سورت المنافقون
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ۱ آيت 1-تا-8
منافقن جي نفسيات ۽ ڪرتوت
(١) (اي پيغمبر!) جڏهن تو وٽ منافق اچي چون ٿا ته، اسين شاهدي ڏيون ٿا ته، بيشڪ تون الله جو موڪليل آهين ۽ الله ڄاڻي ٿو ته (هي ماڻهو رڳو زبان سان اها ڳالهه چون ٿا ۽ دل سان توکي رسول نٿا مڃن) بيشڪ تون ته ان جو ئي موڪليل آهين ۽ الله شاهدي ڏئي ٿو ته بيشڪ منافق (زباني اظهار ۾) ڪوڙا آهن. (٢) انهن پنهنجن قسمن کي (پنهنجي جان ۽ مال بچائڻ لاءِ) ڍال ڪري ورتو آهي، پوءِ اهي (ٻين کي به) الله جي رستي کان پيا روڪين. بيشڪ اهي جو ڪجهه پيا ڪن سو (سندن لاءِ ئي) ڪهڙو نه بڇڙو آهي. (٣) اهو هن ڪري ته انهن ايمان آندو، وري انڪار ڪيائون، پوءِ (ٻيائيءَ جي ريت تي هلڻ ڪري) انهن جي دلين تي مهر لڳي وئي، سو هاڻي انهن ۾ سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت ئي نه رهي. (٤) ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن تون کين ڏسندين ته (ظاهري طرح) توکي سندن جثا معتبر لڳندا. ۽ جيڪڏهن ڳالهه ڪندا ته (اهڙا ميسڻا ٿي جو) تون سندن ڳالهه (همدرديءَ سان) ٻڌندين. (حقيقت ۾ اهي اندران اڏوهي کاڌل آهن) ڄڻ ته اهي ٽيڪ تي بيهاريل بنڊ آهن. (بزدل وري اهڙا آهن جو) هرهڪ هڪل کي پنهنجي لاءِ (مصيبت) سمجهن ٿا. (اي پيغمبر!) اهي ئي تنهنجا دشمن آهن، سو انهن کان بچندو رهه. الله جي مٿن مار پوي جو ڪيئن ابتي روش ورتي اٿن. (٥) ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته، اچي (پنهنجي ڪمزورين ۽ ڪوتاهين جو اقرار ڪريو) ته الله جو رسول اوهان لاءِ معافي گهري ته پنهنجا مٿا موڙين ٿا ۽ (اي پيغمبر!) تون (ان وقت) کين ڏسندين ته وڏائي ڪري منهن موڙين ٿا. (٦) انهن جي لاءِ ٻئي ڳالهيون برابر آهن ته تون انهن لاءِ (تباهيءَ کان بچڻ جي دردمندي رکندي) معافي گهرين ٿا نه گهرين. الله کين ڪڏهن
به معاف نه ڪندو. بيشڪ الله (سرڪشيءِ تي سندرو ٻڌل) بدڪار قوم کي رستو نٿو ڏيکاري. (٧) هي اهي آهن جو چون ٿا ته، جيڪي (ماڻهو) الله جي رسول وٽ آهن، تن تي خرچ نه ڪريو ته اهي (بک وچئون) ٽڙي پکڙي وڃن (۽ رسول جي مشن ناڪام ٿئي) ۽ (حقيت هيءَ آهي ته) آسمانن ۽ زمين جا سڀ خزانا الله جا آهن پر منافق (انهيءَ راز کي) نٿا سمجهن. (٨) چون ٿا ته، ضرور جيڪڏهن اسين مديني ڏي موٽياسون ته (پوءِ ڏسجو) وڌيڪ عزت وارو (منافق ٽولو) وڏي بي عزت (مسلمان جماعت) کي اتان ڪڍي ڇڏيندو، هوڏانهن عزت ۽ غالبو الله، سندس رسول ۽ مؤمنن کي آهي پر منافق نٿا ڄاڻن.
رڪوع ۲ آيت 9-تا-11
اوهان کي پنهنجا مال ۽ اولاد الله جي ياد کان غافل نه ڪن
(٩) اي ايمان وارو! نه ڪي اوهان کي پنهنجي مال (وڌائڻ جي هٻڇ) ۽ ڪي اولاد (جي مستقبل حَسين بنائڻ جي اجائي بيقراري) الله جي ياد ڪرڻ ۽ فرمانبرداريءَ کان غافل ڪن ۽ جيڪي ائين ڪندا سي ئي نقصان پائڻ وارا آهن. (١٠) ۽ جو اوهان کي اسان رزق ڏنو آهي سو هن کان اڳي خرچ ڪريو جو اوهان مان ڪنهن وٽ موت اچي وڃي پوءِ (حسرت ڪري) چوي ته، اي منهنجا پاليندڙ! جيڪر مون کي ٿوري مدت تائين مهلت ڏئين ها ته خيرات ڪريان ها ۽ (انهن چڱن ماڻهن مان ٿيان ها! (جيڪي تنهنجي نظام ۽ مخلوق لاءِ خرچ ڪري، انسانيت کي سنوارين ۽ پنهنجي ذات کي سرخرو ڪن ٿا.) (١١) هوڏانهن الله (پنهنجي مقرر قانون هيٺ) ڪڏهن به ڪنهن کي مهلت ڏيڻ وارو نه آهي، جڏهن سندس مقرر وقت اچي ويندو. (سو جيڪي ڪرڻو آهي ان ۾ دير نه ڪيو) ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهنجي (نيت ۽ جذبن جي) الله خبر رکندڙ آهي.