سورت يونس
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-10
جيڪي ماڻهو فقط هن دنيا جي موجن جا خواهشمند آهن ۽ حق کان غافل ٿا رهن، سي دوزخ جي باهه ۾ پوندا.
(١) الف- لام- را- هي آيتون آهن حڪمت سان ڀريل ڪتاب جون. (يعني اهڙي ڪتاب جون جنهن جون سڀ ڳالهيون حڪمت ۽ دانائيءَ جون ڳالهيون آهن.) (٢) ڇا ماڻهن کي هن ڳالهه تي عجب ٿو لڳي ته منجهانئن ئي هڪڙي ماڻهوءَ ڏي اسان وحي موڪليو آهي؟ (اهو هن ڳالهه جو وحي آهي) ته ماڻهن کي (انڪار ۽ بدعمليءَ جي نتيجن کان) خبردار ڪري ۽ ايمان وارن کي خوشخبري ڏئي ته هنن لاءِ پروردگار وٽ چڱي ۽ وڏي پوزيشن (درجو) آهي. (پر) ڪافرن چيو ته، بلاشبه هي شخص جادوگر آهي، ظاهرظهور (جادوگر!) (٣) (اي انسانؤ!) اوهان جو پروردگار ته اهوئي الله آهي جنهن آسمانن کي ۽ زمين کي ڇهن ايامن ۾ پيدا ڪيو. (يعني ڇهن مقرر زمانن ۾ پيدا ڪيو) پوءِ پنهنجي حڪومت جي تخت تي با قدرت قائم رهيو. اهوئي سڀني ڪمن جو بندوبست ڪري رهيو آهي، (يعني دنيا پيدا به پاڻ ڪيائين ۽ ان تي حڪومت به فقط سندس ئي رهي) هن وٽ ڪوبه سفارش ڪندڙ ٿي نه ٿو سگهي، سواءِ ان جي جنهن کي پاڻ اجازت ڏئي، (۽ اجازت کان پوءِ هو سفارش ڪرڻ جي جرئت ڪري) اهوئي آهي الله اوهان جو پروردگار. تنهن ڪري انهيءَ جي بندگي ڪيو، ڇا توهان غور ۽ فڪر کان ڪم نٿا وٺو؟ (٤) اوهان سڀني کي آخر ڏانهس ئي موٽڻو آهي. اهو الله جو سچو واعدو آهي. اهوئي آهي جو خلقڻ جي شروعات ڪري ٿو ۽ وري ان کي ٻيهر دهرائيندو (يعني مرڻ کان پوءِ ٻيهر زندهه ڪندو) انهيءَ لاءِ ته جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا تن کي عدل ۽ انصاف سان بدلو ڏئي. (باقي رهيا اهي ماڻهو) جن ڪفر جي راهه اختيار ڪئي سو انهن کي ڪفر جي عيوض ۾ ٽهڪندڙ پاڻي پيئڻ لاءِ ملندو ۽ دردناڪ عذاب ملندو. (٥) اهوئي آهي جنهن سج کي چمڪندڙ بنايو ۽ چنڊ کي روشن ڪيو، ۽ وري چنڊ جي منزلن جو اندازو ٺهرايو، انهيءَ لاءِ ته توهان سالن جو ڳاڻيٽو ۽ حساب معلوم ڪيو. الله تعاليٰ هي سڀ ڪجهه بنا حڪمت ۽ مصلحت جي ڪونه ٺاهيو آهي. جيڪي ماڻهو علم وارا آهن تن جي لاءِ هو (پنهنجي قدرت ۽ حڪمت جا) دليل کولي کولي بيان ڪري ٿو. (٦) بيشڪ رات ڏينهن جي هڪ ٻئي پٺيان اچڻ ۾ ۽ انهن سڀني شين ۾ جي الله تعاليٰ آسمانن ۽ زمين ۾ پيدا ڪيون آهن، انهن ماڻهن لاءِ (سندس قدرت ۽ حڪمت جون) نشانيون آهن جيڪي متقي (يعني خدا جو خوف رکي گناهن کان پاڻ کي بچائڻ وارا) آهن. (٧) جيڪي ماڻهو (مرڻ بعد) اسان سان ملڻ (۽ اسان جي اڳيان پيش ٿيڻ) جي اميد نٿا رکن (يعني قيامت کان ئي انڪار ٿا ڪن) فقط هن دنيا جي زندگيءَ ۾ مگن ۽ خوش آهن ۽ انهيءَ حالت تي ريجهي ويا آهن ۽ جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن (يعني نشانين ۽ حڪمن) کان غافل آهن. (٨) تن جو ٽڪاڻو دوزخ آهي. انهيءَ ڪمائي جي سببان جيڪا (پاڻ پنهنجي ئي عملن جي ذريعي) ڪمائيندا رهن ٿا. (٩) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيا تن جي ايمان جي سببان (ڪاميابي ۽ سعادت جي راهه) سندن پروردگار انهن لاءِ کولي ڇڏيندو. جڏهن هو الاهي نعمتن جي باغن ۾ هوندا تڏهن سندن هيٺان نهرون وهي رهيون هونديون. (١٠) اتي (انهن باغن ۾، يعني بهشت ۾) سندن صدا (يا پڪار) هيءَ هوندي ته، اي خدا! سڀ پاڪايون تنهنجي لاءِ ئي آهن. هنن جي دعا هيءَ هوندي ته، سلامتي هجي ۽ دعائن جو خاتمو هيءُ هوندو ته الحمدلله رب العالمين.
رڪوع ٢ آيت 11-تا-20
الله تعاليٰ گناهن جي سزا هڪدم نٿو ڏئي، فاسقن کي ڊگهو رسو ڏئي ٿو.
(١١) ۽ (ڏسو ته) انسان جهڙيءَ طرح فائدي لاءِ تڪڙ لائي ٿو ڏئي، تهڙيءَ طرح جيڪڏهن الله به (سندس بدعملن جي ڪري) کيس نقصان پهچائڻ ۾ جلدي ڪري ته سندس وقت (سزا يا موت جو) ڪڏهن پورو ٿي وڃي ها. (پر جزا ڏيڻ ۾ خدائي قانون مهلت ڏيڻ جو آهي) پوءِ جيڪي ماڻهو (مرڻ بعد) اسان وٽ پيش ٿيڻ جي اميد نٿا رکن (يعني کين قيامت کان ئي انڪار آهي) تن کي اسان سندن سرڪشين ۽ بدڪارين ۾ سرگردان ڇڏي ڏيون ٿا. (١٢) ۽ جڏهن ڪنهن انسان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته ڪهڙي به حال ۾ هجي، پاسي ڀر ليٽيل هجي يا بيٺو هجي، اسان کي پڪارڻ لڳي ٿو، پر جڏهن اسان سندس تڪليف لاهي ٿا ڇڏيون تڏهن هو اهڙيءَ طرح (منهن موڙي) هليو وڃي ٿو جو ڄڻ ته مصيبت جي وقت هن اسان کي پڪاريو ئي ڪونه هو. پوءِ ڏسو ته جيڪي ماڻهو حدون لنگهي وڃن ٿا تن جي نظر ۾ سندن ڪم سهڻا ڪري ڏيکاريا ويا آهن. (١٣) ۽ توهان کان اڳي گهڻيون ئي امتون ٿي گذريون آهن جن جڏهن ظلم جي واٽ ورتي تڏهن اسان کين برباد ڪري ڇڏيو. انهن جا رسول انهن ڏي روشن دليلن سان آيا هئا، پر تنهن هوندي به هو ايمان آڻڻ تي آماده نه ٿيا. (سو ڏسو ته) گنهگارن کي اهڙيءَ طرح (تباهه ڪرڻ سان) سندن گناهن جو بدلو ڏيندا آهيون. (١٤) پوءِ انهن (امتن) بعد اسان توهان کي سندن جانشين بنايو انهيءَ لاءِ ته ڏسون ته توهان جا عمل ڪهڙا ٿا ٿين. (١٥) ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن تون اسان جون چٽيون آيتون کين پڙهي ٻڌائين ٿو تڏهن جيڪي ماڻهو (مرڻ بعد) اسان وٽ حاضر ٿيڻ جي اميد نه ٿا رکن (يعني سمجهن ٿا ته نڪا قيامت ٿيڻي آهي، نڪي خدا وٽ پيش ڪيا وينداسين) سي چون ٿا ته هن قرآن جي بدران ڪو ٻيو قرآن آڻي ٻڌاءِ يا انهيءَ قرآن (جي مطلبن) ۾ ڦيرڦار ڪر. تون کين چئو ته، مون کي طاقت ناهي جو مان پنهنجي خيال ۽ مرضيءَ تي ان ۾ ڦيرڦار ڪريان. مان ته بس انهيءَ حڪم جو تابعدار آهيان جو مون ڏي وحي جي رستي موڪليو وڃي ٿو. جيڪڏهن پروردگار جي حڪم کان منهن موڙيندس ته (مون تي عذاب اچي ويندو) مان ته عذاب جي وڏي ڏينهن کان ڊڄان ٿو. (١٦) ۽ کين (اهو به) چئو ته، جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته مان توهان کي قرآن ٻڌايان ئي ڪونه ها، نڪي ان جي ذريعي اوهان کي خبردار ڪريان ها. (پر سندس مرضي اها آهي ته سندس ڪلام اوهان لاءِ نازل ٿئي ۽ اوهان کي سڄي جهان جي هدايت جو ذريعو بنائي) پوءِ ڏسو ته هيءَ حقيقت آهي ته هن معاملي کان اڳي (يعني نبوت ملڻ کان اڳي 40 سال) اوهان ماڻهن جي وچ ۾ هڪ پوري عمر گذاري چڪو آهيان، ڇا توهان سمجهه ۽ عقل نٿا هلايو؟ (١٧) پوءِ ٻڌايو ته انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ڪير ٿي سگهي ٿو جو پنهنجي اندر مان ڪوڙي ڳالهه ٺاهي الله تي مڙهي (ته هي الله جو وحي آهي) ۽ انهيءَ کان جيڪو الله تعاليٰ جي سچين آيتن کي ڪوڙو سمجهي رد ڪري (وڌيڪ ظالم ۽ شرير ڪير آهي؟) يقيناً گناهه ڪندڙ ڪڏهن به ڪاميابي حاصل ڪري نٿا سگهن. (١٨) ۽ (هي مشرڪ) الله کي ڇڏي اهڙين هستين جي پوڄا ڪن ٿا جي نڪي کين نقصان پهچائي سگهن ٿيون، نڪي فائدو. ۽ هو چون ٿا ته، (اسان هن ڪري انهن جي پوڄا ڪيون ٿا جو) اهي الله وٽ اسان جا سفارشي آهن. (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته، ڇا توهان الله کي اهڙي ڳالهه جي خبر ڏيڻ چاهيو ٿا جا خود کيس به معلوم ناهي؟ نڪي آسمانن ۾ نڪي زمين ۾؟ پاڪ ۽ بلند آهي سندس ذات انهيءَ شرڪ کان جيڪو هي ماڻهو ڪري رهيا آهن. (١٩) ۽ (شروعات ۾) انسانن جي هڪ ئي امت هئي پوءِ هو الڳ الڳ ٿي ويا ۽ جيڪڏهن توهان جي پروردگار جي طرفان اڳ ئي هڪڙي ڳالهه نه ٺهرائي ويئي هجي ها (يعني ته ماڻهو الڳ الڳ واٽن تي هلندا ۽ ان اختلاف ۾ انهن لاءِ عملن جي آزمائش ٿيندي) ته جن ڳالهين ۾ ماڻهو اختلاف ڪري رهيا آهن تن جو فيصلو ڪڏهن کان ٿي چڪو هجي ها. (٢٠) ۽ هي ماڻهو چون ٿا ته، ڇو هن تي (يعني رسولﷺ تي) سندس پروردگار وٽان ڪا نشاني (يا معجزو) نٿو نازل ٿئي؟ (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته غيب جو علم ته فقط الله جي لاءِ آهي. پوءِ ترسو مان به توهان سان گڏ ترسڻ وارن مان آهيان (ٿورن ئي سالن ۾ سچائي ۽ ڪوڙائي جو فيصلو ٿيو ۽ سچن کي فتح نصيب ٿي.)
رڪوع ٣ آيت 21-تا-30
جڏهن انسان تي ڪا مصيبت اچي ٿي ته فطرتاً خدا کي پڪاري ٿو، پر جڏهن خوشين ۾ محو آهي تڏهن حق کان ۽ چڱن عملن کان غافل رهي ٿو.
(٢١) ۽ جڏهن اسان (يعني الله تعاليٰ) ماڻهن کي ڏکن بعد رحمت جو مزو چکايون ٿا تڏهن هڪدم اسان جي (رحمت جي) نشانين جي خلاف باريڪ باريڪ حيلا ٺاهڻ شروع ڪري ڏين ٿا. (اي پيغمبر!) تون چئو ته، الله اهڙين باريڪين ۾ سڀني کان وڌيڪ تيز آهي. سندس فرشتا توهان جون اهي سڀ مڪاريون لکي رهيا آهن. (٢٢) اهوئي (الله) آهي جنهن توهان جي لاءِ زمين تي ۽ پاڻيءَ تي سير ڪرڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ جڏهن توهان جهازن ۾ سوار ٿيو ٿا ۽ جهاز سڻائي واءَ لڳڻ ڪري توهان کي کڻي روانا ٿين ٿا ۽ مسافر خوش ٿين ٿا (ته ڪهڙي نه چڱي هوا لڳي رهي آهي) پوءِ اوچتو سخت هوا جا جهوٽا لڳن ٿا ۽ هر طرف کان لهرن جي ڌم لڳي وڃي ٿي ۽ مسافر ڀانئن ٿا ته بس هاڻي انهن لهرن ۾ گهيرجي وياسين (۽ بچڻ جي ڪابه اميد ڪانهي) ته پوءِ (هنن کي خدا کان سواءِ ٻي ڪابه هستي ياد نٿي اچي ۽ هو) دين جي اخلاص (۽ سچائيءَ) سان خدا کي پڪارڻ لڳن ٿا ته، اي خدا! جيڪڏهن هن حالت منجهان اسان کي ڇوٽڪارو ڏئين ته اسان ضرور تنهنجا شڪرگذار رهنداسين. (٢٣) پوءِ (ڏسو ته) جڏهن الله تعاليٰ کين ڇوٽڪارو ڏئي ٿو تڏهن هڪدم (پنهنجي عهد اقرار وساري ڇڏين ٿا ۽) ناحق ملڪ ۾ سرڪشي ۽ فساد ڪرڻ لڳن ٿا. اي انسانؤ! توهان جي سرڪشي ۽ شرارتن جو وبال ته خود توهان جي ئي جانين تي پوڻ وارو آهي. اهي دنيا جي (ٿورڙن ڏينهن جي) زندگي جا فائدا آهن سي ڀلي ماڻيو. پوءِ توهان کي اسان ڏي ئي موٽي اچڻو آهي. ان وقت اسان توهان کي ٻڌائينداسين ته جيڪي جيڪي دنيا ۾ ڪندا رهيؤ تنهن جي حقيقت ڇا هئي؟ (٢٤) دنيا جي زندگيءَ جو مثال ته بس اهڙوئي آهي، جهڙو هيءُ معاملو ته آسمان مان اسان مينهن وسايو ۽ زمين جا اوڀڙ جي ماڻهن ۽ چوپاين جانورن لاءِ کاڌ ۽ خوراڪ جو ڪم ڏئي ٿي سا ان مينهن سان سرسبز ٿي، پوءِ جڏهن اهو وقت آيو جو زمين (پنهنجي ساوڪ ۽ لعلائي جا) سڀ زيور پاتا ۽ (لڏندڙ پوکن ۽ ميويدار باغن سان) سينگارجي ويئي ۽ زمين جي مالڪن سمجهيو ته، هاڻي فصل اسان جي قبضي ۾ اچي ويو، تڏهن اوچتوئي اوچتو اسان جو حڪم ڏينهن جي وقت يا رات جي وقت اچي ويو ۽ اسان زمين جو سڄو فصل اهڙيءَ طرح پاڙون پٽي ڦٽي ڪيو جو ڄڻ ته گذريل هڪ ڏينهن تائين ان جو ڪو نالو نشان به ڪونه هو. اهڙيءَ طرح اسان (حقيقت جا) دليل کولي کولي بيان ڪيون ٿا انهن ماڻهن لاءِ جيڪي غور ۽ فڪر ڪندڙ آهن. (٢٥) ۽ الله تعاليٰ سلامتيءَ جي گهر ڏانهن سڏي ٿو ۽ جنهن لاءِ وڻيس ٿو تنهن کي (ڪاميابي ۽ نجات جي) سڌي واٽ تي لڳائي ٿو. (٢٦) (الله جو قانون هيءُ آهي ته) جن ماڻهن چڱائي ڪئي تن جي لاءِ چڱائي ئي ٿيندي، بلڪ ان کان به گهڻو زياده چڱائي کين ملندي. سندن چهرن تي نڪي (محروميءَ جي) ڪاراڻ لڳندي، نڪي ذلت ۽ خواري جو اثر ظاهر ٿيندو. اهڙا ئي ماڻهو جنتي آهن ۽ هميشه جنت ۾ رهندا. (٢٧) ۽ جن ماڻهن برايون ڪمايون تن لاءِ برائيءَ جو نتيجو اهڙوئي نڪرندو، جهڙي برائي ڪئي هوندائون ۽ انهن تي خواري ڇانئجي ويندي. الله (جي قانون) کان کين بچائڻ وارو ڪوبه نه هوندو. سندن چهرن تي اهڙيءَ طرح ڪاراڻ ڇانئجي ويندي جهڙيءَ طرح اونداهي رات جو هڪ ٽڪرو چهرن تي ٿڦيو ويو هجي. سو اهڙائي ماڻهو دوزخي آهن ۽ هميشه دوزخ ۾ رهندا. (٢٨) ۽ (ڏسو) هڪڙي ڏينهن اسان انهن سڀني (مشرڪن) کي پنهنجي حضور ۾ گڏ ڪنداسين ۽ پوءِ انهن ماڻهن کي جن شرڪ ڪيو هو چونداسين ته، توهان ۽ اهي سڀ جن کي توهان (اسان سان) شريڪ ٺهرايو هو پنهنجي جاءِ تان نه چرجو (يعني جتي بيٺا آهيو اتي ئي بيٺا رهجو) ۽ پوءِ اسان کين هڪ ٻئي کان (يعني شرڪ ڪندڙن کي فرضي شريڪن کان) ڌار ڌار ڪنداسين. پوءِ اهي هستيون جن کي خدا سان شريڪ بنايو ويو هو سي چونديون ته ائين بلڪل ناهي ته توهان اسان جي پرستش يا بندگي ڪندا هئو. (٢٩) اڄوڪي ڏينهن اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ الله تعاليٰ جي شاهدي ڪافي آهي، هو ڄاڻي ٿو ته اسان توهان جي پوڄائن کان بلڪل بي خبر هئاسين. (٣٠) پوءِ انهيءَ ڏينهن هرهڪ ماڻهو ظاهرظهور چٽيءَ طرح معلوم ڪندو ته جيڪي جيڪي هو اڳي ڪري چڪو آهي، تنهن جي حقيقت ڇا هئي. سڀ الله جي حضور ۾ جو سندن حقيقي مالڪ آهي موٽائي آندا ويندا ۽ حقيقت جي خلاف جيتري قدر ڪوڙا ٺاهه هو ٺاهيندا رهيا آهن سي سڀ گم ٿي ويندا.
رڪوع ٤ آيت 31-تا-40
پالڻهاري ۽ ڪارسازي ڏسي پوءِ به هو خدا جي حڪمن کي نٿا مڃن
(٣١) (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کان پڇ ته اهو ڪير آهي جو اوهان کي آسمان ۽ زمين جي ذريعي روزي ٿو ڏئي؟ اهو ڪير آهي جنهن جي قبضي ۾ اوهان جو ٻڌڻ ۽ ڏسڻ آهي؟ اهو ڪير آهي جو زندهه کي مردهه مان ڪڍي ٿو ۽ مردهه کي زندهه مان ڪڍي ٿو؟ ۽ وري اهو ڪير آهي جو هن سڄي ڪارخاني جو انتظام رکي رهيو آهي؟ هو هڪدم چئي ڏيندا ته، الله، فقط الله! پوءِ تون کين چئو ته جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ توهان (حق جي انڪار جي نتيجن کان) ڇو نه ٿا ڊڄو؟ (٣٢) اهو ئي الله في الحقيقت اوهان جو پروردگار آهي، پوءِ ٻڌايو ته سچائيءَ کي ڄاڻڻ کان پوءِ ان کي نه مڃڻ گمراهي ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ توهان (حقيقت کان) منهن موڙي ڪاڏي وڃي رهيا آهيو؟ (٣٣) (اي پيغمبر!) اهڙي ئي طرح تنهنجي پروردگار جو فرمودو انهن ماڻهن تي سچو ثابت ٿيو جيڪي ماڻهو (هدايت جي دائري کان) ٻاهر نڪري ويا آهن جي ايمان آڻڻ وارا ئي نه رهيا آهن. (٣٤) (اي پيغمبر!) انهن کان پڇ ته ڇا اوهان جي ٺهرايل شريڪن مان ڪو اهڙو به آهي جو خلقت جي پيدائش شروع ڪري ۽ وري ان کي ٻيهر پيدا ڪري؟ کين چئو ته، الله ئي آهي جو ابتدا ۾ پيدا ڪري ٿو، وري ان کي ٻيهر پيدا ڪندو، پوءِ غور ته ڪيو ته توهان جي اونڌي هلت چلت اوهان کي ڪاڏي کڻي وڃي رهي آهي. (٣٥) (اي پيغمبر!) انهن کان پڇو ته، توهان جي هٿرادو بنايل شريڪن مان ڪوئي آهي جو حق جي راهه ڏيکاري ٿو؟ چئو ته، الله ئي آهي جو حق جي راهه ڏيکاري ٿو. ڇا پوءِ جيڪو حق جي راهه ڏيکاري سو وڌيڪ حقدار آهي ته سندس پيروي ڪئي وڃي يا اهو وڌيڪ حقدار آهي جو پاڻ ئي راهه لهي نٿو سگهي، جيستائين ڪه کيس راهه نه ڏيکاري وڃي؟ (افسوس آهي اوهان تي) اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟ اوهان ڪيئن (غلط) فيصلو ڪري رهيا آهيو؟ (٣٦) ۽ انهن ماڻهن مان گهڻا ماڻهو اهڙائي آهن، جيڪي فقط وهم ۽ گمان جي ڳالهين تي هلن ٿا. بيشڪ سچائيءَ جي سڃاڻپ لاءِ گمان ڪجهه به ڪم ڏئي نٿو سگهي. اهي ماڻهو جيڪي جيڪي ڪري رهيا آهن سو تحقيق الله تعاليٰ خوب ڄاڻي ٿو. (٣٧) ۽ هن قرآن جو معاملو اهڙو ناهي جو الله کان سواءِ ڪوبه ٻيو پنهنجي دل ۽ دماغ مان ڪڍي ٺاهي سگهي. اهو ته انهن سڀني وحين جي تصديق آهي جيڪي ان کان اڳي نازل ٿي چڪا آهن ۽ (قرآن) الله جي ڪتاب جو تفصيل آهي (يعني الله جي ڪتابن ۾ جيڪا به تعليم ڏني ويئي آهي سا سڀ ان ۾ کولي کولي بيان ڪئي وئي آهي) ان ۾ ڪجهه به شڪ ڪونهي سڀني جهانن جي پروردگار وٽان آيل آهي. (٣٨) ڇا اهي ماڻهو هيئن ٿا چون ته هن شخص (يعني پيغمبرﷺ الله جي نالي) تي هي ڪوڙو ٺاهه ٺاهيو آهي؟ تون چئو ته، جيڪڏهن توهان ائين چوڻ ۾ سچا آهيو (۽ جيڪڏهن هڪڙو ماڻهو اهڙو ڪلام پاڻ ٺاهي سگهي ٿو) ته قرآن جي سورتن جهڙي هڪڙي سورت ٺاهي پيش ڪيو ۽ خدا کان سواءِ جن جن هستين کي پنهنجي مدد لاءِ سڏي سگهو ٿا، تن کي به سڏيو (اوهان سڀ گڏجي به هڪ سورت نه ٺاهي سگهندؤ). (٣٩) نه نه، (اها ڳالهه ته آهي ئي نه، اصل حقيقت هيءَ آهي ته) جنهن ڳالهه کي پنهنجي علم سان پروڙي نٿا سگهن ۽ جنهن ڳالهه جو نتيجو اڃا پيش نه آيو اٿن تنهن کي ڪوڙو سمجهي رد ڪرڻ لاءِ تيار بيٺا آهن. بلڪ اهڙيءَ ئي طرح انهن ماڻهن به (حق کي) ڪوڙو ٺهرايو هو جي ماڻهو اڳي ٿي گذريا آهن، پوءِ ڏسو ته انهن ظالمن جي پڇاڙي ڪهڙي نه (خراب) ٿي. (٤٠) ۽ (اي پيغمبر!) انهن مان (يعني تنهنجي قوم مان) ڪي ته اهڙا آهن جي قرآن تي (آئنده) ايمان آڻيندا ۽ ڪي اهڙا آهن، جي ايمان آڻڻ وارا هرگز ناهن ۽ تنهنجو پروردگار خوب ڄاڻي ٿو ته ڪهڙا ماڻهو مفسد آهن (يعني خرابيون ڪرڻ وارا آهن.)
رڪوع ٥ آيت 41-تا-53
جيڪي ٻوڙا ۽ انڌا آهن تن کي تون ڪيئن ٻڌائي سگهندين ۽ واٽ ڏيکاري سگهندين؟
(٤١) ۽ جيڪڏهن هي ماڻهو (ايتري قدر سمجهائڻ بعد به) توکي ڪوڙو سمجهن ته، تون چئي ڏي ته منهنجي لاءِ منهنجو عمل آهي ۽ اوهان جي لاءِ اوهان جو. مان جيڪي جيڪي ڪيان ٿو تنهن جي ذميواري اوهان تي ڪانهي ۽ توهان جيڪي جيڪي ڪيو ٿا تنهن لاءِ مان ذميوار ڪونه آهيان. (توهان ڀلي پنهنجي راهه وٺو، پوءِ ڏسو ته الله ڪهڙو ٿو فيصلو ڪري). (٤٢) ۽ (اي پيغمبر!) هنن ۾ ڪي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي تنهنجيون ڳالهيون (ظاهري طرح) ٻڌن ٿا (۽ تون ڀانئين ٿو ته حق جو ڪلام ٻڌي سچائي اختيار ڪندا، پر حقيقتاً هو ٻڌن ڪونه ٿا) پوءِ ڇا تون ٻوڙن کي ٻڌائي سگهندين اگرچه هو ڳالهه کي سمجهي ڪونه سگهندا؟ (نڪي سمجهڻ جي ڪوشش ئي ڪن؟) (٤٣) ۽ انهن ۾ ڪي اهڙا آهن جيڪي توڏي نهارين ٿا (۽ تون ڀانئين ٿو ته توکي سمجهه سان ڏسن ٿا، حالانڪ هو توکي ڏسن ئي ڪونه ٿا) پوءِ ڇا تون انڌن کي واٽ ڏيکاريندين اگرچه هن کي (سمجهڻ جي) نظر ئي ڪانه هجي؟ (٤٤) يقيناً الله تعاليٰ انسانن تي تر جيترو به ظلم نٿو ڪري (هو ڪنهن کي زور سان انڌو ٻوڙو نٿو ڪري) پر پاڻ انسان ئي آهي جو پاڻ تي ظلم ٿو ڪري (ڇو ته الله جي ڏنل قوتن کان ڪم نٿو وٺي ۽ خود غرضي ۽ هٺ وڏائي ۾ پئجي سچائيءَ کان انڪار ٿو ڪري). (٤٠٤) (٤٥) ۽ جنهن ڏينهن الله تعاليٰ انهن سڀني کي (قيامت جي ڏينهن) جمع ڪري پاڻ وٽ حاضر ڪندو تنهن ڏينهن کين ائين معلوم ٿيندو ته (دنيا ۾) هڪ گهڙيءَ کان وڌيڪ نه رهيا ۽ (رڳو هڪ گهڙي) پاڻ ۾ ڄاڻ سڃاڻ (۽ کيڪار ڀليڪار) ڪري ورتائون. بيشڪ اهي ماڻهو پوءِ وڏي نقصان ۽ تباهي هيٺ آيا (يا ايندا) جن الله جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ کي نه مڃيو هو ۽ (ڪاميابيءَ جي) راهه وٺڻ وارا نه هئا. (٤٦) ۽ (اي پيغمبر!) هنن ماڻهن سان (يعني عرب جي منڪرن سان) جن ڳالهين جو واعدو ڪيو ويو آهي (يعني عذابن جي خبر ڏني وئي آهي) انهن مان ڪي ڳالهيون توکي (تنهنجي حياتيءَ ۾) ڏيکاريون يا (ان کان اڳ ئي) تنهنجو وقت پورو ڪري ڇڏيون، هر حالت ۾ هنن کي اسان جي ئي طرف موٽڻو آهي ۽ اهي جيڪي جيڪي ڪري رهيا آهن تنهن تي الله تعاليٰ شاهد آهي (۽ ضرور کين سندن عملن جو بدلو ڏيندو.) (٤٧) ۽ (ياد رکو ته) هرهڪ امت جي لاءِ هڪ رسول آهي (جو ان ۾ پيدا ٿئي ٿو ۽ حق جي طرف سڏي ٿو) پوءِ جڏهن ڪنهن امت ۾ ان جو رسول ظاهر ٿيو ته (اسان جو قانون هي آهي ته) انهن جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو وڃي ٿو، ۽ ائين نٿو ٿئي جو هنن سان بي انصافي ٿئي. (يعني رسولن سان دشمنيءَ ۾ مخالفت ڪندڙن کي سندن ظلمن جي سزا انصاف سان ملي ٿي). (٤٨) ۽ هي ماڻهو چون ٿا ته جيڪڏهن توهان (مسلمان) سچا آهيو ته، هيءَ ڳالهه (يعني حق کان انڪار ڪرڻ جي سزا) ڪڏهن ظهور ۾ ايندي؟ (٤٩) (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته (هيءُ معاملو منهنجي هٿ ۾ ناهي جو ٻڌايان ته ڪڏهن ائين ٿيندو) مون کي ته پنهنجي جان جو نفعو نقصان به قبضي ۾ ناهي. اهوئي ٿئي ٿو جيڪي الله تعاليٰ چاهيو آهي. هر امت جي لاءِ (عمل جي بدلي جو) هڪ مقرر وقت آهي ۽ جڏهن اهو وقت اچي وڃي ٿو تڏهن هو نڪي هڪ گهڙي پوئتي رهي سگهن ٿا، نڪي هڪ گهڙي اڳتي. (٥٠) (اي پيغمبر! تون هنن ماڻهن کي) چئو ته، (ڇا توهان هن ڳالهه تي به غور ڪيو آهي ته) توهان ڇا ڪندؤ جيڪڏهن خدا جو عذاب راتو رات نازل ٿئي يا ڏينهن جو ئي توهان کي وڪوڙي وڃي. پوءِ ڪهڙي ڳالهه آهي جنهن جي لاءِ (هي بيوقوف) ڏوهه گناهه ڪندڙ تڪڙ ڪري رهيا آهن (ائين نٿا سمجهن ته عذاب جي اچڻ لاءِ تڪڙ ڪري رهيا آهيون.) (٥١) ڇا جڏهن اهو (عذاب) واقع ٿيندو (يعني اچي ويندو) تڏهن توهان کي يقين ايندو؟ (پر ان وقت ايمان يا يقين ڪجهه به ڪم نه ايندو. انهيءَ وقت ڪاڏي ويندؤ. هائو!) هاڻي توهان کي يقين آيو، پر توهان ئي هئو جو هن (عذاب جي) طلب ۾ جلدي مچائي ڏيندا هئو. (٥٢) پوءِ ظلم ڪندڙن کي چيو ويندو ته هاڻي هميشه لاءِ عذاب چکو. توهان کي جيڪو بدلو ملي رهيو آهي سو سواءِ هن جي ٻيو ڪجهه به نه آهي ته توهان جي ئي ڪرتوتن جو نتيجو آهي جي دنيا ۾ ڪندا رهيا آهيو. (٥٣) ۽ هو توکان پڇن ٿا ته، ڇا هيءَ ڳالهه واقعي سچ آهي؟ تون (بي ڌڙڪ) چئي ڏي ته ها منهنجو پروردگار ان تي شاهد آهي ته هيءَ ڳالهه بلاشڪ سچ آهي ۽ توهان هرگز ائين نٿا ڪري سگهو جو هن کي (يعني الله کي سندس ڪمن ۾) عاجز ڪري سگهو. (يعني انهن ڪمن کان کيس روڪي سگهو.)
رڪوع ٦ آيت 60-24
ڪافرن کي جيڪا مهلت ڏني وڃي ٿي سا خدا جو فضل آهي بشرطيڪه هو توبه ڪن ۽ پاڻ سڌارين.
(۵۴) ۽ (اهو اچڻ وارو عذاب اهڙو ڀيانڪ ۽ ڀوائتو آهي ۽ ان جو اچڻ ايتري قدر يقيني آهي جو) جيڪڏهن هرهڪ ظالم انسان جي قبضي ۾ اهو سڀ ڪجهه هجي جو روءِ زمين تي آهي ته هو ضرور ان کي فدئي طور (پاڻ کي عذاب کان بچائڻ لاءِ) ڏئي ڇڏيندو. (يعني سڀ ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندو، پر ان وقت فديو قبول نه پوندو) ۽ (ڏسو ته) جڏهن هنن عذاب کي پنهنجي سامهون ڏٺو تڏهن (پنهنجي سرڪشي ۽ ڪفر ياد ڪري) دل ئي دل ۾ پڇتائڻ لڳا. پوءِ انهن جي وچ ۾ (يعني مؤمنن ۽ سرڪش ڪافرن جي وچ ۾) انصاف سان فيصلو ڪيو ويو. ۽ ائين ڪڏهن به نه ٿيندو جو هنن سان ڪنهن به طرح جي بي انصافي ڪئي وڃي. (٥٥) ياد رکو ته آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سو سڀ الله جي لاءِ ئي آهي. (کانئس سواءِ ڪوبه ڪونهي جنهن کي حڪم ۽ تصرف ۾ ڪجهه دخل هجي) ۽ هيءَ ڳالهه به نه وساريو ته الله جو واعدو سچو آهي (اهو ڪڏهن به ٽري نه سگهندو) پر (افسوس ته) هنن ماڻهن ۾ اڪثر اهڙ آهن، جيڪي اها ڳالهه نٿا ڄاڻن (۽ سمجهن). (٥٦) اهوئي (الله تعاليٰ) جيئاري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ اهوئي آهي جنهن ڏانهن اوهان سڀني کي (آخر) موٽڻو آهي (۽ عملن جو بدلو وٺڻو آهي). (٥٧) اي انسانو! توهان ڏي توهان جي پروردگار وٽان هڪ اهڙي شيءِ آئي آهي جا (وڏي فائدي واري) نصيحت آهي، دل جي سڀني بيمارين لاءِ شفا آهي ۽ هدايت ۽ رحمت آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ( ان قرآن تي) ايمان ۽ يقين رکن ٿا. (٥٨) (اي پيغمبر!) تون چئو ته، هي (قرآن) الله جو فضل آهي ۽ الله جي رحمت آهي. پوءِ (مؤمنن کي) گهرجي ته انهيءَ تي خوشيون ڪن ۽ اهو (قرآن) انهن سڀني شين کان بهتر آهي، جي هو (ڪافر) ماڻهو (دنيا جي زندگيءَ ۾) جمع ڪندا رهن ٿا. (٥٩) (اي پيغمبر!) تون انهن (انڪار ڪندڙن) کي چئو ته، ڇا توهان هن ڳالهه تي به ڪڏهن غور ڪيو آهي ته جيڪا روزي الله تعاليٰ اوهان لاءِ پيدا ڪئي آهي تنهن مان ڪن شين کي توهان (فقط پنهنجي وهمن ۽ گمانن جي ڪري) حرام ٺهرايو آهي ۽ ڪن کي حلال سمجهيو آهي؟ تون کانئن پڇ ته (هي جو توهان حلال حرام جا حڪم لڳايا آهن سو اوهان کي) الله تعاليٰ انهيءَ جي اجازت ڏني آهي ڇا؟ يا توهان الله تعاليٰ تي بهتان ٺاهي ويٺا آهيو؟ (٦٠) ۽ (جن ماڻهن جي جرئتن جو اهو حال آهي جو) الله جي نالي تي ڪوڙ هڻي ٺاهه ٺاهي رهيا آهن، تن قيامت جي ڏينهن بابت ڇا سمجهيو آهي، (ائين ٿا سمجهن ڇا ته الله جي طرف کان سندن ڪوڙن ۽ بدعملن لاءِ پڇاڻو ٿيڻوئي ڪونهي؟) حقيقت هيءَ آهي ته الله تعاليٰ انسانن جي لاءِ وڏي فضل وارو آهي (جو عملن جي سزا جو وڏو حصو آخرت لاءِ رکي ڇڏيو اٿس ۽ دنيا ۾ سڀني کي مهلت گهڻي حد تائين ڏئي ڇڏي اٿس) تنهن هوندي به هنن ۾ اڪثر ماڻهو اهڙا آهن جيڪي بلڪل بي شڪر آهن.
رڪوع ٧ آيت 61-تا-70
الله تعاليٰ کان اوهان جا علم ۽ ڳالهيون ڳجهيون ناهن، عزتون الله جي هٿ ۾ آهن
(٦١) ۽ (اي پيغمبر!) تون ڪهڙي به حال ۾ هجين ۽ قرآن جي ڪا آيت به پڙهي ٻڌائيندو هجين، ۽ (اي انسانو!) اوهان ڪوبه ڪم ڪندا هجو ته به اسان اوهان کي اهو ڪم ڪندي ڏسون ٿا. زمين ۾ ۽ آسمان ۾ ڪا ذري برابر شيءِ به تنهنجي پروردگار کان ڳجهي ناهي. انهيءَ کان به ننڍي يا وڏي شيءِ ڪابه ڪانهي جا واضح ۽ چٽي ڪتاب ۾ درج ٿيل نه هجي (يعني الله تعاليٰ کي سڀ ڪجهه معلوم آهي ۽ سڀني شين تي سندس نگاهه ۽ ضابطو آهي.) (٦٢) ياد رکو ته، جيڪي الله جا دوست آهن تن جي لاءِ نه ڪنهن طرح جو خوف هوندو، نه وري ڪنهن به طرح جي غمگيني. (٦٣) اهي ئي ماڻهو آهن جن (سچيءَ طرح) ايمان آندو ۽ (زندگي اهڙيءَ طرح گذاريائون جو) برائين ۽ گناهن کان بچندا رهيا. (٦٤) انهن (سچن مؤمنن) لاءِ دنيا جي زندگيءَ ۾ به (ڪامراني ۽ سعادت جي) خوشخبري آهي ۽ آخرت جي زندگيءَ ۾ به. الله جا فرمان (۽ قانون) اڻٽر آهن. ڪڏهن به بدلجڻ وارا نه آهن ۽ اهائي سڀ کان وڏي فتح ۽ ڪامراني آهي (جا فرمانبرداري انسان کي نصيب ٿي سگهي ٿي). (٦٥) ۽ (اي پيغمبر!) منڪرن جي (دشمنيءَ جي) ڳالهين تي تون غم نه ڪر. سڀ عزتون الله جي لاءِ ئي آهن (هو جنهن کي چاهي تنهن کي عزت ڏئي ۽ جنهن کي چاهي تنهن کي خوار خراب ڪري) هو ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (٦٦) ياد رکو ته، اهي هستيون جي آسمانن ۾ آهن ۽ اهي جي زمين ۾ آهن سي سڀ الله ئي جي حڪم لاءِ آهن (۽ سندس فرمانن جون تابعدار آهن) ۽ جيڪي ماڻهو الله کان سواءِ پنهنجي ٺهرايل شريڪن کي پڪارين ٿا تن بابت توهان کي خبر آهي ته هو ڪهڙي ڳالهه جي پيروي ٿا ڪن (ڇا يقين ۽ بصيرت جي پيروي ٿا ڪن؟ نه هرگز نه) هو فقط وهمن ۽ گمانن جي پيروي ڪري رهيا آهن. هو (هر ڳالهه ۾) فقط اٽڪلون هلائي رهيا آهن (۽ باطل جي پٺيان لڳي رهيا آهن). (٦٧) اهوئي (الله) آهي جنهن اوهان جي لاءِ رات جو وقت بنايو، انهيءَ لاءِ ته ان ۾ آرام وٺو ۽ ڏينهن جو وقت به بنايو ته ان ۾ (دنيا ۽ دنيائي شين کي) ڏسو وائسو. بيشڪ هن ڳالهه ۾ انهن ماڻهن لاءِ (الله جي ربوبيت جون) وڏيون ئي نشانيون آهن، جيڪي (حق جو ڪلام) ٻڌن (۽ سمجهن) ٿا. (٦٨) اهي چون ٿا ته، الله پنهنجو هڪ پٽ بنائي رکيو آهي. (پر) پاڪائي هجي الله جي لاءِ! هو ته (انهيءَ طرح جي گهرجن کان) آزاد ۽ بي نياز آهي (ڇو ته) جيڪي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي جيڪي زمين تي يا زمين ۾ آهي سو سڀ سندس ئي لاءِ آهي (پوءِ پٽ جي ڪهڙي ضرورت پئي اٿس) توهان (مشرڪن) وٽ اهڙي ڳالهه چوڻ لاءِ ڪهڙو دليل اچي ويو آهي؟ ڇا توهان الله جي باري ۾ اهڙي ڳالهه چوڻ جي جرئت ٿا ڪيو، جنهن لاءِ توهان کي ڪو علم ئي ڪونهي. (٦٩) (اي پيغمبر!) تون چئو ته، بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تي بهتان ٿا ٻڌن سي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. (٧٠) انهن جي لاءِ فقط دنيا جوئي متاع آهي (جيئن ڍورن ڍڳن لاءِ به آهي) پوءِ (آخر) اسان ڏي موٽندا، پوءِ اسان کين سخت عذاب جو مزو چکائينداسين، انهيءَ لاءِ ته جيڪي ڪفر جون ڳالهيون (۽ ڪم) ڪري رهيا آهن تن جو نتيجو لوڙين.
رڪوع ٨ آيت 71-تا-82
پيغمبر اوهان وٽ هدايت کڻي ٿا اچن ان لاءِ ڪا موڙي نٿا گهرن ۽ نه ڪا طمع ٿا رکن.
(٧١) ۽ (اي پيغمبر!) انهن کي حضرت نوح جو احوال ٻڌاءِ ته حضرت نوح پنهنجي قوم کي چيو هو ته، اي منهنجي قوم! جيڪڏهن توهان کي هيءَ ڳالهه تڪليف ٿي ڏئي ته مان (توهان کي اسلام جي دعوت ڏيڻ ۽ هدايت ڪرڻ لاءِ) اٿي کڙو ٿيو آهيان ۽ الله جي آيتن سان نصيحت ٿو ڪيان ته منهنجو ڀروسو فقط الله تعاليٰ تي آهي. پوءِ (منهنجي خلاف جيڪي به ڪرڻ چاهيو ٿا تنهن لاءِ) گڏجي ٺاهه ٺاهيو ۽ پنهنجي (ٺهرايل) شريڪن کي به پاڻ سان شامل ڪيو. پوءِ (جيڪو به توهان جي منصوبو تيار ٿئي تنهن کي چڱيءَ طرح سمجهي وٺو) جيئن ڪابه ضروري ڳالهه رهجي نه وڃي. پوءِ (جيڪي به منهنجي خلاف ڪرڻو اٿو سو) ڪري گذرو ۽ مون کي ذرو به مهلت نه ڏيو (۽ ڏسو ته آخر نتيجو ڇا ٿو نڪري؟) (٧٢) پوءِ جيڪڏهن (انهيءَ تي به توهان باز نه آيا ۽) مون کان منهن موڙي ڇڏيو ته (ياد رکو ته پنهنجو ئي نقصان ڪندؤ) مان جيڪي به ڪري رهيو آهيان تنهن لاءِ توهان کان ڪابه مزوري ڪڏهن به ڪانه گهريم. منهنجي مزوري (اجر) ته الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن وٽ به ناهي. مون کي (خدا وٽان) حڪم ڏنو ويو آهي، ته سندس فرمانبردار ٻانهن جي جماعت ۾ شامل رهان. (٧٣) تنهن هوندي به (هوس پرست انڌن) ماڻهن کيس (يعني حضرت نوح کي) ڪوڙو سمجهي نه مڃيو. پوءِ اسان کيس ۽ سندس ماڻهن (يعني مٿس ايمان آڻيندڙن) کي جيڪي ساڻس ٻيڙيءَ ۾ سوار هئا (طوفان ۽ ٻوڏ کان) بچائي ورتو ۽ (غرق ٿيل قوم جو) جانشين بنايو ۽ جن ماڻهن اسان جون آيتون (نشانيون) ڪوڙيون سمجهي نه مڃيو تن کي اسان (ٻوڏ ۾) ٻوڙي غرق ڪري ڇڏيو. پوءِ ڏس ته انهن ماڻهن جو ڪهڙو حشر ٿيو جن کي (انڪار ۽ سرڪشيءِ جي نتيجن کان) خبردار ڪيو ويو هو. (٧٤) پوءِ حضرت نوح بعد اسان (ڪيترائي) رسول سندن قومن ۾ پيدا ڪيا. اهي هنن ڏانهن روشن دليل کڻي آيا هئا، تڏهن به سندن قومون جيڪا ڳالهه اڳ ئي ڪوڙي سمجهي نه مڃي هئائون تنهن کي (دليل ڏسي به) مڃڻ لاءِ تيار نه هيون، (سو ڏسو ته) جيڪي ماڻهو (سرڪشي ۽ فساد ۾) حدن کان ٻاهر لنگهي ٿا وڃن، تن جي دلين تي اسان اهڙيءَ طرح مهر لڳائي ٿا ڇڏيون (جو پوءِ ڪڏهن به عقل ۽ بصيرت جي سڌي واٽ تي اچي نٿا سگهن.) (٧٥) پوءِ اسان انهن رسولن بعد موسيٰ ۽ هارون کي (پيغمبر ڪري) فرعون ۽ سندس درٻارين ڏي موڪليو. هنن کي (يعني حضرت موسيٰ ۽ هارون کي) اسان جون نشانيون ۽ معجزا ساڻ گڏ هئا، پر فرعون ۽ سندس درٻارين تڪبر ڪيو ۽ هنن جي جماعت گنهگارن جي جماعت هئي. (٧٦) پوءِ جڏهن اسان وٽان فرعون ۽ سندس ماڻهن ڏي (حضرت موسيٰ ۽ هارون کي) حق جي ڳالهه آئي (۽ معجزا ڏٺائون) تڏهن هو (منڪر) چوڻ لڳا ته، هي ته فقط جادو آهي ۽ چٽو چٽو جادو آهي. (٧٧) حضرت موسيٰ چيو ته جڏهن توهان وٽ حق ۽ سچائي اچي ويئي آهي تڏهن ان باري ۾ هيئن ٿا چئو ڇا ته اهو جادو آهي؟ حالانڪه جادوگر ته ڪڏهن به ڪامياب نٿا ٿين. (٧٨) هنن (جواب ۾) چيو ته، ڇا توهان اسان ڏي هن لاءِ آيا آهيو ته جنهن راهه تي اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي هلندي ڏٺو تنهن کان اسان کي هٽائي ڇڏيو ۽ هن ملڪ ۾ اوهان ٻنهي ڀائرن کي سرداري (۽ بادشاهي) ملي وڃي؟ اسان ته توهان کي مڃڻ وارا ڪونه آهيون. (٧٩) ۽ فرعون چيو ته، منهنجي بادشاهي ۾ جيترا به هوشيار جادوگر آهن تن سڀني کي مون وٽ حاضر ڪريو. (٨٠) جڏهن جادوگر اچي گڏ ٿيا (۽ مقابلي جو ميدان تيار ٿيو) تڏهن حضرت موسيٰ چيو ته، توهان (جادوگرن) کي جيڪي ميدان ۾ آڻڻو آهي سو آڻيو (يعني جادوءَ جا ڪرشما ڏيکاريو). (٨١) پوءِ جڏهن هنن (پنهنجي جادوءَ جون رسيون ۽ لٺيون ميدان ۾) اڇلايون تڏهن حضرت موسيٰ فرمايو ته توهان جيڪي ڏيکاريو آهي سو جادو آهي ۽ بيشڪ الله تعاليٰ ان کي برباد ڪري ڇڏيندو. بيشڪ الله جو اهو قانون آهي ته هو بگاڙو ڪندڙن جا عمل نٿو سنواري (نه ڪامياب ڪري). (٨٢) ۽ هو (الله) پنهنجي حڪمن مطابق حق کي ضرور ثابت ڪري ڏيکاريندو اگرچه گنهگارن کي ائين ٿيڻ پسند نه اچي.
رڪوع ٩ آيت 92-83
فرعون جو لاش، نه مڃيندڙن جي لاءِ نشاني آهي. پر افسوس اڪثر انسان نشانين کان غافل آهن.
(٨٣) پوءِ تڏهن حضرت موسيٰ تي ڪنهن به ايمان نه آندو، سواءِ سندس قوم جي نوجوانن جي هڪ ٽوليءَ جي. اهي نوجوان به فرعون ۽ سردارن کان ڊنا پئي ته متان (ايمان آڻڻ جي ڪري) کين ڪنهن مصيبت ۾ وجهي ۽ انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته فرعون (مصر جي) ملڪ ۾ وڏو سرڪش (بادشاهه) هو ۽ انهيءَ ۾ به شڪ ڪونهي ته هو (ظلم ۽ جبر ۾) چوٽ چڙهيل هو. (٨٤) ۽ حضرت موسيٰ (پنهنجي قوم کي) چيو ته، اي منهنجي قوم! جيڪڏهن توهان سچ پچ الله تي ايمان آندو آهي ۽ سندس فرمانبرداري ڪرڻ چاهيو ٿا ته توهان کي گهرجي ته فقط الله تي ڀروسو رکو (۽ فرعون جي طاقت کان نه ڊڄو). (٨٥) هنن چيو ته اسان الله تي ڀروسو ڪيو آهي. (اسان دعا ٿا گهرون ته) اي پروردگار! اسان کي هن ظالم ٽولي جي لاءِ (اهڙي) آزمائش ۾ نه وجهه (جو سندن ظلمن جي مقابلي ۾ ڪمزوري ڏيکاريون). (٨٦) ۽ پنهنجيءَ رحمت سان اسان کي هن ڪافر قوم کان بچائجانءِ. (٨٧) ۽ اسان حضرت موسيٰ ۽ سندن ڀاءُ (هارون) تي وحي نازل ڪيو ته پنهنجي قوم جي لاءِ مصر ۾ گهر ٺاهيو ۽ گهرن جو رخ پنهنجي قبلي ڏي ڪيو ۽ (انهن گهرن ۾) نماز قائم ڪيو ۽ جن ايمان آندو آهي تن کي (ڪاميابيءَ جي) خوشخبري پهچايو. (٨٨) ۽ حضرت موسيٰ دعا گهري ته، اي خدا! تو فرعون ۽ سندس سردارن کي هن دنيا جي زندگيءَ ۾ زيب ۽ زينت جو سامان ۽ مال ۽ دولت جون شوڪتون ڏنيون آهن. پوءِ اهو (سڀ ڪجهه) هن لاءِ آهي ڇا ته هو ماڻهن کي تنهنجي راهه کان روڪي گمراهه ڪن؟ اي خدا! سندن دولت ناس ڪري ڇڏ ۽ سندن دلين تي مهر لڳائي ڇڏ، انهيءَ لاءِ ته هو ايمان نه آڻين تانجو دردناڪ عذاب پنهنجي سامهون ڏسن. (٨٩) الله تعاليٰ فرمايو ته اوهان ٻنهي جي دعا قبول ڪئي وئي. سو هاڻي اوهان (پنهنجي راهه ۾) مستقيم ۽ محڪم ٿي وک وڌايو، ۽ انهن ماڻهن جي تابعداري نه ڪريو جيڪي (منهنجي ڏسيل واٽ کي) نٿا ڄاڻن (۽ سمجهن). (٩٠) ۽ پوءِ اسان بني اسرائيل کي سمنڊ جي پار اڪاريو. هي ڏسي فرعون ۽ سندس لشڪر سندن پٺيان پيو، انهيءَ لاءِ (بني اسرائيلن سان) ظلم ۽ شرارت ڪن، پر جڏهن حالت هيءَ ٿي جو فرعون سمنڊ ۾ ٻڏڻ لڳو، تڏهن (عاجز ٿي) پڪاريائين ته مان هاڻي يقين ٿو ڪريان ته انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي جنهن تي بني اسرائيلن ايمان آندو آهي ۽ مان به انهيءَ ئي جي فرمانبردارن ۾ آهيان. (٩١) (الله تعاليٰ فرمايو ته) ها! هاڻي تو ايمان آندو! (هاڻي ڇا ٿيندو) اڳي تون هميشه نافراني ڪندو هئين ۽ تون بگاڙو ڪندڙ انسانن ۾ هڪ (وڏو) بگاڙو ڪندڙ هئين. (٩٢) پوءِ اڄ اسان تنهنجي جسم کي (سمنڊ جي لهرن مان) بچائي ٻاهر ڪڍنداسين انهيءَ لاءِ ته انهن ماڻهن جي واسطي جيڪي توکان پوءِ اچڻا آهن (حق جي قدرت جي) هڪ نشاني ٿئي. (پر افسوس!) اڪثر انسان اهڙا آهن جيڪي اسان جي نشانين کان بلڪل غافل آهن.
رڪوع ١٠ آيت 93-تا-103
الله تعاليٰ جبر سان ماڻهن کي هدايت جي واٽ تي نٿو لڳائي.
(٩٣) ۽ بيشڪ اسان بني اسرائيل کي (پنهنجي واعدي مطابق فلسطين ۾) رهڻ لاءِ چڱا مڪان ڏنا هئا ۽ پاڪ شين مان سندن روزيءَ جو سامان مهيا ڪري ڏنو هو. پوءِ جڏهن به هنن (دين جي باري ۾) اختلاف ڪيا تڏهن هنن ڏي علم جي روشني موڪلي ويئي (يعني هڪ ٻئي پٺيان هنن ڏي پيغمبر موڪليا ويا، تنهن هوندي به اختلاف ڪندا رهيا) سو قيامت جي ڏينهن تنهنجو پروردگار هنن جي وچ ۾ انهن ڳالهين جو فيصلو ڪندو جن ۾ هڪ ٻئي سان اختلاف ڪندا رهيا آهن. (يعني کين معلوم ٿيندو ته حقيقت ڇا هئي). (٩٤) ۽ جيڪڏهن توهان کي هن ڳالهه ۾ ڪنهن به طرح جو شڪ هجي جيڪا اسان اوهان تي نازل ڪئي آهي ته انهن ماڻهن کان پڇي ڏسو جيڪي اوهان جي زماني کان اڳ جا (خدائي) ڪتاب پڙهندا رهن ٿا (يعني اهل ڪتاب کان پڇي ڏسو) ته يقيناً هي حق آهي جو اوهان جي پروردگار وٽان اوهان تي نازل ٿيو آهي. تنهن ڪري هرگز ائين نه ڪجو جو شڪ آڻيندڙ ٿي پئو. (٩٥) ۽ انهن ماڻهن جهڙا نه ٿيو جن الله جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ نتيجو هيءُ نڪتو جو هو نامراد ٿي وڏي نقصان هيٺ اچي ويا. (٩٦) (اي پيغمبر!) جن ماڻهن تي الله جو فرمان سچو ثابت ٿيو آهي (يعني سندس هي قانون ته جيڪو اکيون کڻي پوريندو تنهن کي ڪجهه به نظر نه ايندو) سي ڪڏهن به ايمان نه آڻيندا. (٩٧) جيڪڏهن (دنيا جون) سڀ نشانيون به هنن جي اڳيان اچي وڃن (ته به هو نه مڃيندا) تان جو دردناڪ عذاب پنهنجي اکين سان ڏسن. (٩٨) پوءِ ڇو ائين ٿيو جو يونس جي قوم جي بستي (آبادي ۽ شهر) کان سواءِ ڪابه اهڙي بستي ڪانه هئي جا (عذاب اچڻ کان اڳي) ايمان آڻي ها ۽ ايمان جي برڪتن جو فائدو پرائي ها. سو اسان به هن (يونس جي ماڻهن) تان ذلت (خواري) جو اهو عذاب ٽاري ڇڏيو جو دنيا جي زندگيءَ ۾ مٿن اچڻو هو ۽ هڪ خاص مدي تائين اسان کين آسودي زندگيءَ جي مهلت ڏني. (٩٩) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تنهنجو پروردگار چاهي ها ته جيڪي به ماڻهو روءِ زمين تي آهن سي سڀ ايمان آڻين ها (۽ دنيا ۾ اعتقاد ۽ عمل جو اختلاف ڪونه هجي ها، پر تون ڏسين ٿو ته الله تعاليٰ ائين ڪونه چاهيو. سندس مشيت يا قانون ئي ائين ٿيو ته طرح طرح جون طبيعتون ۽ لياقتون ظهور ۾ اچن. پوءِ جيڪڏهن ماڻهو اسلام تي نه اچن ته) ڇا تون انهن تي زور آڻيندين ته جستائين ايمان نه آڻيندؤ تيستائين مان اوهان کي ڇڏڻ وارو ناهيان؟ (١٠٠) ۽ (ياد رکو ته) ڪنهن به انسان جي اختيار ۾ ناهي جو الله جي حڪم کان سواءِ (ڪنهن به ڳالهه تي) ايمان آڻي. (يعني الله جي قانون کان جيڪو ٻاهر هوندو سو ڪڏهن به حق تي نه ايندو ۽ سندس قانون هي آهي ته) الله تعاليٰ انهن ماڻهن کي (محرومي ۽ بدبختي جي) گندگيءَ ۾ ڇڏي ٿو ڏئي جيڪي عقل کان ڪم نٿا وٺن. (١٠١) (اي پيغمبر!) تون انهن ماڻهن کي چئو ته جيڪي به آسمان ۾ (اوهان جي مٿان) آهي ۽ جيڪي به زمين ۾ (اوهان جي چئني طرفن کان) آهي تنهن تي نظر ڪيو (۽ ڏسو ته هو پنهنجي حالتن سان ڪهڙي حقيقت جي شاهدي ڏيئي رهيا آهن) پر جيڪي ماڻهو يقين نٿا رکن تن جي لاءِ نڪي (قدرت جون) نشانيون ڪارگر ٿين ٿيون، نڪي (رسولن جون) تنبيهون ۽ خبردار ڪرڻ واريون هدايتون. (١٠٢) پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو منتظر آهن ته سندن انتظار (يعني ڪنهن ڳالهه لاءِ ترسي پوڻ) هن ڳالهه کان سواءِ ٻي ڪهڙي ڳالهه لاءِ ٿي سگهي ٿو ته جهڙي (عذاب جا) ڏينهن اڳين ماڻهن تي اچي چڪا هئا تهڙائي مٿن به اچي ڪڙڪن. سو تون چئي ڏي ته چڱو، انتظار ڪندا رهو. مان به توهان سان گڏ انتظار ڪرڻ وارن مان آهيان (ته خدا ڪهڙو نه مناسب فيصلو ٿو ڪري). (١٠٣) پوءِ (جڏهن عذاب جي گهڙي اچي ٿي وڃي تڏهن اسان جو قانون آهي ته) پنهنجي رسول کي ۽ مؤمنن کي ان عذاب کان بچائي ٿا وٺون. اهڙيءَ طرح اسان پاڻ تي ضروري ٺهرايو آهي ته مؤمنن کي بچائيندا رهون.
رڪوع ١١ آيت 104-تا-109
ڪافرن کي چئو ته مان دين جي باري ۾ فقط خدا جي حڪمن تي هلندس نه اوهان جي خواهش تي.
(١٠٤) (اي پيغمبر!) تون چئو ته، اي انسانو! جيڪڏهن توهان کي منهنجي دين جي باري ۾ ڪنهن به طرح جو شڪ هجي ته مان توهان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته منهنجو طريقو ڪهڙو آهي. توهان الله کان سواءِ جن هستين جي بندگي ٿا ڪريو تن جي بندگي مان ڪونه ٿو ڪريان. (نڪي ڪندس) مان ته الله جي بندگي ٿو ڪريان (جنهن جي قبضي ۾ اوهان جي زندگي آهي ۽) جنهن جي حڪم سان اوهان تي موت اچي ٿو ۽ مون کي ان ئي وٽان حڪم آيل آهي ته مؤمنن جي جماعت ۾ رهان. (١٠٥) ۽ پڻ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته، هر طرف کان هٽي پنهنجو رخ الله جي دين ڏانهن ڪر، ۽ هيئن هرگز نه ڪجانءِ جو مشرڪن منجهان ٿي پوين. (١٠٦) ۽ (مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته) الله کان سواءِ ڪنهن کي به نه پڪار، کانئس سواءِ جيڪو به آهي سو نڪي فائدو پهچائي سگهي ٿو، نڪي نقصان! جيڪڏهن تون ائين ڪندين (يعني ڪنهن غير کي پڪاريندين) ته پوءِ يقيناً تون ظالمن ۾ شمار ڪيو ويندين. (١٠٧) ۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ جي حڪم سان توکي ڪا تڪليف پهچي ته پڪ ڄاڻ ته ان کي لاهڻ وارو ٻيو ڪوبه ڪونهي سواءِ سندس ذات جي. جيڪڏهن هو توکي ڪنهن به طرح جي چڱائي بخشڻ چاهي ته پڪ ڄاڻ ته ڪوبه ٻيو ڪونهي جو سندس فضل کي روڪي سگهي. هو پنهنجي ٻانهن مان جنهن لاءِ وڻيس تنهن تي فضل ڪري ڇڏي. هو بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي. (١٠٨) (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کي چئو ته، اي نسانو! توهان جي پروردگار وٽان سچائي توهان وٽ اچي ويئي آهي. پوءِ جيڪو هدايت جي واٽ وٺندو سو پنهنجي ئي چڱائي لاءِ وٺندو ۽ جيڪو گمراهه ٿيندو تنهن جي گمراهي سندس ئي آڏو ايندي. مان (پيغمبر) اوهان تي نگهبان ڪونه آهيان (جو زبردستيءَ اوهان کي مڃايان ۽ راهه وٺايان). (١٠٩) (اي پيغمبر!) جيڪو وحي توتي موڪليو وڃي ٿو تنهن تي عمل ڪندو رهه ۽ پنهنجي راهه تي ڄميو ره، تان جو الله تعاليٰ فيصلو ڪري ۽ هو فيصلو ڪندڙن ۾ سڀني کان بهتر فيصلو ڪندڙ آهي.