سورت یٰسٓ
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-12
قرآن جي حڪمت/ ڏاهپ مان ظاهر آهي ته حضرت محمدﷺ الله جو سچو رسول آهي.
(١) ياسين (اي انسان، اي پيغمبر!) (٢) هي قرآن جيڪو حڪمت سان ڀريو پيو آهي، سو شاهد آهي (۽ ڏيکاري ٿو ته) (٣) بيشڪ تون موڪليل يعني پيغمبرن مان هڪڙو پيغمبر آهين. (٤) (۽) سڌي واٽ تي (گامزن) آهين. (٥) (اهو قرآن) انهيءَ وٽان نازل ٿيل آهي جو وڏي شان ۽ قدرت وارو ۽ وڏي رحم وارو آهي. (٦) (الله تعاليٰ اهو قرآن جو نازل ڪيو آهي سو) هن لاءِ ته تون انهن (عرب جي) ماڻهن کي خبردار ڪرين جن جا ابا ڏاڏا خبردار ڪونه ڪيا ويا هئا، سو اهي (حقيقتن کان) غافل آهن. (٧) انهن مان گهڻن جي باري ۾ اهو قول سچو ثابت ٿيو آهي، (ته خود غرض ۽ تڪبر ۽ ضد ڪندڙ ماڻهو حق جي ڳالهه ٻڌندائي ڪين) سو اهي ماڻهو ڪڏهن به ايمان ڪونه آڻيندا. (٨) بيشڪ اسان (سندن ضد سببان) سندن ڳچين ۾ ڳٽ وجهي ڇڏيا آهن، جي سندن کاڏين تائين پهتل آهن. تنهن ڪري هنن جا مٿا مٿي ٿي پيا آهن. (٩) ۽ اسان هنن جي اڳيان به هڪ ديوار کڙي ڪري ڇڏي آهي ۽ سندن پٺيان به هڪ ديوار کڙي ڪري ڇڏي آهي، (جنهن ڪري هو اڳتي يا پٺتي وڃي نٿا سگهن) ان کان سواءِ اسان هنن تي پردو وجهي ڍڪي ڇڏيو آهي، تنهن ڪري هو ڪجهه به ڏسي نٿا سگهن. (١٠) تون هنن کي خبردار ڪرين يا نه ڪرين هنن لاءِ ساڳي ڳالهه آهي ته هو ڪڏهن به ايمان ڪونه آڻيندا. (١١) تون فقط انهن کي خبردار ڪري ٿو سگهين جيڪي نصيحت تي هلڻ وارا آهن ۽ جيڪي اڻ ڏٺي رحمان خدا (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄڻ وارا آهن. سو هنن کي بخشش جي ۽ وڏي شاندار اجر جي بشارت پهچاءِ. (١٢) يقيناً اسان مئلن کي جيئرو ڪنداسين، جيڪي (عمل) هو اڳتي موڪلين ٿا ۽ جيڪي اثر هو پٺتي ڇڏين ٿا سي سڀ لکندا وڃون ٿا ۽ سڀ ڳالهيون اسان هڪ چٽي ڪتاب ۾ شمار ۾ آنديون آهن.
رڪوع ٢ آيت 13-تا-32
هڪڙي شهر ڏي الله تعاليٰ رسول موڪليا، هنن نه مڃيو ته هو تباهه ڪيا ويا.
(١٣) (اي پيغمبر!) هنن (قريشن جي سمجهائڻ) لاءِ هڪڙي شهر جي ماڻهن جو مثال بيان ڪر، ڏسو اسان هنن ڏي رسول موڪليا. (١٤) جڏهن اسان انهن ڏي پهريائين ٻه رسول موڪليا تڏهن هنن کين ڪوڙو ٺهرايو ۽ نه مڃيو. پوءِ اسان ٽئين رسول سان سندن تائيد ڪئي. ٽنهي کين چيو ته، يقيناً اسان اوهان ڏي پيغمبر ڪري موڪليا ويا آهيون. (١٥) هنن ماڻهن چيو ته، توهان ڪجهه به نه آهيو، سواءِ هن جي ته اسان جهڙا انسان آهيو، ۽ (اسان کي پڪ آهي ته) رحمان خدا ڪڏهن به (ڪو وحي) نازل نه ڪيو آهي. توهان نسورو ڪوڙ ٿا ڳالهايو. (١٦) هنن (پيغمبرن هنن کي) چيو ته، اسان جو پروردگار ٿو ڄاڻي ته بيشڪ اسان توهان ڏي پيغمبر ڪري موڪليا ويا آهيون. (١٧) اسان جي ذمي ته ٻيو ڪجهه به ناهي، سواءِ هن جي ته چٽو پيغام پهچائي ڏيون، (اسان جو ته ڪو ٻيو غرض ئي ڪونهي، نڪي توهان تي ڪو زور زبردستي ٿا ڪيون.) (١٨) هنن چيو ته، يقيناً اسان توهان کي نڀاڳا ۽ منحوس ٿا سمجهون (اوهان جي ڪري اسان تي مصيبتون نازل ٿينديون) جيڪڏهن توهان هن (تبليغ) کان باز نه ايندؤ ته اسان توهان کي پٿر هڻنداسين ۽ اسان توهان کي سخت دردناڪ سزا ڏينداسين. (١٩) هنن (پيغمبرن) جواب ڏنو ته، توهان جو نڀاڳ (خود) اوهان ۾ آهي (جو غور ڪرڻ کان سواءِ ئي حق کي مڃڻ کان انڪار ٿا ڪيو) ڇا (اهڙا نادان آهيو جو) جيڪڏهن اوهان کي (اوهان جي ئي چڱائي لاءِ) چڱي نصيحت ڏني ٿي وڃي (ته ان کي نڀاڳ ٿا سمجهو؟) حقيقت هيءَ آهي ته توهان (خود غرضي ۽ تڪبر جي ڪري) ليڪو لنگهي بيٺا آهيو. (٢٠) پوءِ شهر جي دور واري ڇيڙي کان هڪڙو (جوشيلو) جوان ڊڪندو آيو ۽ اچي چيائين ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! هنن پيغمبرن جي فرمانبرداري ڪريو. (٢١) انهن جي (ضرور) فرمانبرداري ڪيو جي اوهان کان ڪوبه اجر يا اجورو ڪونه ٿا گهرن ۽ آهن به سڌي ۽ حقي واٽ تي هلندڙ.
حصو ٽيويهون
(٢٢) ۽ مون کي ڪهڙو سبب آهي جو مان انهيءَ (الله) جي ٻانهپ نه ڪيان، جنهن مون کي پيدا ڪيو ۽ جنهن ڏانهن توهان (۽ اسان) سڀ (آخر) موٽايا وينداسين. (٢٣) ڇا مان خدا کي ڇڏي اهڙن معبودن کي وٺان جو جيڪڏهن رحمان خدا مون کي نقصان يا ايذاءُ پهچائڻ جو ارادو ڪري ته انهن جي سفارش مون کي ذرو به ڪم نه اچي، نڪي اهي مون کي (ان عذاب مان) ڇڏائي سگهن. (٢٤) جيڪڏهن مان ائين ڪيان (يعني ٻين معبودن جي سهارو وٺان) ته پوءِ يقيناً مان ظاهرظهور گمراهه ٿي ويندس. (٢٥) مون کي ته توهان جي (۽ اسان جي) پروردگار ۾ پڪو ايمان آهي، سو منهنجي ڳالهه تي ڌيان ڏيو. (٢٦) هن (جوشيلي جوان) کي بشارت ڏني ويئي ته جنت ۾ داخل ٿي. (تنهن تي) هن چيو ته، هاءِ هاءِ! جيڪر منهنجي قوم جا ماڻهو به ڄاڻن (سمجهن ۽ ايمان آڻين ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي). (٢٧) (منهنجي قوم جا ماڻهو جيڪر هي ڳالهه به ڄاڻن ته) منهنجي پروردگار مون کي (منهنجون اڳوڻيون غلطيون) معاف ڪيون آهن ۽ مون کي انهن مان ڪيو اٿس جيڪي (الله وٽ) وڏي عزت وارا آهن. (٢٨) ۽ (ياد رکو ته) اسان هن کان پوءِ سندس قوم تي آسمان مان لشڪر ڪونه لاهي موڪليا، نڪي اسان کي (اهڙن لشڪرن) لاهي موڪلڻ جي ڪا ضرورت ئي هئي. (٢٩) (هنن کي هيئن سزا ڏني ويئي جو) رڳو هڪڙو ڌڌڪو ٿيو، پوءِ ڏسو ته هو سڀ (رک وانگر) وسامي چپ ٿي ويا. (٣٠) اهڙن بندن جي حال تي افسوس آهي، هنن ڏي اهڙو ڪو رسول ڪونه آيو جنهن تي هنن ٽوڪون ۽ مسخريون نه ڪيون. (٣١) هو نٿا ڏسن ڇا ته کانئن اڳي اسان ڪيتريون ئي پيڙهيون (سندن بدعملن سبب) برباد ڪري ڇڏيون؟ يقيناً اهي (برباد ٿيل قومون) وري هنن ڏي ڪونه موٽي اينديون. (٣٢) ۽ انهن مان هرهڪ قوم يعني سڀ قومون اسان جي روبرو حاضر ڪيون وينديون.
رڪوع ٣ آيت 33-تا-50
الله تعاليٰ جون قدرتون ۽ نعمتون،علم وارن جون خصلتون
(٣٣) ۽ هنن جي لاءِ مئل زمين ۾ (الله جي) وڏي نشاني آهي. (ڏسو) اسان ان کي (پاڻيءَ جي ريج سان) جيئرو ڪيون ٿا. ۽ ان مان اناج پيدا ڪيون ٿا، جو پوءِ ماڻهو ان تي پنهنجو گذران ٿا ڪن. (٣٤) ۽ اسان ان (زمين) ۾ کجور ۽ انگورن جا باغ لڳايون ٿا ۽ ان ۾ چشما جاري ڪيون ٿا. (٣٥) انهيءَ لاءِ ته ماڻهو (الله تعاليٰ جي) انهيءَ (قدرت) جا ڦل ۽ فائدا ماڻين. (ڏسو) اها (قدرت) سندن هٿن ڪانه بنائي آهي. پوءِ ڇا هو شڪر ئي نٿا ڪن؟ (ڇو نٿا خدا جو احسان مڃي خدا جي حڪمن جي تعميل ڪن؟) (٣٦) وڏو شان آهي انهيءَ (الله) جو جنهن انهن سڀني شين جا جوڙا (نر ۽ مادي) بنايا آهن، جي شيون زمين اپائي ٿي ۽ خود ماڻهن جا به جوڙا ٺاهيا اٿس ۽ انهن شين جا به جن جي ماڻهن کا اڃا خبر به ڪانهي. (٣٧) ۽ انهن ماڻهن لاءِ رات به هڪڙي وڏي (خدا جي) نشاني آهي. اسان ان مان ڏينهن جدا ٿا ڪريون ته پوءِ ڏسو ته اهي ماڻهو اوندهه ۾ رهجي وڃن ٿا. (٣٨) ۽ سج پنهنجي مقرر هنڌ تي هلي رهيو آهي، اهو انهيءَ الله جو حڪم آهي جو وڏي قدرت وارو ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. (٣٩) ۽ چنڊ جي لاءِ اسان منزلون مقرر ڪري ڇڏيون آهن (جن تان هلندو رهي ٿو) تان جو موٽي کجيءَ جي پراڻي سڪل ڏنگي ٿيل ڇڙهيءَ وانگر ٿي ٿو پوي. (٤٠) سج کي اجازت ناهي جو چنڊ کي وڃي پڄي، (۽ ان سان ٽڪرجي) نڪي رات کي اجازت آهي ته ڏينهن (پوري ٿيڻ) کان اڳ ۾ ئي اچي وڃي (يا ڏينهن اچڻ کان پوءِ به قائم رهي) ۽ سڀ آسماني جسم (يعني سيارا وغيره پنهنجي پنهنجي مقرر) مدار يا گهيري ۾ هلندا رهن ٿا. (٤١) ۽ انهن ماڻهن لاءِ هن ۾ به وڏي نشاني آهي جو اسان سندن نسل جي ماڻهن کي (حضرت نوح واري) ڀريل ٻيڙيءَ ۾ کنيو (۽ سلامت جودي جبل جي چوٽيءَ تي پهچايو.) (٤٢) ۽ اسان هنن جي لاءِ انهيءَ (ٻيڙيءَ) جي مثال تي اهي شيون (جهاز آگبوٽ هوائي جهاز وغيره) پيدا ڪيون جن تي هو سواري ڪن ٿا. (٤٣) ۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ته هنن کي غرق ڪري ڇڏيون، جو پوءِ ڪوبه هنن جون دانهون ۽ فرياد ڪونه ٻڌي، نڪي هو (ٻڏڻ کان) بچايا وڃن. (٤٤) (هنن کي ٻڏڻ کان ڪوبه بچائي نه سگهندو) فقط اسان جي خاص رحمت هنن کي بچائي سگهندي ۽ ڪنهن مقرر وقت تائين کين زندگيءَ جي سهوليت لاءِ مال متاع ڏنو ويندو. (٤٥) ۽ جڏهن هنن (منڪرن) کي چيو وڃي ٿو ته جيڪا (سزا) توهان جي سامهون اچي بيٺي آهي ۽ جيڪا توهان جي پٺيان اچڻي آهي تنهن کان ڊڄو (۽ گناهن کان پرهيز ڪري نيڪ عمل ڪيو) ته من توهان تي رحم ڪيو وڃي، (تڏهن اهي منڪر آڪڙ ۾ ٻڌن ئي نٿا ۽ پٺي ڏيئي هليا ٿا وڃن) (٤٦) ۽ سندن پروردگار جي نشانين مان ڪابه نشاني اهڙي ڪانه ٿي اچي جنهن کان هو منهن نٿا موڙين. (٤٧) ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته جيڪو رزق الله تعاليٰ اوهان کي عطا ڪيو آهي تنهن مان ڪجهه (الله جي راهه ۾ محتاجن لاءِ) خرچ ڪيو، تڏهن جن ڪفر جي راهه اختيار ڪئي آهي سي مؤمنن کي چون ٿا ته، ڇا اسان انهن کي کارايون جن کي جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته پاڻ انهن کي کارائي ها؟ توهان (مؤمن) ته ظاهرظهور گمراهيءَ ۾ آهيو. (٤٨) ۽ اهي (منڪر) چون ٿا ته جيڪڏهن توهان (مؤمن) سچ ٿا ڳالهايو ته (منڪرن تي عذاب ايندو ته ٻڌايو ته) اهو (عذاب جو) واعدو ڪڏهن (ظهور ۾) ايندو. (٤٩) هي (بيوقوف منڪر) بس رڳو هڪڙي سخت گجگوڙ لاءِ ترسيا بيٺا آهن جا هنن کي اوچتو اچي پڪڙ ڪندي، جڏهن هو بحثن ۽ جهڳڙن ۾ ئي مشغول هوندا. (٥٠) (عذاب اهڙو ته اوچتو مٿن ڪڙڪندو جو) پوءِ هنن کي رڳو وصيت ڪرڻ جي طاقت به ڪانه ٿيندي. نڪي هو پنهنجي ماڻهن ڏي موٽي وڃي سگهندا.
رڪوع ٤ آيت 51-تا-67
بهشت ۽ دوزخ وانگر هن دنيا ۾ به ڪامياب ۽ گمراهه قومن لاءِ ترقي ۽ پستي آهي.
(٥١) ۽ (قيامت جي ڏينهن) توتاري وڄائي ويندي (تنهن تي) هي ماڻهو قبرن مان (نڪري) پنهنجي پروردگار جي طرف ڊوڙندا ويندا. (٥٢) هو چوندا ته، افسوس اسان جي حال تي! ڪنهن اسان کي اسان جي ننڊ جي بسترن مان اٿاري کڙو ڪيو آهي. (ڏسجي ٿو ته) هيءَ ئي آهي (اها قيامت) جنهن جو وعدو رحمان خدا ڪيو هو، ۽ رسولن (واقعي) سچ چيو هو. (٥٣) فقط هڪڙوئي آواز ٿيندو ته پوءِ هڪدم سڀ ماڻهو اسان جي اڳيان حاضر ڪيا ويندا. (٥٤) سو انهيءَ ڏينهن ڪنهن به شخص سان ذرو به بي انصافي ڪانه ڪئي ويندي. ۽ اوهان ماڻهن کي انهن ئي ڪمن جو بدلو ملندو جي توهان ڪندا رهيا هئو. (٥٥) يقيناً (جن نيڪ عمل ڪيا هئا اهي) جنتي ماڻهو انهيءَ ڏينهن هرهڪ شغل ۾ خوشيون ۽ فرحتون ماڻيندا. (٥٦) اهي ۽ سندن زالون (ٿڌيءَ) ڇانو ۾ سيجن تي وهاڻن تي ٽيڪ ڏيئي (مزي ۽ شان سان) ويٺا رهندا. (٥٧) اتي انهن لاءِ هر قسم جا ميوا (۽ خوشيون) موجود هونديون ۽ جيڪي به هو طلبيندا سو کين ملندو. (٥٨) (سڀني کان وڏي ڳالهه هيءَ ته) سندن رحيم پروردگار وٽان هنن کي (اهو) سلام پهچايو ويندو (ته ”سلامتي“ هجي اوهان تي). (٥٩) (گنهگارن کي چيو ويندو ته) اي گنهگارو اڄ جي ڏينهن توهان (نيڪ ماڻهن کان) جدا ٿي بيهو. (٦٠) اي بني آدم! مون اوهان سان عهد نه ڪيو هو ته توهان شيطان جي ٻانهپ ۽ تابعداري نه ڪجو، جو هو يقيناً توهان جو کليو کلايو دشمن آهي. (٦١) ۽ (پڻ حڪم ڏنو هو ته) فقط منهنجي ٻانهپ ۽ تابعداري ڪجو، جو اهائي سڌي واٽ آهي. (٦٢) پر انهيءَ (شيطان) اوهان مان گهڻن ئي ماڻهن کي ڀلائي ڇڏيو. پوءِ ڇا توهان عقل ۽ سمجهه نه هلائي؟ (٦٣) اهو اٿوَ جهنم جنهن جو اوهان کي واعدو ڏنل هو. (٦٤) اڄ داخل ٿيو (۽ سڙو) انهيءَ (باهه) ۾. انهيءَ جي بدلي ۾ (جهنم جي سزا ڀوڳيو) جو توهان (حقيقتن کان) قطعي انڪار ڪيو (۽ غلط واٽ تي هلي بدعمل ڪَيوَ). (٦٥) انهيءَ ڏينهن اسان سندن واتن تي مهر هڻي ڇڏينداسين (۽ هو ڳالهائي ڪونه سگهندا) پر سندن هٿ ڳالهائيندا ۽ سندن پير شاهدي ڏيندا انهن (بد) عملن بابت جيڪي هنن ڪيا هئا. (٦٦) جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته سندن اکيون ڪڍي ڇڏيون ها. پوءِ (سڌي) واٽ ڏي وڌڻ جي ڪوشش ڪن، پر ان حالت ۾ هو ڪيئن ڏسي سگهن ها؟ (٦٧) ۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته هنن کي سندن جاين تي ئي سندن صورتون مٽائي بيهاري ڇڏيون ها، جو پوءِ هو نڪي (اڳتي) هلي سگهن ها، نڪي پٺتي موٽي سگهن ها.
رڪوع ٥ آيت 67-تا-83
الله جي نعمتن جو قدر ڪري سندن حڪمن تي هلجي، ان ۾ اسان جي پنهنجي چڱائي آهي.
(٦٨) ۽ جنهن کي اسان وڏي عمر ٿا ڏيون تنهن جون قوتون اسان اٽلندو گهٽائي ٿا ڇڏيون. سو ڇا هي ماڻهو نٿا سمجهن (ته اسان سڀ ڪجهه ڪري ٿا سگهون). (٦٩) ۽ (ياد رکو ته) اسان کيس (يعني حضرت محمدﷺ کي) شعر (يعني بيسود تُڪ بنديون) ڪونه سيکاريون آهن، نڪي شعرگوئي هن کي ٺهي ٿي. (جيڪي هو اوهان کي ٻڌائي ٿو) اهو سواءِ هن جي ٻيو ڪجهه به نه آهي ته سراسر (مفيد) نصيحت آهي ۽ (هر ڪنهن مسئلي کي) چٽو ڪندڙ قرآن آهي. (٧٠) (قرآن مجيد جو نازل ڪيو ويو آهي سو) هن لاءِ ته هرهڪ زندهه دل انسان کي خبردار ڪري (۽ سنئين واٽ ڏيکاري) ۽ ڪافرن جي باري ۾ اهو قول سچو ثابت ٿئي (ته هو خدائي ڏنل هدايتن تي عمل نه ڪرڻ ۽ بد ڪمن ڪرڻ سببان هن ئي دنيا ۾ خوار خراب ۽ تباهه ٿي ويندا). (٧١) اهي (منڪر) نٿا ڏسن ڇا ته جيڪي جيڪي اسان جي هٿن بنايو آهي، تنهن مان (هڪڙي نعمت هيءَ آهي ته) اسان هنن لاءِ ڍڳا ڍور خلقيا آهن، جن جا هو مالڪ بنيا ويٺا آهن. (٧٢) ۽ اسان انهن (ڍڳن ڍورن) کي سندن تابع ڪري ڏنو آهي. سو انهن مان ڪن تي سواري ڪن ٿا ۽ ڪن (جي گوشت وغيره) کي کائين ٿا. (٧٣) ۽ انهن ڍڳن ڍورن مان هنن جي لاءِ ٻيا به فائدا آهن ۽ پڻ پيئڻ جون شيون (کير لسي وغيره حاصل ٿين ٿيون) پوءِ به هو شڪر نٿا ڪن؟ (٧٤) ۽ (الله تعاليٰ وٽان نعمتون ملندي به) هو الله کي ڇڏي (هٿرادو ٺاهيل) معبودن کي چنبڙي پيا آهن، انهيءَ (اجائي) اميد تي ته (انهن مان) کين مدد ملندي. (٧٥) اهي (ٺلها) معبود هنن کي ڪابه مدد ڏيئي نه سگهندا. ۽ اهي خود هنن جي لاءِ ٽولي بنائي (خدا جي حضور ۾) حاضر ڪيا ويندا (ته منڪر ڏسن ته هو پاڻ خدا جي اڳيان عاجز آهن ۽ کين ڪابه مدد ڪانه ڪري سگهندا). (٧٦) سو (اي پيغمبر!) هنن جي مخالفت وارين ڳالهين تي غم نه ڪر، جيڪي جيڪي هو لڪائين ٿا ۽ جيڪي جيڪي هو ظاهر ڪن ٿا سو سڀ اسان چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا (سو اسان کين اهڙو ته سوگهو جهلينداسين جو توکي ڪوبه نقصان پهچائي نه سگهندا). (٧٧) انسان نٿو ڏسي ڇا ته اسان کيس نطفي مان پيدا ڪيو آهي؟ پوءِ به ڏسو ته هو کليو کلايو جهڳڙالو ٿي بيٺو آهي. (٧٨) ۽ اسان جي لاءِ مثال ٿو ٺاهي (ڄڻ ته خدا به انسانن وانگر ڪمزور آهي) ۽ پنهنجو (بنياد ۽) خلقت وساري ٿو ڇڏي. هو چوي ٿو ته، ڪير سڪن سڙين هڏن کي (وري) جيئاري ٿو سگهي؟ (هو سمجهي ٿو ته خدا جي طاقت به انسانن وانگر محدود آهي). (٧٩) (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته اهوئي (الله) انهن کي (وري) جيئاريندو جنهن پهريائين انهن کي خلقيو هو ۽ هو هر قسم جي خلقڻ ۾ وڏو ماهر آهي. (٨٠) جو (الله) اوهان لاءِ سائي وڻ مان باهه پيدا ڪري ٿو. پوءِ ڏسو ته توهان ان مان (پنهنجن ڪمن ڪارين لاءِ) باهه ٻاريو ٿا. (٨١) (غور ته ڪيو ته) جنهن آسمانن ۽ زمين کي خلقيو تنهن کي اها قدرت ڪانهي ڇا ته وري انهن جهڙا خلقي سگهي؟ بيشڪ (خلقي سگهي ٿو) ۽ هو اعليٰ درجي جو خالق ۽ وڏي علم وارو آهي. (٨٢) جڏهن هو ڪنهن شيءِ جو ارادو ڪندو آهي تڏهن هن جو حڪم يقيناً هي هوندو آهي جو ان بابت رڳو چوندو آهي ته، ٿيءُ، ته اها ٿي پوندي آهي. (٨٣) سو بيشڪ وڏو شان آهي انهيءَ (الله) جو جنهن جي هٿ ۾ سڀني شين جو قبضو ۽ بادشاهي آهي. ۽ (ياد رکو ته) توهان سڀ (آخر) ڏانهس موٽايا ويندؤ.