مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت التين

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-8
بيشڪ انسان تمام سهڻي فطرت تي تخليق ڪيل آهي، پوءِ هو پاڻ کي هيٺاهينءَ تي به وٺي وڃي ٿو ته، مٿاهينءَ تي به.
(١) انجير ۽ زيتون (جي سر زمين) جو قسم! (٢) ۽ طور سينا. (جبل ۽ واديءَ جو قسم)! (٣) ۽ هن امن واري شهر (مڪي) جو قسم آهي (جن مان حق جا آواز اٿيا آهن) (٤) ته بيشڪ اسان انسان کي تمام سهڻي اندازي سان (۽ بهترين صلاحيتن سان) پيدا ڪيو آهي. (٥) پوءِ (جيڪو انسان نافرماني ۽ ذاتي مفاد پرستين جي واٽ وٺي ٿو ته) ان کي اسان سڀ کان هيٺاهون ڦٽي ڪري ڇڏيو آهي. (٦) پر جن (خدائي قانونن جي سچاين تي) ايمان آندو ۽ (ان مطابق) چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ اڻ کٽ موقعا ۽ اجر آهن. (٧) پوءِ اي انسان! هن (ابدي حقيقت ۽ تاريخي شهادت) کان بعد ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا توکان جزا سزا ملڻ جو انڪار ڪرائي ٿي. (٨) ڇا الله سڀني حاڪمن کان زبردست (اختيار ۽ اقتدار وارو) حاڪم نه آهي. (جو تون ان جي حڪمن تي هلي ٻنهي جهانن جي ڪامرانيءَ واري زندگي ماڻين ۽ ٻنهي جهانن ۾ پستين کان بچين).