مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت الحُجُرٰتِ

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-10
اي مؤمنؤ! حضرت محمد ﷺ جن جي روبرو ڏاڍيان نه ڳالهايو. مؤمن ڀائر آهن.
(١) اي مؤمنؤ! الله ۽ سندس رسول کان اڳي نه وَڌو ۽ اڳ نه وٺو ۽ الله کان ڊڄو جو (سندس) سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي (تنهن ڪري سندس سڀني حڪمن تي عمل ڪري پاڻ کي مصيبتن کان بچايو ۽ هر طرح خوشحال ٿيو. (٢) اي مؤمنؤ! (ڳالهائڻ مهل) پنهنجا آواز رسولﷺ جي آواز کان مٿي نه ڪيو ۽ ساڻس (ڳالهائڻ مهل) زور سان (يا جوش سان) نه ڳالهايو، جيئن توهان هڪ ٻئي سان زور سان ڳالهائيندا آهيو. (ساڻس زور سان نه ڳالهايو ته) متان توهان جا (چڱا) عمل به برباد ٿي نه وڃن ۽ توهان کي خبر به ڪانه پوي. (سو آئينده لاءِ خبردار ٿيو). (٣) بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي رسول (ﷺ) جي اڳيان پنهنجي آواز کي نرم ۽ جهيڻو رکن ٿا سي ئي آهن جن جون دليون الله تعاليٰ پرهيزگاريءَ جي امتحان ۾ پاس ڪري ڇڏيون آهن. انهن جي لاءِ بخشش آهي ۽ وڏي ۾ وڏو اجر آهي. (٤) بيشڪ اهي ماڻهو جيڪي توکي (اي پيغمبر تنهنجي) حجرن جي ٻاهران وڏي واڪي سڏ ڪن ٿا تن مان گهڻا بي سمجهه ۽ بي وقوف آهن. (٥) جيستائين تون پاڻ انهن ڏي نڪري اچين تيستائن هو صبر ڪن ها ته هنن لاءِ وڏي چڱائي ٿئي ها، ۽ الله تعاليٰ وڏو بخشڻهار ۽ رحم وارو آهي. (٦) اي مؤمنؤ! جيڪڏهن ڪوبه بدڪار (۽ بي فرمان) ماڻهو توهان وٽ ڪا خبر آڻي ته پهريائين تحقيقات ڪيو (يعني جانچ جونچ ڪري ڏسو ته سچي آهي يا ڪوڙي، انهيءَ لاءِ ته متان ڪوڙي ڳالهه تي عمل ڪري) توهان اڻ ڄاڻائيءَ جي حالت ۾ ڪن ماڻهن کي تڪليف ۽ نقصان نه پهچايو ۽ پوءِ پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿيو. (٧) ۽ (اي مسلمانؤ!) ڄاڻو (۽ چڱيءَ طرح ڄاڻو ۽ ياد رکو) ته اوهان ۾ الله جو رسول موجود آهي (جو الله جي حڪمن موجب اوهان جي لاءِ هر طرح جو نظام رکي ٿو) جيڪڏهن هو گهڻين ئي ڳالهاين ۾ توهان جي چوڻ تي هلي ته توهان وڏين مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ پئجي وڃو. پر الله تعاليٰ اوهان کي اوهان جو ايمان پيارو ڪيو آهي (۽ اوهان کي ان ايمان سان حب آهي) ۽ ان ايمان کي اوهان جي دلين ۾ سهڻو ڪري ڏيکاريو آهي (يعني توهان جون دليون ان ايمان کي پسند ٿيون ڪن) ۽ الله تعاليٰ توهان ۾ ڪفر، بدڪاري ۽ بي فرمانيءَ لاءِ نفرت پيدا ڪري ڇڏي آهي. اهڙائي ماڻهو آهن جيڪي سچ پچ نيڪيءَ جي راهه تي هلندڙ آهن. (٨) اهو (اوهان تي) الله جو فضل آهي ۽ (اوهان لاءِ) وڏي نعمت آهي (جو توهان سچو ايمان رکو ٿا ۽ رسولﷺ جي فيصلن کي پسند ڪيو ٿا، اگرچه اُهي اوهان جي مرضيءَ موافق نه هجن) ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (٩) ۽ جيڪڏهن مؤمنن مان ڪي ٻه ڌريون پاڻ ۾ تڪراري هجن ته انهن جي وچ ۾ صلح ڪرائي ڇڏيو. پر جيڪڏهن انهن مان هڪڙي ڌر ٻئي ڌر تي زيادتي ۽ ظلم ڪري ته پوءِ انهيءَ ڌر سان لڙو ۽ مقابلو ڪيو، جيستائين خدا جي (يا عادل حاڪم جي) حڪم تي تعميل ڪري. پوءِ جيڪڏهن (عدل واري حڪم جي) تعميل ڪري ته پوءِ انهن ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ عدل سان صلح ۽ ٺاهه ڪري ڇڏيو ۽ (هميشه) انصاف ڪيو. يقيناً الله تعاليٰ انصاف ڪندڙن کي حب ٿو ڪري (۽ انصاف نه ڪندڙن تي لعنت ٿو ڪري). (١٠) يقيناً مؤمن سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهن تنهن ڪري پنهنجي ڀائرن جي وچ ۾ (عدل سان) صلح ڪرائي ڇڏيو ۽ خدا کان ڊڄو (۽ خدا جي حڪمن تي هلو) انهيءَ لاءِ ته توهان تي رحم ڪيو وڃي.

رڪوع ٢ آيت 11-تا-18
ٻين تي ٺٺوليون نه ڪيو ۽ خراب نالا نه رکو. اجايا گمان ۽ تهمتون نه رکو.
(١١) اي مؤمنؤ! (خبردار! اوهان مان) هڪڙا ماڻهو ٻين ماڻهن تي چٿرون ۽ ٺٺوليون نه ڪن. ممڪن آهي ته اهي ٻيا مرد انهن (چٿرون ڪندڙن) کان بهتر هجن، نڪي هڪڙيون عورتون ٻين عورتن تي (کلون مسخريون ڪن) ممڪن آهي ته اهي ٻيون عورتون انهن (کلون ڪندڙ) عورتن کان بهتر هجن ۽ توهان هڪ ٻئي جي بدناموسي نه ڪيو (۽ هڪ ٻئي کي طعنا نه هڻو) ۽ هڪ ٻئي تي خراب نالا نه رکو. ايمان آڻڻ بعد (ان ماڻهو تي جنهن ايمان آندو آهي) خراب نالو رکڻ وڏي بڇڙائي آهي. ۽ (ياد رکو ته) جيڪي ماڻهو (آئنده انهن بڇڙن ڪمن کان) توبه ڪري باز نه ايندا سي وڏا گنهگار ۽ ظالم آهن. (١٢) اي مؤمنؤ! اڪثر گمانن کان پري رهو. بيشڪ ڪي گمان گناهه جي برابر آهن. ۽ جاسوسي نه ڪيو (يعني لڪي ڇپي ٻين جا احوال معلوم نه ڪيو. نه ڪي پراوا خط پٽ پڙهو) ۽ اوهان مان هڪڙا ٻين جي پرپٺ گلا نه ڪن. (پرپٺ گلا ڪرڻ آهي مئل ڀاءُ جو گوشت کائڻ) توهان ۾ ڪوبه اهڙو آهي ڇا جو پسند ٿو ڪري ته، پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائي؟ توهان ته ان کان سخت نفرت ڪندا آهيو (پوءِ پرپٺ گلا ڪرڻ کان ڇو نٿا نفرت ڪيو). خدا کان ڊڄو (۽ باز اچو) بيشڪ خدا باز اچڻ وارن جي توبه قبول ڪندڙ ۽ وڏي رحم وارو آهي. (١٣) اي انسانو! مون اوهان کي هڪ ئي مرد ۽ عورت مان پيدا ڪيو آهي (تنهن ڪري توهان سڀ هڪ ڪٽنب آهيو ۽ پاڻ کي هڪ ڪٽنب جا ڀاتي سمجهو) ۽ توهان ۾ ذاتيون ۽ قبيلا ٺاهيا اٿس، سو رڳو هن لاءِ ته توهان هڪ ٻئي کي (انهن ذاتين تي) سڃاڻو (نه هن لاءِ ته ڪي ذاتيون ٻين کان عزت ۾ وڌيڪ آهن اوهان ۾ وڌيڪ عزت وارو الله جي نظر ۾ اهو آهي جيڪو اوهان مان تقويٰ ۾ (يعني نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ ۾) سڀني کان وڌيڪ آهي. بيشڪ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ سڀڪا خبر رکندڙ آهي. (١٤) ٻهراڙيءَ جا ڪي عرب (تو وٽ اچي) چئي رهيا آهن ته، اسان ايمان آندو آهي. (اي پيغمبر کين) چئو ته، توهان ۾ (سچو) ايمان (۽ يقين) ڪونهي. پر هيئن چئو ته، اسان
تابعداري اختيار ڪئي آهي، ڇو ته اڃا ته اوهان جي دلين ۾ (سچو) ايمان داخل ڪونه ٿيو آهي. پر جيڪڏهن توهان الله ۽ سندس رسول جي (يعني اسلامي سرڪار جي) تابعداري اختيار ڪيو ته پوءِ الله تعاليٰ اوهان جي عملن مان ڪجهه به ضايع نه ڪندو بيشڪ الله تعاليٰ بار بار بخشيندڙ ۽ وڏي رحم وارو آهي. (١٥) (اي بني اسد قبيلي جا عربؤ!) مؤمن ته فقط اهي آهن جن الله ۽ سندس رسول تي (پڪو ۽ سچو) ايمان آندو آهي (۽ هنن کي دل جو يقين آهي ته قرآن جو نظام ئي صحيح آهي) ۽ جن کي (قرآن جي سچائيءَ ۾) ڪڏهن به ذرو به شڪ نه پيو آهي ۽ جن خدا جي راهه ۾ پنهنجي مال ملڪيتن ۽ پنهنجي جانين سان جهاد (يعني بي انتها ڪوشش) پئي ڪئي آهي، فقط اهي ئي آهن جيڪي سچا (مؤمن) آهن. (ٻيا منافق آهن). (١٦) (اي پيغمبر تون انهن بنو اسد اعرابين کي) چئو ته، ڇا توهان الله تعاليٰ کي پنهنجي دين جي خبر ٿا ٻڌايو (ته اسان ايمان آندو آهي. خدا کي اوهان جي دلين جي خبر ڪانهي ڇا؟) الله تعاليٰ ته سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، جيڪي آسمانن ۾ آهي سو به ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو به ڄاڻي ٿو ۽ الله تعاليٰ هر شيءِ جو علم رکندڙ آهي. (١٧) (اي پيغمبر اهي بنو اسد جا ماڻهو) توتي ٿورو ٿا ٿڦين (۽ توتي احسان ٿا رکن) ته اسان اسلام اختيار ڪيو آهي. هنن کي چئو ته، مون تي پنهنجي اسلام جو احسان نه رکو. پر حقيقت هيءَ آهي ته جيڪڏهن توهان سچ ٿا چئو ته (اسان مسلمان ٿيا آهيون ته) پوءِ اوهان تي اهو الله تعاليٰ جو احسان آهي جو اوهان کي ايمان تي آندو اٿس. (١٨) يقيناً الله تعاليٰ آسمانن ۽ زمين جا راز ۽ غيب بخوبي ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي عمل توهان ڪيو ٿا سي چڱيءَ طرح ڏسي ٿو.