سورت الحجر (پٿر يا ڪوهستان) “ديار ثمود جو نالو”
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-15
جيڪي شرير ضد کان انڪار ڪري رهيا آهن سي ڪنهن ڏينهن چوندا ته ايمان آڻيون ها ته ڏاڍو چڱو ٿئي ها
(١) الف- لام- ر- هي الڪتاب جون آيتون آهن ۽ قرآن جون آيتون آهن. جي (پنهنجي سڀني ڳالهين ۾) چٽيون ۽ روشن آهن.
حصو چوڏهون
(٢) جن ماڻهن (هن ڪتاب جي سچائيءَ کان) انڪار ڪيو آهي سي ڪنهن وقت چاهيندا ته هاءِ هاءِ! اسان مسلمان ٿيون ها (ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها.) (٣) (اي پيغمبر!) هنن کي سندن حال تي ڇڏي ڏي، ڀلي کائن پيئن ۽ عيش آرام وٺن ۽ (ڪوڙين) اميدن تي ڀليل رهن. پر اهو وقت پري ناهي جڏهن کين معلوم ٿي ويندو (ته ڪهڙي نه غلطيءَ ۾ گمراهه ٿي ويا هئا.) (٤) اسان ڪڏهن به ڪنهن به بستيءَ جي رهاڪن کي تباهه نه ڪيو، پر هن طرح جو هڪ ڳالهه ٺهرائي ويئي هئي (جا کين ٻڌائي به ويئي هئي سا اها ته هي هڪ مقرر قانون هو ته جڏهن ڪا حالت هن طرح جي ٿيندي ۽ هن حد تي پهچندي تڏهن اهڙو نتيجو ضرور نڪرندو.) (٥) ڪابه امت نڪي پنهنجي وقت کان اڳتي وڌي سگهي ٿي، نڪي پٺتي رهي سگهي ٿي. (٦) ۽ (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن توکي چيو ته، اي انسان! جنهن تي (چيو وڃي ٿو ته) نصيحت نازل ٿي آهي، تون (اسان جي خيال ۾) يقيناً ديوانو آهين. (٧) جيڪڏهن تون پنهنجي دعويٰ ۾ سچو آهين ته ڇو نٿو فرشتا آڻي اسان کي ڏيکارين؟ (٨) (پر) اسان فرشتن کي اجايو بي سود ڪونه نازل ڪندا آهيون. تڏهن نازل ڪندا آهيون جڏهن ڪا مصلحت هوندي آهي ۽ (جڏهن فرشتا نازل ڪنداسين) تڏهن کين (پاڻ کي سڌارڻ ۽ چڱن عملن ڪرڻ جي) مهلت ڪانه ملندي، (اهو ته فيصلي جو ڏينهن ٿيندو). (٩) بيشڪ اسان پاڻ الذڪر (يعني قرآن، جو سراسر نصيحت آهي) نازل ڪيو آهي ۽ بيشڪ اسان پاڻ ان جا نگهبان آهيون. (١٠) ۽ (اي پيغمبر!) هيءَ حقيقت آهي ته اسان توکان اڳي به گذري ويل قومن ڏي پيغمبر موڪليا هئا. (١١) پر ڪڏهن به ائين نه ٿيو جو ڪنهن قوم ڏي ڪو پيغمبر آيو هجي ۽ ماڻهن مٿس ٺٺوليون ۽ مسخريون نه ڪيون هجن. (ائين اڳي به ٿيندو آيو آهي ۽ هاڻي به ٿئي ٿو پيو، تون مايوس نه ٿيءُ). (١٢) سو ڏسو ته، اسان گنهگارن جي دلين ۾ (حق جي ڪلام جي مخالفت) ويهاري ٿا ڇڏيون (يعني اسان جو اهو قانون آهي ته جيڪي خودغرض ۽ تڪبر ڪندڙ انسان ظلم ڪندا ٿا رهن تن ۾ حق جي مخالفت به ڄمي پڪي ٿي وڃي ٿي). (١٣) اهي ان تي ڪڏهن به ايمان ڪونه آڻيندا، جيڪي ماڻهو اڳي گذري چڪا آهن، تن جو به اهڙوئي دستور هو. (١٤) جيڪڏهن اسان هنن لاءِ آسمان جو هڪ دروازو کولي ڇڏيون ۽ اهي ماڻهو ڏينهن ڏٺي جو ان تي چڙهڻ لڳن تڏهن به هو ڪونه مڃيندا. (١٥) هو چوڻ لڳندا ته اسان جي اکين تي نشو چڙهي ويو آهي يا اسان تي جادو ڪيو ويو آهي.
رڪوع ٢ آيت 16-تا-25
فطرت ۾ ربوبيت، جمال ۽ رزاقيت ڏسي يقين ڪرڻ گهرجي ته ضرور ڪو راحم رحيم خالق آهي، سندس نعمتن جو قدر ڪري سندس حڪمن ۽ قانونن تي هلڻ گهرجي.
(١٦) ۽ ڏسو اسان ئي آسمان ۾ برج بنائي ڇڏيا آهن (يعني روشن تارا پيدا ڪيا آهن) ۽ اهي ڏسڻ وارن لاءِ سهڻا ڪيا اٿئون. (١٧) ۽ هرهڪ تڙيل لعنتي شيطان کان انهن جي اسان حفاظت ڪري ڇڏي آهي. (١٨) سواءِ هن جي جو ڪوئي لڪي ڇپي ٻڌي وٺڻ چاهي، تنهن لاءِ وري هڪڙو چمڪندڙ شعلو آهي جو ان جي پٺيان پوي ٿو. (١٩) ۽ (ڏسو) اسان زمين (جو مٿاڇرو) پکيڙي ڇڏيو آهي، (يعني اهڙي بنائي آهي جو اوهان جي لاءِ وڇايل فرش وانگر آهي) ۽ ان ۾ جبل لڳائي ڇڏيا آهن. پڻ ان ۾ اسان جيتريون شيون (پوکون ميوا وغيره) ڄمايون آهن سي سڀ پوري وزن تي ڄمايون آهن. (٢٠) ۽ اوهان جي لاءِ ان ۾ گذارن جو سڀ ساما اسان مهيا ڪري ڇڏيو آهي ۽ (انهن خلقيل جانورن لاءِ به مهيا ڪري ڇڏيو آهي) جن لاءِ توهان روزي مهيا ڪرڻ وارا هرگز ناهيو. (٢١) ۽ (ڏسو) ڪابه شيءِ اهڙي ڪانهي جنهن جو ذخيرو اسان وٽ نه هجي، پر اسان انهن شين کي هڪ مناسب انداز ۾ موڪليون ٿا. (٢٢) ۽ (ڏسو) اسان ئي هوائون لڳايون ٿا جي (پاڻيءَ جي ڦڙن سان) ڀريل آهن. پوءِ آسمان مان پاڻي وسايون ٿا ۽ اهو اوهان کي پيئڻ جي ڪم اچي ٿو ۽ اهو پاڻي ڪو اوهان گڏ ڪري ڪونه رکيو آهي. (اسان ئي سمنڊ ۾ گڏ ڪري رکيو آهي، جتان گرميءَ سبب ٻاڦ ٿي چڙهي ٿو ۽ هوائون ان کي کڻي زمين تي وڃي وسائين ٿيون). (٢٣) ۽ اسان ئي آهيون جو جيئاريون ٿا ۽ ماريون ٿا ۽ اسان جي (ئي) قبضي ۾ سڀني جي ڪمائي اچي ٿي. (٢٤) ۽ بلاشبهه اسان انهن ماڻهن کي به ڄاڻون ٿا جيڪي توهان کان اڳي اچڻ وارا هئا ۽ انهن کي به ڄاڻون ٿا جيڪي پوءِ اچڻ وارا آهن. (٢٥) ۽ (اي پيغمبر!) اهو تنهنجو پروردگار ئي آهي جو انهن سڀني کي (قيامت جي ڏينهن پنهنجي اڳيان) گڏ ڪري آڻيندو، هو حڪمت وارو ۽ علم وارو آهي.
رڪوع ٣ آيت 26-تا-44
ابليس فقط انهن کي برغلائي سگهي ٿو، جيڪي خدا جي فرمانبرداري نٿا ڪن
(٢٦) ۽ بيشڪ هيءَ حقيقت آهي ته اسان انسان کي خمير اٿيل گاري مان ٺاهيو جو سڪڻ بعد وڄندو آهي. (٢٧) ۽ اسان جِنن کي اڳ ۾ ئي ٻرندڙ هوا جي گرميءَ مان پيدا ڪيو هو. (٢٨) ۽ (اي پيغمبر! ياد رک ته) تنهنجي پروردگار فرشتن کي چيو هو ته، مان خميرا ٿيل گاري مان، جو سڪڻ بعد وڄندو آهي، هڪ بشر پيدا ڪرڻ وارو آهيان (يعني انسانن کي جلد پيدا ڪندس). (٢٩) سو جڏهن (هيئن ٿئي جو) مان ان کي درست ڪري ڇڏيان (يعني جڏهن اهو وجود ٺيڪ بنجي وڃي) ان ۾ مان پنهنجو روح ڦوڪيان تڏهن توهان سڀ هن جي اڳيان سجدو ڪجو. (٣٠) پوءِ سڀ فرشتا هن جي اڳيان سجدي ۾ ڪري پيا. (٣١) پوءِ ابليس سجدو نه ڪيو، هن کي اها ڳالهه ڏکي لڳي ته سجدي ڪندڙن سان شامل هجان. (٣٢) الله تعاليٰ فرمايو ته، اي ابليس! توکي ڇا ٿيو جو تون سجدي ڪندڙن سان شامل نه ٿئين؟ (٣٣) هن چيو ته، مون کان ائين ٿي نٿو سگهي ته اهڙي بشر کي سجدو ڪيان جنهن کي تو خمير اٿيل گاري مان ٺاهيو آهي، جو سڪڻ بعد وڄڻ لڳي ٿو. (٣٤) حڪم ٿيو ته، جيڪڏهن ائين آهي ته هتان نڪري وڃ جو تون تڙيل ٿئين. (٣٥) ۽ جزا ۽ سزا جي ڏينهن تائين توتي لعنت پئي. (٣٦) هن چيو ته، اي خدا مون کي انهيءَ ڏينهن تائين مهلت ڏي جنهن ڏينهن انسانن کي (ٻيهر) اٿاريو ويندو. (٣٧ ۽٣٨) خدا تعالي! فرمايو ته، هائو توکي ان مقرر وقت جي ڏينهن تائين مهلت ڏجي ٿي. (٣٩) هن چيو ته، اي خدا! جيئن ته تو منهنجي لاءِ (ڇوٽڪاري ۽ سعادت جي) واٽ بند ڪري ڇڏي آهي، تنهن ڪري هاڻي مان ضرور هيئن ڪندس جو زمين ۾ انهن (ماڻهن) جي لاءِ (ڪوڙيون) زينتون بنائيندس (جن جي پٺيان لڳي هو بڇڙا ڪم ڪندا) ۽ (حق جي راهه کان) کين گمراهه ڪندس. (٤٠) پر انهن ۾ جيڪي تنهنجا سچا مخلص ٻانها هوندا (مان ڄاڻان ٿو ته) منهنجي برغلائڻ جي ڄار ۾ نه ڦاسندا. (٤١) (الله تعاليٰ) فرمايو ته، بس اهائي سڌي راهه آهي جا مون وٽ پهچائڻ واري آهي. (٤٢) بيشڪ جيڪي منهنجا (مخلص) ٻانها آهن، تن تي تنهنجو ڪجهه به زور نه هلندو، فقط انهن تي تنهنجو زور هلندو جيڪي (خدا جي ٻانهپ واري) راهه کان نڪري گمراهه ٿي تنهنجي پٺيان لڳندا. (٤٣) ۽ انهن سڀني جي لاءِ جهنم جي عذاب جو واعدو آهي (جو ڪڏهن به ٽرڻ وارو ناهي.) (٤٤) ان جهنم کي ست دروازا آهن. انهن (دوزخين) جي هرهڪ ٽوليءَ جي حصي ۾ هڪ دروازو ايندو (جنهن مان لنگهي جهنم ۾ داخل ٿيندا.)
رڪوع ٤ آيت 45-تا-60
متقي انسان هميشه باغن جي نعمتن ۾ رهندا. اتي ڪنهن به قسم جو صدمو کين
ڇهي به نه سگهندو.
(٤٥) بيشڪ متقي (پرهيزگار) انسان (انهيءَ ڏينهن) باغن ۽ چشمن (جي عيش ۽ راحت) ۾ هوندا. (٤٦) (انهن کي چيو ويندو ته) سلامتيءَ سان بي کٽڪي انهن باغن ۾ داخل ٿي وڃو. (٤٧) انهن جي دلين ۾ جيڪي به (هڪ ٻئي سان) رنجشون هيون سي سڀ اسان ڪڍي ڇڏينداسين، اهي ڀائرن وانگر هڪ ٻئي جي سامهون تختن تي ويٺل هوندا (تختا نه، تخت). (٤٨) اتي ڪنهن به طرح جو صدمو انهن کي ڇهي به نه سگهندو، نڪي اتان ڪڏهن به ڪڍيا ويندا. (٤٩) (اي پيغمبر!) منهنجي ٻانهن کي خبر ڏيئي ڇڏ ته بيشڪ مان ئي آهيان جو بخشڻ وارو ۽ رحم وارو آهيان. (٥٠) ۽ بيشڪ منهنجو عذاب وڏو دردناڪ عذاب ٿيندو آهي. (٥١) ۽ کين حضرت ابراهيم جي مهمانن واري ڳالهه به ٻڌائي ڇڏ. (٥٢) جڏهن اهي مهمان هن وٽ آيا تڏهن چيائون ته، توتي سلامتي هجي. حضرت ابراهيم چيو ته، اسان کي توهان بابت انديشو آهي (ته توهان الاجي ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو). (٥٣) هنن چيو ته، ڊڄو نه، اسان ته اوهان کي هڪ علم واري فرزند جي ڄمڻ جي خوشخبري ٿا ٻڌايون. (٥٤) حضرت ابراهيم چيو ته، مون کي هن ڳالهه جي خوشخبري ٿا ڏيو جڏهن (ته) مون تي پوڙهائي اچي چڪي آهي. ڪهڙي اميد هاڻي رهي آهي جو هيءَ خوشخبري مون کي ٻڌايَوَ. (٥٥) هنن چيو ته، اسان توکي سچائي سان خوشخبري ٻڌائي آهي، پوءِ توکي نا اميد نه ٿيڻ گهرجي. (٥٦) حضرت ابراهيم چيو ته، (مان الله جي رحمت کان نا اميد ڪونه آهيان ڇو ته) گمراهن کان سواءِ ڪير آهي، جو پنهنجي پروردگار جي رحمت کان مايوس ٿي سگهي ٿو. (٥٧) وري هن پڇيو ته، توهان ڇو موڪليا ويا آهيو؟ سو اوهان کي (ٻيو) ڪهڙو ڪم درپيش آهي؟ (٥٨) هنن چيو ته، اسان هڪ گنهگار قوم جي طرف موڪليا ويا آهيون، (جي تباهه ٿيڻ وارا آهن). (٥٩) پر هڪ خاندان اتي حضرت لوط جو آهي ان خاندان جي سڀني ڀاتين کي اسان بچائي وٺنداسين. (٦٠) پر سندس زال نه بچندي. هن جي لاءِ اسان جو اندازو ٿي چڪو آهي ته هوءَ پٺتي رهندڙن سان شامل ٿيندي.
رڪوع ٥ آيت 61-تا-79
حضرت لوط جي قوم ۽ مدين جي قبيلي جي تباهي.
(٦١) پوءِ جڏهن اهي موڪليل (فرشتا) حضرت لوط جي خاندان وٽ آيا. (٦٢) تڏهن حضرت لوط کين چيو ته، توهان ته ڪي ڌاريا ماڻهو ٿا ڏسجو. (٦٣) هنن چيو ته، اها ڳالهه ناهي، بلڪ اسان تو وٽ اها ڳالهه کڻي آيا آهيون جنهن بابت ماڻهو شڪ آڻيندا هئا (يعني تباهيءَ جي خبر، جنهن تباهيءَ بابت هي ماڻهو مسخريون ڪندا هئا). (٦٤) اسان جو اچڻ هڪڙي حق جي ڳالهه لاءِ آهي ۽ اسان بيشڪ سچي ڳالهه ٿا ٻڌايون. (٦٥) پوءِ گهرجي ته جڏهن ڪجهه رات اڃا رهيل هجي تڏهن پنهنجي گهر جي ماڻهن سان گڏ نڪري هليو وڃ، تون هنن جي پٺيان ٿي هلجانءِ ۽ هن ڳالهه جو خيال رکجانءِ ته ڪوبه مڙي پٺئين پاسي نه نهاري. جاڏي وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، تاڏي (رخ رکي) هلندا وڃن. (٦٦) مطلب ته اسان لوط کي هيءَ حقيقت چٽي ڪري ٻڌائي ته (تباهي اچڻي آهي ۽) شهر جي ماڻهن جي پاڙ، صبح ٿيندي ئي پٽجڻ واري آهي. (٦٧) ۽ (انهيءَ وچ ۾ ڇا ٿيو جو) شهر جا ماڻهو خوشيون ملهائيندا اتي پهچي ويا. (٦٨) حضرت لوط کين چيو ته، ڏسو هي (نوان ماڻهو) منهنجا مهمان آهن سو منهنجي بي عزتي نه ڪيو. (٦٩) خدا کان ڊڄو ۽ مون کي شرمسار نه ڪيو. (٧٠) هنن چيو ته، اسان توکي هن ڳالهه کان جهلي ڪين ڇڏيو هو ته ڪنهن به قوم جي ماڻهن کي پاڻ وٽ نه رهاءِ؟ (جيڪڏهن رهائيندين ته پوءِ جيڪي اسان کي وڻندو سو ڪري گذرنداسين.) (٧١) حضرت لوط فرمايو ته، جيڪڏهن ائين ئي آهي ته، ڏسو هي منهنجون نياڻيون بيٺيون آهن (يعني شهر جون عورتون جن جي طرف هو ڌيان ڪونه ڏيندا هئا، انهن جي طرف رجوع ٿيو ۽ انهن سان شاديون ڪيو) جيڪڏهن توهان کي ڪجهه ڪرڻو آهي. (٧٢) (تڏهن فرشتن حضرت لوط کي چيو ته) تنهنجي زندگيءَ جو قسم! هي ماڻهو ته پنهنجي بدمستين ۾ انڌا ٿي گمراهه ٿي ويا آهن (تنهنجون ڳالهيون ڪڏهن به ڪين مڃيندا). (٧٣) مطلب ته سج نڪرندي ئي هڪ خوفناڪ آواز اچي مٿن ڪڙڪيو. (٧٤) پوءِ اسان ان بستيءَ کي زيروزبر ڪري تباهه ڪري ڇڏيو ۽ انهن ماڻهن تي پڪل مٽيءَ جي پٿرن جي برسات وسائي. (٧٥) بيشڪ هن واقعي ۾ انهن ماڻهن لاءِ وڏيون نشانيون آهن، جيڪي (حقيقت جي) ڄاڻ سڃاڻ رکڻ وارا آهن. (٧٦) ۽ (لوط جي قوم جي) هيءَ بستي (ڪنهن نامعلوم ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪانه هئي، اها ته) اهڙي شاهي رستي تي آهي جنهن تي آمد ورفت جو سلسلو (هاڻي به) قائم آهي (۽ اوهان پنهنجي اکين سان اهي پٿر ۽ کنڊر ڏسي سگهو ٿا.) (٧٧) بيشڪ هن (واقعي) ۾ ايمان وارن لاءِ هڪ وڏي نشاني آهي. (٧٨) ۽ (ساڳيءَ طرح) گهاٽي جهنگل جا رهاڪو (يعني مدين جي قبيلي جا ماڻهو) وڏا ظالم هئا. (٧٩) انهن کي به اسان (ظلم ۽ سرڪشيءِ جي) سزا ڏني ۽ اهي ٻئي بستيون (يعني لوط جي قوم جي ۽ مدين جي قبيلي جي) شاهي رستي تي سڀني کي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.
رڪوع ٦ آيت 80-تا-99
مسلمانو! مخالفن جي مخالفتن کان سهڻي نموني درگذر ڪيو
(٨٠) ۽ ڏسو حجر جي ماڻهن به رسولن جي ڳالهه نه مڃي. (٨١) اسان کين پنهنجيون نشانيون ڏيکاريون، پر هو انهن کان منهن موڙيندا رهيا. (٨٢) هو جبلن کي تراشي گهر ٺاهيندا هئا، انهيءَ لاءِ ته محفوظ (سلامت) رهن. (٨٣) (پر اهي حفاظتون کين ڪم نه آيون) هڪ ڏينهن صبح جو اٿيا ته هڪ خوفناڪ آواز اچي سندن پڪڙ ڪئي. (٨٤) ۽ جيڪي جيڪي هنن (پنهنجي ڪوشش ۽ عملن سان) ڪمايو هو سو هنن جي ڪجهه به ڪم نه آيو. (٨٥) ۽ اسان آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي به انهن جي وچ ۾ آهي تنهن کي ڪنهن مصلحت سان بنايو آهي (نه ڪي اجايو بي مقصد) ۽ يقيناً مقرر وقت اچڻ وارو آهي. پوءِ (اي پيمغمبر! مخالفن جي مخالفتن کي) درگذر ڪر ۽ سهڻي نموني ۾ درگذر ڪر. (٨٦) بيشڪ تنهنجو پروردگار ئي آهي جو (سڀني جو) پيدا ڪندڙ ۽ (سڀني جي حالت) ڄاڻندڙ آهي. (٨٧) ۽ بيشڪ اسان توکي وري وري پڙهڻ وارين آيتن مان ستن آيتن واري سورت عطا فرمائي آهي. (يعني سورت فاتحه) ۽ قرآن عظيم عطا فرمايو آهي. (٨٨) ۽ هي جو اسان انهن (ڪافرن) منجهان گهڻن ئي قسمن جي ماڻهن کي (زندگيءَ جي فائدن مان) حصيدار ڪيو آهي، تن ڏي تون (ريس جي نظر سان) نه نهار. نڪي سندن (انڪار ۽ شراتن جي) حالت تي غم ۽ افسوس ڪر. تون مؤمنن جي لاءِ پنهنجون ٻانهون ڊگهيون ڪر (يعني ساڻن محبت رک ۽ انهن جي طرف متوجهه ٿيءُ). (٨٩) ۽ اعلان ڪر ته مان (انڪار ۽ بدعملن جي نتيجن کان) خبردار ڪندڙ آهيان، کليو کلايو چٽائيءَ سان خبردار ڪندڙ آهيان. (٩٠) (اي پيغمبر!) اسان اهڙي ئي طرح هيءُ ڪلام توتي نازل ڪيو آهي) جهڙيءَ طرح انهن ماڻهن تي نازل ڪيو هوسين، جن (حق جي دين جا) ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا آهن. (٩١) ۽ پنهنجي قرآن کي ڀاڱا ڀاڱا ڪري ڇڏيو آهي. (٩٢ ۽ ٩٣) ۽ ڏسو توهان جو پروردگار شاهد آهي، ته هنن سڀني کان ضرور سندن ڪمن جو پڇاڻو ٿيندو. (٩٤) پوءِ جيڪو حڪم توکي ڏنو ويو آهي سو ماڻهن لاءِ ظاهر ڪر ۽ کين کليو کلايو ٻڌاءِ ۽ مشرڪن جي پرواهه نه ڪر. (٩٥) هنن ٺٺوليون ڪندڙن جي خلاف اسان تنهنجي لاءِ ڪافي
(مددگار) آهيون. (٩٦) (اهي ٺٺوليون ڪندڙ جيڪي) الله سان گڏ ٻين هستين کي به معبود بنائين ٿا سي جلد ئي معلوم ڪندا (ته سچي حقيقت ڇا هئي). (٩٧) ۽ بيشڪ اسان کي چڱيءَ طرح معلوم آهي ته هنن ماڻهن جي ڳالهين مان تنهنجي دل کي صدمو پهچي ٿو. (٩٨) سو تون (کانئن بي پرواهه رهي) پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا ڪر ۽ سندس حضور ۾ سجدو ڪندو رهه. (٩٩) سندس ٻانهپ (۽ حڪمن جي فرمانبرداريءَ) ۾ لڳو رهه، جيستائين يقين تنهنجي اڳيان اچي وڃي.