سورت القيمه
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-30
ڇا انسان هي خيال ڪري ٿو ته، اسين سندس هڏيون ڪڏهن به ڪين گڏ ڪنداسون؟
(١) (اي پيغمبر! چوين ته) ائين هرگز نه ٿيندو (جو اوهان کي حساب ڪتاب کان سواءِ ڇڏيو وڃي ان) قيامت جي ڏينهن جي شاهدي ڏيان ٿو (جڏهن عملن جا نتيجا سامهون ايندا.) (٢) ۽ (بڇڙي ڪم تي) ملامت ڪرڻ واري نفس کي شاهد بڻايان ٿو (ته عملن جو نتيجو سامهون اچڻو آهي، هتي دنيا ۾ به ۽ آخرت ۾ به). (٣) ڇا انسان هي خيال ڪري ٿو ته اسين سندس هڏيون ڪڏهن به ڪين گڏ ڪنداسون؟ (قيامت ۾ کيس زندهه نه ڪنداسون ۽ ائين هو پنهنجي عملن جو نتيجو ڀوڳڻ کان بچي ويندو). (٤) پڪ ڄاڻو ته (اسان لاءِ ائين ڪرڻ ڪجهه به ڏکيو ناهي) اسين ته سندس آڱرين جو ڏوڏن جي برابر ڪرڻ (درست بنائڻ) تي به قدرت رکندڙ آهيون. (٥) پر (اصل ۾) انسان (ذميوارين جو بار کڻڻ کان لهرائي ٿو ۽) گهري ٿو ته پنهنجي باقي حياتيءَ ۾ (به پهنجي اڳ ۾ گذريل نفس پرستانه زندگيءَ وانگر) غلط عمل ڪندو رهي. (٦) (اهائي ڳالهه کيس آخرت کان اکيون ٻوٽرائي ٿي ۽ هو) پڇي ٿو ته، قيامت جو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو. (٧) سو جڏهن (قيامت جي تاب سان) اکيون چنجهي پونديون. (٨) ۽ چنڊ بي نور ڪيو ويندو. (٩) ۽ سج ۽ چنڊ کي گڏ (ڪري انهن جو تاب ۽ ڪم ختم) ڪيو ويندو. (١٠) تڏهن انسان ان ڏينهن (سخت پريشانيءَ جي حالت ۾) چوندو ته، ڀڄڻ جي جاءِ ڪٿي آهي؟ (١١) خبردار! (تنهنجي لاءِ) ڪابه پناهه جي جاءِ نه آهي. (١٢) تنهنجي پاليندڙ وٽ ئي ان ڏينهن عدالت جو ڪٽهڙو آهي. (١٣) ان ڏينهن انسان کي انهن سڀني ڪمن جي خبر ڏني ويندي، جيڪي اڳي موڪليا هوندائين ۽ (جيڪي جاري ڪيل برا سلسلا) پٺتي ڇڏيا هوندائين. (١٤) (ان ڏينهن انسان کي ڪنهن اندرين ۽ ٻاهرين شاهديءَ جي ضرورت نه هوندي) پر انسان پاڻ تي پاڻ هڪ ثابتي هوندو. (١٥) جيتوڻيڪ (پنهنجي عادت کان مجبور ٿي) پنهنجا بهانا پيش پيو ڪندو. (پر ان وقت سندس ڪوبه بهانو نه هلندو). (١٦) (اي رسول!) پنهنجيءَ زبان کي ان (وحي) سان (گڏ) هن لاءِ (تڪڙو تڪڙو) نه چور ته اهو جلد ياد ڪري وٺين. (١٧) (بيشڪ توکي ان لاءِ فڪر ڪرڻ جي ضرورت ناهي) ڇو ته ان جو (حفاظت سان اوهان جي سيني ۾) گڏ ڪرڻ ۽ (اوهان جي سيني ۾ جمع ڪري) پڙهڻ اسان جي ئي ذمي آهي. (١٨) پوءِ جڏهن اسين قرآن پڙهون تڏهن تون قرآن جي پڙهڻ جي پيروي ڪر (يعني هاڻي ان کي پنهنجي زبان سان اهڙي طرح پڙهه جهڙيءَ طرح توهان کي پڙهي ٻڌايو ويو آهي). (١٩) وري ان جو (وضاحتن سان) مطلب سمجهائڻ (به) اسان جي ئي ذمي آهي. (جو اسان هڪ ئي مضمون مختلف آيتن ۾ وي وري آڻيون ٿا ته جيئن ان مضمون جي چٽائي ٿئي.) (٢٠) (اي منڪرو! آخرت جي معاملي کي جيترو اوهان معمولي سمجهيو آهي) هرگز ائين نه آهي، پر اوهين جلد ملڻ واريءَ شئ (دنيا سان) محبت ٿا ڪريو. (٢١) ۽ دير سان اچڻ واريءَ شئ (آخرت) کي ڇڏي ويٺا آهيو. (٢٢) ڪي منهن ان (آخرت واري) ڏينهن تازا (۽ هشاش بشاش) هوندا. (٢٣) (جيڪي وڏين محبتن ۽ نيازمندين سان) پنهنجي پاليندڙ ڏي ڏسندڙ هوندا. (٢٤) ۽ ڪي منهن ان (آخرت واري) ڏينهن بڇڙا هوندا. (٢٥) (اهي ماڻهو) ڀائيندا ته، ساڻن چيلهه ڀڄندڙ (تڪليف دهه) معاملو ڪيو ويندو. (٢٦) (تنهن ڪري خبردار ائين) هر گز نه (ڪجانءِ جو آخرت کي وساري ڇڏين، ڇاڪاڻ جو آخرڪار توکي خدا سان منهن ڏيڻو آهي.) جڏهن (ساهه) نڙگهٽ تي پهچندو آهي. (٢٧) ۽ چيو ويندو ته، آهي ڪو ڦيڻو رکڻ وارو (جو هن کي مرڻ کان بچائي). (٢٨) ۽ (ان وقت) هو پاڻ ڀائيندو آهي ته، هاڻي (دنيا کان) جدائي (جو وقت اچي ويو) آهي. (٢٩) ۽ (ان وقت سڪرات جي شدت کان) هڪ پني ٻي پنيءَ سان وچڙندي. (۽ پيرن۾ حرڪت نه رهندي). (٣٠) تڏهن ان ڏينهن تنهنجي پاليندڙ ڏي ئي (توکي) ڪاهي هلڻو آهي.
رڪوع ٢ آيت 31-تا-40
ڇا انسان هي خيال ڪري ٿو ته ان کي بيڪار ڇڏيو ويو آهي.
(٣١) پوءِ (اي پيغمبر! ان شخص جي حالت ڏس جو الله جي پيغام کي) نه سچو سمجهيائين ۽ نڪي (فرمانبرداريءَ جي عملي اظهار ۾) نماز پڙهيائين. (٣٢) پر (مڪافات جي قانونن کي) ڪوڙو ڪيائين ۽ (حڪمن تي هلڻ کان) منهن موڙيائين. (٣٣) وري (پنهنجي ان روش تي) آڪڙجي پنهنجي گهر وارن ڏي هليو ويو. (٣٤) توتي افسوس جي پٺيان افسوس آهي! (جو تون خدائي قانونن جي پوئلڳي نه ڪئي.) (٣٥) وري توتي افسوس جي پٺيان افسوس آهي. (جو توکي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي). (٣٦) ڇا انسان هي ڀانئي ٿو ته، ان کي (ائين حساب ڪتاب وٺڻ کان سواءِ) اجايو ڇڏيو ويندو؟ (٣٧) ڇا اهو (منڍ ۾ رڳو هڪ) منيءَ جو ڦڙو نه هو جنهن کي (ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾) وڌو ٿي ويو. (٣٨) وري رت جو دڳ هو پوءِ (ان کي) پيدا ڪيائين، پوءِ (انهيءَ کي عضوا عطا ڪري) صحيح سالم ڪيائين. (٣٩) وري ان مان ٻه جنسون نر ۽ مادي بنايائين. (٤٠) ڇا اهو (خدا جنهن ابتدا ۾ پنهنجي قدرت سان هي سڀ ڪجهه ڪيو سو) مئلن کي جيئرو نٿو ڪري سگهي؟