سورت نوح
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-20
حضرت نوح عليه السلام جون پنهنجي قوم کي هدايت جو رستو وٺائڻ لاءِ
حيلا ۽ ڪوششون.
(١) بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏي (پيغام رسائيندڙ ڪري) موڪليو، ته تون پنهنجيءَ قوم کي (سندن غلط ڪارين جي نتيجي ۾) مٿن دردناڪ عذاب اچڻ کان اڳ وڃي (ان جي تباهه ڪندڙ نتيجن کان) ڊيڄار! (٢) ان (کين) چيو ته، اي منهنجي قوم! (توهان جون غلط ڪاريون، توهان کي تباهيءَ جي طرف وٺي وڃي رهيون آهن) بيشڪ آئون اوهان لاءِ پڌرو ڊيڄارندڙ آهيان. (٣) (جيڪڏهن اوهان ان تباهيءَ کان بچڻ گهرو ٿا ته پوءِ) الله جي عبادت ڪريو ۽ ان جي فرمانبرداري ڪيو (۽ سندس فرمانبرداريءَ جا جيڪي قانون ۽ حڪم مان عمل ۾ آڻيان ٿو تنهن ۾) منهنجي اطاعت ڪيو. (٤) (اوهان ائين ڪيو ته الله) اوهان جا (پويان) گناهه اوهان کي معاف ڪري ۽ اوهان کي (صحيح واٽ تي هلڻ جي) مقرر وقت تائين مهلت ڏئي (۽ تباهي کان محفوظ رکي) جيڪڏهن اوهان ائين نه ڪيو ته پوءَ هلاڪت لاءِ) الله جو مقرر ڪيل وقت جڏهن ايندو تڏهن ان کي پٺتي نه ڪيو ويندو. جيڪڏهن (اوهان الله جي مڪافات واري نظام ۽ قانون کي) ڄاڻو ٿا. (٥) (نوح) چيو ته، اي منهنجا پاليندڙ! بيشڪ مون پنهنجيءَ قوم کي رات ۽ ڏينهن (تنهنجي عظمت کي مڃڻ ۽ تنهنجي حڪمن تي هلڻ لاءِ) سڏيو. (٦) پوءِ منهنجي سڏڻ تي (دين کان) هيڪاري زيادهه ڀڄڻ لڳا. (٧) ۽ بيشڪ مون جڏهن به کين سڏيو ته جيئن تون انهن کي (سندن ايمان ۽ عاجزيءَ تي) معاف ڪرين ته انهن (ٽرڙائپ ۽ سرڪشيءِ وچان) پهنجون آڱريون پنهنجن ڪنن ۾ وڌيون (تان ته حق جي ڳالهه ٻڌن ئي نه) ۽ (حقارت وچان منهن لڪائڻ ۽ نه ڏسڻ لاءِ) پنهنجي ڪپڙا پاڻ تي ويڙهيائون ۽ (پنهنجا انڪار تي) قائم رهيا ۽ تمام گهڻو هٺ ڪيائون. (٨) وري (بي) بيشڪ مون کين وڏي واڪي سڏيو. (٩) وري مون کين چٽو پڌرو به چيو، ۽ تمام ڳجهيءَ طرح (به) کين چيم. (مطلب ته نصيحت جو ڪو طريقو نه ڇڏيم.) (١٠) پوءِ کين چيم ته، (توهان جون غلط ڪاريون توهان لاءِ تباهي آڻينديون سو) پنهنجي پاليندڙ (جي قانونن تي هلي ان) کان معافي گهرو! بيشڪ اهو گهڻو معاف ڪندڙ آهي. (١١) ته اوهان تي (راضي ٿي اهڙو برڪت ڀريو) جهجهو مينهن وسائي، (جو توهان جون بنجر زمينون آباد ٿي وڃن). (١٢) ۽ اوهان کي مال ۽ پٽ گهڻا ڏئي، اوهان لاءِ باغ بنائي ۽ (انهن جي سيرابيءَ واسطي) اوهان لاءِ نهرون بڻائي. (جڏهن معاشرو خدا جي قانونن تي هلندو ته، ان جي سهڻي انتظام سان هر قسم جون سهولتون ٿينديون.) (١٣) (مان حيران آهيان جو اوهان الله جي وجود کي به مڃيو ٿا، پر) اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو الله جي عظمت ۽ بزرگيءَ جو ويساهه نٿا رکو. (۽ ان جي قانونن تي نٿا هلو.) (١٤) هوڏانهن (ڏسو ته ڪيئن تخليق جا مختلف مرحلا طئه ڪندي) اوهان کي طرح طرح سان بڻايو اٿس. (١٥) ڇا اوهين نٿا ڏسو ته، الله ڪيئن (ستن سيارن وانگر) ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو؟ (۽ اهي سيارا به ان جي مقرر قانونن ۽ نظام تي ڪائنات لاءِ محڪم مثال بڻيل آهن). (١٦) ۽ انهن ۾ چنڊ کي (رات جو) روشن ڪيائين ۽ سج کي (ڏينهن جي لاءِ) ڏيئو ڪيائين. (۽ اوهان به جيڪڏهن ان جي مقرر ڪيل نظام تي هلو ته اوهان جا به ڏينهن ۽ راتيون روشن ٿي وڃن). (١٧) ۽ الله اوهان کي هڪ طرح سان (نباتات جي نظام تي) زمين مان پيدا ڪيو آهي. (جو نباتات جون غذا حاصل ڪندڙ پاڙون، وڻ ۽ ان جي پکڙيل هر پن ۽ ٽام لاءِ هڪجيترو مفيد آهن). (١٨) وري اوهان کي زمين ۾ موٽائيندو ۽ اوهان کي پوريءَ طرح ٻاهر ڪڍندو. (۽ اوهان کان مفيد بڻجڻ ۽ نه بڻجڻ جو حساب وٺندو). (١٩) ۽ الله اوهان لاءِ زمين (جهڙي گول سياري) کي وڇاڻو بڻايو. (٢٠) ته ان جي ڪشادن رستن ۾ (ان جي مخلوق لاءِ ڪشادگيون کڻي) هلو.
رڪوع ٢ آيت 21-تا-28
ساڍا نو سئو سال تبليغ کان پوءِ به سندس قوم نه مڃيو ته هن بددعا ڪئي ته، مولا ائين ته هي تنهنجي ٻانهن کي گمراهه ڪندا ۽ رڳو بدڪار ۽ ڪافر اولاد ڄڻيندا.
(٢١) (ايتري سمجهائڻ کان پوءِ) نوح چيو ته، اي منهنجا پاليندڙ! بيشڪ انهن منهنجو چيو نه مڃيو ۽ انهن (سردارن، وڏيرن ۽ دولتمندن، جي پٺيان لڳا، جن) جي مال ۽ اولاد انهن لاءِ نقصان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه وڌايو. (٢٢) (اهي جن جي ڪڍ لڳا سي فريبي ۽ سازشي هئا) ۽ انهن (حق جي دعوت خلاف) وڏو مڪر پکيڙيو. (٢٣) ۽ (پنهنجي پوئلڳن کي) چيائون ته، پنهنجن خدائن کي ڪڏهن به نه ڇڏيو، ۽ نه ڪي ود ۽ نڪي سواع ۽ نڪي يغوث ۽ يعوق ۽ نسر (بتن) کي ڪڏهن ڇڏيو. (٢٤) ۽ بيشڪ انهن (رئيسن ۽ سرمائيدارن مڪر فريب سان) گهڻن کي گمراهه ڪيو آهي. ۽ (اي الله هاڻي تون انهن) ظالمن لاءِ گمراهيءَ ۽ تباهي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه وڌاءِ. (٢٥) (ته مٿن جلد عذاب اچي. نيٺ) انهن کي سندن خطاڪارين جي ڪري ٻوڙيو ويو پوءِ کين (جهنم جي) باهه ۾ وڌو ويو، پوءِ انهن ڏٺو الله کان سواءِ سندن لاءِ (ٻيا) ڪي به مددگار ڪونهن. (٢٦) ۽ نوح چيو ته، اي منهجا پاليندڙ! (هنن منڪرن جي سرڪشي ۽ جرم ناسور بڻيل ۽ وچڙندڙ حد تي پهتل آهن. ان ڪري ٻين انسانن کي انهن جي اثرن کان بچائڻ لاءِ هنن) ڪافرن مان ڪوبه رهندڙ زمين تي نه ڇڏ. (٢٧) ڇو ته، تون جيڪڏهن کين ڇڏيندين ته، اهي تنهنجي ٻانهن کي گمراهه ڪندا ۽ رڳو بدڪار (۽ ناسور واري) ڪافر (اولاد) ڄڻيندا. (٢٨) اي منهنجا پاليندڙ! مونکي، منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ ان کي جيڪو ايمان آڻي منهنجي گهر ۾ (پناهه وٺڻ لاءِ) داخل ٿئي ۽ ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارن زالن کي معاف ڪر! ۽ سرڪش ظالمن لاءِ تباهي ۽ برباديءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به وڌاءِ.