سورت البينه
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-8
دنيا جا ماڻهو ڪفر جي اهڙ حالت ۾ آهن جو رسالت کان سواءِ سڌارو ممڪن ناهي.
(١) اهل ڪتاب ۽ (مڪي جي) مشرڪن مان جن ڪفر ڪيو سي ايستائين (پنهنجي اڳين خود ساخته مذهبي طريقن کان) خلاصا نه ٿي پئي سگهيا، جيستائين انهن وٽ (قرآن جي صورت ۾) ظاهر دليل نه اچي. (٢) (قرآن جنهن تي نازل ٿيو آهي، اهو) الله جي طرفان اهڙو رسول آهي جو (انهن کي هر قسم جي نقصن کان) پاڪ سورتون پڙهي ٻڌائي ٿو. (٣) جن ۾ (نه تبديل ٿيندڙ ۽ زندگيءَ جا مستقل) سڌا سنوان حڪم (۽ اصول) لکيل آهن. (٤) ۽ جيڪي اهل ڪتاب هئا، تن کي واضح دليل اچڻ کان پوءِ (گهرجي ها ته قرآن تي ايمان آڻي انساني وحدت جي راهه هموار ڪن ها، پر انهن الٽو) فرقي بازي ڪري ورتي. (٥) حالانڪ انهن کي (قرآن ۽ اڳين آسماني ڪتابن جي ذريعي) رڳو هن ڳالهه جو حڪم ڪيو ويو آهي ته، اهي الله جي عبادت ۽ اطاعت ۾ اچن. ان لاءِ عبادت کي خالص ۽ خاص ڪري (ابراهيم جي دين حنفي واري) رستي تي جمع ٿين، ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ڏين ۽ اهوئي (انسانيت جي ترقي ۽ فلاح جو) سڌو سنؤن دين آهي. (٦) بيشڪ (اهڙي چٽي حقيقت جي باوجود به) جن اهل ڪتاب ۽ مشرڪن مان ڪفر ڪيو (تباهيون انهن جو مقدر آهن) سي دوزخ جي باهه ۾ پوندا، ان ۾ سدائين پيا رهندا. اهي ئي (انساني وحدت جا ٽوڙيندڙ عناصر) سڄي خلق کان تمام بڇڙا آهن. (٧) بيشڪ جن (الله جي قانونن تي) ايمان آندو ۽ (ان مطابق) چڱا ڪم ڪيا سي ئي سڄي خلق ۾ نسورو چڱا آهن. (٨) انهن جو بدلو سندن پاليندڙ وٽ رهڻ جا باغ آهن، جن جي هيٺان (مختلف مشروبن جا) واهه وهن ٿا. انهن ۾ هميشه رهندا. الله انهن کان (پنهنجي قانون تي هلڻ جي ادا کان) راضي ٿيو ۽ اهي ان کان (واعدو ڪيل ڀلو صلو ملڻ تي سرها ۽) راضي ٿيا. اهو (واعدو) ان لاءِ آهي جو (جنهن جي دل تي) پنهنجي پاليندڙ (جي عظمت) جو خوف طاري ٿيو.