مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت الذٰريٰت

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ۱ آيت 1-تا-23
ڪامياب اهي ٿيندا جيڪي الله جي حڪمن تي هلن ٿا ۽ گهرج وارن جي مدد ڪن ٿا.
(١) قسم آهي انهن هوائن جو جي (ٻجن ۽ ڪڪرن وغيره کي) اڏائي پکيڙينديون رهن ٿيون. (٢) وري انهن هوائن جو قسم آهي جي (مينهن جو) بار کڻي وڃن ٿيون. (٣) وري قسم آهي انهن هوائن جو جي آساني ۽ آرام سان گهلن ٿيون (يعني اهي هيرون جيڪي سڙهن وارين ٻيڙين يا جهازن کي هلائين ٿيون يا خود جهاز، جيڪي پاڻيءَ تي آسانيءَ سان هلندا رهن ٿا) (٤) وري قسم آهي (هوائن يا جهازن) جو جي خدا جي حڪم مطابق مينهن، رزق، علم، عقل، هنر وحي جو پيغام وغيره) ورهائيندا رهن ٿا. (٥) ته يقيناً جنهن ڳالهه جو واعدو اوهان سان ڪيل آهي سو بلڪل سچو آهي. (٦) ۽ يقيناً عملن جو بدلو (هن دنيا ۾ توڙي آخرت ۾) ضرور واقع ٿيندو ۽ ظهور ۾ ايندو. (٧) قسم آهي آسمان جو جنهن ۾ (سيارن تارن وغيره جا) مقرر رستا آهن (۽ ساري ڪائنات جو نظام وحدت ڏيکاري ٿو). (٨) (پر افسوس) اوهان (انسان) مختلف قولن ۽ عقيدن ۾ پئجي ويا آهيو (۽ جهيڙا جهڳڙا ٿا ڪيو، جيڪڏهن قرآن تي محڪم رهو ته اوهان ۾ به وحدت قائم ٿي وڃي). (٩) انهيءَ (وحدت واري حق) کان انهن کي هٽايو وڃي ٿو جيڪي (سندن ئي خود غرضي ۽ ڪوڙن ٺاهن سبب حق کان) محروم ڪيل آهن. (١٠) مصيبت پوندي انهن تي جيڪي ڪوڙا ٺاهه ٺاهيندڙ آهن. (١١) جيڪي (پنهنجي) غفلت سببان مونجهاري جي بحر ۾ ٿاڦوڙا هڻي رهيا آهن. (١٢) اهي (منجهيل ماڻهو) پڇن ٿا ته، ڀلا بدلي جو يعني جزا ۽ سزا جو ڏينهن ڪڏهن اچڻو آهي. (١٣) (انهن کي جواب ڏي ته) سندن (عذاب جو) ڏينهن اهو ٿيندو جنهن ڏينهن هنن کي (لڙائي، وبا يا ڪنهن آسماني آفت جي) باهه ۾ آزمائيو ويندو. (١٤) (ان وقت کين چيو ويندو ته، هاڻي) پنهنجي فتني جو مزو چکو. اهو اٿوَ اهو (عذاب) جنهن جي اچڻ لاءِ توهان تڪڙ لاتي هئي (ته جلد اچي). (١٥) يقيناً متقي ماڻهو (خدا جا پرهيزگار ٻانها) باغن ۾ ۽ وهندڙ چشمن جي وچ ۾ هوندا (يعني هن ئي دنيا ۾ باغن ۽ چشمن جا وارث ۽ مالڪ ٿيندا). (١٦) جيڪي سندن پروردگار کين ڏيندو سو خوشيءِ سان وٺندا ۽ ماڻيندا (الله تعاليٰ هنن کي اهي نعمتون باغ وغيره ۽ ڪاميابي ڏيندو) ڇو ته هو ان کان اڳي (مشڪلاتن ۽ تڪليفن ۾ به) نيڪ عمل ڪندڙ هئا (۽ ٻين سان ڀلائيون ڪندڙ هئا). (١٧) (ان کان سواءِ) رات منجهان تورو حصو ننڊ ڪندا هئا، (باقي وقت خدائي حڪمن کي ياد ڪرڻ ۽ غور ۽ فڪر ڪرڻ، نيڪ ۽ ضروري ڪمن جي رٿن ٺاهڻ ۾ صرف ڪندا هئا.) (١٨) ۽ اسر جي وقت (يعني پرڀات کان به ٿورو اڳي يا پرڀات وقت) خدا کان مغفرت گهرندا رهندا هئا (يعني تدبيري ڪوتاهين جي نتيجن کان پناهه گهرندا هئا). (١٩) ۽ سندن مال ملڪيت ۾ گهرندڙن توڙي نه گهرندڙن (مسڪينن ۽ گهرج وارن) جو حق هو (يعني اهي متقي محتاجن تي ٿورو ڪونه لائيندا هئا، پر سندن حق سمجهي کين ڳولي ڳولي هر طرح جي مدد ڪندا هئا). (٢٠) (هن رڪوع ۾ مٿي بيان ڪيل ڳالهين ۾ مؤمنن لاءِ وڏيون نشانيون آهن) ۽ زمين ۾ به يقين رکندڙ لاءِ (يعني يقيني علم وارن لاءِ) وڏيون نشانيون رکيل آهن. (٢١) ۽ خود اوهان جي جانين ۾ به (وڏيون نشانيون موجود آهن) ڇا توهان اهي نٿا ڏسو؟ (٢٢) ۽ آسمان ۾ اوهان جو رزق آهي ۽ پڻ اهو به آهي جنهن جو اوهان کي واعدو ڏنل آهي. (٢٣) سو قسم آهي آسمان ۽ زمين جي پروردگار جو ته يقيناً هي (قرآن يا عملن جي بدلي جو ملڻ) ضرور حق آهي ۽ اهڙوئي حق آهي جهڙي هيءَ حقيقت ته توهان هڪ ٻئي سان (سمجهڻ ۽ سمجهائڻ واريون) ڳالهيون ڳالهائي سگهو ٿا (۽ لفظن جي وسيلي علم ۽ حيقتون سيکاري سگهو ٿا).

رڪوع ۲ آيت 24-تا-46
اڳين ڪافر قومن جي برباديءَ جا مثال.
(٢٤) (اي پيغمبر!) تو وٽ حضرت ابراهيم جي معزز مهمانن جو قصو پهتو آهي؟ (يعني توکي اهو قصو ٻڌايل آهي؟) (٢٥) جڏهن اهي (مهمان) حضرت ابراهيم وٽ لنگهي اندر آيا، تڏهن چيائون ته سلامتي هجي (توتي) حضرت ابراهيم به جواب ۾ ساڳي دعا ڪئي. ۽ (هنن جي غير معمولي شڪل ۽ نمونو ڏسي خيال ڪيائين ته) هي ته ڪي بلڪل غيرمعمولي ماڻهو آهن. (في الحقيقت هو فرشتا هئا ۽ الله تعاليٰ هنن کي انسانن جي صورت ۾ آڻي موڪليو هو). (٢٦) پوءِ حضرت ابراهيم پنهنجي گهر جي ماڻهن ڏي تڪڙو ويو ۽ (هڪدم) گيهه ۾ ڀڳل گابو کڻي آيو. (٢٧) ۽ هنن جي اڳيان ويجهو ڪري رکيائين (ته مهمان کائين). کين چيائين ته ڇو نٿا کائو. (٢٨) (پر هنن کائڻ لاءِ هٿ ئي نه وڌايو) سو هنن بابت منجهس خوف پيدا ٿيو. هنن (سندس خوف ڏسي) چيو ته (اي حضرت ابراهيم) ڊڄ نه (اسان خدا وٽان توڏي موڪليل فرشتا آهيون) پوءِ هنن کيس خوشخبري ڏني ته توکي هڪڙو پٽ ڄمندو جيڪو علم وارو هوندو. (٢٩) (حضرت ابراهيم جي بيبي سڳوري اها ڳالهه اندران ٻڌي ورتي) سو هوءَ ڏاڍيان ڳالهائيندي اڳتي وڌي آئي ۽ پنهنجي نرڙ ڏي ڌڪ هنيائين ۽ چيائين ته (مان ته بلڪل) ٺيٺ پوڙهي آهيان (مون کي پٽ وري ڪيئن ڄمندو؟) (٣٠) هنن (فرشتن) کيس چيو ته تنهنجي پروردگار ائين ئي فرمايو آهي. (سو ضرور ائين ٿيندو توڙي تون جُهور پوڙهي آهين). بيشڪ هو وڏي حڪمت وارو ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي (۽ سڀ ڪجهه ڪري ٿو سگهي).

حصو ستاويهون

(٣١) حضرت ابراهيم چيو ته، اي خدا جا موڪليل (فرشتو! هاڻي ٻڌايو ته) توهان ڪهڙي ڪم لاءِ موڪليا ويا آهيو. (٣٢) هنن جواب ۾ چيو ته، اسان هڪڙي سخت گنهگار قوم جي ماڻهن ڏي موڪليا ويا آهيون. (٣٣) انهيءَ لاءِ ته مٿن پڪل پٿر وسايون. (٣٤) جي (پٿر) تنهنجي پروردگار وٽان انهن ماڻهن لاءِ نشان ڪيل ۽ مقرر ڪيل آهن جيڪي گناهن ۾ ليڪو لنگهي بيٺا آهن. (يعني سدوم ۽ غموره جي ماڻهن تي پٿر وسائينداسين. جيڪي حضرت لوط کي نٿا مڃين. پوءِ هو هليا ويا). (٣٥) سو (آخر اسان ڇا ڪيو جو ان سدوم جي شهر ۾) جيڪي مؤمن هيا تن کي (اڳ ئي شهر مان) ٻاهر اماڻي ڇڏيوسين. (٣٦) پر اسان ان شهر ۾ هڪڙي گهر کان سواءِ ڪٿي به مسلمان ڪونه ڏٺا. (اسان ٻيا سڀ گهر تباهه ڪيا ۽ خود حضرت لوط جي زل کي به تباهه ڪيوسين.) (٣٧) ۽ (اهڙيءَ طرح) اسان ان ۾ انهن ماڻهن لاءِ (هيمشه جي) نشاني ڇڏي جيڪي دردناڪ عذاب کان ڊڄندڙ آهن. (٣٨) ۽ (ٻي عبرت جي نشاني) حضرت موسيٰ جي قصي ۾ آهي. ڏسو اسان هن کي فرعون ڏي چٽي سند ۽ روشن دليلن سان موڪليو. (٣٩) پر هن پنهنجي سردارن سميت (حق کان) منهن موڙيو ۽ چيائين ته هي ته (ڪوڙو) جادوگر يا ديوانو آهي. (٤٠) سو اسان هن کي ۽ سندس لشڪرن کي پڪڙيو ۽ کين سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو (۽ ٻوڙي ماريو) ۽ هو بيشڪ ڏوهي هو. (۽ انهيءَ سزا جو لائق هو). (٤١) ۽ عاد قوم جي ماڻهن (جي تباهيءَ) ۾ (به عبرت جي نشاني رکيل آهي) ڏسو اسان هنن جي مٿان ناس ڪندڙ طوفان موڪليو. (٤٢) جنهن به شيءِ جي مٿان لنگهيو، تنهن کي خاڪ ڪرڻ کان سواءِ نه ڇڏيائين. (٤٣) ۽ ثمود جي قوم جي ماڻهن (جي قصي) ۾ به (وڏي نشاني آهي) ڏسو! هنن کي چيو ويو ته ٿوري وقت لاءِ موجون ماڻي وٺو (پوءِ تباهه ٿيندؤ، جيڪڏهن حق جي راهه تي نه ايندَؤ). (٤٤) پر هنن هٺ (۽) وڏائي سان پنهنجي پروردگار جي حڪم جي مخالفت ڪئي. سو هنن جي ڏسندي ڏسندي (زلزلي جي) ڏهڪاءَ هنن کي پڪڙي ورتو. (٤٥) پوءِ هو رڳو بيهي به نه سگهيا، نڪي پنهنجي ڪا مدد ڪري سگهيا. (٤٦) ۽ انهيءَ (واقعي) کان اڳي حضرت نوح جي قوم جي ماڻهن کي به (اسان سندن نافرمانيءَ جي ڪري تباهه ڪيو هو) ڇو ته يقيناً اهي ماڻهو نافرماني ۽ بدڪاريءَ ۾ حدن کان ٻاهر نڪري ويا هئا.

رڪوع ٣ آيت 47-تا-60
آسمان جي وسعت مان الله تعاليٰ جي قدرت جو اندازو لڳايو.
(٤٧) ۽ اسان آسمان کي وڏي قدرت ۽ ڪاريگريءَ سان بنايو آهي. بيشڪ اسان ڪائنات کي بي انت ڪشادگي ڏني آهي. (٤٨) ۽ زمين کي اسان پکيڙي ڇڏيو آهي. سو ڏسو ته اسان ڪهڙا نه چڱا پکيڙيندڙ آهيون. (٤٩) ۽ اسان هرهڪ شيءِکي جوڙن ۾ خلقيو آهي، (يعني نر ۽ مادي يا
واڌو بجلي ۽ ڪاٽو بجلي يا ڏينهن ۽ رات وغيره وغيره) انهيءَ لاءِ ته توهان (انهن ڳالهين جو علم حاصل ڪري، انهن تي غور ۽ فڪر ڪري) نصيحت وٺو (۽ انسانيت جي معراج تي پهچو.) (٥٠) سو (ايڏي قدرت واري ۽ رحيم) الله ڏي تڪڙا ٿي ڀڄو. يقيناً مان (محمدﷺ) وٽائنس اوهان ڏي چٽو چٽو خبردار ڪندڙ (پيغمبر) ٿي آيو آهيان. (٥١) ۽ الله سان گڏ ٻئي ڪنهن کي معبود نه بنايو. يقيناً مان (محمدﷺ) وٽائنس اوهان ڏي چٽو چٽو خبردار ڪندڙ ٿي آيو آهيان. (٥٢) (جهڙيءَ طرح توکي اي پيغمبر هي ماڻهو جادوگر يا مجنون ٿا سڏين،تهڙيءَ طرح) جڏهن جڏهن، هنن ماڻهن کان اڳي گذري ويل ماڻهن ڏي ڪوبه پيغمبر ٿي آيو، تڏهن تڏهن کيس جادوگر (يا ڪوڙو) يا مجنون (يعني ديوانو) سڏيندا هئا. (٥٣) ڇا هو هڪ ٻئي کي (پوين لاءِ) اهائي وصيت ڪندا رهيا آهن؟ حقيقت هيءَ آهي ته اِهي اُهي ماڻهو آهن جيڪي سرڪشيءِ ۾ حدن کان ٻاهر لنگهي چڪا آهن. (٥٤) سو (اي پيغمبر!) تون هنن (ڪافرن) کان منهن موڙي ڇڏ، (ڇو ته انهيءَ حالت ۾) تون بي ميار آهين. (٥٥) پر (تنهن هوندي به) نصيحت ڪندو رهه (۽ اسلام جي تبليغ ڪندو رهه) ڇو ته ايمان وارن کي نصيحت (۽ اسلام جي تعليم) وڏو فائدو ٿي پهچائي. (٥٦) ۽ مون جنن توڙي انسانن کي فقط هن لاءِ خلقيو آهي ته هو منهنجي ٻانهپ ڪن (۽ ٻين جي غلاميءَ کان بچي انسانيت جي معراج تي پهچن). (٥٧) (مان جو حڪم ٿو ڏيان ته منهنجي ٻانهپ ڪن سو ان ۾ منهنجو ڪو ذاتي غرض ڪونهي مان ته غني آهيان) مان ڪو هنن (جنن ۽ انسانن) کان مال رزق (وٺڻ) ڪونه ٿو چاهيان، نڪي مان چاهيان ٿو ته مون کي هو ماني کارائين. (٥٨) يقيناً الله ئي آهي جو (پاڻ ٻين کي) مال رزق ڏيندڙ آهي. وڏي طاقت ۽ قدرت وارو آهي ۽ (دائما) محڪم ۽ مستقل آهي.(٥٩) سو يقين ڄاڻو ته جن ماڻهن ظلم جي واٽ اختيار ڪئي آهي تن جي نصيب ۾ اهڙو ئي عذاب مقرر ٿيل آهي، جهڙو سندن (اڳوڻن ظالم) ساٿين لاءِ ظهور ۾ آيو هو، سو انهن کي گهرجي ته مون سان اها تڪڙ نه لائن (ته اسان تي جلد عذاب آڻ ته ڏسون ته سهي). (٦٠) سو جن ڪفر جي واٽ ورتي آهي تن جي لاءِ وڏي مصيبت ٿيندي، سندن (عذاب واري) ڏينهن جي جنهن جو ساڻن واعدو ڪيل آهي.