مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت العلق

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-19
اسان انسان کي اهو سڀ ڪجهه سيکاريو جيڪي کيس نه پئي آيو.
(١) (اي پيغمبر!) تون پنهنجي پالڻهار جي نالي سان پڙهه جنهن پيدا ڪيو آهي. (۽ پيدا ڪري اوسر جا سامان به عطا ڪيا اٿس). (٢) انسان کي رت جي دڳ مان بنايو اٿس (پوءِ انسان جي جسم ۾ سڌريل سرشتي سان رت کي گردش ڪرايو اٿس.) (٣) پڙهه (جو وحي جي تعليم انسان ذات جو سمورو سرشتو سڌاري هلڻ جي ڪفيل آهي) تنهنجو پاليندڙ وڏو سخي آهي. (۽ ان انساني اوسر جا سامان فراوانيءَ سان بڻايا آهن انسان رڳو ان طرف متوجهه ٿئي). (٤) جنهن قلم سان (مفيد شين جو لکڻ) سيکاريو آهي. (٥) انسان کي (زندگيءَ جون سهولتون پسڻ لاءِ) اهو ڪجهه سيکاريائين جنهن کي نه ڄاڻندو هو. (٦) خبردار ٿي بيشڪ انسان (انهن سهولتن کي عياشيءِ جي حدن تي آڻي ماڻهپي جي) حد کان لنگهي وڃي ٿو. (٧) هن ڪري جو هو پاڻ کي (وحي جي رهنمائي کان) بي پرواهه سمجهي ٿو (٨) (اي پيغمبر ڀلي هو ڪيتري به هٻڇ ۽ سرڪشي ڪري) بيشڪ (آخرڪار کيس) تنهنجي رب ڏي ئي موٽي وڃڻو آهي. (٩) ڀلا ان شخص جو حال ٻڌاءِ ته جو (الله جي) (١٠) ٻانهي کي سندس (اطاعت ڪرڻ ۽) نماز پڙهڻ جي وقت روڪي ٿو. (١١) ڀلا ٻڌاءِ ته اهو (الله جو ٻانهو) جيڪڏهن سڌي رستي تي هوندو. (١٢) يا (ٻين کي به ان) نيڪوڪاريءَ جو حڪم ڪندو. (ته ان کي روڪڻ ٺهي ٿو؟) (١٣) ڀلا ٻڌاءِ ته (الله جي عبادت ۽ نيڪوڪاريءَ کان روڪڻ وارو) جيڪڏهن (حق کي) ڪوڙو (ڪرڻ جي پروپگنڊه) ڪندو وتي ۽ پاڻ به منهن موڙي. (ائين ڪرڻ ان کي جڳائي ٿو؟) (١٤) ته ڇا هن نه ڄاتو ته الله (جو مڪافات وارو قانون سندس سڀني حرڪتن کي) ڏسي ٿو. (١٥) پڪ ڄاڻي وٺ ته جيڪڏهن (پنهنجي فتني باز حرڪتن کان) نه رڪيو ته، ضرور ان کي مٿي جي وارن کان (جهلي) گهلينداسون. (١٦) جيڪو مٿو (الله جي قانونن کي) ڪوڙو ڪندڙ ۽ خطاڪار آهي. (١٧) پوءِ ڀلي ته پنهنجي ڪچهريءَ وارن (حامين) کي سڏي. (١٨) اسين به پنهنجي سپاهين (يعني سخت عذاب ڪندڙ ملائڪن) کي سڏينداسون. (١٩) خبردار (اي رسول انهن سان ڪابه مفاهمت ٿيڻي ناهي) متان انهن جو چيو مڃين ۽ تون (پالڻهار جو) سجدو ڏي ۽ (الله جي) ويجهڙائي حاصل ڪندو وڃ.