مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت الشمس

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-15
انسان کي چڱي ۽ بري جو الهامي علم مليو، ان هوندي به نبي موڪليا ويا.
(١) سج جو قسم آهي ۽ سندس (روشني پهچائڻ خاطر) مٿي چڙهڻ جو. (٢) ۽ چنڊ جو، جڏهن سج (کان روشني اوڌاري وٺڻ لاءِ ان) جي پٺيان اچي ٿو. (٣) ۽ ڏينهن جو جڏهن روشنيءَ کي ظاهر ڪري ٿو. (٤) ۽ رات جو جڏهن (روشنيءَ) کي ڍڪي ٿي. (٥) ۽ آسمان جو ۽ جنهن نموني ان کي (فضا جي بلندين سان) بنايو اٿس، تنهن جو، (٦) ۽ زمين جو ۽ جنهن نموني ان کي (گول هئڻ باوجود) وڇايو اٿس. تنهن جو، (٧) ۽ نفس جو ۽ جنهن نموني ان کي (صلاحيت عطا ڪري) ٺيڪ ٺاڪ جوڙيو اٿس. (٨) پوءِ ان کي بدڪاري ۽ نيڪوڪاري جي سمجهه ڏني اٿس. تنهن جو (قسم)، (٩) (پوءِ ڪائنات ۽ انساني نفسن جون هي حقيقتون شاهد آهن ته) تحقيق اهو مراد (۽ ڪامرانيءَ) کي پهچي ويو، جنهن (پنهنجي جسم جي بجاءِ پنهنجي شخصيت جي اوسر ڪري) نفس کي پاڪ ڪيو. (١٠) ۽ بيشڪ اهو بي مراد ٿيو، جنهن (مفاد پرستين جي بار هيٺان پاڻ کي دٻائي رکيو) ۽ نفس کي مٽيءَ ۾ لوئاڙي ڇڏيو. (١١) (انهيءَ حقيقت تي تاريخ جون شهادتون ڏسو) ثمود جي قوم (صالح عليه السلام کي) ان وقت پنهنجي سرڪشيءِ جي ڪري ڪوڙو ڪيو. (١٢) جڏهن سندس وڏو بدبخت آڪڙ ۾ اٿي پيو. (١٣) پوءِ الله جي رسول(عليه السلام) انهن کي چيو ته، الله جي ڏاچيءَ کي ۽ ان جي پاڻي کي آڏو نه اچو. (١٤) پوءِ انهن کي ڪوڙو ڪيو، پوءِ ان (ڏاچيءَ) کي ڪهي وڌائون، پوءِ انهن کي سندن پاليندڙ (الله جي پالڻهاريءَ جي مخالفت واري) گناهه جي ڪري برباد ڪيو. پوءِ ان (سزا) کي (قوم جي سڀني ماڻهن تي) برابر ڪري ڇڏيائين. (١٥) ۽ الله ڪو ان (سزا) جي نتيجي کان ڊڄي نه ٿو.