مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت المؤمن

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-9
الله تعاليٰ جون صفتون خصوصا عمل ۽ رحمت. مؤمنن تي الله تعاليٰ جون رحمتون ٿينديون.
(١) حا- ميم (٢) هي ڪتاب انهيءَ الله تعاليٰ وٽان نازل ٿيل آهي جو وڏي طاقت ۽ قدرت وارو آهي ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. (٣) (اهو الله) خطائون ڍڪيندڙ ۽ معاف ڪندڙ آهي ۽ توبه قبول ڪندڙ آهي، (پر جيڪي توبه ڪري سڌيءَ واٽ ڏي نٿا موٽن تن کي) سخت سزا ڏيڻ وارو آهي. ۽ پهچ وارو آهي، (يعني هر حال ۾ هر هنڌ سندس نظر، عمل ۽ طاقت پهچي ٿي، جيئن سنڌيءَ ۾ چوندا آهيون ته تنهنجا هٿ ڊگها آهن) کانئس سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي (يعني الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به ٻانهپ ڪرڻي ناهي) سڀني کي آخر وٽس ئي وڃڻو آهي. (٤) (الله تعاليٰ جون نشانيون بلڪل چٽيون آهن) فقط اهي ماڻهو الله تعاليٰ جي نشانين بابت جهڳڙا ڪندا رهن ٿا جيڪي (خود غرضي ۽ تڪبر سببان حقيقتون سمجهي نٿا سگهن يا ضد ڪري) انڪار ڪيون ويٺا آهن. سو (اي پيغمبر!) ائين نه ٿئي جو شهرن ۾ هنن ماڻهن جو آڪڙ ۽ وڏائي سان گهمڻ ڦرڻ توکي ڌوڪي ۾ وجهي ) ته هي طاقت وارا آهن ۽ مغلوب نه ٿيندا. هو ضرور تباهه ٿيندا يا اسلام تي ايندا.) (٥) (ڏسو) هنن کان اڳي حضرت نوح جي قوم به (الله جي آيتن کي) ڪوڙو ٺهرايو ۽ انهن کان پوءِ ٻين قومن به ساڳيءَ طرح ڪيو ۽ سڀني امتن پنهنجن رسولن جي خلاف منصوبا ٺاهيا انهيءَ لاءِ ته کين پڪڙي جهلين (۽ ناڪامياب ڪن) ۽ باطل دليلن (۽ حيلن) سان ساڻن جهڳڙا ڪن ۽ اهڙيءَ طرح حق کي ڍڪي ڇڏين. (پر هو ناڪامياب ٿيا ڇو ته) مون ئي هنن جي پڪڙ ڪئي، سو ڏسو ته منهنجي سزا ڪهڙي نه سخت هئي. (٦) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي هئي تن تي اهڙيءَ طرح تنهنجي پروردگار جو حڪم يا قول سچو ثابت ٿيو. اهو حڪم يا قول هي هو ته يقيناً هو دوزخي آهن (۽ دنيا ۾ توڙي آخرت ۾ عذاب ڏسندا). (٧) جيڪي الله جو عرش کڻندڙ آهن ۽ جيڪي ان جي چوگرد آهن سي پنهنجي پروردگار جون اعليٰ صفتون بيان ڪندڙ آهن (۽ عملي طرح اسلامي نظام قائم ڪرڻ ۾ ڪوشان آهن) منجهس پورو پورو ايمان رکن ٿا، ۽ ايمان وارن لاءِ (ڪوتاهين جي) معافي گهرن ٿا (۽ چون ٿا ته) اي اسان جا پروردگار! تنهنجي رحمت ۽ تنهنجو علم هر چيز کي پهچي ٿو. سو (اي پروردگار!) جيڪي مؤمن توبه ڪن ٿا (يعني بديءَ جي واٽ ڇڏي) تنهنجي (ڏيکاريل) واٽ تي هلن ٿا تن کي بخش ۽ کين جهنم جي عذاب کان بچاءِ. (٨) (۽ وڌيڪ چون ٿا ته،) اي اسان جا پروردگار! کين دائمي باغن ۾داخل ڪر جن جو تو ساڻن واعدو ڪيو آهي. ۽ سندن ابن ڏاڏن ۽ زالن ۽ اولاد مان جن نيڪ ڪم ڪيا تن کي به (دائمي باغن ۾ داخل ڪر) بيشڪ تون وڏي طاقت وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهين. (٩) ۽ (هيئن به چون ٿا ته) کين برائين کان بچاءِ، ۽ جن کي تون انهيءَ ڏينهن برائين کان بچائين تن تي تو بيشڪ وڏي رحمت ڪئي. ۽ اهائي عظيم ڪاميابي آهي.

رڪوع ٢ آيت 10-تا-20
قيامت جي ڏينهن ڪافرن جي بري حالت.
(١٠) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي هئي تن کي پڪاري چيو ويندو ته الله جي بيزاري گهڻي وڏي هئي اوهان جي انهيءَ بيزاريءَ کان جيڪا (هاڻي) اوهان کي پاڻ کان آهي. هن ڪري جو توهان کي ايمان آڻڻ جي دعوت ڏني ويندي هئي ۽ توهان انڪار ڪندا هئو. (١١) اهي (ڪافر) چوندا ته، اي اسان جا پروردگار! تو اسان کي ٻه ڀيرا موت ڏنو ۽ ٻه ڀيرا جيئاريو، اسان (هاڻي) پنهنجا گناهه مڃون ٿا (ته بيشڪ اسان گنهگار هئاسين) سو هاڻي هتان نڪرڻ لاءِ (۽ عذاب کان بچڻ لاءِ) آهي ڪو رستو؟ (نه بلڪل ڪونهي). (١٢) (کين چيو ويندو ته) هيءَ حالت (۽ عذاب) هن ڪري آهي جو جڏهن هڪ الله کي پڪاريو ويندو هو تڏهن توهان انڪار ڪندا هئو ۽ جڏهن ساڻس ٻين کي شريڪ ڪيو ويندو هو تڏهن ايمان آڻيندا هئو. سو (هاڻي ڏسو ته توهان ڀليل هئو ۽) حڪومت ۽ حڪم فقط الله جو آهي جو سڀني کان مٿي ۽ سڀني کان وڏو آهي. (١٣) (اي انسانو! ٻڌو ۽ خبردار ٿيو!) اهوئي (الله) آهي جو اوهان کي پنهنجون نشانيون (هدايت ڪرڻ لاءِ) ڏيکاري ٿو ۽ آسمان مان اوهان جي لاءِ رزق نازل ڪري ٿو، پر فقط اهي نصيحت وٺن ٿا (پنهنجو فائدو ڪن ٿا ۽ ڪامياب ٿين ٿا) جيڪي خدا ڏي رجوع ٿين ٿا (۽ سندس ڏيکاريل واٽ تي هلن ٿا، ٻيا تباهه ٿي ٿا وڃن). (١٤) سو توهان فقط الله کي پڪاريو ۽ سچائيءَ سان سندس فرمانبرداري ڪيو اگرچه انهيءَ ڳالهه کي ڪافر سخت ناپسند ڪن. (١٥) اهو عرش جو مالڪ (ڪائنات جو بادشاهه) وڏا درجا (۽ مرتبا) ڏيندڙ آهي. هو پنهنجي ٻانهن مان جيڪو وڻيس ٿو تنهن ڏي پنهنجي حڪم سان وحي موڪلي ٿو انهيءَ لاءِ ته جنهن (قيامت جي) ڏينهن سڀ ماڻهو گڏ ڪري ملايا ويندا الله تعاليٰ وٽ پيش ڪيا ويندا تنهن ڏينهن بابت (ماڻهن کي) خبردار ڪري ڇڏي. (١٦) انهيءَ ڏينهن جڏهن سڀ ماڻهو (قبرن مان) نڪري نروار ٿيندا تڏهن سندن بابت ڪابه ڳالهه الله تعاليٰ کان لڪل نه رهندي. (۽ نعرو هڻي پڇيو ويندو ته) اڄ ڪنهن جي حڪومت آهي؟ (هرڪو چئي ڏيندو ته) بيشڪ حڪومت انهيءَ هڪ الله جي آهي جو سڀني تي غالب آهي. (١٧) انهيءَ ڏينهن هرهڪ شخص کي سندس ڪئي ڪمائي موجب بدلو ڏنو ويندو، ۽ انهيءَ ڏينهن ڪابه بي انصافي ڪانه ٿيندي، يقيناً الله تعاليٰ حساب وٺڻ ۾ بلڪل تکو آهي. (١٨) ۽ (اي پيغمبر!) هنن ماڻهن کي انهيءَ ويجهي ايندڙ ڏينهن بابت خبردار ڪري ڇڏ جنهن ڏينهن دليون نڙي ڏي چڙهي ان کي گهٽينديون (۽ هو ڳالهائي نه سگهندا) انهيءَ ڏينهن ظالمن لاءِ ڪوبه هڏ ڏوکي يار ڪونه هوندو، نڪو، ڪو اهڙو سفارشي هوندو جنهن جي ڳالهه ٻڌي وڃي. (١٩) هو (يعني الله تعاليٰ) اکين جي خيانت به ڄاڻي ٿو. (٢٠) ۽ الله تعاليٰ حق ۽ انصاف سان فيصلو ڪري ٿو (۽ جزا ۽ سزا ڏئي ٿو) پر جن کي ماڻهو خدا تعاليٰ کان سواءِ پڪارين ٿا سي ڪوبه فيصلو ڪونه ڪندا (جو هن کي ڪوبه اختيار يا طاقت ڪانهي) يقيناً الله ئي آهي جو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي.

رڪوع ٣ آيت 21-تا-27
قومن جي تاريخ پڙهي ۽ سندن آثار ڏسي عبرت وٺو.
(٢١) ڇا هي ماڻهو زمين تي سير سفر نٿا ڪن ۽ ڏسن نٿا ته جيڪي ماڻهو کانئن اڳي ٿي گذريا آهن تن جي پڇاڙي (سندن بدعملن سببان) ڪهڙي نه خراب ٿي، اهي ته هنن ماڻهن کان قوت ۽ طاقت ۾ گهڻو وڌيڪ هئا ۽ زمين تي وڌيڪ نشانيون ۽ اثر ڇڏي ويا، پر (تڏهن به) الله تعاليٰ سندن گناهن جي ڪري کين پڪڙ ڪئي، ۽ هنن کي خدا (جي عذاب) کان بچائڻ وارو ڪوبه ڪونه هو. (٢٢) اهو (عذاب) هن ڪري (مٿن ڪڙڪيو) جو هنن ڏي (اسان جا) رسول روشن دليلن سان آيا (تنهن هوندي به) هنن نه مڃيو (۽ گناهه ڪندا رهيا) سو الله تعاليٰ کين پڪڙ ڪئي. بيشڪ الله تعاليٰ وڏي قوت ۽ طاقت وارو آهي ۽ سزا ڏيڻ ۾ بيشڪ سخت آهي. (٢٣) هيءَ حقيقت آهي ته اسان حضرت موسيٰ کي پنهنجي نشانين حڪمن سان ۽ چٽي سند ۽ دليلن سان رسول ڪري موڪليو. (٢٤) فرعون ۽ هامان ۽ قارون ڏانهن (کيس رسول ڪري موڪليوسين) پر (هنن کيس نه مڃيو ۽) چوڻ لڳا ته هو جادوگر آهي ۽ ڪوڙو آهي. (٢٥) پوءِ جڏهن هو اسان وٽان حق جو پيغام کڻي وٽن آيو تڏهن هنن (پنهنجن ماڻهن کي) حڪم ڏنو ته جن ساڻس گڏ (الله تي) ايمان آندو آهي تن جي (نون ڄاول) پٽن کي قتل ڪندا وڃو، سندن عورتن کي جيئرو ڇڏيو. پر (ياد رکو ته) ڪافرن جون تدبيرون ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻيون نه آهن. (٢٦) ۽ فرعون (پنهنجي درٻارين کي) چيو ته مون کي ڇڏيو ته موسيٰ کي قتل ڪري ڇڏيان، ڀلي پنهنجي پروردگار کي پڪاري (ڏسون ته ڪيئن ٿو سندس رب کيس بچائي، کيس قتل ڪرڻ ضروري آهي ڇو ته) بيشڪ مون کي انديشو آهي ته هو اوهان جو دين نه بدلائي ڇڏي يا ملڪ ۾ فساد ۽ بگاڙو نه مچائي ڇڏي.(٢٧) (اهو حڪم ٻڌي) حضرت موسيٰ چيو ته، يقيناً مون پنهنجي پروردگار وٽ پناهه ورتي آهي جو اوهان جو به پروردگار آهي. هرهڪ تڪبر ڪندڙ کان جيڪو حساب واري ڏينهن تي ايمان نٿو رکي (۽ سمجهي ٿو ته بدعملن لاءِ سزا ڪانه ملندي).

رڪوع ٤ آيت 28-تا-37
فرعون کي قدرت هڪ موقعو آخر ۾ به ڏنو ته حضرت موسيٰ تي ايمان آڻي.
(٢٨) ۽ فرعون جي ماڻهن مان هڪڙي مؤمن مرد جو هن پنهنجو ايمان دل ۾ سانڍي رکيو هو، تنهن (فرعون ۽ سردارن کي) چيو ته، ڇا توهان هڪ شخص کي قتل ڪندو فقط هن ڪري جو هو چوي ٿو ته، منهنجو پروردگار الله آهي؟ ۽ (هيءَ حقيقت آهي ته) هو توهان وٽ پنهنجي پروردگار وٽان روشن دليل (۽ چٽيون نشانيون) کڻي آيو آهي. ۽ (خيال ڪري ڏسو ته) جيڪڏهن هو ڪوڙو آهي ته سندس ڪوڙ مٿس ئي پوندو (يعني سندس ئي نقصان ٿيندو) پر جيڪڏهن هو سچو آهي ته پوءِ جنهن (عذاب) متعلق توهان کي خبردار ڪري رهيو آهي تنهن مان ڪجهه ته ضرور اچي اوهان تي ڪڙڪندو. يقين ڄاڻو ته جيڪو ليڪو لنگهي ٿو بيهي ۽ ڪوڙو آهي تنهن کي خدا ڪڏهن به سڌي واٽ نٿو ڏيکاري. (٢٩) (انهيءَ مؤمن مرد وڌيڪ چيو ته) اي منهنجي قوم جا ماڻهو! هن وقت اوهان جي حڪومت آهي. توهان دنيا ۾ غالب آهيو. (اهڙا ڪم نه ڪرڻ گهرجن جو اسان جي اها حڪومت هلي وڃي ۽ تباهه ٿي وڃون) پوءِ ڪير اسان کي الله تعاليٰ جي سزا کان بچائي سگهندو جڏهن اها سزا اسان وٽ پهچي ويندي. (تنهن تي) فرعون چيو ته، (مان وڏو داناءُ آهيان ۽ سڀ ڪجهه ٿو سمجهان) مان توهان کي فقط اهي ڳالهيون ڏيکاريان ۽ ٻڌايان ٿو جيڪي مان چٽيءَ طرح ڏسان ٿو، ۽ مان توهان کي اهائي راهه ڏيکاريان ٿو جيڪا صحيح راهه آهي. (٣٠) (تنهن تي انهيءَ مؤمن مرد) جنهن (حضرت موسيٰ عليه السلام تي لڪ ڇپ ۾) ايمان آندو هو چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! مون کي ڏاڍو خوف ٿو ٿئي ته متان توهان تي به اهڙو (تباهيءَ جو) ڏينهن اچي وڃي جهڙو (اڳوڻين) قومن تي اچي ويو هو. (٣١) جهڙو حضرت نوح جي قوم تي، عاد ۽ ثمود جي قومن تي ۽ انهن کان بعد وارين قومن تي اچي ويو هو. ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن سان بي انصافي ڪرڻ هرگز نٿو چاهي (تباهي تڏهن ٿي اچي جڏهن ڪا قوم ظلم ۾ چوٽ چڙهي ٿي وڃي). (٣٢) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! مون کي ڏاڍو خوف آهي ته متان توهان تي اهو (واويلا جو) ڏينهن اچي وڃي جنهن ڏينهن هڪ ٻئي کي (مدد لاءِ) سڏيو ويندو (۽ روڄ راڙو مچي ويندو). (٣٣) جنهن ڏينهن توهان پٺي ڏئي ڀڄندؤ (۽) اوهان کي خدا (جي عذاب) کان بچائڻ وارو ڪوبه ڪونه هوندو ۽ (ياد رکو ته) جن کي الله تعاليٰ (سندن ئي بدعملن جي ڪري) گمراهه ڪري ٿو ڇڏي تن جي لاءِ ٻيو ڪوبه هادي يا واٽ ڏيکاريندڙ ڪونهي. (٣٤) ۽ (اي منهنجي قوم جا ماڻهو!) هيءَ حقيقت آهي ته، هن کان اڳي اوهان ڏي حضرت يوسف روشن دليلن سان پيغمبر ٿي آيو. پر جيڪو (پيغام ۽ نصيحت) هو اوهان ڏي کڻي آيو تنهن بابت توهان هميشه شڪ ڪندا رهيو (توهان يقيني ايمان ڪونه آندو) تانجو (جڏهن) هو گذاري ويو (تڏهن) توهان چوڻ لڳو ته، هن کان پوءِ الله تعاليٰ ڪوئي رسول ڪونه موڪليندو. اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ انهن کي گمراهه ڪري ٿو ڇڏي جيڪي حدن کان ٻاهر نڪري ٿا وڃن ۽ شڪ شبهي ۾ ٿا رهن. (٣٥) جيڪي ماڻهو الله تعاليٰ جي نشانين بابت بنا ڪنهن دليل يا سند جي جيڪا وٽن آئي هجي جهڳڙا ڪندا ٿا رهن تن جي اها روش الله تعاليٰ جي نظر ۾ توڙي مؤمن جي نظر ۾ سخت نفرت جهڙي آهي. اهڙي طرح الله تعاليٰ هرهڪ هٺيلي ۽ سرڪش جي دل تي مهر ڪري ٿو ڇڏي (پوءِ هو ڪجهه به سمجهي نٿو سگهي ۽ انڌو ٿي کڏ ۾ ٿو ڪري). (٣٦) (تنهن تي) فرعون (غصي ۾ اچي ٽوڪ مان) حڪم ڏنو ته، اي هامان! منهنجي لاءِ هڪ تمام اونچي محلات بناءِ ته مان (مٿي آسمان ڏي چڙهي ضروري) حيلا وسيلا هٿ ڪيان. (٣٧) اهي حيلا وسيلا هٿ ڪيان جن سان آسمانن تي پهچي سگهان ۽ موسيٰ جي معبود (الله) ڏي چڙهي وڃان، پر مان ته يقيناً هن کي ڪوڙو ٿو سمجهان (۽ يقين اٿم ته الله آهي ئي ڪونه) اهڙيءَ طرح فرعون کي سندس برا عمل سهڻا پئي ڏسڻ ۾ آيا ۽ هو (حقي) راهه کان روڪجي ويو، ۽ فرعون جا منصوبا ۽ رٿون (ڪامياب ته ڪونه ٿيون پر اٽلندو) کيس بربادي ۽ تباهيءَ ڏي کڻي ويون.

رڪوع ٥ آيت 38-تا-50
مؤمن شخص کي مصرين نه مڃيو، مٿن مصيبتون آيون ۽ آخر تباهه به ٿيا.
(٣٨) (مصر جي) جنهن ماڻهوءَ ايمان آندو هو تنهن (مصر جي ماڻهن کي وڌيڪ) چيو ته اي منهنجي قوم جا ماڻهو! منهنجي نقش قدم تي هلو (يعني مون واري واٽ وٺو) مان توهان کي حق جي سڌي واٽ ڏيکاريندس. (٣٩) اي منهنجي قوم جا ماڻهو! دنيا جي هيءَ حياتي فقط وقتي گذارو آهي ۽ يقيناً آخرت ئي دائمي گهر آهي (جتي هميشه لاءِ رهبو). (٤٠) جيڪو شخص برائي ٿو ڪري تنهن کي انهيءَ ئي برائي جهڙو بدلو ملندو، پر جيڪو به نيڪ عمل ٿو ڪري، مرد هجي توڙي زال، ۽ مؤمن هجي ته پوءِ اهڙا ماڻهو جنت ۾ داخل ٿيندا جتي هنن کي بي حساب رزق ملندو.(٤١) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! مون کي عجب ٿو لڳي ته مان توهان کي ڇوٽڪاري (۽ ڪاميابيءَ) جي طرف ٿو سڏيان ۽ توهان مون کي باهه (جي عذاب) ڏي ٿا سڏيو. (٤٢) توهان مون کي هن ڳالهه ڏي ٿا سڏيو ته مان الله کي نه مڃيان ۽ ساڻس انهن کي شريڪ ڪيان جن بابت مون کي علم به ڪونهي، ۽ مان توهان کي انهيءَ (هڪ الله) ڏي ٿو سڏيان جو وڏي قدرت ۽ غلبي وارو آهي، ۽ (توبه ڪندڙن کي) وري وري بخشيندڙ آهي. (٤٣) انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي ته توهان مون کي انهيءَ ڏي سڏيو ٿا جو نڪي دنيا ۾ پڪارڻ جو لائق آهي، نڪي آخرت ۾ ۽ يقيناً اسان کي آخر الله ڏي ئي موٽڻو آهي ۽ يقيناً حدن کان ٻاهر ويندڙ ماڻهو ئي دوزخي آهي. (٤٤) سو (توهان هاڻي ته منهنجي ڳالهه نٿا مڃيو پر جڏهن عذاب توهان جي مٿان اچي ويندو تڏهن) توهان منهنجي ڳالهه ياد ڪندو، جيڪا مان هاڻي توهان کي چئي رهيو آهيان، پر پوءِ پشيماني ڪم نه ايندي. توهان ڀلي منهنجي خلاف منصوبا رٿيو) مان ته پنهنجو معاملو الله تعاليٰ جي حوالي ٿو ڪيان. يقيناً الله تعاليٰ پنهنجي بندن کي ڏسي رهيو آهي. (٤٥) سو جيڪي به برائيون هنن رٿيون تن کان الله تعاليٰ کيس بچائي ورتو، ۽ اٽلندو فرعون جي ماڻهن تي اچي خراب مصيبتون ڪڙڪيون. (٤٦) هو صبح شام (مصيبتن جي) باهه جي آڏو آندا وڃن ٿا، ۽ جنهن ڏينهن قيامت جي گهڙي قائم ڪئي ويندي تنهن ڏينهن (حڪم ڪيو ويندو ته) فرعون جي ماڻهن کي سخت ۾ سخت عذاب ۾ وجهو. (٤٧) ۽ (ڇا ٿيندو جو) باهه ۾ هو هڪ ٻئي سان جهڳڙا ڪندا. جيڪي ماڻهو (هن دنيا ۾) ضعيف ۽ هيڻا هئا سي پنهنجي هٺيلن وڏيرن کي چوندا ته اسان يقيناً توهان جي پوئتان لڳاسين ۽ توهان جي تابعداري ڪئي سين، ڇا هاڻي توهان باهه جي عذاب جو ڪجهه حصو اسان کان وٺي پنهنجي سر تي وسائيندؤ؟ (٤٨) جن وڏيرن دنيا ۾ هٺ وڏائي ڪئي هئي سي جواب ۾ چوندا ته (جهڙا توهان گنهگار هئو تهڙا اسان به گنهگار هئاسين) يقيناً اسان سڀ ان باهه ۾ آهيون. (جيڪڏهن توهان گنهگار نه هجو ها ته ڇو باهه ۾ پئو ها) بيشڪ الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن جي وچ ۾ (حق جو) فيصلو ڪيو آهي. (٤٩) ۽ دوزخي ماڻهو جهنم جي داروغن کي چوندا ته توهان پنهنجي رب کي پڪاريو ته هڪڙي ڏينهن لاءِ اسان جو عذاب هلڪو ڪري. (٥٠) اهي (داروغا) جواب ڏيندا ته، ڇا توهان ڏي توهان جا رسول روشن دليلن ۽ نشانين سان ڪين آيا هئا؟ هو چوندا ته، هائو، (بيشڪ آيا هئا پر اسان انڌ ۾ اچي کين نه مڃيو تنهن تي داروغا وري کين) چوندا ته، پوءِ (اسان ڇو خدا کي اوهان جي لاءِ پڪاريون) توهان پاڻ خدا کي پڪاريو پر (يقين رکو ته ورندو ڪجهه به ڪين) ڪافرن جي پڪار ۽ دعا بلڪل اجائي ٿيندي ۽ رائگان ويندي.

رڪوع ٦ آيت 51-تا-60
ايمان وارا حقيقتون سمجهن ٿا ۽ ڏسن ٿا، پر منڪر انڌا آهن.
(٥١) يقيناً يقيناً اسان پنهنجي رسول کي ۽ انهن کي جيڪي ايمان ٿا آڻين هن ئي دنيا جي زندگي ۾ مدد ڪندا آهيون، ۽ (خاص طرح) انهيءَ ڏينهن جنهن ڏينهن شاهد اٿي کڙا ٿيندا. (يعني قيامت جي ڏينهن). (٥٢) انهيءَ ڏينهن (الله تعاليٰ مؤمنن جي مدد ڪندو ۽ وڏيون نعمتون بخشيندو جنهن ڏينهن) ظالمن کي سندن عذر ۽ بهانا ڪوبه فائدو ڪونه ڏيندا، انهن تي لعنت وسندي (يعني خدا جي فضل کان محروم رهندا) ۽ انهن جي لاءِ رهڻ جي جاءِ مصيبتن واري هوندي. (٥٣) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان حضرت موسيٰ کي هدايت (جو ڪتاب) ڏنو ۽ بني اسرائيلن کي اهو ڪتاب ورثي ۾ ڏنوسين. (٥٤) اهو (ڪتاب) سمجهه وارن لاءِ سراسر هدايت ۽ اعليٰ نصيحت آهي. (پر اڄوڪا يهودي ان ڪتاب تي به عمل نٿا ڪن، نڪي قرآن مجيد تي ايمان ٿا آڻين). (٥٥) (اي پيغمبر! ڪافر وغيره تنهنجي سخت مخالفت ڪري رهيا آهن) پر تون ثابت قدم رهه. يقين ڄاڻ ته الله تعاليٰ جو واعدو سچو آهي (ته تون ڪامياب ٿيندين ۽ منڪر خوار خراب ٿيندا) ۽ تون پنهنجي (بشري) ڪمزورين کان الله جي پناهه وٺ (ته اهي دفع ٿي وڃن) ۽ صبح شام (هر وقت) پنهنجي پروردگار جي پاڪائي ۽ صفتون بيان ڪندو رهه. (٥٦) جيڪي ماڻهو الله تعاليٰ جي نشانين بابت بنا ڪنهن دليل يا سند جي، جيڪا وٽن آئي هجي جهڳڙا ٿا ڪن (۽ نٿا مڃن) تن کي سندن دلين ۾ وڏائي (۽ وڏو درجو حاصل ڪرڻ جو حرص ويٺل) آهي. جو هو ڪڏهن به حاصل نه ڪندا. يقيناً هو (يعني الله تعاليٰ) سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي. (٥٧) يقيناً آسمانن ۽ زمين جو خلقڻ انسان کي خلقڻ کان گهڻي وڏي ڳالهه آهي. پر گهڻا ماڻهو اها ڳالهه نٿا ڄاڻن ۽ سمجهن. (٥٨) ۽ (ياد رکو ته) انڌو ۽ ڏسندڙ هرگز هڪ جهڙا ناهن، نڪي ايمان آڻيندڙ ۽ صالح عمل ڪندڙ انهن جهڙا آهن، جيڪي بدڪار آهن. (افسوس جو) اوهين بلڪل ٿورو ڌيان ڪريو ٿا (۽ نصيحت نٿا وٺو). (٥٩) يقيناً اها گهڙي (هن ئي دنيا ۾ مؤمنن جي ڪاميابي جي، يا قيامت جي گهڙي) ضرور اچڻي آهي، انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي پر (افسوس جو) گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين. (٦٠) ۽ توهان جو پروردگار چوي ٿو ته مون کي ئي پڪاريو، مان توهان جي سڏ جو جواب ڏيندس. جيڪي ماڻهو منهنجي ٻانهپ ۽ فرمابرداري ڪرڻ کان تڪبر جي ڪري پري ٿا ڀڄن سي يقيناً جلد ئي خوار خراب ٿي جهنم ۾ داخل ٿيندا.

رڪوع ٧ آيت 61-تا-68
الله تعاليٰ جون نعمتون ۽ انسان جي بي شڪري.
(٦١) الله تعاليٰ اهو آهي جنهن توهان جي لاءِ رات بنائي انهيءَ لاءِ ته توهان ان ۾ (ننڊ ڪري) آرام حاصل ڪيو ۽ ڏينهن ڏسڻ لاءِ (۽ ڪمن ڪارين ڪرڻ لاءِ) بنايائين. بيشڪ الله تعاليٰ انسانن لاءِ وڏي فضل وارو آهي. پر گهڻا ماڻهو سندس نعمتن جو قدر نٿا ڪن (۽ اهي نعمتون ضايع ڪري پنهنجو نقصان ٿا ڪن). (٦٢) اهڙو آهي الله، اوهان جو پروردگار جو هر چيز جو خلقندڙ آهي. هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي (جنهن جي ٻانهپ ۽ فرمانبرداري ڪجي) پوءِ توهان ڪيئن ڪاڏي جو ڪاڏي ڀٽڪي رهيا آهيو؟ (٦٣) اهڙيءَ طرح اُهي ماڻهو ڀٽڪي گمراهه ٿي وڃن ٿا جيڪي الله تعاليٰ جي آيتن (۽ حڪمن مڃڻ) کان انڪار ڪندا آهن. (٦٤) الله اهو آهي جنهن زمين کي آرامگاهه بنايو ۽ آسمان کي ڇت جي مثل بنايو، ۽ اوهان کي شڪل ڏني، ۽ اوهان جون شڪليون سهڻيو ڪيائين ۽ اوهان کي چڱين شين جو رزق ڏنائين، اهڙو آهي الله اوهان جو پروردگار، سو ڪهڙو نه برڪت وارو آهي الله جو سڀني جهانن جو پروردگار آهي. (٦٥) اهوئي آهي جو سچ پچ زندهه آهي (۽ هر وقت ۽ هميشه زندهه آهي) ان کان سواءِ ڪوبه عبادت (۽ فرمانبرداري جي) لائق ڪونهي، پوءِ توهان فقط کيس پڪاريو ۽ اخلاص ۽ فرمابرداريءَ سان پڪاريو (۽ سندس پوري پوري فرمانبرداري ڪيو) سڀ ساراهه انهيءَ الله جي لاءِ آهي جو جهانن جو پروردگار آهي. (٦٦) (اي پيغمبر! تون) چؤ ته، مون کي منع ڪئي ويئي آهي، انهيءَ کان ته مان انهن جي ٻانهپ ڪيان جن کي توهان خدا جي بجاءِ پڪاريندا آهيو. جڏهن ته مون ڏي منهنجي پروردگار وٽان روشن نشانيون ۽ دليل اچي چڪا آهن ۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته مان جهانن جي پروردگار جي پوري پوري فرمانبرداري ڪيان. (٦٧) اهوئي آهي جنهن اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو. پوءِ منيءَ جي ڦڙي مان ۽ پوءِ گوشت جي ٽڪري مان ٺاهيو، پوءِ اوهان کي ٻار بنائي ٻاهر ٿو آڻي (۽ زندهه ٿو رکي) انهيءَ لاءِ ته توهان جوان ٿيو ۽ پوءِ پوڙها ٿي وڃو. ۽ توهان مقرر مدي کي پهچو ٿا (پوءِ وفات ڪيو ٿا) اهو سڀ انهيءَ لاءِ آهي ته توهان عقل پرائيو (۽ تجربي سان حقيقتن کي سمجهي سگهو). (٦٨) اهوئي آهي جو زندهه ڪري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ جڏهن هو ان کي رڳو چوي ٿو ته هيئن ٿيءُ ته ائين ٿي پوي ٿو.

رڪوع ٨ آيت 69-تا-78
منڪرن ۽ مشرڪن جون حالتون.
(٦٩) (اي پيغمبر!) تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو آهي ڇا جيڪي الله تعاليٰ جي نشانين ۽ حڪمن بابت جهڳڙا ٿا ڪن (۽ مڃڻ کان انڪار ٿا ڪن) (ڏسو ته سهي ته) هو ڪاڏي جو ڪاڏي ڦري هليا ٿا وڃن (۽ حق ۽ حقيقت کي ڏسن ئي نٿا). (٧٠) يعني اُهي ماڻهو جي هن ڪتاب (قرآن مجيد) کي ۽ انهن وحين کي جن سان اسان (اڳوڻن) پيغمبرن کي موڪليو، نٿا مڃين، سو جلد ئي هنن کي معلوم ٿيندو ته، (٧١) (ان جو نتيجو ڇا ٿو نڪري انهيءَ وقت معلوم ٿيندن) جڏهن سندن ڳچين ۾ ڳٽ پئجي ويندا ۽ زنجيرن ۾ جڪڙيا ويندا (۽ اهڙيءَ حالت ۾ هنن کي) گهلي وڌو ويندو، (٧٢) ٽهڪندڙ ڪني پاڻيءَ ۾ ۽ پوءِ کين باهه ۾ ساڙيو ويندو (پر مرندا ڪونه). (٧٣) پوءِ کين چيو ويندو ته ڪٿي آهن جن کي توهان خدا سان شريڪ ڪندا هئو؟ (٧٤) يعني الله کي ڇڏي (ديوتائن کي مڃيندا هئو) هو جواب ۾ چوندا ته، هو اسان کي ڇڏي گم ٿي ويا آهن. بلڪ (هاڻي اسان سمجهون ٿا ته) جن کي اسان پڪاريندا هئا سين سي ڪجهه به نه هئا. (وحي) نه مڃيندڙن کي اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ گمراهه ڪري ٿو ڇڏي. (٧٥) (کين چيو ويندو ته) هي (عذاب) هن ڪري مليو اٿو جو توهان زمين تي حق کي ڇڏي (ناحق تي) خوشيون ڪندا هئو ۽ پڻ هن ڪري جو توهان آڪڙ ۽ هٺ وڏائي ڪندا هئو. (٧٦) (کين چيو ويندو ته) هي (عذاب) هن ڪري مليو اٿو جو توهان زمين تي حق کي ڇڏي (ناحق تي) خوشيون ڪندا هئو ۽ پڻ هن ڪري جو توهان آڪڙ ۽ هٺ وڏائي ڪندا هئو. (٧٧) سو (اي پيغمبر!) تون (مشڪلاتون ۽ مخالفتون) صبر سان سهه، ۽ (رسالت جي ڪم تي) ثابت قدم رهه. يقين رک ته الله جو واعدو سچو آهي (ته مؤمن ڪامياب ٿيندا ۽ ڪافر مغلوب ٿيندا) سو جيڪو واعدو اسان هنن (ڪافرن) کي ڏنو آهي، ان مان ڪجهه اسان توکي (تنهنجي حياتيءَ ۾ ئي) ڏيکاريون (۽ کين تباهه ڪيون) يا (ان کان اڳي ئي) اسان توکي پاڻ ڏي آڻائي وٺون، هر حال ۾ هو (آخر) اسان ڏي ئي موٽايا ويندا (۽ ضرور تباهه ڪيا ويندا). (٧٨) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان توکان اڳي به پيغمبر (ماڻهن ڏي) موڪليا هئا، انهن مان ڪن جا قصا اسان توکي ٻڌايا آهن، پر انهن مان ڪي اهڙا به آهن جن جا قصا اسان توکي ڪونه ٻڌايا آهن. ۽ ڪنهن به رسول لاءِ ممڪن ناهي ته الله جي حڪم کان سواءِ ڪا نشاني (يا حڪم يا معجزو) آڻي. پوءِ جڏهن خدا جو حڪم اچي ويو تڏهن حق ۽ انصاف سان فيصلو ٿي ويو ۽ ڪوڙا ماڻهو (جيڪي باطل تي محڪم رهيا) سي اتي جو اتي تباهه ٿي ويا.

رڪوع ٩ آيت 79-تا-85
جنهن عذاب جي ڳالهه تي اهي ٽوڪون ڪندا هئا، اهوئي عذاب کين گهيرو ڪري وڪوڙي ويو.
(٧٩) الله تعاليٰ اهو آهي جنهن توهان جي لاءِ چوپايا جانور بنايا، انهيءَ لاءِ ته توهان انهن مان ڪن تي سواري ڪيو. ۽ ڪن کي پنهنجي قوت گذران لاءِ ڪم ٿا آڻيو. (٨٠) ۽ توهان جي لاءِ انهن مان ٻيا به گهڻائي فائدا حاصل ٿين ٿا. (خدا انهن جانورن کي خلقيو آهي سو) هن لاءِ به ته توهان
انهن تي سواري ڪري پنهنجي ڪا حاجت پوري ڪيو جا اوهان جي دلين ۾ هجي. ۽ انهن تي ۽ جهازن تي توهان (پري پري ٻين ملڪن ڏي) کڄي ٿا وڃو (يعني مسافريون ٿا ڪيو.) (٨١) ۽ الله تعاليٰ اوهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاري ٿو (۽ مسافرين جي وسيلي اوهان کي گهڻين ئي ڳالهين جو علم ڏئي ٿو) پوءِ توهان الله تعاليٰ جي ڪهڙين ۽ ڪيترين نشانين کان انڪار ڪري سگهندو؟ (٨٢) ڇا هي ماڻهو زمين تي سير سفر نٿا ڪن ۽ نٿا ڏسن ته جيڪي ماڻهو کانئن اڳي ٿي گذريا تن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي؟ اهي ته تعداد ۾ به هنن کان گهڻا هئا ۽ قوت ۽ طاقت ۾ به گهڻو وڌيڪ هئا، ۽ ملڪ ۾ آثار ۽ نشانيون به وڌيڪ ڇڏي ويا. (پر هنن حق جي واٽ نه ورتي) سو هنن جيڪي ڪيو ڪمايو سو هنن کي ڪنهن به ڪم نه آيو. (٨٣) جيئن ته جڏهن سندن رسول روشن دليلن ۽ نشانين سان وٽن آيا تڏهن وٽن جيڪو علم (۽ هنر) هو تنهن تي فخر ۽ ناز ڪرڻ لڳا (۽ رسولن کي چوڻ لڳا ته توهان اجايون ڳالهيون ٿا ڪيو) سو جنهن (عذاب جي) ڳالهه تي اهي ٽوڪون ڪندا هئا اهوئي عذاب کين گهيرو ڪري وڪوڙي ويو. (٨٤) پوءِ جڏهن هنن اسان جو عذاب (پنهنجي آڏو) ڏٺو تڏهن چوڻ لڳا ته اسان الله تي ايمان آندو آهي. هڪ الله ۾ ايمان ٿا رکون جن کي اسان ساڻس شريڪ ڪندا هئاسين تن کان (هاڻي) انڪار ٿا ڪريون.(٨٥) پر جڏهن اسان جو عذاب اکين آڏو ڏٺائون تنهن کان پوءِ واري ايمان کين ڪجهه به فائدو ڪونه ڏنو (۽ هو تباهه ٿي ويا) اهو آهي الله جو طريقو جو سندس ٻانهن بابت هليو پئي آيو آهي. ۽ هتي (هن دنيا ۾ ئي) ڪافر تباهه ٿي ويا.