مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت الصف (صف ٻڌڻ (جنگ لاءِ))

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-9
اهڙي ڳالهه ڇو ٿا چئو جيڪا نٿا ڪريو.
(١) جو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ جو ڪجهه زمين ۾ آهي، سو الله جي (مقرر ڪيل نظام تي هلندي سندس عظمت ۽) پاڪائي بيان ڪري ٿو، ۽ اهوئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (٢) اي ايمان وارو! (اوهان بي پنهنجو عمل ان جي قانونن تي پابنديءَ سان هلندي ڏيکاريو ۽) اهڙي ڳالهه ڇو ٿا چئو جا نٿا ڪري سگهو؟ (٣) جيڪي اوهين (عملي طرح) نٿا ڪريو سا ڳالهه (زباني طرح) چوڻ الله وٽ وڏي ڪاوڙ جي ڳالهه آهي. (٤) بيشڪ الله انهن کي دوست رکي ٿو جيڪي (عملي طرح) سندس رستي ۾ صفون ٻڌي جنگ ڪن ٿا (۽ پنهنجي ان عمل تي ايڏو مضبوطيءَ سان بيٺل آهن) ڄڻ ته اهي شيهي پلٽيل ڀت آهن. (٥) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته، اي منهنجي قوم! ڇو مون کي ڏکويو ٿا. اوهين ته ڄاڻو ٿا ته بيشڪ آئون اوهان جي طرف الله جو موڪليل آهيان. (۽ ان جي تجويز ڪيل رستي تي اوهان کي سڏيان ٿو) پوءِ جڏهن ڏنگا ٿيا ته الله بي (ڊگهو رسو ڏيئي) سندن دلين کي (پوريءَ طرح) ڏنگو ڪيو، ۽ (جيڪو ڄاڻي واڻي غلط رستن تي هلندو ته ان سرڪشيءِ جي ڪري الله (اهڙي) بدڪار قوم کي رستو نٿو ڏيکاري. (٦) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن مريم جي پٽ عيسيٰ چيو ته، اي بني اسرائيل! بيشڪ آئون اوهان جي طرف الله جو موڪليل آهيان. (مان ڪا نئين شريعت کڻي نه آيو آهيان بلڪ) جيڪو تورات منهنجي اڳيان آهي ان کي سچو چوندڙ آهيان ۽ هڪ اهڙي رسول جي خوشخبري ٻڌائيندڙ جو مون کان پوءِ ايندو. ان جو نالو احمد (الله جي گهڻي تعريف ڪرڻ وارو) هوندو. پوءِ اهو جڏهن وٽن پڌريون نشانيون کڻي آيو تڏهن (حضرت موسيٰ کان وٺي حضرت عيسيٰ تائين نبين کي تنگ ڪندڙ ساڳين بني اسرائيلن) چيو ته، هي پڌرو جادو آهي. (٧) ۽ ڪير ان کان وڏو ظالم آهي جيڪو الله تي ڪوڙ گهڙي ٿو، هوڏانهن ان کي اسلام (سلامتيءَ واري طريقي تي) ڏانهن سڏيو وڃي ٿو. ۽ الله زيادتي ڪندڙ قوم کي رستو نٿو ڏيکاري. (٨) اُهي (ڪافر) گهرن ٿا ته الله جي روشنيءَ کي پنهنجن واتن سان ڦوڪ ڏئي وسائي ڇڏين، هوڏانهن الله پنهنجي نور کي پورو ڪرڻ وارو آهي، توڙي جو (اکين ٻوٽ) ڪافرن کي برو لڳي. (٩) هو اُهو آهي جنهن پنهنجي رسول (محمدﷺ) کي سڌي رستي جي سمجهه ۽ (زندگيءَ جي ضابطي جو) مڪمل ۽ سچو دين ڏيئي موڪليو ته ان کي سڀني ديننن تي غالب ڪري توڙي جو مشرڪن کي برو لڳي.

رڪوع ٢ آيت 10-تا-14
حضرت عيسيٰ عليه السلام تورات ۾ حضرت جن جي متعلق پيشنگوئيءَ جي تصديق ڪئي.
(١٠) اي ايمان وارو! (جيڪي دنيوي ڪاروبار ۾ مشغول آهيو) ڇا آءٌ اوهان کي اهڙيءَ سوداگريءَ جي خبر ڏيان جا اوهان کي دردناڪ عذاب کان بچائي؟ (١١) الله ۽ سندس رسول تي ڪامل ايمان آڻيو ۽ الله جي رستي ۾ (خدائيءَ نظام قائم ڪرڻ لاءِ) پنهنجن مالن ۽ جانين سان جنگ ڪريو، اهو (سودو) اوهان لاءِ تمام چڱو آهي جيڪڏهن اوهين ڄاڻو. (١٢) (ائين ڪندو ته الله) اوهان جي غلطين کي (هن دنيا ۾ به) معاف ڪندو ۽ (آخرت ۾ به) اوهان کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واهه وهن ٿا ۽ سٺين جاين ۾ به (داخل ڪندو) جيڪي رهڻ وارن باغن ۾ هونديون. اها وڏي ڪاميابي آهي. ان لاءِ جيڪو پاڻ کي لهڻيدار بڻائي. (١٣) ۽ هڪڙي ٻي به ڳالهه (اوهان کي ڏيندو) جنهن کي اوهين (خاص طور تي) پسند ڪريو ٿا (يعني) الله جي طرفان مدد ۽ جلد فتحيابي ۽ ايمان وارن کي (ان جي) خوشخبري ٻڌاءِ. (١٤) اي ايمان وارو! (هي سڀ ڪجهه پاڻهي ڪونه ٿيندو، بلڪ ان لاءِ) الله جي دين جا مددگار ٿيو، جيئن مريم جي پٽ عيسيٰ پنهنجن يارن کي چيو ته، الله جي رستي ۾ منهنجا مددگار ڪير بڻجن ٿا؟ انهن يارن چيو ته، اسين الله (جي دين) جا مددگار آهيون، (انهن ڪوششن کان پوءِ) بني اسرائيلن مان ڪجهه ماڻهن ايمان آندو ۽ ڪجهه ماڻهو منڪر ٿي بيٺا. پوءِ اسان ايمان وارن کي سندن دشمنن تي طاقت ڏني پوءِ اهي غالب ٿيا.