سورت الزلزال
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-8
قيامت ڏينهن عملن جي محاسبي جو احوال.
(١) جڏهن زمين زور سان ڌوڏي ويندي، (٢) ۽ زمين پنهنجا ڳرا بار (خزانا يا مردا وغيره) ٻاهر ڪڍندي، (٣) ماڻهو چوندو ته، ان کي ڇا ٿيو آهي. (٤) ان ڏينهن اها پنهنجيون سڀ خبرون ٻڌائيندي. (٥) هن ڪري ته (اي پيغمبر) تنهنجي پاليندڙ ان کي (ائين ڪرڻ جو) حڪم ڪيو هوندو. (٦) ان ڏينهن ماڻهو (حساب جي جاءِ کان) جدا جدا حالتن ۾ ٿي موٽندا ته انهن کي سندن عملن جا نتيجا ڏيکارجن. (٧) پوءِ جيڪو شخص (دنيا ۾) ذري جيتري ڀلائي ڪندو ته ان کي پَسندو. (٨) ۽ جيڪو شخص (دنيا ۾) ذري جيتري بڇڙائي ڪندو ته ان کي پَسندو.