سورت المؤمنون
سورت المؤمنون
بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-22
مؤمنن جون خصلتون، انسانن جي پيدائش. ڪائنات ۽ انسانن جي لاءِ ربوبيت جون نعمتون.
(١) بيشڪ ايمان وارا ڪامياب ۽ سعادت وارا ٿي ويندا. (٢) (اهي مؤمن ڪامياب رهندا) جيڪي پنهنجي نمازن ۾ نماڻا ۽ نيازمند آهن. (٣) ۽ جيڪي نڪمين ۽ واهيات ڳالهين کان رخ ڦيرائي ڇڏين ٿا. (٤) ۽ جيڪي زڪوات ادا ڪرڻ ۾ سرگرم آهن. (٥) ۽ جيڪي پنهنجي ستر رکڻ ۾ ڪڏهن به غافل نٿا ٿين. (٦) پر هو پنهنجي نڪاح ٻڌين زالن سان همبستريءَ جو تعلق رکن ٿا يا انهن سان جيڪي سندن ملڪيت ۾ اچي ويون آهن، (يعني غلام عورتون يا ٻانهيون) بيشڪ انهن سان همبستر ٿيڻ ۾ مٿن ڪوبه گناهه ڪونهي. (٧) پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو (هن معاملي ۾) ان کان علاوه ڪا ٻي صورت (شهوت پرستيءَ جي) ڳولي ڪڍندو ته پوءِ اهڙي صورت ڳولي ڪڍڻ وارا ئي آهن، جيڪي حدن کان ٻاهر نڪري ٿا وڃن ۽ ليڪو لنگهي ٿا بيهن. (٨) ۽ جيڪي پنهنجي امانتن ۽ عَهدن (۽ واعدن) پاڙڻ ۾ بلڪل ايماندار رهن ٿا (اها آهي مؤمنن جي پنجين وصف). (٩) ۽ جيڪي پنهنجي نمازن جي حفاظت ۾ ڪڏهن به قصور نٿا ڪن. (١٠) يقيناً اهڙائي ماڻهو وارث ٿيندا. (١١) ۽ کين فردوس جي زندگي ميراث ۾ ملندي ۽ هميشه ان ۾ رهندا. (١٢) ۽ (ڏسو) هي حقيقت آهي ته اسان انسان کي مٽيءَ جي سَتَ (خمير ٿيل گاري) مان پيدا ڪيو. (يعني پهريائين پهريائين انسان مٽيءَ مان پيدا ڪيوسين.). (١٣) پوءِ ان کي نطفو (يعني منيءَ جو ڦڙو) بنايوسين، هڪ اهڙيءَ جاءِ ۾ جتي قرار وٺي ۽ ڄمي بيهي. (١٤) پوءِ نطفي کي اسان علقه بنايو. پوءِ علقه کي هڪ گوشت جي ٽڪري جهڙو ڪري ڇڏيوسين، پوءِ ان ۾ هڏين جو پڃرو پيدا ڪيوسين ۽ پوءِ ڏسو ته ڪهڙيءَ طرح ان کي بلڪل ٻيءَ طرح جي مخلوق بنائي ظاهر ڪيوسين. سو ڪهڙو نه برڪتن وارو الله آهي جو سڀني کان بهتر پيدا ڪرڻ وارو آهي. (١٥) وري (ڏسو) انهيءَ پيدائش کان پوءِ سڀني کي ضرور مرڻو آهي. (١٦) ۽ وري (مرڻ بعد) قيامت جي ڏينهن اوهان کي ضرور (زنده ڪري) اٿاريو ويندو. (١٧) ۽ (ڏسو) اسان اوهان جي مٿان (سيارن جي گردش جا) ست رستا بنائي ڇڏيا آهن ۽ اسان (پنهنجي) مخلوق بابت ڪڏهن به غافل نه آهيون. (١٨) ۽ اسان هڪ خاص اندازي سان آسمان مان پاڻي ٿا وسايون، ان کي (ضرورت موافق) زمين ۾ رهايون ٿا ۽ بيشڪ اسان کي اها قدرت آهي ته ان (پاڻيءَ) کي (جهڙيءَ طرح وسائي زمين تي آندوسين تهڙيءَ طرح ان کي) کڻي وڃون. (١٩) وري انهيءَ ئي پاڻيءَ (جي ريج) سان توهان جي لاءِ کجورن ۽ انگورن جا باغ پوکيون ٿا. انهن باغن ۾ توهان جي لاءِ گهڻائي ميوا پيدا ٿين ٿا، ۽ انهن مان ڪي اوهان کائو ٿا. (٢٠) ۽ اهو وڻ (به پيدا ٿئي ٿو) جو طور سينا ۾ ٿيندو آهي، (يعني زيتون جو وڻ) ۽ جو تيل يا سڻڀ پيدا ڪري ٿو، جنهن سان کائڻ وارن لاءِ سٺو ٻوڙ تيار ٿئي ٿو. (٢١) ۽ (ڏسو) توهان جي لاءِ چوپاين جانورن (جي خلقت) ۾ به وڏي عبرت آهي. جيڪي هنن جي پيٽ ۾ آهي (يعني گاهه وغيره جو اتي ڳري ٿو) تنهن مان توهان جي لاءِ پيئڻ جي (مزيدار) شيءِ (يعني کير) پيدا ڪيون ٿا ۽ اوهان جي لاءِ انهن ۾ ٻيا به طرحين طرحين جا فائدا رکيل آهن، انهن مان ڪن جو گوشت اوهان کائو ٿا. (٢٢) ۽ توهان (خشڪيءَ ۾) انهن تي سواري ڪيو ٿا ۽ (سمنڊ ۾) جهازن تي به سوار ٿيو ٿا.
رڪوع ٢ آيت 23-تا-32
حضرت نوح عليه السلام جو ذڪر ۽ پوين پيغمبرن جي تعليم
(٢٣) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان نوح کي سندس قوم جي طرف (هدايت لاءِ) موڪليو هو. هن کين چيو هو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! الله جي ٻانهپ ڪيو. کانئس سواءِ اوهان جو ڪوبه معبود ڪونهي. پوءِ ڇا توهان (بدعملن جي نتيجن کان) نٿا ڊڄو؟ (٢٤) سندس قوم جي جن سردارن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي هئي تن اهو ٻڌي (ماڻهن کي) چيو ته، هيءُ ماڻهو (حضرت نوح) سواءِ هن جي ٻيو ڇا آهي ته توهان جهڙو هڪ ماڻهو آهي. هو چاهي ٿو ته توهان کي ڏيکاري ته مان اوهان کان وڏو ۽ افضل آهيان. جيڪڏهن الله تعاليٰ (ڪو پيغمبر موڪلڻ) چاهي ها ته ڪنهن فرشتي کي نه موڪلي ها؟ (هو اسان جهڙي هڪڙي ماڻهوءَ کي ڇو پيغمبر ڪري موڪلي ها) اسان پنهنجي اڳوڻن وڏن کان ته ڪابه اهڙي ڳالهه ڪڏهن به ڪانه ٻڌي. (٢٥) هو ڪجهه به ناهي سواءِ هن جي ته هو هڪ انسان آهي، جو متوالو ٿي پيو آهي. تنهن ڪري (سندس ڳالهين تي ڪن نه ڏيو) ڪجهه ڏينهن انتظار ڪيو (۽ ڏسو سندس پڇاڙي ڪهڙي ٿي ٿئي). (٢٦) تنهن تي حضرت نوح دعا گهري ته اي منهنجا رب! هنن ماڻهن مونکي ڪوڙو سمجهي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سو هاڻي تون منهنجي مدد ڪر. (٢٧) پوءِ اسان نوح ڏي وحي موڪليو ته اسان جي نظرداريءَ هيٺ ۽ اسان جي وحي موجب هڪ ٻيڙي ٺاهه. پوءِ جڏهن اسان جي حڪم جو وقت اچي وڃي ۽ تنور جا شعلا ڀڙڪي اٿن (يعني انڪار ڪندڙن تي عذاب جو وقت اچي وڃي) تڏهن تون هرهڪ جانورن جا ٻه ٻه جوڙا ٻيڙيءَ ۾ پاڻ سان کڻجانءِ ۽ پنهنجي گهر وارن کي به. پر گهر جي اهڙن ماڻهن کي نه کڻندين جن جي لاءِ (ٻڏڻ جو) فيصلو اڳي ئي ٿي چڪو آهي. جن ماڻهن ظلم ڪيو آهي تن جي لاءِ اسان وٽ ڪوبه عرض ۽ التجا نه ڪجانءِ. اهي ضرور غرق ٿيندا. (٢٨) ۽ جڏهن تون پنهنجي ساٿين سان ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿئين تڏهن تنهنجي زبان تي هي ڪلمون جاري هجي ته سڀ ساراهون الله جي لاءِ آهن جنهن اسان کي ظالم قوم کان نجات ڏني. (٢٩) ۽ پڻ هي دعا به گهرجانءِ ته، اي منهنجا رب! مون کي (ٻيڙيءَ مان) زمين تي اهڙيءَ طرح لاهجانءِ جو برڪت جو لهڻ هجي، ۽ تون ئي سڀني کان بهتر جاءِ ڏيڻ وارو آهي. (٣٠) بيشڪ هن واقعي ۾ (سمجهه وارن لاءِ) وڏيون نشانيون آهن، ۽ پڻ هي (حڪمت رکيل آهي) ته هتي ضرور ائين ٿئي ٿو ته اسان ماڻهن کي آزمائش ۾ وجهون. (٣١) پوءِ اسان نوح جي قوم بعد قومن جو هڪ ٻيو دور پيدا ڪيو. (٣٢) انهن ڏي به اسان پنهنجو رسول موڪليو جيڪو خود انهن مان ئي هو. (انهيءَ جي تعليم به اهائي هئي ته) فقط الله جي ٻانهپ ڪيو. کانئس سواءِ اوهان جو ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. ڇا توهان (انڪار ۽ فساد جي بڇڙن نتيجن کان) ڊڄو ئي نٿا؟
رڪوع ٣ آيت 33-تا-50
حضرت نوح عليه السلام کان پوءِ ۽ حضرت موسيٰ عليه السلام کان اڳي جيڪي نبي گذريا
تن جو ذڪر.
(٣٣) سندس قوم جي جن سردارن ڪفر جي واٽ ورتي هئي ۽ آخرت جي پيش اچڻ جا منڪر هئا ۽ جن کي اسان دنيا جي زندگيءَ ۾ آسودگي ڏني هئي سي (ماڻهن کي) چوڻ لڳا ته هي (حضرت هود) ته ڪجهه به ناهي سواءِ هن جي ته اوهان جهڙو ماڻهو آهي. جيڪي توهان ٿا کائو سوئي هوبه ٿو کائي ۽ جيڪي توهان پيئو ٿا سو ئي هوبه پيئي ٿو. (٣٤) جيڪڏهن توهان پاڻ جهڙي هڪڙي ماڻهوءَ جي فرمانبرداري ڪندؤ ته پوءِ يقين ڄاڻو ته تباهه ٿي ويندؤ. (٣٥) هو چوي ڇا ٿو؟ هو توهان کي اهو (اجايو) واعدو ٿو ٻڌائي ته جڏهن مرڻ بعد مٽي ۽ هڏين جو چورو ٿي ويندؤ تڏهن وري توهان کي موت کان ٻاهر (جيئرو ڪري) ڪڍيو ويندو. (٣٦) ڪهڙي نه اڻ ٿيڻ جهڙي ڳالهه آهي! جنهن جو اوهان کي واعدو ڏنو وڃي ٿو. (ڀلا ٻيهر جيئرو ڪيئن ٿي سگهبو!) (٣٧) زندگي ته بس اهائي آهي جا دنيا ۾ اسان پوري ڪيون ٿا. هتي ئي مرون ٿا ۽ هتي ئي جيئڻو آهي. ائين ڪڏهن به ٿيڻو ناهي ته مري پوءِ وري جيئرا ٿي اٿون. (٣٨) ڪجهه ناهي. هي ماڻهو ڪوڙا ٺاهه ٺاهيندڙ آهي، جنهن الله تي کڻي ڪوڙ مڙهيو آهي. (ته الله هيئن ٿو فرمائي هونئن ٿو فرمائي) اسان ته ڪڏهن به هن تي ايمان ڪونه آڻينداسين. (٣٩) (تنهن تي انهيءَ رسول حضرت هود) دعا گهري ته اي منهنجا رب! هنن ماڻهن مون کي ڪوڙو ٺهرايو آهي، پوءِ تون منهنجي مدد ڪر. (٤٠) (الله جو) حڪم آيو ته جلد (هيئن ٿيندو جو) هي ماڻهو پنهنجي ڪيل عملن متعلق پشيمان ۽ شرمسار ٿيندا. (٤١) پوءِ (ٿيو به ائين جو) في الحقيقت هڪ هيبتناڪ آواز اچي مٿن ڪڙڪيو، ۽ اسان هنن کي پائمال ڪري ڪکن پنن جهڙو ڪري ڇڏيو. سو محرومي ۽ بربادي هجي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ظلم ڪندڙ هجن! (٤٢) پوءِ انهن بعد اسان قومن جا ٻيا گهڻا دور پيدا ڪيا. (٤٣) ڪابه قوم پنهنجي مقرر وقت کان نڪي اڳتي وڌي سگهي ٿي، نڪي پٺتي رهي سگهي ٿي. (سڀني کي الاهي قانون موجب پنهنجو دور پورو ڪرڻو آهي.) (٤٤) پوءِ اسان هڪ ٻئي پٺيان لڳاتار پنهنجا رسول موڪيا، پر جڏهن به ڪنهن قوم ۾ سندن رسول ظاهر ٿيو تڏهن هڪدم اهي ماڻهو انڪار (۽ ڪوڙو ٺهرائڻ) تي ڪمر ڪشي بيهي رهيا. تنهن ڪري اسان به کين هڪ ٻئي پٺيان تباهه ڪندا رهياسين، ۽ هنن جون بستيون (روايت جو) افسانو بنجي ويون. سو انهن جي لاءِ محرومي ۽ نامرادي هجي جيڪي حق جي آيتن تي ايمان نٿا رکن. (٤٥) پوءِ اسان موسيٰ کي ۽ سندس ڀاءِ هارون کي پنهنجون نشانيون ۽ چٽا دليل ڏنا. (٤٦) ۽ کين فرعون ۽ سندس سردارن ڏانهن موڪليو. پر هنن تڪبر ڪيو. اهو هٺيلن سرڪشن جو ٽولو هو. (٤٧) هو (پاڻ ۾) چوڻ لڳا ته، ڇا اسان پاڻ جهڙن ٻن ماڻهن تي ايمان آڻيون. حالانڪ هنن جي قوم (يعني بني اسرائيل) اسان جي اڳيان جهڪيل آهن ۽ هو اسان جا ٻانها آهن. (٤٨) پوءِ هنن موسيٰ ۽ هارون کي ڪوڙو ٺهرائي کين مڃڻ کان انڪار ڪيو. نتيجو هي نڪتو جو تباهه ٿيڻ وارن منجهان ٿيا. (٤٩) ۽ هيءَ به حقيقت آهي ته اسان (انهيءَ واقعي بعد) موسيٰ کي الڪتاب (يعني تورات) ڏنو هو، انهيءَ لاءِ ته ماڻهو هدايت وٺن. (٥٠) ۽ (اهڙيءَ طرح) ابن مريم (يعني حضرت عيسيٰ) ۽ سندس والده کي اسان (پنهنجي سچائيءَ جي) هڪ وڏي نشاني بنايو. ۽ انهن کي هڪ اوچي مٿاهين جاءِ ۾ پناهه ڏني جا رهڻ جي لائق، سرسبز ۽ آباد هئي.
رڪوع ٤ آيت 51-تا-77
نبين جي تعليم. انڪار ڪندڙن جي ذهنيت ۽ نتيجا، مؤمنن جي ذهنيت ۽ نتيجا
(٥١) اي پيغمبر! پاڪ شيون کائو ۽ چڱا عمل ڪيو. توهان جيڪي به ڪيو ٿا سو مون کان ڳجهو ناهي. (٥٢) ۽ بيشڪ هي اوهان جي امت هڪ ئي امت آهي، ۽ اوهان سڀني جو پروردگار مان ئي آهيان. پوءِ (انڪار ۽ بدعمليءَ جي نتيجن کان) ڊڄو. (٥٣) پر (فسوس) ماڻهو هڪ ٻئي کان ڇڄي جدا جدا ٿي ويا ۽ پنهنجا جدا جدا فرقا ٺاهيائون. هاڻي جيڪي جنهن جي پلوَ ۾ آهي سو انهيءَ ۾ مگن ۽ خوش آهي. (٥٤) پوءِ (اي پيغمبر!) تون هنن (منڪرن) کي سندن غفلت، جاهليت ۽ بدمستيءَ ۾ رهڻ ڏي، هڪ مقرر وقت تائين (اهي ماڻهو انهيءَ حالت ۾ رهندا، پوءِ فيصلو ٿيندو جيئن هميشه ٿيندو رهيو آهي.) (٥٥) هي ماڻهو هيئن ٿا سمجهن ڇا؟ ته اسان کين مال ۽ اولاد (جي گهڻائيءَ) سان سندن امداد ڪري رهيا آهيون ته، (٥٦) هنن لاءِ چڱايون ۽ نعمتون ڪرڻ ۾ سرگرم رهون؟ بلڪل نه! (حقيقت بلڪل ٻيءَ طرح آهي پر) هنن کي ان جي سمجهه ڪانهي. (٥٧) (پر) جيڪي ماڻهو پنهنجي پروردگار جي خوف ۾ ڊڄندا رهن ٿا. (٥٨) ۽ جيڪي پنهنجي پروردگار جي نشانين تي ايمان آڻين ٿا. (٥٩) ۽ جيڪي پنهنجي پروردگار سان ڪنهن کي به شريڪ نٿا ڪن. (٦٠) ۽ جيڪي (خدا جي راهه ۾) جيڪي ڏيئي سگهن ٿا سو وڏيءَ دل سان ڏين ٿا، ۽ (تنهن هوندي به) سندن دليون ڏڪنديون رهن ٿيون. (هن خيال کان) ته نيٺ پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ موٽڻو آهي. (متان اتي شرمسار ٿيڻو پوي.) (٦١) اهي ئي آهن جيڪي چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ تيز آهن. ۽ اهي ئي آهن جي (هن راهه ۾) سڀني کان اڳي نڪري وڃڻ وارا آهن. (٦٢) ۽ اسان ڪنهن به جان تي تڪليف يا ٻوجهه يا ذميواري نٿا وجهون، پر فقط اوتري جيتري جي هن ۾ طاقت آهي. اسان وٽ (هنن سڀني جي حالت ۽ طاقت بابت) لکيل ڪتاب آهي جو سچي حقيقت ٻڌائي ٿو. ڪنهن سان به بي انصافي هرگز ڪانه ٿيندي. (٦٣) پر (اصل ڳالهه هيءَ آهي ته) هنن (منڪر) ماڻهن جو دليون هن حقيقت (جي سمجهڻ) کان غفلت ۽ بدمستيءَ ۾ پئجي ويون آهن. هنن جا ٻيا به (گهڻائي بڇڙا) عمل آهن جي هو هميشه ڪندا رهن ٿا. (٦٤) (هو اهي بدعمل ڪندا رهندا) جيستائين (نتجين ظاهر ٿيڻ واري گهڙي اچي وڃي). ان وقت اسان انهن جي شاهوڪار ماڻهن کي عذاب جي پڪڙ ڪنداسين، پوءِ اوچتو ئي ڏسندؤ ته (سرڪشي ۽ هٺ وڏائيءَ بدران) آه و زاري ڪرڻ لڳندا. (٦٥) هاڻي آه ۽ زاري نه ڪيو (ان مان ڪهڙو فائدو؟) اوهان کي هاڻي اسان وٽان ڪابه مدد ڪانه ملندي. (٦٦) ڪنهن وقت اسان جون آيتون توهان جي اڳيان پڙهيون وينديون هيون، پر توهان پٺئين پير ڀڄڻ لڳندا هئو. (٦٧) توهان ۾ انهن (جي ٻڌڻ) کان هٺ وڏائي پيدا ٿي ويندي هئي. توهان پنهنجي مجلسن جي ڳالهين ۾ انهن آيتن کي هڪڙو شغل بنائي انهن متعلق بيهودي بڪواس ڪندا هئو. (٦٨) پوءِ ڇا هو هن ڳالهه تي (يعني قرآن مجيد تي) غور به نٿا ڪن؟ يا هنن جي اڳيان ڪا اهڙي نئين عجيب ڳالهه آئي آهي ڇا جا کانئن اڳي سندن وڏن ڏي ڪانه آئي هئي؟ (٦٩) يا هي ماڻهو پهنجي رسول کي سڃاڻي نه سگهيا ڇا جنهن ڪري منڪر ٿي ويا؟ (٧٠) يا اهي ماڻهو هيئن ٿا چون ڇا ته هن کي چريائي اچي ويئي آهي (۽ ديوانو ٿي پيو آهي؟) نه، بلڪل نه. (انهن مان ڪابه ڳالهه ٿي نٿي سگهي) الله تعاليٰ جو رسول انهن ڏي حق سان آيو آهي. پر هنن مان گهڻن جو حال اهڙو ٿي ويو آهي، جو سچائيءَ جو مڃڻ هنن کي وڻي ئي نٿو. (٧١) پر جيڪڏهن سچائي هنن جي خواهشن جي پيروي ڪري ها ته پوءِ آسمان ۽ زمين ۽ اهي سڀ جي انهن ۾ آهن هڪدم بگڙجي درهم برهم ٿي وڃن ها. اسان ته هنن جي لاءِ سندن نصيحت (۽ چڱائي) جي ڳالهه کين ٻڌائي آهي، پر هنن پنهنجي نصيحت جي ڳالهه کان منهن ڦيرائي ڇڏيو آهي. (٧٢) (اي پيغمبر!) هو هيئن ٿا سمجهن ڇا ته تون کانئن مال ۽ دولت ٿو گهرين؟ تنهنجي لاءِ ته تنهنجي پروردگار جو ڏنل مال ئي بهتر آهي (تون ڪيئن زر جو طالب ٿيندين) اهو پروردگار ئي سڀني کان بهتر روزي ڏيندڙ آهي. (٧٣) هن ۾ شڪ ئي ڪونهي ته تون يقيناً هنن کي (ڪاميابي ۽ سعادت جي) سڌي واٽ ڏانهن سڏي رهيو آهي. (٧٤) ۽ جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا رکن سي يقيناً رستو ڀلجي گمراهه ٿي ويا آهن. (٧٥) ۽ جيڪڏهن اسان انهن تي (وڌيڪ) رحم ڪيون ۽ جيڪي ڏک هنن کي پهچندا رهن ٿا تن کي دور ڪري ڇڏيون ته (هو شڪرگذار رهندا ڇا؟ نه) هو پنهنجي سرڪشيءِ ۾ ضد ڪري وڌندا رهندا ۽ گمراهيءَ ۾ ڀٽڪندا رهندا. (٧٦) ۽ (ڏسو) اسان هنن کي عذاب ۾ مبتلا به ڪيو، تنهن هوندي به هو پنهنجي پروردگار جي اڳيان نه جهڪيا، نڪي نياز ۽ عاجزي ڪيائون. (٧٧) پوءِ جڏهن معاملو هن حد تائين پهچي ويندو جو اسان هنن تي تمام سخت عذاب جو دروازو کولي ڇڏيون ته پوءِ ان وقت اوچتو حيران ۽ پريشان ٿي ويندا.
رڪوع ۵ آيت 78-تا-82
فطرت تي غور ڪرڻ ۽ عقل هلائڻ. هڪ کان وڌيڪ خدا هجن ها ته ڪائنات جو نظام درهم برهم ٿي وڃي ها.
(٧٨) ۽ (ڏسو) اهوئي آهي جنهن توهان جي (ٻڌڻ) لاءِ ڪن (ڏسڻ لاءِ) اکيون ۽ (سوچڻ سمجهڻ ۽ رحم ڏيکارڻ لاءِ) دليون پيدا ڪيون، پر ورلي ائين ٿئي ٿو جو توهان شڪر بجا آڻيو (۽ انهن کي ڪم آڻي علم، عقل ۽ نيڪ عملي ۾ واڌارو ڪريو). (٧٩) ۽ اهوئي آهي جنهن اوهان کي زمين تي هر طرف پکيڙي ڇڏيو آهي. (۽ گذران جا مختلف سامان پيدا ڪري ڏنا آهن) ، ۽ وري اهوئي آهي جنهن جي حضور ۾ گڏ ڪري آندا ويندؤ. (٨٠) ۽ اهوئي آهي جو جيئاري ٿو ۽ ماري ٿو. انهيءَ ئي جي ڪارفرمائي آهي جو رات ۽ ڏينهن هڪ ٻئي پٺيان ايندا رهن ٿا. ڇا توهان عقل نٿا هلايو؟ (٨١) نه (عقل کان ڪم نٿا وٺن) هو اهائي ڳالهه چون ٿا جا اڳيان (منڪر) چئي چڪا آهن. (٨٢) هو چون ٿا ته جڏهن اسان مري کپي وينداسين ۽ مٽي ۽ هڏين جو چورو ٿي وينداسين تڏهن وري (ٻيهر) اٿاريا وينداسين ڇا؟ (٨٣) اسان سان ۽ اسان کان اڳي اسان جي ابن ڏاڏن سان به اهڙي ئي ڳالهه جو واعدو ٿيندو آيو آهي. اهو ڪجهه به ناهي. اڳين زمانن جا خالي افسانا آهن. (٨٤) (اي پيغمبر!) تون انهن (منڪرن) کي چئو ته، جيڪڏهن توهان کي ڪو علم آهي ته ٻڌايو ته زمين ۽ اهي سڀ خلقيل شيون جي ان ۾ آهن ڪنهن جون آهن ۽ ڪنهن جي لاءِ آهن. (٨٥) هو هڪدم چئي ڏيندا ته الله جي لاءِ آهن، کين چئو ته، پوءِ ڀلا ڇو نٿا غور ڪيو ۽ سمجهو؟ (٨٦) تون کانئن پڇ ته اهو ڪير آهي جو ستن ئي آسمانن جو پروردگار آهي ۽ (جهان داري جي) عرش عظيم جو مالڪ آهي؟ (٨٧) هو هڪدم چئي ڏيندا ته، اهو سڀ ڪجهه الله جو ئي آهي، تون چئو ته پوءِ توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو (شرڪ ۽ انڪار جي نتيجن کان) ڊڄوئي نٿا؟ (٨٨) تون کانئن پڇ ته، جيڪيڏهن توهان ڄاڻو ٿا ته ٻڌايو ته اهو ڪير آهي جنهن جي هٿ ۾ سڀني شين جي بادشاهي آهي؟ ۽ هو سڀني کي پناهه ڏئي ٿو، ۽ ڪوبه ڪونهي جو ان کان مٿي پناهه ڏيڻ وارو هجي. (٨٩) هو هڪدم چئي ڏيندا ته، اهي صفتون ته الله جي لاءِ ئي آهن. تون چئو ته، پوءِ هي ڇا آهي جو توهان جو عقل ئي مارجي ويو آهي. (٩٠) حقيقت هيءَ آهي ته اسان هنن کي حق ۽ حقيقت ٻڌائي ڇڏي آهي ۽ هي اُهي آهن جيڪي (پنهنجي انڪار ۽ ضد سببان) قطعي ڪوڙا آهن. (٩١) نڪي الله تعاليٰ ڪنهن هستيءَ کي پنهنجو پٽ بنايو آهي، نڪي هن سان گڏ ڪو به ٻيو معبود ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن هجي ها ته پوءِ هرهڪ معبود پنهنجي ئي مخلوق جي فڪر ۾ رهي ها ۽ هرهڪ معبود ٻئي معبود تي چڙهائي ڪري ها. الله جي ذات انهن ڳالهين کان پاڪ آهي، جي ڳالهيون هي ماڻهو سندس باري ۾ بيان ڪن ٿا. (٩٢) هو غيب ۽ شهادت جو ڄاڻندڙ آهي، (يعني محسوسات ۽ غير محسوسات سڀ ڄاڻي ٿو) هنن ماڻهن جيڪي شرڪ جون ڳالهيون ٺاهيون آهن تن سڀني کان الله تعاليٰ بالا (۽ پاڪ) آهي.
رڪوع ٦ آيت 93-تا-118
برائي کي برائيءَ سان نه، پر سهڻائي ۽ حڪمت عملي سان دفع ڪريو.
(٩٣) (اي پيغمبر!) تون چئو ته، اي منهنجا رب! جن ڳالهين جو تو واعدو ڪيو آهي تن جو ظهور جيڪڏهن منهنجي حياتيءَ ۾ ٿيڻو آهي ته، (٩٤) اي منهنجا رب! مون کي انهيءَ ٽولي ۾ نه رکجانءِ جو ظالم ٽولو آهي. (٩٥) ۽ اسان (يعني الله تعاليٰ) کي بيشڪ اها قدرت ۽ طاقت آهي جو جن ڳالهين جو هنن ماڻهن سان واعدو ڪيو اٿئون سي ڳالهيون (تنهنجي حياتيءَ ۾ ئي ظاهر ڪري) توکي ڏيکاريون. (٩٦) (اي پيغمبر!) برائي کي (برائيءَ سان نه پر) اهڙي طرز جي حڪمت عمليءَ سان دفع ڪر جا بهترين طرز هجي (يا معافي ڏيڻ سان يا ڪنهن ٻئي سهڻي طريقي سان). اسان انهن ڳالهين کان بي خبر نه آهيون جي ڳالهيون هي ماڻهو تنهنجي متعلق چوندا رهن ٿا. (٩٧) ۽ (اسان جي حضور ۾) هيءَ دعا گهر ته اي منهنجا رب! مان شيطاني وسوسن کان تنهنجي دامن ۾ پناهه ٿو وٺان. (٩٨) ۽ اي منهنجا رب! مان هن ڳالهه کان به (تنهنجي) پناهه ٿو گهران ته اهي وسوسا مون وٽ اچن (يعني التجا ٿو ڪريان ته وسوسا مون وٽ اچن ئي نه). (٩٩) (هنن منڪرن جو حال اهوئي رهندو) تان جو جڏهن هنن مان ڪنهن جي سر تي موت جي گهڙي اچي ويندي، تڏهن چوڻ لڳندو ته، اي منهنجا رب! مونکي وري (دنيوي زندگيءَ ۾) موٽاءِ. (١٠٠) ته زندگيءَ جا جيڪي موقعا مون ضايع ڪري ڇڏيا (تن جي تلافي ڪري) شايد (هن دفعي) چڱا ڪم ڪيان. (حڪم ٿيندو ته) هرگز نه! اها رڳو چوڻ جي ڳالهه آهي، جا هو چئي رهيو آهي (هاڻي ائين ٿيڻو ئي ناهي) انهن ماڻهن جي (مرڻ) پٺيان هڪ آڙ آهي جا انهيءَ ڏينهن تائين رهندي، جنهن ڏينهن (ٻيهر) اٿاريا ويندا. (١٠١) پوءِ جڏهن اها گهڙي اچي ويندي جڏهن توتاري وڄائي ويندي، (يعني سڀني انسانن کي وري اٿاري گڏ ڪرڻ جو حڪم ٿيندو) تڏهن نڪي انهن ماڻهن جون هڪ ٻئي سان مائٽيون باقي رهنديون نڪي ڪو ڪنهن ٻئي کان ڪجهه پڇندو. (هرڪو پنهنجي حالت ۾ پريشان رهندو.) (١٠٢) انهيءَ ڏينهن جن ماڻهن (جي نيڪ عملن) جو پڙ ڳورو ٿيندو سي ئي ڪامياب ۽ بامراد رهندا. (١٠٣) ۽ جن جو پُڙ هلڪو ٿيندو سي ئي آهن جن پاڻ کي پاڻ برباديءَ ۾ وڌو آهي. اهي هميشه جهنم ۾ رهڻ وارا آهن. (١٠٤) باهه جا شعلا هنن جي چهرن کي ساڙيندا، ۽ هو ان ۾ منهن بگاڙي پيا هوندا. (١٠٥) (کين چيو ويندو ته) ڇا ائين نه ٿي چڪو آهي ته منهنجون آيتون اوهان کي پڙهي ٻڌايون وينديون هيون ۽ اوهان انهن کي ڪوڙيون ڪوٺي رد ڪندا هئو؟ (١٠٦) هو چوندا ته، اي اسان جا رب! اسان جي بدبختي اسان تي ڇانئجي ويئي، ۽ اسان جو ٽولو گمراهن جو ٽولو هو. (١٠٧) اي اسان جا پرورگار! هاڻي اسان کي هن حالت مان ٻاهر ڪڍ. جيڪڏهن اسان وري اهڙي گمراهيءَ ۾ پئون ته پوءِ بيشڪ اسان نافرمان ظالم هونداسين. (١٠٨) الله تعاليٰ فرمائيندو ته، جهنم ۾ پئو، ۽ زبان نه کوليو. (١٠٩) اسان جي بندن مان هڪ جماعت اهڙي به هئي جا چوندي هئي ته، اي اسان جا رب! اسان ايمان آندو آهي، پوءِ اسان کي بخش، ۽ اسان تي رحم ڪر، توکان بهتر رحم ڪندڙ ڪوبه ڪونهي. (١١٠) پر توهان هنن کي پنهنجي کل مسخريءَ جو مشغلو بنايو هو، ايتري قدر جو انهيءَ مشغلي جي ڪري توهان مون کي ئي وساري ڇڏيو. توهان انهن ماڻهن جي ڳالهين تي کلون ڪندا هئو. (١١١) اڄ ڏسو اسان انهن (مؤمنن) کي سندن صبر ۽ استقلال جو بدلو ڏنو آهي. اهي ئي آهن جيڪي فيروزمند آهن (۽ دائمي سعادت حاصل ڪئي اٿن.) (١١٢) هنن کان پڇيو ويندو ته خبر اٿوَ ته زمين تي ڪيترا سال رهيوَ؟ (١١٣) هو چوندا ته، بس رڳو هڪ ڏينهن يا هڪ ڏينهن جو به ڪو حصو رهياسين (اسان پوري وقت جو اندازو ڪري نٿا سگهون) انهن کان پڇو جيڪي ڳڻيندا رهيا آهن. (١١٤) انهن کي چيو ويندو ته ها، توهان جي زمين تي رهڻ هن کان سواءِ ڪجهه به نه هو ته تمام ٿورڙي وقت جو رهڻ هو، ڏاڍو چڱو ٿئي ها جيڪڏهن توهان اها ڳالهه (اڳي دنيا ۾) ڄاڻو ۽ سمجهو ها. (١١٥) ڇا توهان هن خيال ۾ آهيو ته اسان توهان کي اجايو پيدا ڪيو آهي، ۽ توهان اسان جي طرف موٽڻا نه آهيو؟(116) الله تعاليٰ جيڪو حقيقي بادشاهه آهي سو اهڙو ڪم ڪرڻ کان پاڪ ۽ بلند ۽ بالا آهي (يعني ماڻهن کي اجايو پيدا ڇو ڪندو؟) اهو الله جنهن جي ذات کان سواءِ ڪوبه ٻيو معبود ڪونهي، هو جهانداريءَ جي شاندار تخت جو مالڪ آهي. (١١٧) ۽ جيڪو الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي (هٿرادو گهڙيل) معبود کي پڪاري ٿو تنهن وٽ ان لاءِ ڪوبه دليل ڪونهي. سندس پروردگار جي حضور ۾ سندس حساب ٿيڻو آهي، يقيناً ڪفر ڪندڙ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. (١١٨) ۽ (اي پيغمبر!) تون چئو ته، اي منهنجا رب! تون بخشي ڇڏ، رحم ڪر، توکان وڌيڪ رحم ڪندڙ ڪوبه ڪونهي.