سورت ابراهيم
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 6-1
وحي اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻي ٿو. هدايت روشني آهي ۽ گمراهي اونداهي آهي.
(١) الف- لام- را- هيءُ هڪ ڪتاب آهي جو اسان تو تي نازل ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ ته ماڻهن کي سندن پروردگار جي حڪم جي تعميل ۾ اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻي، (۽ انهيءَ راهه تي آڻي) جا غالب ۽ ساراهيل خدا جي راهه آهي. (٢) اهو خدا جيڪو مالڪ آهي، انهيءَ سڀ ڪجهه جو جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي (۽ سڀ سندس حڪمن جي اڳيان جهڪيل آهن) ۽ سخت عذاب جي خرابي آهي انهن منڪرن جي لاءِ. (٣) جن آخرت کي ڇڏي دنيا جي زندگي پسند ڪئي، جيڪي ماڻهن کي الله جي راهه کان روڪين ٿا ۽ چاهين ٿا ته ان راهه ۾ ڏنگائي ڦڏائي پيدا ڪن، اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي وڏي اونهي گمراهيءَ ۾ وڃي پيا آهن. (٤) ۽ اسان ڪوبه پيغمبر دنيا ۾ نه موڪليو، پر هن طرح جو هو پنهنجي قوم ئي جي زبان ۾ حق جو پيغام پهچائڻ وارو هو، انهيءَ لاءِ ته (سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڳالهه جو) مطلب چٽو ڪري ڏيکاري. پوءِ الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو ته (سندس سرڪشيءِ پارؤن) گمراهه ڪري ٿو ۽ جنهن جي لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ (سندن اطاعت پارؤن ڪاميابيءَ جي) راهه کولي ڇڏي ٿو. هو غالب ۽ حڪمت وارو آهي. (٥) ۽ (ڏسو هي حقيقت آهي ته) اسان پنهنجي نشانين سان موسيٰ کي موڪليو هو ته پنهنجي قوم کي اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻي ۽ پڻ الله جي (فيصلو ڪندڙ) واقعات جو بيان ٻڌائي واعظ ۽ نصيحت ڪري. ڇو ته بيشڪ هر انسان لاءِ جيڪو صبر ۽ شڪر ڪندڙ هجي، انهيءَ بيان ۾ (عبرت ۽ نصيحت جون) وڏيون نشانيون آهن. (٦) ۽ پوءِ (هيئن ٿيو جو) حضرت موسيٰ پنهنجي قوم کي (واعظ ۽ نصيحت ڪندي) چيو ته، الله تعاليٰ جيڪي احسان اوهان تي ڪيا آهن سي نه وساريو. هن اوهان کي فرعون جي خاندان (جي غلاميءَ) کان ڇوٽڪارو ڏنو (۽ اهو سندس ڪيڏو نه وڏو احسان آهي) هو اوهان کي ڪهڙن نه خراب عذابن ۾ وجهندا هئا. توهان جي (نون ڄاول) پٽن کي قتل ڪري ڇڏيندا هئا (ته جيئن توهان جو تعداد نه وڌي ۽) توهان جي ڇوڪرين کي زندهه ڇڏيندا هئا (ته ٻانهيون ٿي رهن). ڏسو ته انهيءَ صورت حال ۾ توهان جي پروردگار جي طرف کان اوهان جي لاءِ ڪهڙي نه سخت آزمائش هئي.
رڪوع ٢ آيت 7-تا-12
الله تعاليٰ بي پرواهه آهي. ماڻهو سندس هدايت تي نه هلن ته فقط سندن ئي نقصان آهي.
(٧) (۽ اوهان اهو وقت وساري ڇڏيو آهي ڇا) جڏهن اوهان جي پروردگار (پنهنجي هن قانون جو) اعلان ڪيو هو ته جيڪڏهن توهان شڪر ڪندؤ ته مان اوهان کي اڃا به زياده نعمتون بخشيندس ۽ جيڪڏهن ناشڪري ڪندؤ ته پوءِ ياد رکو ته منهنجو عذاب به ڏاڍو سخت عذاب آهي. (٨) ۽ حضرت موسيٰ فرمايو ته جيڪڏهن اوهان ۽ اهي سڀ جيڪي زمين ۾ رهن ٿا بي شڪري ڪن ته (الله کي ان جي ڪهڙي پرواهه آهي؟) الله جي ذات ته بي نياز ۽ ساراهيل آهي، (ليڪن محرومي ۽ تباهي خود اوهان جي لاءِ هوندي). (٩) پوءِ ڇا توهان تائين انهن ماڻهن جي خبر ڪانه پهتي آهي، جيڪي اوهان کان اڳي ٿي گذريا آهن؟ نوح جي قوم، عاد جي قوم، ثمود جي قوم ۽ اهي قومون جي انهن کان پوءِ آيون ۽ جن جو حال الله ئي کي معلوم آهي. انهن سڀني قومن ڏي انهن جا رسول روشن دليلن سان آيا هئا. پر انهن سندن ڳالهيون موٽائي ڇڏيون (۽ ٻڌڻ کان ئي انڪار ڪيائون) انهن چيو ته جيڪا ڳالهه توهان کڻي آيا آهيو تنهن کان اسان کي انڪار آهي ۽ جنهن ڳالهه ڏانهن توهان سڏيو ٿا تنهن تي اسان کي يقين ڪونهي. اسان شڪ ۽ شبهي ۾ پئجي ويا آهيون. (١٠) انهن جي رسولن چيو ته، ڇا توهان کي الله جي باري ۾ شڪ آهي؟ اهو الله جو آسمانن ۽ زمين جو بنائيندڙ آهي؟ جو توهان کي سڏي رهيو اهي ته توهان جا گناهه بخشي ڇڏي ۽ هڪ مقرر وقت تائين (زندگي ۽ ڪامرانيءَ جون) مهلتون ڏئي. تنهن تي انهن قومن چيو ته، اوهان سواءِ هن جي ٻيو ڇا آهيو ته، اسان وانگر انسان آهيو. اوهان چاهيو ٿا ته جن معبودن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا آيا آهن، تن جي پوڄا ڪرڻ کان اسان کي روڪي ڇڏيو. چڱو (جيڪڏهن ائين آهي ته) ڪو چٽو دليل پيش ڪيو. (١١) انهن جي رسولن جواب ۾ چيو ته، هائو اسان هن کان سواءِ ڪجهه به نه آهيون ته توهان وانگر انسان آهيون، پر الله جنهن ٻانهي کي چاهي ٿو تنهن کي پنهنجي فضل ۽ احسان لاءِ (يعني وحي پهچائڻ لاءِ) چونڊي ٿو ۽ هيءَ ڳالهه اسان جي اختيار ۾ ناهي ته توهان کي ڪا سند کڻي اچي ڏيکاريون، سواءِ هن جي جو الله جو حڪم ٿئي ۽ الله ئي آهي جنهن تي ايمان رکندڙن جو ڀروسو آهي. (١٢) ۽ اسان کي ڪهڙو سبب آهي جو اسان الله تعاليٰ تي ڀروسو نه رکون؟ حالانڪه انهيءَ ئي (زندگي جي) راهن ۾ اسان جي رهنمائي ڪئي آهي. اسان انهن ايذائن ۽ تڪليفن تي صبر ڪنداسين جي توهان ڏيئي رهيا آهيو، فقط الله ئي آهي جنهن تي ڀروسو ڪندڙن کي ڀروسو رکڻ گهرجي.
رڪوع ٣ آيت 13-تا-21
سگهارن ماڻهن کي گهرجي ته مسڪينن لاءِ هدايت جو مثال ٿين ۽ مسڪينن کي به انهن جي انڌي تقليد ڪرڻ نه گهرجي ۽ فقط حق جا حڪم مڃڻ گهرجن.
(١٣) ۽ منڪرن پنهنجي رسولن کي چيو ته، اسان توهان کي ضرور پنهنجي ملڪ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏينداسين، يا ته توهان اسان جي مذهب تي موٽي اچو. (تنهن تي) اسان رسولن ڏي وحي موڪليو ته هاڻي ضرور اسان هنن ظالمن کي تباهه ڪري ڇڏينداسين. (١٤) ۽ انهن ماڻهن کان پوءِ توهان کي اسان هن سرزمين ۾ (سندن جاءِ تي) رهائينداسين. اهو آهي نتيجو انهيءَ ماڻهو جي لاءِ جيڪو اسان جي (حڪومت ۽ عدالت جي) جاءِ کان ڊپ ۾ رهيو ۽ پڻ (بدعملن جي بدلي ۾ سزا جو جيڪو اعلان ڪيل آهي تنهن) واعدي ۽ اعلان جي خوف ۾ رهيو (۽ خدا جي حڪمن جي پيروي ڪندو رهيو). (١٥) (مطلب ته پيغمبرن) فتح منديءَ جي دعا گهري، (۽ فتح ياب ٿيا) ۽ هرهڪ سرڪش ضدي (جنهن حق جو مقابلي ڪيو هو) نامراد ۽ ناڪامياب رهيو. (١٦) ان کان پوءِ دوزخ آهي (يعني دنيا جي نامراديءَ بعد آخرت جو عذاب پيش اچڻ وارو آهي). اتي رت ۽ پونءِ جو پاڻي کين پياريو ويندو. (١٧) هو هڪ هڪ ڪري وات ۾ وجهندو، پر نڙيءَ کان هيٺ نه لاهي سگهندو، هر طرف کان هن ڏي موت ايندو، پر هو مرندو ڪين ۽ هن جي پٺيان هڪ سخت عذاب لڳل آهي. (١٨) جن ماڻهن پنهنجي پروردگار (جي فرمانبرداريءَ) کان انڪاري ڪيو تن جي عملن جو مثال اهڙو آهي جهڙو رک يا ڪِر جو ڍير. جنهن کي آنڌيءَ جي ڏينهن هوا اڏائي کڻي وڃي. جيڪي به هنن (پنهنجي عملن سان) ڪمايو آهي تنهن مان ڪجهه به هنن جي هٿ نه ايندو. اهائي گمراهيءَ جي حالت آهي جا وڏي اونهي گمراهي آهي. (١٩) ڇا توهان ڏسو نٿا ته الله تعاليٰ آسمانن ۽ زمين کي حق ۽ مصلحت سان بنايو آهي (نه اجايو ۽ بي سود؟) جيڪڏهن هو چاهي ته توهان سڀني کي کڻي وڃي (۽ تباهه ڪري ڇڏي) ۽ (اوهان جي جاءِ تي) ڪا نئين خلق آڻي ظاهر ڪري. (٢٠) ائين ڪرڻ الله تعاليٰ جي لاءِ ڪجهه به ڏکيو يا مشڪل ڪم ناهي. (٢١) ۽ (ڏسو، قيامت جي ڏينهن) سڀ ماڻهو گڏ ٿي الله جي روبرو حاضر ٿيندا. پوءِ هيڻا ماڻهو (جي دنيا ۾ مسڪين ۽ ضعيف هئا) سرڪش (سردارن ۽ حاڪمن کي) چوندا ته اسان (دنيا ۾) توهان جي پٺيان هلڻ وارا هئاسين (۽ توهان جي حڪمن ۽ عملن جي پيروي ڪئي سين) پوءِ ڇا توهان اڄ ائين ڪري سگهو ٿا جو الله جي عذاب کان (اسان جو) ڪجهه بچاءُ ڪيو؟ اُهي چوندا ته، جيڪڏهن الله اسان جي لاءِ بچاءُ جي ڪا راهه کولي ها ته، اسان به توهان کي راهه ڏيکاريون ها. (اسان ته پاڻ ئي عذاب ۾ گرفتار آهيون). صبر ڪيون توڙي روئون ۽ پٽيون اسان لاءِ هڪ ئي ڳالهه آهي، اسان لاءِ اڄ ڪنهن به طرح ڇوٽڪارو ڪونهي.
رڪوع ٤ آيت 22-تا-28
شيطان قيامت جي ڏينهن پنهنجي پيروي ڪندڙن کي چوندو ته، اهو توهان جي قصور آهي، جو توهان خدا کي ڇڏي منهنجي پيروي ڪئي.
(٢٢) ۽ (قيامت جي ڏينهن) جڏهن فيصلو ٿي ويندو تڏهن شيطان چوندو ته، بيشڪ الله تعاليٰ توهان سان واعدو ڪيو هو ۽ سچو واعدو ڪيو هو. (اهو واعدو هاڻي پورو ٿي چڪو) ۽ مون به اوهان سان واعدو ڪيو هو مگر اهو پورو نه ڪيم. مون کي اوهان تي ڪنهن به قسم جو زور ڪونه ڪيو هو (جو توهان کي مجبوراً منهنجي پيروي ڪرڻي پوي ها). جيڪي ٿيو سو فقط هي هو ته مون توهان کي سڏيو ۽ توهان منهنجو سڏ قبول ڪيو (۽ مون تي ملامت نه ڪيو، پر خود پاڻ کي ڏوهه ڏيو ۽ ملامت ڪيو. اڄ جي ڏينهن نڪي مان توهان جو فرياد ٻڌي ٿو سگهان نڪي توهان منهنجو فرياد ٻڌي ٿا سگهو. توهان جو اڳي (دنيا ۾) مون کي الله جو شريڪ ٺهرايو هو (جو منهنجي حڪمن جي فرمانبرداري ڪندا هئو) سو مان ان کان بيزاري ظاهر ٿو ڪيان. بيشڪ ظلم ڪرڻ وارن جي لاءِ وڏو دردناڪ عذاب آهي. (٢٣) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو هو ۽ نيڪ عمل ڪيا هئا سي (دائمي نعمتن جي) باغن ۾ داخل ٿيندا، جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن. هو پنهنجي پروردگار جي حڪم سان هميشه انهن ۾ رهندا. اتي انهن جي لاءِ (هر طرف کان) هيءَ دعا ۽ کيڪار هوندي ته اوهان تي سلامتي هجي. (٢٤) ڇا توهان هن ڳالهه تي غور ڪونه ڪيو آهي ته الله تعاليٰ ڪهڙيءَ طرح مثال پيش ڪيا آهن؟ هڪ چڱي ڳالهه جو مثال ائين آهي جيئن هڪ چڱو وڻ. ان جون پاڙون مضبوط آهن ۽ ٽاريون آسمان ۾ پکڙيل آهن. (٢٥) (اهو وڻ) پنهنجي پروردگار جي حڪم سان هر وقت ميوا پيدا ڪندو رهي ٿو. الله تعاليٰ ماڻهن جي لاءِ مثال بيان ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ ته هو سوچين ۽ سمجهن. (٢٦) ۽ نڪمي بيڪار ڳالهه جو مثال ائين آهي جيئن نڪمو وڻ. زمين جي مٿان (ٿوهر وانگي) سندس پاڙون کوکليون آهن. (جڏهن وڻيوَ تڏهن اکيڙي پٽي ڇڏيوس) ۽ ان کي ڪا ڄمت يا مضبوطي ڪانهي. (٢٧) (اهڙيءَ طرح) الله تعاليٰ ايمان وارن کي ڄمت ۽ مضبوطيءَ واري ڳالهه جي وسيلي ڄمت ۽ مضبوطي ڏئي ٿو، دنيا جي زندگيءَ توڙي آخرت جي زندگيءَ ۾ ۽ نافرمانن جي لاءِ (ڄمت ۽ مضبوطيءَ جي) راهه گم ڪري ٿو ڇڏي ۽ هو جيڪي چاهي ٿو سو ڪري ٿو (يعني سندس حڪمت جو قانون ۽ فيصلو اهو آهي ته ائين ڪري).
رڪوع ٥ آيت 28-تا-34
الله تعاليٰ جي نعمتن جو قدر نه ڪندڙ جهنم ۾ داخل ٿيندا.
(٢٨) (اي پيغمبر!) تو انهن ماڻهن جي حالت تي نظر نه ڪئي آهي ڇا جن کي الله تعاليٰ نعمت عطا ڪئي هئي، پر هنن بي شڪري ڪري ان کي بدلائي ڇڏيو ۽ پنهنجي قوم کي برباديءَ جي گهر ۾ وڃي لاٿو؟ (٢٩) يعني دوزخ ۾ وڃي لاٿو (پوءِ جنهن جي رهڻ جي جاءِ دوزخ ٿي سا) ڪهڙي نه خراب جاءِ آهي. (٣٠) ۽ هنن الله جي لاءِ سندس هم درجي وارا (شريڪ) بنايا، انهيءِ لاءِ ته ماڻهن کي خدا جي راهه کان گمراهه ڪري ڇڏين. (اي پيغمبر!) تون کين چئو ته چڱو (زندگيءَ جا ٿورا ڏينهن) فائدا ماڻي وٺو، پوءِ آخر اوهان جي واٽ دوزخ جي باهه جي طرف ئي آهي. (٣١) (اي پيغمبر!) منهجي بندن مان جن ايمان آندو آهي تن کي هيءُ پيغام پهچائي ڏي ته انهيءَ کان اڳي جو اهو (خوفناڪ) ڏينهن اچي ظاهر ٿئي جنهن ڏينهن (ڇوٽڪاري لاءِ) نڪي ڪنهن قسم جو ڏيڻ وٺڻ ڪم ايندو، نڪي ڪنهن به طرح جي دوستي ڪم ايندي (پنهنجي لاءِ ڇوٽڪاري جو سامان ڪري وٺن يعني) نماز قائم ڪن ۽ اسان جي ڏنل روزيءَ مان ظاهر توڙي ڳجهيءَ طرح (خدا جي راهه ۾) خرچ ڪندا رهن. (٣٢) اُهو الله ئي آهي جنهن آسمانن کي ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ زمين تي مٿان پاڻي وسايو، جنهن جي ڪري طرحين طرحين ڦل ۽ ميوا پيدا ٿين ٿا جي توهان جي لاءِ غذا جو سامان آهن ۽ توهان جي لاءِ جهاز مسخر ڪيائين جي سندس حڪم سان (يعني سندس ٺهرايل قانونن موجب) سمنڊ ۾ هلن ٿا. پڻ درياهه به اوهان جي لاءِ مسخر ڪري ڇڏيائين (يعني اوهان جي ڪم اچڻ لاءِ فرمان هيٺ رکيائين). (٣٣) (اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ) سج ۽ چنڊ کي به مسخر ڪري ڇڏيو آهي، جو هڪ خاص دستور سان برابر چڪر لڳائي رهيا آهن ۽ رات ۽ ڏينهن جو ظهور به مسخر آهي. (٣٤) (مطلب ته توهان کي پنهنجي زندگيءَ جي ضروتن ۽ ڪامرانين لاءِ) جيڪي به (سامان) گهربل هو سو سڀ هن عطا ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن توهان الله جون نعمتون ڳڻڻ چاهيو ته (اهي ايتريون ته آهن جو) ڪڏهن به انهن جو شمار ڪري نه سگهندؤ. حقيقت هيءَ آهي ته انسان وڏو بي انصاف ۽ بي شڪر آهي.
رڪوع ٦ آيت 35-تا-41
حضرت ابراهيم جي دعا مڪي جي آباديءَ لاءِ ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ اولاد لاءِ.
(٣٥) ۽ (اهو واقعو ياد رکو جو) حضرت ابراهيم دعا گهري هئي ته، اهي منهنجا پروردگار! هن (مڪي جي) شهر کي امن امان جي جاءِ بڻائجانءِ ۽ مون کي ۽ منهنجي اولاد ۽ نسل کي هن ڳالهه کان بچائجانءِ جو بتن جي پوڄا ڪرڻ کي لڳي وڃن. (٣٦) اي منهنجا پروردگار! انهن بتن گهڻن ئي ماڻهن کي حق جي راهه کان هٽائي ڇڏيو آهي. پوءِ جيڪو منهنجي پيروي ڪندو (۽ بت پرستيءَ جي گمراهيءَ ۾ نه پوندو) سو منهنجو هوندو، پر جيڪو منهنجي طريقي کان نافرماني ڪندو (تنهن سان منهنجو ڪوبه تعلق ڪونهي ۽) بيشڪ تون ئي بخشيندڙ ۽ رحمت ڪندڙ آهين. (٣٧) اي اسان سڀني جا پروردگار! (تون ڏسي رهيو آهين ته) هڪ اهڙي ميدان ۾ جتي کيتيءَ جو نالو نشان به ڪونهي مون پنهنجي اولاد مان ڪن کي تنهنجي محترم گهر (ڪعبة الله) وٽ اچي رهايو آهي ۽ اي منهنجا رب! هن لاءِ کين هتي رهايو اٿم ته نماز قائم رکن (ته هي پاڪ گهر توحيد جي پرستارن کان خالي نه رهي) پوءِ تون (پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان) ائين ڪر جو ماڻهن جون دليون انهن (يعني منهنجي نسل) جي طرف مائل ٿي وڃن ۽ انهن جي لاءِ زمين جي پيداوار مان رزق جو سامان مهيا ڪري ڇڏ ته (بنا پاڻي ۽ گاهه واري ريگستان ۾ رهندي به زندگيءَ جي ضرورتن کان محروم نه هجن ۽) تنهنجي شڪرگذاري ڪندا رهن. (٣٨) اي اسان جا پروردگار! اسان جيڪي به لڪايون ٿا سو به تون ڄاڻين ٿو ۽ جيڪي به ظاهر ڪيون ٿا سو به تون ڄاڻين ٿو. آسمان ۽ زمين جي ڪابه شيءِ ڪانهي جا الله کان لڪل هجي. (٣٩) ۽ (حضرت ابراهيم چيو ته،) سڀ ساراهه الله جي لاءِ آهي، جنهن ٻڍاپڻ جي حالت ۾ به مون کي اسماعيل ۽ اسحاق (ٻه پٽ) عطا فرمايا. بيشڪ منهنجو پروردگار (پنهنجي ٻانهن جون) دعائون ٻڌي ۽ قبول ڪري ٿو. (٤٠) اي منهنجا پروردگار! مون کي توفيق ڏي ته مان نماز قائم رکان ۽ منهنجي نسل کي به ائين ڪرڻ جي توفيق ملي. اي پروردگار منهنجي هيءَ دعا شال تنهنجو حضور ۾ قبول پوي. (٤١) اي اسان جا پروردگار! جنهن ڏينهن عملن جو حساب ورتو ويندو تنهن ڏينهن مون کي، منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ انهن سڀني کي جيڪي ايمان آڻين (پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان) بخشي ڇڏجانءِ (۽ حساب جي سختيءَ ۾ نه وجهجهانءِ).
رڪوع ٧ آيت 42-تا-52
اهو خيال ڪڍي ڇڏيو ته ظالمن کي خدا ڇڏي ڏيندو.
(٤٢) ۽ (اي پيغمبر!) اهو خيال نه ڪجانءِ ته الله هنن ظالمن جي ڪمن کان غافل آهي (يعني مڪي جي رئيسن جي ڪمن کان) دراصل الله تعاليٰ هنن جو معاملو انهيءَ ڏينهن لاءِ پوئتي رکي ڇڏيو آهي، جنهن ڏينهن (بدعملن جي نتيجن جون تباهيون ظهور ۾ اينديون. انهيءَ ڏينهن انهن ماڻهن جو حال اهڙو ٿيندو جو خوف ۽ حيرت کان) سندن اکيون ڦاٽي پونديون. (٤٣) حيران پريشان هوندا، نظرون مٿي هونديون ۽ ان حالت ۾ ڊوڙندا رهندا، سندن نگاهون موٽڻ واريون نه هونديون ۽ دليون (خوف ۽ حيرانگيءَ ۾) هر خيال کان خالي رهجي وينديون. (٤٤) ۽ (اي پيغمبر!) ماڻهن کي انهيءَ ڏينهن جي اچڻ بابت خبردار ڪري ڇڏ، جنهن ڏينهن عذاب اچي ڪڙڪندو. انهيءَ ڏينهن ظالم چوندا ته، اي پروردگار ٿوري وقت لاءِ اسان کي مهلت ڏي. (اسان هاڻي هرگز انڪار ۽ سرڪشي نه ڪنداسين ۽) تنهنجي پڪار جو جواب ڏينداسين ۽ پيغمبرن جي پيروي ڪنداسين. (پر کين جواب ملندو ته) ڇا توهان اهي ئي نه آهيو جو هن کان اڳي قسم کڻي کڻي چوندا هئو ته اسان تي ڪنهن به طرح جو زوال نه ايندو. (٤٥) ۽ توهان انهن ماڻهن (اڳين تباهه ٿيل قومن) جي بستين ۾ آباد ٿيا هئو، جن پنهنجي جانين تي ظلم ڪيو هو ۽ توهان کي چٽيءَ طرح معلوم ٿيو هو ته اسان هنن سان ڇا ڇا ڪيو (اسان کين تباهه ڪري ڇڏيو ته به توهان عبرت نه ورتي) توهان کي (سمجهائڻ لاءِ) طرحين طرحين مثال به اسان بيان ڪري ٻڌايا (پوءِ به توهان سرڪشيءِ کان باز نه آيؤ). (٤٦) انهن ماڻهن پنهنجون سڀ تدبيرون ڪري ڇڏيون هيون، ۽ اگرچه هنن جون تدبيرون اهڙيون هيون جو جبلن کي به پنهنجي جاءِ تان لوڏي هٽائي ڇڏين ته به الله وٽ هنن جي سڀني تدبيرن جو جواب هو. ( يعني الله تعاليٰ هنن جي تدبيرن کي ناڪامياب ڪري ڇڏيو ۽ هو عذاب کي روڪي نه سگهيا). (٤٧) پوءِ اهڙو خيال نه ڪيو ته الله پنهنجي رسولن سان جيڪو واعدو ڪري چڪو آهي، تنهن جي خلاف ڪندو (نه نه هو ضرور حق کي فتح ڏيندو ۽ ظالمن کي تباهه ڪندو) يقين ڪيو ته الله (سڀني تي) غالب آهي ۽ (بدعملن جي) سزا ڏيندڙ آهي. (٤٨) انهيءَ ڏينهن هيءَ زمين بدلجي هڪ ٻي زمين ٿي پوندي ۽ آسمان به بدلجي ويندا ۽ سڀ ماڻهو هڪ غالب خدا جي حضور ۾ حاضر ٿيندا. (٤٩) ۽ تون انهيءَ ڏينهن گنهگارن
کي ڏسندين ته زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندا. (٥٠) هنن جون قميصون گندڪ جون هونديون. (جنهن جي گسڻ سان باهه ٻرندي آهي) ۽ چهرا باهه جي ڄڀين سان ڍڪجي ويندا. (٥١) ائين هن لاءِ ٿيندو ته الله تعاليٰ هر انسان کي سندس ڪمائيءَ جي مطابق بدلو ڏئي. بيشڪ الله حساب وٺڻ ۾ بلڪل تيز آهي. (٥٢) هي انسانن جي لاءِ هڪ پيغام آهي، جو هن لاءِ موڪليو ويو آهي ته ماڻهن کي خبردار ڪيو وڃي ۽ هو معلوم ڪن ته سندن معبود (جنهن جي ٻانهپ ڪجي سو) هڪ ئي معبود آهي ۽ پڻ هن لاءِ ته سمجهه وارا ماڻهو ان مان نصيحت وٺن (۽ گناهه ڇڏي چڱا عمل ڪن).