سورت الطارق
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-17
قيامت ڏينهن دلين جا ڳجهه ظاهر ڪيا ويندا.
(١) آسمان جو قسم آهي ۽ رات جي وقت نروار ٿيندڙ جو، (٢) ۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته رات جي وقت نروار ٿيندڙ ڇا آهي؟ (٣) اهو چمڪندڙ تارو آهي. (اهو شاهڪار نظام شاهد آهي ته) (٤)ڪوبه شخص اهڙو نه آهي، جنهن تي ڪو نگهبان (سندس عمل لکڻ لاءِ مقرر) نه هجي. (٥) پوءِ سڀڪو ماڻهو (عملن جي ان حساب ڪتاب واري ڏينهن جي انڪار کان بچي ۽) ڏسي ته ڪهڙي شيءِ مان ان کي بنايو ويو آهي؟ (٦) ان کي ٽپي سان ڪرڻ واريءَ پاڻيءَ (جي نطفي) مان بنايو ويو آهي. (٧) جو (پيءُ جي) پٺيءَ جي وچان ۽ (ماءُ جي) ڇاتيءَ جي هڏين وچان نڪري (ماءُ جي رحم واري جاءِ ۾ پهچي) ٿو. (٨) بيشڪ اهو (الله اهڙي جوڙ جوڙيندڙ ان ڏينهن انسان کي) وري اٿارڻ جي قدرت رکي ٿو. (٩) جنهن ڏينهن (ماڻهن کي اٿاريو ويندو ته انهن جي دلين جا) ڳجهه ظاهر ڪبا. (١٠) پوءِ نه ان (ماڻهوءَ) کي ڪا سگهه هوندي (جو ان عمل کي روڪي سگهي) ۽ نه ڪو مددگار (هوندو، جيڪو کيس ان عمل کان بچائي سگهي.) (١١) (هڪ مقرر نظام سان) مينهن ڪيريندڙ آسمان جو قسم آهي. (١٢) ۽ (سلن اڀرڻ وقت) ڦاٽڻ واري زمين جو (نظام به شاهد آهي ته). (١٣) بيشڪ اهو (قرآن به هڪ مقرر نظام سان عمل جي نتيجن پسائڻ متعلق) ٺوس فيصلا ٻڌائيندڙ آهي. (١٤) ۽ اهو چرچو نه آهي (بلڪ طئه ٿيل ڳالهه آهي.) (١٥) بيشڪ اهي (جيڪي ان نظام جي مٽائڻ يا روڪڻ لاءِ) رٿون رٿين ٿا. (١٦) (آءٌ به انهن کان غافل ڪونه آهيان) ۽ آءٌ به رٿ رٿيان ٿو. (١٧) پوءِ (اي پيغمبر!) ڪافرن کي ڍر ڏي، (جيئن ٻج کي فصل تائين ڍر ملندي آهي، تيئن) انهن کي ٿوري ڍر ڏي. (ان کان پوءِ سندن گرفت ٿيندي.)