مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت يوسف

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-6

قرآن مجيد روشن ۽ واضح ڪتاب آهي. حضرت يوسف جو خواب ۽ پڻس حضرت يعقوب جو تعبير.
(١) الف- لام- را، هي آيتون آهن روشن ۽ واضح ڪتاب جون. (٢) اسان هن قرآن کي عربي زبان ۾ نازل ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ ته توهان چڱيءَ طرح سمجهو. (٣) (اي پيغمبر!) هن قرآن کي وحي طور موڪلڻ سان توکي اسان بهترين طريقي سان (گذريل) واقعا ۽ حالتون ٻڌايون ٿا ۽ يقيناً قرآن جي نازل ٿيڻ کان اڳي تون انهن ماڻهن منجهان هئين جيڪي (انهن احوالن کان) بي خبر هئا. (٤) ۽ (ٻڌو ته) ڇا ٿيو جو حضرت يوسف پنهنجي پيءُ کي اچي چيو ته، اي منهنجا بابا! مون (خواب ۾) ڏٺو (ته) يارهن تارا آهن ۽ سج ۽ چنڊ به آهن ۽ ڏٺم ته اهي سڀ مون کي سجدو ڪري رهيا آهن. (٥) (پيءُ) چيو ته اي منهنجا پٽ! پنهنجي هن خواب جو حال ڀائرن کي نه ٻڌائجانءِ. متان هو تنهنجي خلاف ڪنهن منصوبي جون تجويزون ٺاهڻ لڳن. ياد رک ته شيطان انسان جو کليو ۽ چٽو دشمن آهي. (٦) ۽ (اي منهنجا پٽ! جهڙيءَ طرح تو ڏٺو آهي ته يارهن تارا ۽ سج ۽ چنڊ تنهنجي اڳيان جهڪيا آهن) تهڙيءَ طرح تنهنجي پروردگار توکي بزرگيءَ (۽ پيغمبريءَ) لاءِ چونڊيو آهي ۽ هيءَ ڳالهه سيکارڻ وارو آهي ته ڳالهين (۽ واقعن) جو نتيجو ۽ مطلب ڪهڙيءَ طرح ٺهرائجي ۽ معلوم ڪجي (يعني الله تعاليٰ توکي عقل ۽ حڪمت ڏيڻ وارو آهي) پڻ جهڙيءَ طرح هو (يعني الله تعاليٰ) هن کان اڳي تنهنجي وڏن ابراهيم ۽ اسحاق تي پنهنجي نعمت پوري ڪري چڪو آهي. تهڙيءَ طرح توتي ۽ يعقوب جي گهراڻي تي به نعمت پوري ڪندو. بيشڪ تنهنجو پروردگار (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ ۽ (پنهنجي ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي.

رڪوع ٢ آيت 7-تا-20
ڀائرن حضرت يوسف کي هڪ کوهه ۾ اڇلائي ڇڏيو. قافلي وارن کيس ڪڍيو،
مصر ۾ وڪيائون.
(٧) جيڪي ماڻهو (سچيون حقيقتون) پڇندڙ هجن (۽ سمجهه رکندڙ هجن) تن جي لاءِ حضرت يوسف ۽ سندس ڀائرن جي معاملي ۾ (نصيحت ۽ عبرت جون) وڏيون نشانيون آهن. (٨) هيئن ٿيو جو (يوسف جا ويڳا ڀائر پاڻ ۾) چوڻ لڳا ته اسان جي پيءُ کي يوسف ۽ سندس ڀاءُ (بن يامين) اسان سڀني کان گهڻو وڌيڪ پيارا آهن. حالانڪ اسان هڪ پوري جماعت آهيون. (يعني اسان جو تعداد وڏو آهي.) يقيناً اسان جو پيءُ صريح غلطيءَ تي آهي. (٩) پوءِ (چڱي ڳالهه هيءَ آهي ته) يوسف کي ماري ڇڏيون يا ڪنهن جاءِ ۾ (ڪاڏي به) اڇلائي ڇڏيون. ته پوءِ اسان جي پيءُ جو توجهه (ڌيان ۽ پيار) رڳو اسان جي طرف رهي ۽ هن (يوسف) جي نڪري وڃڻ بعد اسان جا سڀ ڪم سنوارجي وڃن (يا اسان ان گناهه بعد صالح ٿيون ۽ اڳتي اهڙا ڪم نه ڪيون). (١٠) هنن مان هڪڙي چوندڙ چيو ته، يوسف کي قتل نه ڪيو. جيڪڏهن اوهان کي ڪجهه ڪرڻو آهي ته ڪنهن اونهي کوهه جي تري ۾ کيس ڦٽو ڪيو. (واٽ ويندڙ قافلن مان) ڪوئي قافلو (ان وٽان لنگهندو ۽) کيس ڪڍي وٺندو. (١١) (اها صلاح ڪري سڀ گڏجي پيءُ وٽ ويا ۽) چيائون ته اي اسان جا بابا! ڇو توهان يوسف جي باري ۾ اسان تي اعتبار نٿا ڪيو؟ (۽ ڪاڏي به اسان سان گڏجي هلڻ نٿا ڏيو) حالانڪه اسان ته دل و جان سان سندس خير خواهه آهيون. (١٢) سڀاڻي کيس اسان سان گڏ (ٻيلي ۾) وڃڻ ڏيو ته کائي پيئي مزا ماڻي ۽ راند روند ڪري. اسان سندس حفاظت جو ذمو ٿا کڻون. (١٣) (پيءُ) چيو ته هيءَ ڳالهه مون کي غم ۾ ٿي وجهي ته توهان کيس پاڻ سان وٺي وڃو ۽ مان ڊڄان ٿو ته متان هيئن ٿئي جو کيس بگهڙ ماري کائي ۽ اوهان هن کان غافل رهو. (١٤) هنن چيو ته، ڀلا اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو بگهڙ کيس کائي وڃي، ۽ اسان جي هڪ وڏي ٽولي موجود هجي. جيڪڏهن ائين ٿئي ته پوءِ اسان ته نڪما ۽ بيڪار ثابت ٿينداسين. (يا نقصان هيٺ اينداسين). (١٥) پوءِ جڏهن اهي ماڻهو (پيءُ کان موڪل وٺي) يوسف کي پاڻ سان وٺي ويا ۽ سڀني هن ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته کيس کوهه جي تري ۾ وڌو وڃي (۽ ائين ڪري گذريا) تڏهن اسان (يعني الله تعاليٰ) يوسف کي وحي موڪليو ته (نااميد نه ٿيءُ) هڪڙو ڏينهن ضرور اچڻو آهي جڏهن تون سندن هي معاملو کين ٻڌائيندين، ۽ هو نٿا ڄاڻن (ته آخر ڇا ٿيڻو آهي). (١٦) ۽ هو پنهنجي پيءُ وٽ شام جو رئندا پٽيندا آيا. (١٧) چيائون ته، اي اسان جا بابا! اسان هڪ ٻئي سان ڊوڙون پڄائڻ ۾ لڳي وياسين، ۽ يوسف کي پنهنجي سامان وٽ ڇڏيوسين، پوءِ هيئن ٿيو جو هڪڙو بگهڙ اچي نڪتو ۽ يوسف کي (ماري) کائي ويو. (اسان ڄاڻون ٿا ته) توهان اسان جي ڳالهه تي يقين نه ڪندؤ اگرچه اسان ڪيترو به سچا هجون. (١٨) ۽ يوسف جي قميص تي ڪوڙو رت (ڪنهن ٻڪريءَ جو) لڳائي کڻي آيا. پيءُ (اهو ڏسي) چيو ته، نه (مان اها ڳالهه مڃي نٿو سگهان) هيءَ ته هڪڙي (هٿراڌو ٺاهيل) ڳالهه آهي، جا اوهان جي نفس اوهان کي سهڻي ڪري سيکاري آهي. (۽ توهان سمجهو ٿا ته ڪارگر چالاڪي ڪري چڪا آهيو) خير مون کي ته هاڻي صبر ئي ڪرڻو آهي. اهڙو صبر جو وڻندڙ هجي ۽ توهان جيڪو ڪجهه بيان ڪيو ٿا تنهن بابت الله کان ئي مدد گهرڻي آهي. (١٩) پوءِ ڇا ٿيو جو هڪڙو قافلو (ان کوهه وٽان) لنگهيو ۽ قافلي وارن پاڻيءَ جي لاءِ پنهنجو پخالي موڪليو. پوءِ جيئن ئي هن پنهنجو ڏول لٽڪايو (۽ پاڻيءَ سان ڀريل سمجهي مٿي ڇڪيائين) تئين ئي (ڇا ڏسي ته هڪڙو جوان ڇوڪر ان ڏول ۾ ويٺو آهي ۽ هن) پڪاري چيو ته، ڪهڙي نه خوشيءِ جي ڳالهه آهي! هي ته هڪ جوان ڇوڪر آهي! ۽ قافلي وارن هن کي واپار جو سرمايو سمجهي لڪائي ڇڏيو (ته متان ڪو ان جي دعويٰ ڪري کسي نه وٺي) ۽ هو جيڪي ڪري رهيا هئا سو الله جي علم کان لڪل ڪونه هو. (٢٠) ۽ (پوءِ) هنن يوسف کي تمام ٿورڙن پئسن تي، جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا درهم هئا. (مصر جي بازار ۾) وڪڻي ڇڏيو، ۽ هو هن معاملي ۾ (وڏي قيمت وٺڻ لاءِ ايترو) خواهشمند به نه هئا. (ڇو ته کين مفت ۾ ملي ويو هو).

رڪوع ٣ آيت 21-تا-29
الله تعاليٰ حضرت يوسف کي ڪمن ڪارين ڪرڻ جي اعليٰ قابليت ۽ علم عطا ڪيو.
(٢١) ۽ مصر جي ماڻهن مان جنهن شخص يوسف کي (قافلي وارن کان) خريد ڪيو هو سو (هن کي پنهنجي گهر وٺي آيو ۽) پنهنجي زال کي چيائي ته هن کي عزت سان رهائجانءِ. عجب ناهي ته هو اسان کي فائدو پهچائي، يا اسان کيس پنهنجي (گود جو يا دين جو) پٽ ڪري رکون ۽ (ڏسو) اهڙيءَ طرح اسان مصر جي سر زمين ۾ يوسف جو قدر ڄمايو. ۽ مقصد هو ته کيس ڳالهين ۽ واقعن جا نتيجا ۽ مطلب ڪڍي سمجهائي ۽ سيکاري ڇڏيون ۽ الله کي جيڪو ڪم ڪرڻو هوندو آهي سو ڪري ئي رهندو آهي. (ڇو ته هو قدر ۽ غالب آهي) پر گهڻا ماڻهو (اهي حقيقتون) نٿا ڄاڻن. (٢٢) ۽ پوءِ جڏهن يوسف ڦوهه جوانيءَ کي پهتو تڏهن اسان کيس ڪمن ڪرڻ جي قابليت ۽ قوت ۾ گهڻو علم عطا ڪيو، اسان نيڪ عمل ڪندڙن کي (سندن نيڪ عمليءَ جو) اهڙوئي بدلو عطا ڪندا آهيون. (٢٣) ۽ (پوءِ ڇا ٿيو جو) جنهن عورت جي گهر ۾ يوسف رهندو هو (يعني عزيز جي زال) سا مٿس (عاشق ٿي پيئي ۽) حيلا هلائڻ لڳي ته هو به (موهجي) بي اختيار ٿي ڳالهه مڃي وجهي، هن عورت (هڪڙي ڏينهن) دروازا کڻي بند ڪيا، ۽ چئي ڏنائين ته مون ڏي هليو آءُ. يوسف چيو ته، معاذالله (خدا پناهه ڏئي، مون کان اهڙو ڪم ڪڏهن به نه پڄندو) تنهنجو مڙس منهنجو سائين آهي. هن مون کي عزت سان (گهر ۾) جاءِ ڏني آهي (مان سندس امانت ۾ خيانت ڪونه ڪندس). ۽ حدن کان ٻاهر لنگهڻ وارا ظالم ڪڏهن به ڪامياب ٿي نه ٿا سگهن. (٢٤) ۽ حقيقت هيءَ آهي ته اها عورت يوسف جي پٺيان پئجي چڪي هئي، ۽ (حالت اهڙي بڻجي چڪي هئي جو بي اختيار ٿي) يوسف به هن ڏانهن لاڙو ڪري ها، جيڪڏهن سندس پروردگار جو دليل سندس سامهون نه اچي وڃي ها. (سو ڏسو) اهڙيءَ طرح (اسان انساني نفس جي هن سخت آزمائش ۾ به هن کي حق جي دليل جي وسيلي هوشيار رکيو) انهيءَ لاءِ ته برائي ۽ بي شرميءَ جون ڳالهيون کانئس دور رکون. بيشڪ هو اسان جي انهن ٻانهن مان هو، جيڪي بزرگيءَ لاءِ چونڊيا ويا. (٢٥) ۽ (پوءِ ڇا ٿيو جو) ٻئي دروازي جي طرف ڊوڙيا. (اهڙيءَ طرح ڊوڙيا جو انهن مان هرهڪ ٻئي کان اڳتي ٿيڻ ٿي چاهيو. يوسف هن لاءِ ته ان عورت کان ڀڄي جند ڇڏائي، ۽ عورت وري هن لاءِ ته کيس ڀڄي نڪرڻ کا روڪي وجهي) ۽ ان عورت يوسف جي قميص کي پٺئين پاسي کان ڇڪيو ۽ ڦاڙي وڌائين ۽ (پوءِ اوچتو) ٻنهي ڏٺو ته ان عورت جو مڙس دروازي وٽ بيٺو آهي. تڏهن عورت (پنهنجي گناهه لڪائڻ لاءِ هڪدم ٺاهه ٺاهي ورتو ۽) چيائين ته جيڪو ماڻهو تنهنجي گهر واريءَ سان بڇڙي ڪم جو ارادو ڪري تنهن جي سزا ڪهڙي هئڻ گهرجي؟ ڇا هيءَ سزا نه هئڻ گهرجي ته کيس قيد ۾ وڌو وڃي يا (ڪا ٻي) دردناڪ سزا ڏني وڃي؟ (٢٦) (تنهن تي) يوسف چيو ته، خود هن مون تي حيلا هلايا (۽ مون کي مجبور ڪري ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مان اهڙو ڪم نه ڪيو) ۽ پوءِ (ڇا ٿيو جو) انهيءَ عورت جي ڪٽنب وارن مان هڪڙي شاهد شاهدي ڏني، (هن چيو) ته يوسف جي قميص (ڏسڻ گهرجي) جيڪڏهن اڳيان ڦاٽل آهي ته عورت سچي ۽ يوسف ڪوڙو آهي. (٢٧) جيڪڏهن قميص پٺئين پاسي کان ڦاٽل آهي ته عورت ڪوڙ ڳالهايو آهي ۽ يوسف سچو آهي. (٢٨) پوءِ جڏهن ان عورت جي مڙس ڏٺو ته يوسف جي قميص پٺئين پاسي کان ڦاٽل آهي، تڏهن (حقيقت سمجهيائين ۽) عورت کي چيائين ته ڪجهه به شڪ ناهي ته هيءُ توهان عورتن جي مڪرن مان هڪ مڪر آهي، ۽ توهان عورتن جا مڪر وڏا مڪر آهن. (٢٩) (وري عزيز چيو ته) اي يوسف هن (معاملي) کي درگذر ڪري ڇڏ (يعني جيڪي ٿيو تنهن کي وساري ڇڏ) ۽ (زال کي چيائين ته) پنهنجي گناهه جي معافي گهر، بيشڪ تون ئي خطا وار آهي.

رڪوع ٤ آيت 30-تا-35
حضرت يوسف قيد جي ڌمڪيءَ تي چيو ته مون کي گنهگاري ڪرڻ کان قيد وڌيڪ پسند آهي.
(٣٠) ۽ (پوءِ جڏهن هي قصو مشهور ٿيو تڏهن) شهر جون ڪي عورتون (چور پچور ڪري) چوڻ لڳيون ته ڏسو ته سهي عزيز جي زال پنهنجي غلام تي (عاشق ٿي) حيلا هلائڻ لڳي ته من هن کي ريجهائي ٺاهي وجهي. هوءَ سندس محبت ۾ موهجي ويئي آهي. اسان جي خيال ۾ ته هوءَ ظاهرظهور بدچاليءَ ۾ پئجي ويئي آهي. (٣١) جڏهن عزيز جي زال (سندن) مڪاريءَ جون هي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن هنن کي گهرايائين ۽ هنن جي لاءِ مسندون (يعني، طول ويهاڻا) ترتيب سان تيار رکايائين (۽ طعام اڳيان رکايائين) ۽ (دستور موجب) هرهڪ کي هڪ هڪ ڇري ڏنائين (ته کائڻ ۾ ڪم آڻين)، پوءِ (جڏهن هي سڀ ڪجهه ٿي چڪو تڏهن) يوسف کي چيائين ته هنن زالن جي سامهون نڪري اچ. جڏهن (يوسف آيو ۽) انهن عورتن کيس ڏٺو تڏهن (کيس اهڙو ڏٺائون جو) سندس بهتريءَ جو اعتراف ڪيائون، (يعني قبول ڪيائون ته بيشڪ هو اعليٰ شان وارو آهي) هنن (حيرانيءَ ۾ ڇرين سان) پنهنجا هٿ ڪپي وڌا ۽ (بي اختيار) چئي ڏنائون ته سبحان الله! هيءُ انسان ته نه آهي. ضرور ڪو فرشتو آهي ۽ وڏي مرتبي وارو فرشتو آهي. (٣٢) تڏهن (عزيز جي زال) چيو ته، هاڻي ته ڏٺوَ؟ اهو اٿو اهو ماڻهو جنهن جي باري ۾ توهان مون کي طعنا ڏنا هئا. هائو! بيشڪ مون سندس دل کي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ چاهيو هو، پر هو بي قابو نه ٿيو (يعني پنهنجي دل تي ضابطو نه وڃايائين) ۽ (هاڻي کيس ٻڌائي ٿي ڇڏيان ته) جيڪڏهن منهنجو چوڻ نه مڃيندو (۽ پنهنجي ضد تي اڙيو رهندو) ته ضرور قيد خاني ۾ وڌو ويندو ۽ بي عزتيءَ ۾ پوندو. (٣٣) (يوسف اها ڌمڪي ٻڌي الله کان دعا گهري) چيائين ته اي منهنجا رب! مون کي قيد ۾ رهڻ هن ڳالهه کان گهڻو وڌيڪ پسند آهي جنهن ڳالهه ڏانهن هي عورتون مون کي سڏي رهيون آهن. جيڪڏهن تون (منهنجي مدد نه ڪندين ۽) هنن جي مڪارين جي ڄار کان نه بچائيندين ته عجب ناهي ته مان هنن ڏانهن جهڪي پوان ۽ انهن ماڻهن منجهان ٿي پوان جيڪي جاهل ۽ ناشناس آهن. (٣٤) سو (ڏسو) سندس پروردگار سندس دعا قبول ڪئي ۽ کانئس انهن عورتن جون مڪاريون دفع ڪري ڇڏيائين، بيشڪ اهوئي آهي (دعائن جو) ٻڌندڙ ۽ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ. (٣٥) پوءِ (ڇا ٿيو جو) اگرچه اهي ماڻهو (يعني عزيز ۽ سندس خاندان جا ماڻهو) نشانيون ڏسي چڪا هئا (ته بيشڪ يوسف پاڪ دامن ۽ بلند اخلاق انسان آهي) تڏهن به کين هيءَ ڳالهه مناسب نظر آئي ته هڪ خاص مدت لاءِ يوسف کي قيد خاني ۾ وڌو وڃي.

رڪوع ٥ آيت 36-تا-42
قيد خاني ۾ دين ۽ حق جي واٽ جي تبليغ.
(٣٦) ۽ (پوءِ ڇا ٿيو جو) يوسف سان گڏ ٻه جوان مرد ٻيا به قيد خاني ۾ داخل ٿيا. انهن مان هڪ (يوسف کي) چيو ته، مون کي (خواب ۾) ڏسڻ ۾ آيو آهي ته مان شراب (ٺاهڻ) جي لاءِ (انگورن جو) عرق ڪڍي رهيو آهيان. ٻئي چيو ته، مون کي ڏسڻ ۾ آيو آهي ته مٿي تي ماني کنئي اٿم ۽ پکي ان کي کائي رهيا آهن (۽ ٻنهي عرض ڪيو ته) اسان کي ٻڌاءِ ته، هن ڳالهه جو نتيجو ڪهڙو نڪرڻو آهي. اسان ڏسون ٿا ته تون بيشڪ وڏو نيڪ ماڻهو آهن. (٣٧) حضرت يوسف جواب ۾ چيو ته، (گهٻرايو نه) توهان جو مقرر طعام توهان وٽ اچي تنهن کان اڳ ئي مان توهان جي خوابن جو تعبير توهان کي ٻڌائي ڏيندس. هن ڳالهه جو علم (يعني خوابن جو تعبير ڪرڻ) به انهن ڳالهين منجهان آهي جي مون کي منهنجي پروردگار سيکاريون آهن. مان انهن ماڻهن جي ملت (يا مذهب) ڦٽي ڪيو آهي جيڪي الله تي ايمان نه ٿا رکن ۽ آخرت جا به منڪر آهن. (٣٨) مون پنهنجي ابن ڏاڏن يعني ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي ملت جي پيروي ڪئي آهي. اسان (ابراهيم جو اولاد) ائين نٿا ڪري سگهون جو الله سان ڪنهن به شيءِ کي شريڪ ٺهرايون. اها (ملت يا مذهب) الله جو هڪ فضل آهي جو هن اسان تي ۽ ماڻهن تي ڪيو آهي. پر گهڻا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي (هن نعمت جو) شڪر بجا نٿا آڻين. (٣٩) اي منهنجا جيل جا ساٿيو! (توهان ڪڏهن هن ڳالهه تي غور به ڪيو آهي ته) جدا جدا معبودن جي هئڻ بهتر آهي يا هڪ الله جو، جيڪو يگانو ۽ سڀني تي غالب آهي. (٤٠) توهان ان (خدا) کان سواءِ جن هستين جي بندگي ٿا ڪيو تن جي حقيقت هن کان وڌيڪ ڇا آهي ته فقط ڪي نالا آهن جي توهان ۽ توهان جي ابن ڏاڏن کڻي رکيا آهن. الله تعاليٰ انهن جي لاءِ ڪابه سند نازل نه ڪئي آهي. حڪومت ته الله ئي جي لاءِ آهي. سندس فرمان هي آهي ته، سندس ئي بندگي ڪيو، ٻئي ڪنهن جي به بندگي نه ڪيو. اهوئي سنئون سڌو دين آهي، پر گهڻا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي (اها ڳالهه به) نٿا ڄاڻن. (٤١) اي منهنجا جيل جا ساٿيو! (هاڻي پنهنجي پنهنجي خواب جو مطلب ٻڌي ڇڏيو) توهان مان هڪڙو (اهو آهي جنهن خواب ۾ ڏٺو ته، انگور نچوڙي رهيو آهي) اهو (قيد مان ڇٽندو ۽ اڳوڻي دستور موجب) پنهنجي ساٿين کي شراب پياريندو ۽ ٻيو ماڻهو (اُهو آهي جنهن ڏٺو ته سندس مٿي تي کنيل ماني پکي کائي رهيا آهن) اهو سوريءَ تي چاڙهيو ويندو ۽ پکي هن جومٿو (پٽي پٽي) کائيندا. سو جنهن ڳالهه بابت اوهان پڇو ٿا سا فيصل ٿي ويئي ۽ فيصلو اهوئي آهي. (٤٢) ۽ حضرت يوسف جنهن ماڻهوءَ جي باري ۾ سمجهيو ته ڇٽي ويندو، تنهن کي چيو ته جڏهن پنهنجي سائينءَ وٽ وڃين تڏهن مون کي ياد ڪجانءِ. (يعني منهنجو حال کيس ضرور ٻڌائجانءِ، پوءِ ٻڌايل تعبير مطابق جڏهن اهو ڇٽي ويو تڏهن) شيطان هن کان اها ڳالهه وسارائي ڇڏي ته پنهنجي سائينءَ جي حضور ۾ پهچي يوسف کي ياد ڪري. پوءِ يوسف کي سال (وڌيڪ) قيد خاني ۾ رهيو.

رڪوع ٦ آيت 43-تا-49
بادشاهه جي خواب جي حضرت يوسف تعبير ڪئي
(٤٣) ۽ (پوءِ ڇا ٿيو جو هڪڙي ڏينهن) بادشاهه (پنهنجي سڀني درٻارين کي سڏائي) چيو ته، مان (خواب ۾) ڇا ٿو ڏسان ته ست ٿلهيون متاريون ڳئون آهن جن کي ست ڏٻريون هيڻيون ڳئون ڳهي ڳڙڪائي ويون آهن ۽ ست تازا ساوا سنگ آهن ۽ ست سڪل آهن. اي درٻار جا اميرؤ! جيڪڏهن توهان خوابن جو تعبير ڪندا آهيو ته ٻڌايو ته، منهنجي خواب جو مطلب ڇا آهي؟ (٤٤) درٻارين (غور و فڪر ڪرڻ بعد) چيو ته، اهي ته پريشان (منجهيل) خواب ۽ خيال آهن. (اهڙي ڳالهه آهي ئي ڪانه جنهن جو ڪو خاص مطلب هجي. اسان سچن خوابن جو مطلب ته ڪڍي سگهندا آهيون پر) پريشان خوابن جو مطلب اسان کي معلوم ڪونهي. (٤٥) ۽ جيڪوماڻهو انهن ٻن قيدين مان ڇٽي ويو هو ۽ جنهن کي هڪ مدت بعد (هاڻي يوسف جي) ڳالهه ياد آئي تنهن (بادشاهه جو خواب ٻڌي) چئي ڏنو ته مان اوهان کي هن خواب جو مطلب ٻڌائيندس. توهان مون کي (هڪڙيءَ جاءِ ڏي) وڃڻ ڏيو. (٤٦) (اُهو ساقي قيد خاني ۾ ويو ۽ چيائين ته) اي يوسف! اي سچا صديق! اسان کي هن (خواب) جو تعبير ٻڌاءِ. ستن ٿلهين متارين ڳئن کي ست ڏٻريون ڳئون ڳڙڪائي رهيون آهن ۽ ست سنگ ساوا آهن ۽ ست سڪل آهن. هن لاءِ (ته انهن) ماڻهن ڏي موٽي وڃي سگهان (جن مون کي موڪليو آهي ۽ کين تعبير به ٻڌايان) عجب ناهي ته هو (تنهنجو علم بزرگي ۽ مرتبو) معلوم ڪري وٺن. (٤٧) يوسف چيو ته، (هن خواب جي تعبير ۽ جيڪي ان بابت ڪرڻ گهرجي سو هي آهي ته) ست سال لاڳيتا (پاڻي گهڻو هوندو ۽) توهان کيتي ڪندا رهندؤ. (انهن سالن ۾ پيداوار گهڻي ٿيندي) پوءِ جڏهن فصل لهڻ جو وقت اچي تڏهن جيڪي اٿؤ تنهن کي سنگن ۾ ئي رهڻ ڏيو (انهيءَ لاءِ ته اَنُ سڙي خراب نه ٿئي) ۽ فقط ايترو ٿورو مقدار ( ان جو) سنگن کان جدا ڪري وٺو جيترو کائڻ لاءِ (ضروري) هجي. (٤٨) پوءِ انهن (ستن سالن) بعد ٻيا ست (سال) تمام سخت مصيبت جا سال ايندا، جن ۾ (اڳين ستن سالن جو اناج وغيره) کاڄي ويندو جو توهان اڳ ئي گڏ ڪري رکيو هوندو. پر ٿورڙو جو توهان روڪي رکيو هوندو سو وڃي بچندو. (٤٩) ان کان پوءِ وري اهڙو سال ايندو جنهن ۾ ماڻهن لاءِ خوب مينهن وسندو ۽ ماڻهو ان سال ۾ (ميون ۽ اناج مان) عرق ۽ تيل جام ڪڍندا.

رڪوع ٧ آيت 50-تا-57
حضرت يوسف جي صفائي سامهون اچڻ تي بادشاهه کيس حڪومت جو مختيار ڪيو.
(٥٠) (جڏهن انهيءَ ساقيءَ اها ڳالهه بادشاهه کي ٻڌائي تڏهن) بادشاهه چيو ته، يوسف کي (بنا دير) مون وٽ وٺي اچو. پر جڏهن (بادشاهه جو) پيغام پهچائيندڙ يوسف وٽ پهتو تڏهن هن چيو ته، (مان ائين نه هلندس) توهان پنهنجي بادشاهه ڏي موٽي وڃو ۽ (منهنجي طرفان) دريافت ڪيو ته انهن عورتن جو معاملو ڪهڙو هو، جن پنهنجا هٿ ڪپي وڌا هئا. (مان چاهيان ٿو ته پهريائين ان ڳالهه جو فيصلو ٿئي) جيڪي مڪاريون انهن ڪيون هيون، منهنجو پروردگار انهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. (٥١) (تنهن تي) بادشاهه (انهن عورتن کي گهرايو ۽) چيو ته صاف صاف ٻڌايو ته توهان کي ڪهڙو معاملو پيش آيو هو، جڏهن اوهان يوسف تي حيلا هلايا ته کيس پنهنجي طرف مائل ڪري وجهو. انهن ورندي ڏني ته ماشا الله! اسان هن ۾ برائيءَ جي ڪابه ڳالهه ڪانه ڏٺي. (اهو ٻڌي) عيزيز جي زال به (بي اختيار) چئي ڏنو ته جيڪا سچي حقيقت هئي سا هاڻي ظاهر ٿي پيئي. بيشڪ مان ئي هيس جنهن يوسف تي حيلا هلايا ته من سندس دل (مون ڏي) مائل ٿئي. بيشڪ هو (پنهنجي بيان ۾) بلڪل سچو آهي. (٥٢) (يوسف چيو ته) مون اها ڳالهه هن ڪري چئي ته کيس معلوم ٿي وڃي (يعني عزيز کي معلوم ٿي وڃي) ته مان هن جي پرپٺ سندس معاملي ۾ خيانت ڪانه ڪئي، ۽ پڻ هن ڪري چئي ته (ظاهر ٿي پوي ته) الله تعاليٰ خيانت ڪندڙن جي تدبيرن لاءِ ڪڏهن به (ڪاميابيءَ جي) راهه نه ٿو کولي.

حصو تيرهون
(٥٣) مان پنهنجي نفس جي پاڪائيءَ جي دعويٰ نٿي ڪريان. انسان جو نفس ته برائي جي لاءِ ڏاڍو اڀاريندڙ آهي. (ان جي غلبي کان بچڻ سولو ناهي) سواءِ ان حالت جي جو منهنجو پروردگار پنهنجو رحم ڪري. بيشڪ منهنجو پروردگار وڏو بخشيندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (٥٤) ۽ (وري) بادشاهه حڪم ڏنو ته، يوسف کي مون وٽ وٺي اچو ته کيس خاص پنهنجي (ڪمن) لاءِ مقرر ڪيان. پوءِ جڏهن (هو آيو ۽) ڳالهه ٻولهه ڪيائين (تڏهن بادشاهه) چيو ته، اڄ تون اسان جي نظر ۾ وڏي اقتدار (عزت ۽ پوزيشن) وارو ۽ امانتدار (سچو ۽ ايماندار) انسان آهين. (٥٥) يوسف چيس ته، مون کي ملڪ جي خزاني جي باري ۾ مختيار ڪري ڇڏ، جو مان حفاظت ڪري ٿو سگهان (۽ مان ايمانداريءَ سا خزانو سنڀاليندس ۽ ملڪ جي ڀلي لاءِ ڪم آڻيندس) ۽ مان هن ڪم جو ڄاڻندڙ آهيان (بادشاهه هن کي ملڪ جو مختيار ڪري ڇڏيو). (٥٦) ۽ (ڏسو) اهڙيءَ طرح اسان مصر جي سرزمين ۾ يوسف جا قدم ڄمايا جو جيڪا ئي جاءِ وڻيس تنهن کي پنهنجي مرضيءَ موجب رهڻ لاءِ ڪم آڻي. (اهڙيءَ طرح) اسان جنهن کي چاهيون ٿا تنهن کي پنهنجي رحمت سان نوازيون ٿا، ۽ نيڪ عمل ڪندڙن جو اجر ڪڏهن به ضايع نٿا ڪيون. (٥٧) ۽ جيڪي ماڻهو (الله تي) ايمان آڻين ۽ (بدعملين کان) بچندا رهن تن جي لاءِ ته آخرت جو اجر ان کان (يعني دنيائي دولت ۽ حڪمت کان) گهڻو بهتر آهي.

رڪوع ٨ آيت 58-تا-68
حضرت يوسف سان ڀائرن جو ملڻ
(٥٨) ۽ (سڪار جي ستن سالن بعد ڏڪار وارن سالن ۾ ڇا ٿيو جو) يوسف جا (وڏا) ڀائر (ڪنعان مان مصر ڏي انُ خريد ڪرڻ لاءِ) آيا. پوءِ ان جي روبرو ٿيا (ته) يوسف انهن کي (ڏسندي ئي) سڃاڻي ورتو، پر هنن ڪونه سڃاتو، (نڪي کين ٻڌايائين). (٥٩) ۽ جڏهن يوسف انهن کي سامان (اناج وغيره) مهيا ڪيو تڏهن (سندن رواني ٿيڻ وقت) کين چيائين ته، وري اچو ته پنهنجي ويڳي ڀاءُ (بن يامين) کي به پاڻ سان وٺيو اچجو. توهان چڱيءَ طرح ڏٺو آهي ته مان پوري ماپ سان (ان توري) ٿو ڏيان ۽ (ٻاهرين مسافرن جي لاءِ) بهترين مهمان نواز آهيان. (٦٠) پر جيڪڏهن توهان کيس مون وٽ نه آڻيندؤ ته، پوءِ ياد رکو ته نڪي مون وٽان اوهان کي (اناج جي) ڪجهه لپ ملندي، نڪي منهنجي ويجهو ايندؤ (يعني اوهان کي رڳو پاڻ وٽ اچڻ به نه ڏيندس). (٦١) هنن چيو ته، اسان سندس پيءُ کي انهيءَ لاءِ گهڻوئي ترغيب ڏينداسين (۽ ان جا فائدا ڏيکارينداسين). اسان ضرور ائين ڪنداسين. (٦٢) ۽ يوسف پنهنجي خدمتگارن کي حڪم ڏنو ته، انهن ماڻهن جي پونجي (يعني موڙي جنهن سان ان خريد ڪيو هئائون) سندن ٻورن ۾ رکي ڇڏيو. جڏهن اهي ماڻهو پنهنجي گهر ڏي موٽندا تڏهن گهڻو امڪان آهي ته پنهنجي پونجي ڏسي سڃاڻي وٺندا (ته موٽائي ڏني ويئي آهي) ۽ پوءِ عجب ناهي ته ٻيهر موٽي اچن. (٦٣) پوءِ جڏهن اهي ماڻهو پنهنجي پيءُ وٽ موٽي ويا تڏهن کيس چيائون ته، اسان جا بابا! آئينده لاءِ ان جو وڪرو اسان جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي. تنهن ڪري اسان جي ڀاءُ (بن يامين) کي اسان سان گڏ موڪل ڏي ته ان خريد ڪري اچون ۽ اسان سندس حفاظت ڪندڙ آهيون. (٦٤) پيءُ (اهو ٻڌي) چيو ته، ڇا هن جي باري ۾ اهڙيءَ طرح اوهان تي اعتبار ڪريان جهڙيءَ طرح اڳي سندس ڀاءُ (يوسف) جي باري ۾ ڪري چڪو آهيان؟ سو الله ئي سڀني کان بهتر حفاظت ڪندڙ آهي ۽ ڪو به ڪونهي جو کانئس وڌيڪ رحم ڪرڻ وارو هجي. (٦٥) ۽ جڏهن انهن ماڻهن پنهنجو سامان کوليو تڏهن ڇا ڏسن ته سندن موڙي کين موٽائي ڏني ويئي آهي. سو (پيءُ کي) چيائون ته، اي اسان جا بابا! هن کان وڌيڪ اسان کي ٻيو ڇا گهرجي؟ ڏس، هيءَ اسان جي پونجي آهي، جا اسان کي موٽائي ڏني ويئي آهي. (اسان کي هن ان به ڏنو ته قيمت به موٽائي ڏني. پوءِ اسان کي موڪل ڏي ته بن يامين کي پاڻ سان وٺي وري وڃون) ۽ پنهنجي ڪٽنب جي لاءِ سيڌو وٺي اچون اسان پنهنجي ڀاءِ جي حفاظت ڪنداسين ۽ هڪ اُٺ جو بار به وڌيڪ وٺنداسين. هي ان (جو هاڻي آندو اٿئون) بلڪل ٿورو آهي. (٦٦) (حضرت يعقوب) چيو ته، مان ڪڏهن به کيس توهان سان گڏ نه موڪليندس جيستائين توهان مون سان الله جي نالي ته عهد اقرار نه ڪندؤ. (توهان پهريائين عهد اقرار ڏيو ته) سواءِ هن صورت جي جو اسان پاڻ گهيري هيٺ اچي وڃون (۽ بيوس ٿي پئون) اسان ضرور هن کي تو وٽ موٽائي آڻينداسين. پوءِ جڏهن هنن پيءُ کي (سندس چوڻ مطابق) پنهنجو پڪو قول ڏنو تڏهن هن فرمايو ته اسان جيڪو قول ۽ اقرار ڪيو تنهن تي الله نگهبان هجي. (٦٧) ۽ پيءُ هنن کي (رواني ٿيڻ وقت) چيو ته، اي منهنجا پٽؤ! (ڏسو جڏهن مصر ۾ پهچو تڏهن شهر جي) هڪ ئي دوازي مان داخل نه ٿجو. جدا جدا دوروازن مان داخل ٿجو. مان توهان کي ڪنهن به اهڙيءَ ڳالهه کان بچائي نٿو سگهان جا الله جي حڪم سان ٿيڻي هجي. (پر پاڻ کي پنهنجي وس آهر سڀ تدبيرون ڪرڻ گهرجن) حڪومت فقط الله جي آهي. مان فقط مٿس ڀروسو رکيو آهي. ۽ اهوئي آهي جنهن تي سڀني ڀروسو رکندڙن کي ڀروسو رکڻ گهرجي. (٦٨) (پوءِ) جڏهن هي ماڻهو (مصر ۾) داخل ٿيا اهڙيءَ طرح جهڙيءَ طرح پيءُ حڪم ڏنو هو تڏهن اها ڳالهه (يا نصيحت) الله جي (مشيت جي) مقابلي ۾ ڪجهه به ڪم اچڻ واري نه هئي. پر يعقوب جي دل ۾ هڪ خيال پيدا ٿيو هو جنهن مطابق هن اهو عمل ڪيو. (انسان جو فرض آهي پنهنجي ڪوشش ڪرڻ، پر نتيجو الله جي هٿ ۾ آهي) بيشڪ هو (حضرت يعقوب) علم وارو هو، جو اسان ئي (يعني الله تعاليٰ) هن کي علم ڏنو هو. پر اڪثر ماڻهو (هن ڳالهه جي حقيقت) نٿا ڄاڻن.

رڪوع ٩ آيت 69-تا-79
حضرت يوسف جي سڳي ڀاءُ بن يامين جي رهڻ جو بهانو ٺهي پوڻ.
(٦٩) ۽ جڏهن اهي ماڻهو (يوسف جا ڀائر) يوسف وٽ پهتا تڏهن هن پنهنجي ڀاءُ (بن يامين) کي پاڻ وٽ ويهاريو (۽ رهايو) ۽ کيس (مخفي طرح) ٻڌايو ته مان تنهنجو ڀاءُ (يوسف) آهيان. سو جيڪا (بدهلت اهي ڀائر توسان) ڪندا رهيا آهن، تنهن تي غم نه ڪر (۽ خوش ٿي جو هاڻي زماني پلٽو کاڌو آهي.) (٧٠) پوءِ جڏهن يوسف انهن ماڻهن جو سامان (سندن رواني ٿيڻ لاءِ) مهيا ڪيو تڏهن پنهنجو (چانديءَ جو) پيالو (مخفي طرح) پنهنجي ڀاءُ بن يامين جي ٻوريءَ ۾ وجهي ڇڏيو، (انهيءَ لاءِ ته نشانيءَ طور وٽس رهي). پوءِ (ڇا ٿيو جو جڏهن اهي ماڻهو روانا ٿيا ۽ شاهي عملدارن ڏٺو ته فلاڻو پيالو آهي ئي ڪونه، تڏهن کين شڪ پيو ۽ سندن پٺيان ويا، ۽) هڪ پڪاريندڙ (انهن جي پٺيان) پڪاري چيو ته، اي قافلي وارؤ! (اتي بيهو). بيشڪ توهان چور آهيو. (ٻيو ڪو ماڻهو اتي ڪونه هو، جنهن ۾ شڪ پوين). (٧١) اهي (ڀائر) پڪاريندڙ جي طرف متوجهه ٿيا، ۽ پڇيائون ته ڇا وڃايو اٿوَ؟ (٧٢) (شاهي نوڪرن) چيو ته اسان کي شاهي پيالو نٿو لڀي. جيڪو ئي اهو آڻي ڏئي تنهن کي اٺ جي بار جيترو (ان) انعام ملندو ۽ (انهن جي سردار چيو ته) مان ان ڳالهه جو ضامن آهيان (يعني انعام ڏيڻ جو). (٧٣) هنن (ڀائرن) چيو ته، الله ٿو ڄاڻي ته اسان هتي انهيءَ لاءِ ڪونه آيا هئاسين ته اچي ڪو فساد يا شرارت ڪريون ۽ هيءَ ڳالهه توهان چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا (ڇو ته اڳي به هڪ ڀيرو اسان هتي رهي ويا آهيون ۽ اسان جو اهو وڙ نه هو جو چوري ڪريون. (٧٤) (نوڪرن) چيو ته چڱو، جيڪڏهن توهان ڪوڙا ثابت ٿيؤ ته، پوءِ ٻڌايو ته، چور جي سزا ڪهڙي هئڻ گهرجي؟ (٧٥) هنن (ڀائرن) چيو ته، چور جي سزا هيءَ ٿئي جو جنهن جي ٻوريءَ مان چوريءَ جو مال نڪري سوئي پاڻ پنهنجي سزا ٿئي، (يعني پنهنجي ڏوهه جي بدلي ۾ کيس روڪي رکيو وڃي) اسان زيادتي ڪندڙن کي اهڙيءَ ئي طرح سزا ڏيندا آهيون. (٧٦) پوءِ (نوڪرن جي سردار) هنن جي ٻورن جي تلاشي شروع ڪئي. پهريائين يوسف جي وڏن ڀائرن جي ٻورن جي تلاشي ورتائون، (۽ ڪجهه به نه لڌائون) پوءِ يوسف جي ڀاءُ (بن يامين) جي ٻوري (ڏٺائون ۽ ان مان) اهو پيالو ڪڍي ورتائون (سو ڏسو ته) اهڙيءَ طرح اسان (يعني الله تعاليٰ) يوسف جي لاءِ (بن يامين کي پاڻ وٽ رهائڻ جي) مخفي تدبير ڪري ڇڏي. هو (يوسف) بادشاهه جي قانون سبب ائين ڪري نٿي سگهيو (ته پنهنجي ڀاءُ کي پاڻ وٽ روڪي رهائي، اگرچه ائين ڪرڻ لاءِ هن جي دل بيقرار هئي) سواءِ هن صورت جي جو الله کي (ان جي راهه ڪڍڻ) منظور هجي (سو الله تعاليٰ غيبي تجويز ڪري راهه ڪڍي ڏني) اسان (يعني الله تعاليٰ) جنهن کي چاهيون ٿا تنهن کي مرتبن ۾ بلند ڪري ڇڏيون ٿا ۽ هر علم واري جي مٿان هڪ (اعليٰ) علم واري هستي آهي (جنهن جو علم سڀني کي گهيرو ڪيو بيٺو آهي، يعني الله جي هستي). (٧٧) (جڏهن بن يامين جي ٻوريءَ مان پيالو نڪري آيو تڏهن) ڀائرن چيو ته، (هن چوري ڪئي آهي ته اها ڪا عجب جهڙي ڳالهه ڪانهي). هن کان اڳي سندس سڳي ڀاءُ (يوسف) به چوري ڪئي هئي. تڏهن يوسف (جنهن جي اڳيان هاڻي اهو معاملو پيش ڪيو ويو هو) اها ڳالهه پنهنجي دل ۾ رکي، ۽ هنن لاءِ ظاهر نه ڪيائين (ته منهنجي منهن تي مون کي چور بنائي رهيا آهيو ۽ فقط ايترو) چيائين ته سڀني کان بري جڳهه (يعني حالت) توهان جي چئبي (جو پنهنجي ڀاءُ تي ڪوڙو الزام لڳائي رهيا آهيو) ۽ جيڪي توهان بيان ڪري رهيا آهيو تنهن کي الله تعاليٰ بهتر ڄاڻيندڙ آهي. (٧٨) هنن (ڀائرن يوسف کي) چيو ته، اي عزيز! هن (بن يامين) جو پيءُ تمام پوڙو ماڻهو آهي (۽ هن سان گهڻو پيار اٿس) سو سندس بدران اسان مان ڪنهن کي به روڪي رک (پر هن کي نه روڪ). اسان ڏسون ٿا ته، توهان انهن ماڻهن منجهان آهيو جيڪي نيڪي ۽ احسان ڪندڙ آهن. (٧٩) يوسف چيو ته، انهيءَ ڳالهه کان الله جي پناهه! جو اسان انهيءَ ماڻهو کي ڇڏيون، جنهن وٽان اسان جو سامان نڪتو، ۽ ٻئي ماڻهو کي پڪڙي رکون! جيڪڏهن ائين ڪيون ته پوءِ ته اسان ظالم چئباسين.


رڪوع ١٠ آيت 80-تا-93
حضرت يوسف جي ڀائرن تي راز کلي پوڻ ته ساڻن مهرباني ڪرڻ وارو حاڪم سندن ڀاءُ آهي، انهن جي ندامت ۽ حضرت يوسف جو کين معاف ڪرڻ.
(٨٠) پوءِ جڏهن اهي، (ڀائر) يوسف کان نااميد ٿيا (ته هو اسان جي اها ڳالهه نه مڃيندو) تڏهن مشوري (صلاح و مصلحت) ڪرڻ لاءِ (ڪنهن جاءِ تي) نويڪلا ويهي رهيا. انهن ۾ جيڪو وڏو (روبن نالي) هو تنهن چيو ته، توهان کي معلوم آهي ته بابي (بن يامين جي باري ۾) الله کي شاهد ٺهرائي اوهان کان عهد ورتو هو ۽ ان کان اڳي يوسف جي معاملي ۾ اوهان وڏو قصور ڪري چڪا آهيو. تنهن ڪري مان ته هاڻي هن ملڪ مان ڪونه نڪرندس، جيستائين ڪه بابا پاڻ حڪم نه ڏئي، يا وري الله تعاليٰ منهنجي لاءِ ڪو ٻيو فيصلو ڪري ۽ هو سڀني کان بهتر فيصلو ڪندڙ آهي. (٨١) توهان بابا ڏي موٽي وڃو ۽ کيس وڃي چئو ته، اي اسان جا بابا! (اسان ڇا ڪيون) تنهنجي پٽ (بن يامين پرائي ملڪ ۾) چوري ڪئي، جيڪا ڳالهه اسان کي چڱيءَ طرح معلوم ٿي، اها ئي توکي اسان ٺيڪ ٺيڪ ٻڌائي آهي. اسان ڪو غيب جي ڳالهين جي خبر رکندڙ ڪونه هئاسين (جو اڳ ئي ڄاڻي ڇڏيون ها ته بن يامين اهڙو ڪم ڪندو). (٨٢) ۽ (هي به کيس چئي ڏجو ته) توهان انهي شهر جي ماڻهن کان پڇا ڪيو جتي اسان رهيا هئاسين، پڻ انهيءَ قافلي جي ماڻهن کان پڇا ڪيو جنهن ۾ اسان آيا آهيون. اسان (پنهنجي بيان ۾) بلڪل سچا آهيون. (٨٣) (ڀائرن ائين ڪيو ۽ ڪنعان ۾ اچڻ سان اهي سڀ ڳالهيون پيءُ کي ٻڌايائون) هن (ٻڌي) چيو ته نه، هيءَ اهڙي ڳالهه آهي جا اوهان جي نفس اوهان کي سمجهائي آهي (۽ سچي ڪري ڏيکاري آهي، پر بن يامين هرگز چوري ڪانه ڪئي آهي.) خير! منهنجي لاءِ ته صبر کان سواءِ ٻيو چاروئي ڪونهي، صبر ته اهڙو جو سهڻو صبر هجي. الله (جي فضل) کان پري ناهي ته هو (ڪنهن ڏينهن) انهن سڀني کي گڏ مون وٽ آڻي ڪڍي. اهو آهي جو (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ ۽ (پنهنجي سڀني ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي. (٨٤) ۽ هن (يعني حضرت يعقوب عليه السلام) عانهن ماڻهن کان منهن ڦيرائي ڇڏيو ۽ (جيئن ته هن نئين زخم اڳيئن زخم کي تازو ڪري وڌو تنهن ڪري) پڪار ڪيائين ته هاءِ يوسف جي فراق جو درد! ۽ غم جي شدت سبب (روئندي روئندي) سندس اکيون سفيد ٿي ويون ۽ سندس سينو غم سان ٽمٽار ٿي ويو. (٨٥) (پيءُ جو هي حال ڏسي پٽ) چوڻ لڳا ته، والله! تون هميشه يوسف جي يادگيريءَ ۾ لڳو رهندين تان جو (انهيءَ غم ۾) ڳري ڪنڊا ٿي وڃين يا مري وڃين. (٨٦) پيءُ چيو ته، مان پنهنجي حاجت ۽ پنهنجو غم الله جي درگاهه ۾ پيش ٿو ڪيان (مان ڪو توهان جي شڪايت يا گلا ڪونه ٿو ڪيان) مون کي الله وٽان اها ڳالهه معلوم ٿي آهي جيڪا توهان کي معلوم ناهي. (٨٧) (وري چيائين ته) اي منهنجا فرزندؤ! (هڪ ڀيرو وري به مصر) وڃو ۽ يوسف ۽ سندس ڀاءُ جو پتو لهو. الله جي رحمت کان نااميد نه ٿيو، الله جي رحمت کان نااميد فقط اهي ماڻهو ٿين ٿا جيڪي منڪر آهن. (٨٨) پوءِ جڏهن (پيءُ جي حڪم جي تعميل ڪري اهي ماڻهو مصر پهتا ۽) يوسف وٽ ويا تڏهن (پنهنجي وري اچڻ جو سبب بيان ڪري) چيائون ته، اي عزيز! اسان ۽ اسان جي ڪٽنب جا ماڻهو تنگي ۽ سختيءَ جا ڏينهن گذاري رهيا آهيون، تنهن ڪري (مجبور ٿي اناج جي طلب ۾ وري نڪتا آهيون) اسان تمام ٿوري پونجي کڻي آيا آهيون، (اها قبول ڪر ۽ ان جي) پوري تور عنايت ڪر (يعني پئسا ٿورا وٺ، پر ان اوترو ئي ڏي) ۽ (اهو سودو واپار نه سمجهه پر) اسان کي (محتاج سمجهي) خيرات ڏي. الله تعاليٰ خيرات ڪندڙن کي ان جو وڏو اجر ٿو ڏئي. (٨٩) (اهو حال ٻڌي يوسف جي دل ڀرجي آئي ۽) چيائين ته توهان کي ياد آهي ته توهان يوسف ۽ سندس ڀاءُ سان ڪهڙي هلت ڪئي هئي، جڏهن توهان کي ڄاڻ سڃاڻ ڪانه هئي؟ (٩٠) (هي ٻڌي ڀائر حيران ٿي ويا ۽ هاڻي عزيز جي شڪل ۽ آواز تي غور ڪري سمجهي ورتائون ۽) چيائون ته، ڇا في الحقيقت تون ئي يوسف آهين؟ يوسف چيو ته، هائو مان يوسف آهيان ۽ هي (بن يامين) منهنجو ڀاءُ آهي. تحقيق الله تعاليٰ اسان تي احسان ڪيو ۽ حقيقت هيءَ آهي ته جيڪو به برائين کان پاڻ بچائي ٿو ۽ (مصيبتن ۾) ثابت قدم رهي ٿو تنهن جي لاءِ الله تعاليٰ (پنهنجي قانون مطابق) نيڪ عملن جو اجر ڪڏهن به ضايع نٿو ڪري. (٩١) (هي ٻڌي ڀائرن جو ڪنڌ شرم ۽ پشيمانيءَ کان هيٺ ٿي ويو ۽) چيائون ته قسم آهي خدا جو ته، بيشڪ الله تعاليٰ توکي اسان تي فضيلت ۽ بزرگي ڏني آهي ۽ بيشڪ اسان سراسر قصوروار هئاسين. (٩٢) يوسف چيو ته، اڄ جي ڏينهن (منهنجي طرفان) توهان تي ڪابه سرزنش ڪانهي (يعني مان توهان کي ڪابه ميار ڪونه ٿو ڏيان، جيڪي ٿيڻو هو سو ٿي چڪو) الله تعاليٰ شال اوهان جو قصور بخشي ۽ هو سڀني رحم ڪندڙن کان وڌيڪ رحم ڪندڙ آهي. (٩٣) (هاڻي توهان هيئن ڪيو جو) منهنجي هيءَ قميص (نشانيءَ طور) پاڻ سان کڻي وڃو ۽ منهنجي پيءُ جي منهن تي وجهو ته سندس اکيون روشن ٿي پون ۽ (پوءِ) پنهنجي گهراڻي جي سڀني ماڻهن کي وٺي مون وٽ اچو.
رڪوع ١١ آيت 93-تا-104
ڀائرن جو موٽي ڪنعان ۾ اچڻ ۽ سڀني جو مصر وڃڻ
(٩٤) ۽ وري جڏهن (اهي ڀائر يوسف جي حڪم موجب قميص کڻي روانا ٿيا ۽) قافلي مصر جو ملڪ ڇڏيو تڏهن (هوڏي ڪنعان ۾) سندن پيءُ چوڻ لڳو ته، جيڪڏهن توهان ماڻهو هيئن نه چئو ته، پوڙهائي سبب منهنجو عقل کسجي ويوي آهي، ته مان چئي ڏيندس ته مون کي يوسف جي خوشبوءِ اچي رهي آهي (۽ مون کي ان ڳالهه جو يقين آهي). (٩٥) (ٻڌندڙن) چيو ته، والله تون ته اڃا تائين پنهنجي پراڻي غلطيءَ ۾ غلطان آهن. (يعني يوسف جو ته نالو نشان به ڪونه رهيو ۽ تون وري سندس موٽي ملڻ جا خواب لهي رهيو آهين). (٩٦) پر پوءِ جڏهن (قافلو ڪنعان ۾ پهچي ويو ۽) خوشخبري ٻڌائيندڙ (ڊوڙندو ڊوڙندو) آيو، هن (اچڻ شرط) يوسف جي قميص يعقوب جي چهري تي وڌي ته سندس اکيون وري روشن ٿي پيون، تڏهن حضرت يعقوب فرمايو ته، مون اوهان کي چيو ڪين هو ته مون کي الله تعاليٰ کان اها ڳالهه معلوم ٿي آهي جا توهان نٿا ڄاڻو. (٩٧) اهي (ڀائر شرم ۽ پشيمانيءَ ۾ ٻڏي) چوڻ لڳا ته، اي اسان جا بابا! اسان جي گناهن جي مغفرت لاءِ (الله جي حضور ۾) دعا ڪر، بيشڪ اسان سراسر خطاوار هئاسين. (٩٨) پيءُ چيو ته، اهو وقت پري ناهي جڏهن مان پنهنجي پروردگار کان اوهان جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪندس، هو وڏو بخشيندڙ ۽ وڏي رحمت وارو آهي. (٩٩) پوءِ جڏهن (حضرت يعقوب عليه السلام سندس بي بي ۽ سندس پٽ ٻين ماڻهن سميت حضرت يوسف جي خواهش مطابق ڪنعان کان روانا ٿيا ۽ مصر واري شهر جي ٻاهران) يوسف سان مليا تڏهن هن پنهنجي پيءُ ۽ (ويڳي) ماءُ کي (عزت سان) پنهنجي پاسي ۾ جاءِ ڏني ۽ چيو ته، هاڻي شهر ۾ هلو. خدا گهريو آهي ته توهان جي لاءِ هر طرح جي سلامتي آهي. (١٠٠) ۽ (جڏهن شهر ۾ داخل ٿيا تڏهن) هن پنهنجي ماءُ پيءُ کي تخت تي مٿي ويهاريو ۽ (ڏسو ان وقت ڇا ٿيو جو) سڀ سندس اڳيان سجدي ۾ ڪري پيا (۽ مصر جي دستور مطابق هن جي عهدي جي تعظيم بجا آندائون) ان وقت (کيس پنهنجي ننڍپڻ وارو خواب ياد آيو ۽ بي اختيار) پڪاري چيائين ته، اي بابا! هي آهي تعبير انهيءَ خواب جو، جيڪو گهڻي مدت اڳي مون ڏٺو هو. منهنجي پروردگار ان کي سچو ثابت ڪري ڏيکاريو. هي سندس ئي احسان آهي جو مون کي قيد مان ٻاهر ڪڍيائين، توهان سڀني کي بيابان مان ڪڍي مون وٽ پهچايائين، ۽ هي سڀ ڪجهه هن واقعي کان پوءِ ٿيو، جو شيطان منهنجي ۽ منهنجي ڀائرن جي وچ ۾ اختلاف وجهي ڇڏيو هو. بيشڪ منهنجو پروردگار انهن ڳالهين جي لاءِ جي ڪرڻ چاهي ته بهترين تدبير ڪندڙ آهي. بيشڪ اهوئي آهي جو (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ (۽ پنهنجي سڀني ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي. (١٠١) (پوءِ يوسف دعا گهري ته) اها منهنجا پرورگار! تو مون کي حڪومت عطا فرمائي ۽ ڳالهين جو مطلب ۽ نتيجو ڪڍڻ سيکاريو. اي آسمانن ۽ زمين جي بنائڻ وارا! تون ئي منهنجو ڪارساز آهين. دنيا ۾ به ۽ آخرت ۾ به. تون (پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان) ائين ڪجانءِ جو دنيا مان لاڏاڻو ڪيان ته تنهنجي فرمابرداريءَ جي حالت ۾ ڪيان ۽ انهن ماڻهن ۾ داخل ٿيان جيڪي تنهنجا نيڪ ٻانها آهن. (١٠٢) (اي پيغمبر!) هيءَ غيب جي خبرن مان هڪ خبر آهي، جيڪا توکي وحي جي رستي ٻڌائي اٿئون، نه ته (ظاهر آهي ته) جنهن وقت يوسف جا ڀائر گڏجي سازش ۽ منصوبو ٺاهي رهيا هئا ۽ مخفي رٿون رٿي رهيا هئا تنهن وقت تون انهن وٽ ڪونه بيٺو هئين (جو سڀ ڪجهه ڏسي ٻڌي وٺين ها). (١٠٣) ۽ (اي پيغمبر! هيءَ ڳالهه به ياد رک ته) اڪثر ماڻهن جو حال هي آهي جو تون ڪيترو به چاهين (۽ ڪيترا به دليل پيش ڪرين ته به) هو ڪڏهن به ايمان نه آڻيندا. (١٠٤) حالانڪ هنن کان هن ڳالهه جي لاءِ ڪابه مزوري نٿو گهرين. هي (جيڪي تون ماڻهن کي ٻڌائين ٿو سو ته) سڄي جهان لاءِ عمدو پيغام ۽ نصيحت آهي.

رڪوع ١٢ آيت 105-تا-111
آسمانن ۽ زمين ۾ خدا جي قدرت ۽ حڪمت جون نشانيون آهن.
(١٠٥) ۽ (ڏسو) آسمانن ۽ زمين ۾ (الله جي قدرت ۽ حڪمت جون) ڪيتريون ئي نشانيون آهن جن وٽان ماڻهو لنهگن ٿا ۽ اکيون کڻي ڏسن به نٿا. (١٠٦) ۽ انهن مان گهڻن ماڻهن جو حال هي آهي جو الله تي ايمان آڻين ٿا ته هن حال ۾ آڻين ٿا جو ان سان گڏ شريڪ به ٺهرايا وڃن. (١٠٧) پوءِ ڇا اهي ماڻهو هن ڳالهه کان پاڻ کي سلامت ٿا سمجهن ته الله جي عذاب مان ڪا آفت مٿن اچي وڃي ۽ ڇانئجي وڃي؟ يا اوچتو ئي اوچتو قيامت اچي وڃي ۽ هو بي خبريءَ ۾ پيا هجن. (١٠٨) (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته منهنجي واٽ ته هيءَ آهي جو مان انهيءَ روشنيءَ جي مدار تي جا منهنجي سامهون آهي الله جي طرف (ماڻهن کي) سڏيان ٿو ۽ (انهيءَ راهه ۾) جن ماڻهن منهنجي پٺيان قدم کنيو آهي، سي به (ساڳيءَ طرح خدا جي طرف ماڻهن کي) سڏين ٿا ۽ پاڪائي هجي الله جي لاءِ. مان شرڪ ڪرڻ وارن مان ڪونه آهيان. (١٠٩) ۽ (اي پيغمبر!) توکان اڳي اسان ڪنهن به رسول کي نه موڪليو آهي، پر هن طرح جو هو شهر جي رهاڪن مان هڪڙو ماڻهو هو ۽ اسان مٿس وحي نازل ڪيو هو (ائين ڪڏهن ڪونه ٿيو جو آسمان مان فرشتا لٿا هجن). پوءِ ڇا هي ماڻهو (جيڪي تنهنجي رسول هئڻ تي عجب کائي رهيا آهن) سي زمين تي گهميا ڦريا ڪونه آهن؟ جو ڏسن ها ته انهن ماڻهن جي پڇاڙي ڪهڙي (نه خراب) ٿي جيڪي اڳي گذري ويا آهن ۽ جيڪي ماڻهو (برائين کان پاڻ کي) بچائين ٿا تن جي لاءِ يقيناً آخرت جو گهر گهڻو بهتر آهي. پوءِ (اي انسانو!) توهان (اها ڳالهه) نه سمجهندؤ ڇا؟ (١١٠) (۽ انهن اڳوڻين قومن تي هڪدم عذاب ڪونه آيو هو، هنن کي مهلت ملندي رهي) تان جو جڏهن الله جا رسول (هنن جي ايمان آڻڻ کان) نااميد ٿي پيا ۽ ماڻهن خيال ڪيو ته کين ڪوڙا واعدا يا دڙڪا ڏنا ويا هئا،تڏهن (پوءِ اوچتو) اسان جي مدد انهن (رسولن) کي اچي پهتي. پوءِ اسان جن کي چاهيو تن کي بچائي ورتو ۽ (جيڪي منڪر ڏوهاري هئاتن جي لاءِ) ائين ڪڏهن به ٿي نٿو
سگهي ته ڏوهارين کان اسان جو عذاب ٽري وڃي. (١١١) يقيناً انهن ماڻهن جي قصن ۾ سمجهه وارن ماڻهن لاءِ وڏي عبرت (۽ نصيحت جو سبق) رکيل آهي، هي (يعني قرآن مجيد) ڪا دل مان گهڙي ٺاهي ڪڍيل ڳالهه ناهي، پر انهيءَ ڪتاب جي تصديق آهي جو هن کان اڳي اچي چڪو آهي. پڻ انهن ماڻهن لاءِ جي يقين رکن ٿا (هدايت جي) سڀني ڳالهين جو تفصيل آهي (يعني جدا جدا ڪري چٽيون هدايتون ڏنل آهن) ۽ (اهو قرآن) سچي راهه ڏيکاريندڙ ۽ سراسر رحمت آهي.