سورت الانفطار
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-19
قيامت جي واقعن جو ڪجهه وڌيڪ بيان.
(١) (قيامت جي ٿيڻ ۽ ان جي منظر طرف اسان اوهان جو توجهه وري وري ڇڪايون ٿا ته، جيئن اوهان کي ان آخرت واري مسئلي جي اهميت جو اندازو ٿئي، سو ٻڌو ته) جڏهن آسمان ڦاٽندو، (٢) جڏهن تارا ڇڻي پوندا، (٣) ۽ جڏهن (کارا ۽ مٺا) درياهه ڦاڙي ملائي وهايا ويندا. (٤) (جڏهن (مئلن کي جيئارڻ لاءِ) قبرون هيٺ مٿي ڪيون وينديون، (٥) تڏهن سڀ ڪنهن شخص جيڪي اڳي موڪليو هوندو ۽ پٺتي (طريقو) ڇڏيو هوندو، تنهن کي (تنهنجي سامهون) پڌرو ڏسندو. (٦) اي انسان! (تون جو خدا جي قانونن کان منهن موڙيو آهي، سو) توکي ڪهڙي شيءِ پنهنجي مهربان پالڻهار (جي اطاعت) کان دوکي ۾ وڌو آهي. (٧) جنهن توکي (پنهنجي ٻاجهه سان ماءُ جي رحم ۾) پيدا ڪيو، پوءِ توکي صحيح سالم (عقل هوش ۽ حواس وارو) ڪيو، پوءِ توکي (زندگي گهارڻ لاءِ) متوازن ڪيائين. (٨) جنهن به صورت ۾ گهريائين تنهن ۾ توکي (مناسب ڊول سان) جوڙيو اٿس. (٩) خبردار (پوءِ به اوهان پنهنجي پاليندڙ بابت ڌوڪو کائو ٿا) ان ڪري جو اوهين (سڀني عملن جو ذري پرزي حساب کان پوءِ ان جي) بدلي ملڻ کي ڪوڙ سمجهو ٿا. (١٠) هوڏانهن (اوهان جي عملن جو هر پهلو محفوظ ڪرڻ لاءِ) اوهان تي اهڙا نگهبان (مقرر) آهن. (١١) جيڪي خوبين وارا آهن (اوهان جي عملن کي مستعد ٿي ايمانداريءَ سان) لکڻ وارا آهن. (١٢) جيڪي اوهين ڪريو ٿا (لڪ ۾ يا ظاهر ۾) تنهن کي ڄاڻن ٿا. (١٣) بيشڪ (الله جي قانونن جا) تابعدار ته نعمت ۾ هوندا. (١٤) ۽ (انهن قانونن جا) منڪر) بدڪار دوزخ جي باهه ۾ هوندا. (١٥) اهي حساب جي ڏينهن (اڇا ڪارا پڌرا ٿيڻ کان پوءِ) ان۾ گهڙندا. (١٦) ۽ (ان ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ) اهي ان کان نڪري جدا ٿيڻ وارا به نه آهن. (١٧) ۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟ (۽ ڪيئن نتيجا ماڻهن کي پلئه پوندا). (١٨) وري (ڇا چئون ته) توکي ڪهڙي خبر ته حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟ (١٩) جنهن ڏينهن (هرهڪ رڳو پنهنجي عملن کي سامهون ڏسندو ۽) ڪوبه شخص ڪنهن به شخص لاءِ ڪجهه به ڪري ڪين سگهندو ۽ حڪم ان ڏينهن رڳو الله جو هوندو.