مذهب

ائين چيو اللهﷻ

علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
Title Cover of book ائين چيو اللهﷻ

سورت النصر

بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

رڪوع ١ آيت 1-تا-3
تون ماڻهن کي جٿن جا جٿا ٿي الله جي دين ۾ گهڙندو ڏسندين.
(١) (اي پيغمبر! تون خالق ڪائنات جي اطاعت واري مشن کي جاري رک) پوءِ جڏهن الله جي مدد اچي ۽ (مڪي جي) فتح ٿئي. (٢) ۽ ماڻهن کي ٽولن پٺيان ٽولا ٿي ڪري الله جي دين ۾ گهڙندو ڏسين. (٣) تڏهن تون پنهنجي پالڻهار جي تسبيح ۽ حمد ڪر (پوءِ دين جي غلبي لاءِ سرگرم ٿيءُ) ۽ (ڪنهن غير شعوري ڪمي بابت به) ان کان معافي گهر. بيشڪ اهو توبه قبول ڪندڙ آهي.