَ وارن سان ڪيئن ڪيو. (٢) ڇا (ڪعبته الله کي ڊاهڻ متعلق) سندن شرارت کي ناڪام نه ڪيائين. (٣) ۽ مٿن ولرن جا ولر پکي موڪليائين. (٤) جن انهن کي (پنهنجي پيرن ۽ چهنبن ۾ جهليل) ڪڪريءَ جون پٿريون هنيون ٿي. (٥) پوءِ انهن کي اولڙ گاهه جهڙو (پائمال) ڪري ڇڏيائين. (پوءِ اي مڪي جا مشرڪو! هي سڀ ڪجهه اوهان جي اکين جي سامهون ٿيو، سو اوهان حق سان ٽڪر کائڻ لاءِ طاقت جي ڪهڙي گهمنڊ ۾ آهيو).