مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت المرسلات

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-40
ان ڏينهن الله جي ڳالهين کي ڪوڙو ڪندڙن جي لاءِ وڏي خرابي آهي.
(١) هڪ ٻئي جي پٺيان موڪليل (نرم هوائن ۽ ٻين اهڙين ڪائناتي حقيقتن) جو قسم آهي.(٢) پوءِ زور ڏيکاريندڙن (اهڙين حقيقتن) جو قسم آهي (جيڪي انهن شين کي ٽڪڻ نه ٿيون ڏين، جن جو ٽڪڻ مناسب نه آهي.) (٣) پوءِ (مسرتون ۽ خوشحالي آڻيندڙ شين جي) پکيڙڻ وارين (اهڙين حقيقتن) جو قسم آهي. (٤) پوءِ (چٽيءَ طرح مفيد ۽ غيرمفيد کي ۽ حق ۽ باطل کي) جدا ڪرڻ وارين (حقيقتن) جو قسم آهي. (٥) پوءِ (انهن ڪائناتي حقيقتن کي) رسائيندڙ (ملائڪن) جو قسم آهي. (٦) جيڪي (ماڻهن جو) عذر ۽ بهانو وڃائڻ يا ڊيڄارڻ لاءِ (حقيقتون ۽ نصيحت پهچائيندا آهن.) (٧) (الله جي تدبيرن وارو هي سڄو نظام هن ڳالهه تي شاهد آهي ته) جنهن (آخرت واري ڳالهه) جو اوهان کي انجام ڏنو وڃي ٿو سا ضرور ٿيڻ واري آهي. (٨) پوءِ جڏهن تارا ميٽيا ويندا. (٩) ۽ جڏهن آسمان کوليو ويندو. (١٠) ۽ جڏهن جبل اڏايا ويندا. (١١) ۽ جڏهن رسولن کي مقرر وقت تي گڏ ڪيو ويندو. (١٢) ڪهڙي ڏينهن لاءِ (منڪرن جي معاملي کي) ترسايو ويو آهي؟ (١٣) فيصلي جي ڏينهن لاءِ (جو ان ڏينهن هر شيءِ پڌري ٿي سامهون ايندي.) (١٤) ۽ (وحي جي ٻڌائڻ کان سواءِ) توکي ڪهڙي خبر ته فيصلي جو ڏينهن ڇا آهي؟ (١٥) ان ڏينهن (خدا جي مقرر ڪيل قانونن کي) ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي. (١٦) (انهن ڪوڙي ڪندڙن کان پڇو ته) ڇا اسان پهرين کي هلاڪ نه ڪيو؟ (١٧) وري (ان کانپوءِ ساڳي روش تي هلڻ ڪري) پوئين کي انهن جي پٺيان (ساڳي هلاڪت سان) هلائينداسون. (١٨) (اها ڳالهه نه ڪنهن خاص دور ۾ ڪيون ٿا نه ڪنهن خاص قوم لاءِ بلڪ) ڏوهارين لاءِ اسان اهڙي طرح ئي ڪندا آهيون. (١٩) پڪ ڄاڻ ته ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي. (جيڪي قومن جي انهيءَ تاريخي عمل مان به نتيجا حاصل نٿا ڪن). (٢٠) (پنهنجي داخلي ڪائنات ۾ غور ڪيو ته) ڇا اسان اوهان کي خسيس پاڻيءَ مان نه پيدا ڪيو. (٢١) پوءِ ان کي (ماديءَ جي بيضي واري) مضبوط جاءِ ۾. (٢٢) هڪ مقرر اندازي تائين رکيوسون. (٢٤) پوءِ (ڊولائتو) اندازو بيهاريوسون، پوءِ (ڪهڙو نه) بهتر انداز بيهاريندڙ آهيون. (٢٤) پڪ ڄاڻ ته ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي، (جيڪي پنهنجي انوکي تخليق مان به نتيجا حاصل نٿا ڪن). (٢٥) (پنهنجي خارجي ڪائنات ۾ غور ڪيو ته) ڇا اسان زمين کي، (گول هئڻ جي باوجود ان جي ڪشش ثقل سان شين کي) سميٽڻ وارو نه ڪيو آهي. (٢٦) جيڪا جيئرن ۽ مئلن (سڀني) کي (سمائي رکي ٿي). (٢٧) ۽ ان ۾ اسان وڏا جبل (ميخون بنائي) رکيا آهن ۽ اسان اوهان کي اڃ لاهڻ وارو پاڻي پيئاريو آهي. (٢٨) پڪ ڄاڻ ته ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي. (جيڪي پنهنجي چوڌاري انوکين تخليقن مان به فرمانبرداريءَ جو سبق نٿا پرائن). (٢٩) (پوءِ نافرمانن کي ان ڏينهن چيو ويندو ته) جنهن شيءِ کي اوهين ڪوڙو ڪندا هئا تنهن ڏي هلو! (٣٠) ٽن ڦاڪن واريءَ (دونهين جي) ڇانوَ ڏي هلو، (٣١) جنهن ۾ نه ته ڇانو آهي ۽ نه باهه جي ڄر کان بچائيندي. (٣٢) بيشڪ اها ماڙيءَ جهڙا (اڀا) شعلا اڇلائي ٿي. (٣٣) ڄڻ ته اهي (شعلا ناهن) هيڊا اُٺ آهن. (٣٤) پڪ ڄاڻ ته ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي. (٣٥) هي اهو ڏينهن آهي، جنهن ۾ نه اُهي (ڏوهاري) ڳالهائيندا. (٣٦) ۽ نه کين اجازت ملندي ته ڪو عذر پيش ڪن. (٣٧) پڪ ڄاڻ ته ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي. (٣٨) (کين چيو ويندو ته) هي فيصلي جو ڏينهن آهي، اسان اوهان کي ۽ پهرين کي هتي گڏ ڪيو آهي. (٣٩) پوءِ (اوهان دنيا ۾ اسان جي موڪليل دين خلاف وڏيون وڏيون رٿون رٿيندا هيئو) جيڪڏهن اوهان وٽ ڪا بڇڙي رٿ باقي آهي ته (اڄ حساب ڪتاب کان بڇڻ لاءِ اها) رٿ مون تي هلايو. (٤٠) پڪ ڄاڻ ته ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي.

رڪوع ٢ آيت 41-تا-50
قرآن کان پوءِ ڪهڙي ڳالهه آهي جنهن تي اوهان ايمان آڻيندو.
(٤١) (ان جي ابتڙ) جيڪي ماڻهو (خدائي قانونن تي) پاڻ کي سنڀالي هلن ٿا سي ڇانون ۽ چشمن وارا هوندا. (٤٢) ۽ جن ميون جي خواهش ڪندا تن ۾ هوندا. (٤٣) (۽ چئبن ته) جيڪي ڪم اوهين (دنيا ۾) ڪندا هئا انهن جي ڪري مزي سان کائو ۽ پيئو.(٤٤) بيشڪ اسين اهڙيءَ طرح ئي نيڪي ڪندڙن کي بدلو ڏيون ٿا. (٤٥) پڪ ڄاڻ ته ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي. (٤٦) (اي پيغمبر کين چئو ته، اوهان هن دنيا ۾ ٿورڙن طبعي مفادن جي ڪڍ پيا آهيو سو) ٿورو وقت کائي وٺو ۽ مزا ڪري وٺو (پر اوهان خدائي نافرماني ڪري انساني حق پائمال ڪيو ٿا، سو) بيشڪ اوهين ڏوهاري آهيو. (٤٧) پڪ ڄاڻ ته ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي. (٤٨) ۽ جڏهن انهن کي چئجي ٿو ته، (الله جي اڳيان) جهڪو ته نٿا جهڪن. (٤٩) پڪ ڄاڻ ته ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي. (٥٠) (اسان سڀ ڳالهيون هن آخري هدايت ۾ وضاحت سان بيان ڪري ڇڏيون آهن، سو) ان قرآن کان (هٽي) پوءِ ٻي ڪهڙي ڳالهه تي ايمان آڻيندا؟