مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت الحشر (گڏ ڪرڻ )

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-10
جيڪو الله جي مخالفت ڪندو ته بيشڪ الله جو عذاب سخت آهي.
(١) جو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ جو ڪجهه زمين ۾ آهي سو الله جي (مقرر قانونن تي هلي ان جي عظمت ۽) پاڪائي بيان ڪري ٿو ۽ اهوئي وڏين قوتن ۽ غلبي جو مالڪ (۽) حڪمت وارو آهي. (٢) هو اهو (قوت ۽ غلبي جو مالڪ) آهي جنهن پهرئين ئي لشڪر گڏ ڪرڻ وقت جيڪي ڪتاب وارن مان (خدائي نظام جي خلاف سرڪشي ڪري) ڪافر ٿيا هئا تن کي پنهنجن گهر مان ڪڍي ٻاهر ڪيو. (اي مسلمانو!) اوهان اهو خيال ئي نه ڪيو هو ته، اهي ڪي نڪرندا. ۽ انهن (ڪافرن) هي خيال ڪيو هو ته سندن ڪوٽ انهن کي الله (جي عذاب) کا بچائڻ وارا آهن، پوءِ الله (جو عذاب) مٿن اتان پهتو جتان کين گمان ئي نه هو، ۽ سندن دلين ۾ (مسلمانن جي اهڙي) دهشت وڌائين جو پنهنجن هٿن سان پنهنجا گهر ويران ڪرڻ لڳا ۽ (جن سرڪشي ڪئي ته) ايمان وارن جي هٿن سان (سندن گهر ويران ٿيڻ لڳا) تنهن ڪري اي اکين وارؤ! اوهين عبرت وٺو (ته حق جي مخالفت جو نتيجو ڇا ٿيندو آهي.) (٣) ۽ جيڪڏهن الله انهن جي لاءِ ديس نيڪالي نه لکي ها ته انهن کي (ٻي طرح) دنيا ۾ سزا ڏئي ها، ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ باهه جو عذاب آهي ئي! (٤) اهو (عذاب) هن ڪري آهي جو انهن الله (جي نظام جي) ۽ سندس رسول جي (جيڪو اهو نظام قائم ڪري رهيو هو) مخالفت ڪئي ۽ جيڪو الله جي (حق ۽ انصاف واري نظام جي) مخالفت ڪندو ته بيشڪ الله جو عذاب سخت آهي. (٥) اوهان (محاصري وقت) جو به کجيءَ جو وڻ وڍيو يا انکي پنهنجين پاڙن تي بيٺل ڇڏيو، سو الله جي قانون مطابق آهي ۽ هن ڪري ته (الله) بدڪارن کي خوار ڪري ٿو. (٦) ۽ انهن مان جو ڪجهه الله پنهنجي رسول کي (جنگ ڪرڻ کان سواءِ ئي غنيمت ۾) ڏياريو سو (اي مسلمانو!) ان تي نه اوهان گهوڙا ڊوڙايا هئا ۽ نه اُٺ) پر الله (پنهنجي مشيت واري قانون مطابق) پنهنجن رسولن کي جنهن تي وڻيس تنهن تي غالب ڪري ٿو. ۽ الله سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو. (٧) جيڪو ڪجهه الله پنهنجي رسول کي بستين مان (جنگ کان سواءِ) ڏياريو سو الله لاءِ ۽ رسول لاءِ ۽ (جنگ ۾ شريڪ ٿيندڙن ۽ ان ۾ کپجندڙن جي) قرابت وارن ۽ يتيمن، مسڪينن (ته جيئن انهن جي پرگهور ٿئي) ۽ مسافرن لاءِ آهي (جيڪي مدد جا محتاج هجن) ، ته اهو اوهان جي مالدارن جي وچ ۾ ڏيڻ وٺڻ ۾ نه اچي، ۽ (اي مسلمانو!) جو ڪجهه اوهان کي رسول ڏئي ته ان کي وٺو ۽ جنهن کان اوهان کي روڪي ته ان کان رڪجي وڃو ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله جو عذاب سخت آهي. (٨) (ان مال مان) انهن لڏي ايندڙ مسڪينن لاءِ آهي جيڪي پنهنجن گهرن ۽ پنهنجن مالن مان (زبردستي) ٻاهر ڪڍيا ويا آهن، (۽) هو الله (جي قانون تي هلي ان) جو فضل ۽ رضامندي گهرن ٿا ۽ الله ۽ سندس رسول جي مدد ڪن ٿا. اهي ئي سچا آهن (جن پنهنجي ايمان واري دعويٰ کي پنهنجي قربانين سان سچو ڪري ڏيکاريو آهي.) (٩) ۽ (انهن لاءِ آهي) جيڪي اسلام جي بادشاهيءَ (۾) ۽ ايمان (جي مرڪز) ۾ انهن (مهاجرن) کان اڳ رهيا پيا آهن، جي هنن ڏي لڏي آيا آهن، انهن سان (هو) محبت رکن ٿا ۽ جو ڪجهه انهن (پرديسين) کي ڏنو ويو ان جي ڪري پنهنجن دلين ۾ ڪا تنگي نٿا ڏسن ۽ (سڀ ڪنهن شيءِ ۾) پنهنجي جان کان به انهن کي اڳي رکن ٿا. توڙي کين تنگدستي ڇو نه هجي ۽ جيڪي پنهنجي نفس جي بخل کان بچايا ويندا (۽ ايثار کي پنهنجو مرڪ بنائيندا) سي ئي ڪامياب آهن. (١٠) ۽ (انهن لاءِ به آهي) جيڪي انهن (مٿين ٻن قسمن جي حقدارن) کان پوءِ ايندا. چوندا ته، اي اسان جا پاليندڙ! اسان کي ۽ اسان جي انهن ڀائرن کي بخش جيڪي ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳي ٿيا آهن ۽ اسان جي دلين ۾ ايمان وارن جي باري ۾ ڪو کوٽ نه وجهه. اي اسان جا پاليندڙ تون ته بيحد شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهين.

رڪوع ٢ آيت 11-تا-17
منافق بزدل آهن، ڇاڪاڻ ته ماڻهن کان ڊڄن ٿا، الله کان نه ٿا ڊڄن، تنهن ڪري توهان انهن کان هرگز نه گهٻرايو.
(١١) ڇا تو انهن (منافقن) ڏي نه ڏٺو آهي جيڪي دغاباز ٿيا پنهنجن انهن (هم فڪر) ڀائرن کي چون ٿا جيڪي ڪتاب وارن مان ڪافر ٿيا ته قسم آهي ته جيڪڏهن اوهان کي ملڪ نيڪالي ڏني وئي ته ضرور اسين به اوهان سان گڏ نڪرنداسون ۽ اوهان جي حق ۾ ڪڏهن به ڪنهن جو چيو نه مڃينداسون ۽ جيڪڏهن اوهان سان جنگ ٿي ته ضرور اسين اوهان جي مدد ڪنداسون ۽ (اي مسلمانو!) الله شاهدي ڏئي ٿو ته اهي (اوهان سان ته ٺهيو پر انهن سان به اهڙي دوستيءَ جي دعويٰ ۾) ڪوڙا آهن. (١٢) تحقيق جيڪڏهن کين ملڪ نيڪالي ڏني ويئي ته اهي انهن سان ڪين نڪرندا ۽ جيڪڏهن انهن سان جنگ ٿي ته اهي انهن جي مدد به نه ڪندا ۽ جيڪڏهن اهي (ڪنهن عار کان) انهن جي مدد ڪندا ته ضرور پٺ ڦيري ڀڄندا، وري سندن (به ڪٿي) مدد نه ٿيندي. (١٣) (اي مسلمانو!) بيشڪ اوهين انهن جي دلين ۾ الله کان به وڌيڪ دهشت وارا آهيو. اهو هن ڪري ته اهي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي (سگهه جي ايمان وارن محرڪن جي) سمجهه نٿا رکن. (١٤) سڀ گڏجي اوهان سان کليل ميدان ۾ ڪڏهن به جنگ نه ڪري سگهندا، پر ڪوٽ وارن ڳوٺن ۾ يا ڀتين جي پٺيان ٿي، پاڻ ۾ انهن جي اندروني ويڙهه سخت آهي (اي ڳالهه ٻڌندڙ) تون کين ڀائيندين ته گڏ آهن (منجهن وڏو اتحاد آهي) پر حال هي آهي ته سندن دليون ڌار ڌار آهن. اهو هن ڪري ته اهي اهڙا ماڻهو آهن جي بي عقل آهن. (۽ نٿا ڄاڻن ته اصل ۽ دلي اتحاد ايمان ۽ هڪ ئي عمدي نصب العين تي هجڻ سان پيدا ٿئي ٿو.) (١٥) (هنن جو قصو) انهن (منڪرن) جي قصي جهڙو آهي، جيڪي انهن کان اڳ هئا. انهن ويجهو ئي پنهنجي ڪم جو بڇڙو نتيجو چکيو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (١٦) (هنن منافقن جو قصو) شيطان جي قصي جهڙو آهي، جنهن وقت انسان کي چوي ٿو ته، تون ڪفر ڪر! پوءِ جڏهن ڪفر ڪيائين ته چوندو آهي ته، (منهنجو انهيءَ ۾ ڇا وڃي) آئون توکان بيزار آهيان، آئون جهانن جي پاليندڙ الله کان ڊڄان ٿو. (١٧) پوءِ انهن ٻنهي جي پڇاڙي هي آهي ته اهي باهه ۾ پيا رهندا ۽ جيڪي به ماڻهو ظلم ۽ زيادتي ڪن ٿا، انهن جو اهوئي حشر آهي.

رڪوع ٣ آيت 18-تا-24
رڳو الله کان ڊڄو ۽ سڀڪو شخص ڏسي ته سڀاڻي لاءِ ڇا تياري ڪئي اٿائين.
(١٨) اي ايمان وارؤ! (توهان به) الله کان ڊڄو ۽ سڀڪو شخص ڏسي ته سڀاڻ (مستقبل سنوارڻ) لاءِ ڇا اڳي ڪيو اٿس ۽ (وري وري) الله کان ڊڄندا رهو. بيشڪ الله اوهان جي عملن جي پوري خبر رکندڙ آهي. (١٩) ۽ انهن جهڙا نه ٿيو جن (رڳو طبعي زندگيءَ جي پرورش کي مقصد بڻايو ۽) الله کي وساريو پوءِ (ائين ڪرڻ جي ڪري) الله انهن کان سندن جانيون به وسارائي ڇڏيون. (يعني پاڻ کان به غافل ٿي ويا) اهي ئي (صحيح رستي کان هٽي غلط رستي تي هلندڙ) بدڪار آهن. (٢٠) (پنهنجي تخليقي مقصدن کي وساريندڙ) باهه وارا ۽ (پنهنجي تخليقي مقصدن تي ڄمي بيٺل) جنت وارا (پنهنجي عملن جي نتيجي ۾) برابر نٿا ٿين. جنت وارا ئي ڪامياب آهن. (٢١) (اي پيغمبر!) جيڪڏهن اسين هن قرآن کي ڪنهن جبل تي نازل ڪريون ها ته، تون ان کي الله جي ڊپ کان عاجزي ڪندڙ ۽ ڦاٽي پوندڙ ڏسين ها. هي مثال اسين ماڻهن لاءِ بيان ڪريون ٿا ته من اهي (عقل ۽ فڪر کان ڪم وٺن ۽) ڌيان ڪن (ته اهڙي عظمت واري قرآن جي خلاف ورزيءَ جا نتيجا ڇا ٿي سگهن ٿا). (٢٢) الله (هن ڪتاب جو موڪليندڙ) اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي. (سڄي ڪائنات تي سندس ڪارفرمائي آهي) ڳجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ وارو آهي. اهوئي وڏو مهربان (پنهنجي ٻانهن تي) نهايت ٻاجهارو آهي. (٢٣) الله اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق ناهي. (سموري ڪائنات تي) سندس حڪمراني هلندڙ آهي، (ان جي ڪامل ۽) پاڪ ذات، سڀني عيبن کان سلامت، (ڪائنات جي ايذائيندڙ قوتن کان) امن ڏيڻ وارو، (ويچارن جي) نگهباني ڪرڻ وارو، (ظالمن کان بچائڻ وارو) زبردست، خودمختيار ۽ وڏائي جو سائين آهي. الله هن ڳالهه کان پاڪ آهي جو ماڻهو ساڻس ڪنهن ٻئي (جي قوت ۽ اقتدار) کي شريڪ سمجهن. (٢٤) اهو الله ئي پيدا ڪرڻ وارو، (نقطه آغاز کان) نئون بنائڻ وارو ۽ صورت ٺاهڻ وارو آهي. ان جا سڀ چڱا نالا (۽ صفتون) آهن. (هي ته رڳو چند صفتون بيان ڪيل آهن) جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو (سندس حڪم جي مطابق هلي ٿو ۽) سندس عظمت جي شهادت ڏئي ٿو ۽ اهوئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.