سورت الطلاق (معنيٰ: طلاق ڏيڻ)
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-7
زالن کي طلاق ڏيو ته انهن کي سندن عدت (جي مناسبت) تي طلاق ڏيو.
(١) اي نبي (مسلمانن کي چئو ته) جڏهن اوهين زالن کي طلاق ڏيو ته انهن کي سندن عدت (جي مناسبت) تي طلاق ڏيو ۽ عدت کي ڳڻيندا رهو ۽ پنهنجي پاليندڙ الله کان ڊڄو. انهن کي سندن گهرن مان (عدت جي مدت ۾) پڌري بيحيائي جي ڪم سرزد ٿيڻ کان سواءِ، ٻاهر نه ڪڍو ۽ نه اهي پاڻ ٻاهر نڪرن ۽ اهي الله جون حدون (۽ قانون) آهن، ۽ جيڪو الله جي حدن کان لگهندو ته ان (سان اڳلي کي به نقصان پهچندو ۽ ان) پنهنجي نفس تي (به) ظلم ڪيو، (ڇو ته) اهو نٿو ڄاڻي ته متان الله ان (طلاق ڏيڻ) کان پوءِ ڪا (ميلاپ جي) نئين ڳالهه پيدا ڪري. (٢) پوءِ جڏهن اهي (زالون) پنهنجي (عدت واري) مدي کي پهچن ته رواج (۽ قانون) موجب انهن کي (رجوع ڪرڻ سان يا نئين نڪاح سان) جهليو (۽ زال مڙس جي زندگي گهاريو) يا رواج موجب انهن کان جدا ٿيو ۽ (آخري فيصلي تي) پاڻ مان اعتبار وارن ٻن ڄڻن کي شاهد ڪريو ۽ الله جي واسطي (ڪنهن جي روءِ رعايت ڪرڻ کان سواءِ) پوري شاهدي ڏيو. هن (حڪم) سان ان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي جيڪو الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃي ٿو، ۽ جيڪو الله (جي قانون جو لحاظ رکي ان) کان ڊڄندو ته الله ان لاءِ مشڪل مان نڪرڻ جو رستو پيدا ڪري ڏيندو. (٣) (ان مسئلي ۾ مالي مشڪلاتون آيس ته) ان کي اتان روزي ڏيندو جتان گمان به نه هوندس ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪندو ته الله ان (جي ساٿ ڏيڻ) لاءِ ڪافي آهي. بيشڪ الله پنهنجي ڪم کي (پنهنجي قانون سان) پورو ڪرڻ وارو آهي. الله سڀ ڪنهن شيءِ جو اندازو ڪري ڇڏيو آهي. (٤) ۽ جيڪي اوهان جي زالن مان حيض اچڻ کان نااميد ٿيون هجن (تن جي عدت بابت) جيڪڏهن شڪ ۾ پيا آهيو ته سندن عدت ٽي مهينا آهي ۽ ( (اهڙيءَ طرح) اهي زالون جن کي حيض نه آيو هجي (تن جي عدت به ٽي مهينا شمار ڪريو) ۽ پيٽ وارين زالن جي عدت پنهنجي ٻار ڄڻڻ تائين آهي. ۽ جيڪو الله (جي قانونن تي هلي ان) جو لحاظ رکندو ته الله سندس ڪم کي آسان ڪري ڇڏيندو. (٥) اهو الله جو حڪم آهي ان کي اوهان جي طرف نازل ڪيو اٿس. ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو ته الله ان (ڪم ۾ پيش ايندڙ ڏکيائيون ۽ مدايون ان کان پري ڪندو ۽ ان کي وڏو اجر ڏيندو. (٦) اوهين انهن (زالن) کي اتي رهايو جتي پنهنجي طاقت آهر پاڻ رهيا پيا آهيو. ۽ انهن کي تنگ ڪرڻ لاءِ نه ايذايو، ۽ جيڪڏهن پيٽ سان هجن ته انهن کي خرچ ڏيو، جيستائين پنهنجو ٻار ڄڻين. پوءِ جيڪڏهن اوهان جي لاءِ (ٻار کي) کير پيارين ته کين سندن اجرت ڏيو! ۽ رواج موجب (انهن معاملن تي) پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪريو، ۽ جيڪڏهن (ان ڳالهه تي) اتفاق نه ٿئي ته پوءِ (ٻار کي) ڪا ٻي (عورت) کير پياريندي. (٧) (مطلقه جو خرچ يا کير پيارڻ جي لاءِ) ڪشادگيءَ وارو پنهنجي ڪشادگي آهر خرچ ڪري، ۽ جنهن جي آمدني ٿوري هجي ته اهو ان مان خرچ ڪري جيڪو الله ان کي ڏنو آهي. الله ڪنهن شخص کي تڪليف نٿو ڏئي، پر ان مطابق جيڪي ان کي ڏنو اٿس. (جيڪڏهن ان عمل سان وقتي تنگي ٿي ته) الله تنگيءَ کان پوءِ جلد آساني ڪري ڏيندو.
رڪوع ٢ آيت 8-تا-12
قرآن جي ڏسيل واٽ جا منڪر هميشه عذاب ۾ رهيا.
(٨) ۽ گهڻن ڳوٺن پنهنجي پاليندڙ ۽ سندس رسول جي (ٻڌايل اهڙن عائلي يا معاشرتي قانونن ۽) حڪم جي نافرماني ڪئي پوءِ اسان سندن سخت حساب ورتو ۽ کين سخت عذاب ڏنوسون. (٩) پوءِ انهن پنهنجي (خدائي قانونن سان ٽڪراءُ ۾ هٿ ٺوڪين قانونن جي نتيجن ۽) ڪم جي سزا (جو مزو) چکيو ۽ سندن ڪم جي پڇاڙي نقصان ئي نقصان هو. (١٠) الله انهن لاءِ (آخرت ۾) سخت عذاب تيار ڪري رکيو آهي. پوءِ اي عقل وارا مؤمنو! الله کان ڊڄو! (۽ ان جي قانونن جي پاسخاطري رکو) الله اوهان ڏي هڪ ڪتاب (قرآن چٽا حڪم ڏئي) نازل ڪيو آهي. (١١) ۽ هڪڙو
اهڙو رسول (موڪليو اٿس) جو اوهان کي الله جون پڌريون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي اونداهين مان سوجهري ڏي ڪڍي ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو ته الله ان کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واهه پيا وهن انهن ۾ هميشه رهندا. بيشڪ الله ان جي روزي چڱي ڪئي آهي. (١٢) الله اهو آهي جنهن ست آسمان بنايا آهن ۽ انهن جهڙي زمين به. انهن جي وچ ۾ حڪم نازل ٿيندا رهن ٿا (۽ اهي حڪم الله جي انهن مقرر ڪيل قانونن تي ئي ٻڌل رهن آهن. اهو اوهان کي ان لاءِ ٻڌايو ويو) ته ته اوهين ڄاڻو ته الله سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو ۽ الله جي علم سڀ ڪنهن شيءِ کي پنهنجي گهيري ۾ وٺي رکيو آهي.